Saturday 6 July 2013

Who is involved the bloody game in lyari


http://www.dailyibrat.com/beta/pages/jpp_07072013055901.jpg





لياري ۾ جاري رت جي راند ۾ ڪنهن جو هٿ آهي ؟
سروربلوچ
لياري جو نالو ايندي ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال جنم وٺندا آهن لياري جي تاريخ مان ته گهڻائي ڄڻا واقف به نه آهن ، پر موجوده دور ۾ لياري کي منشيات ، گينگ وار ، جرم جي دنيا جي نالي سان سامهون آندو پيو وڃي، ٻين علائقن جا ماڻهو جيڪي لياري ڪڏهن ويا ئي ناهن سي سمجهن ٿا ته شايد ان علائقي ۾ ڪو وڃي به نٿو سگهي، لياري ڪراچي کي جنم ڏنو آهي، ڪراچي مهاڻن جي ڳوٺ مان اجگر شهر ته بڻجي ويو پر ان سان گڏ ئي اهو شهر دهشت جي نظر به ٿي ويو آهي، منهنجي عزيزن جو گهر لياري جي چيل چوڪ واري علائقي ۾ آهي مان جڏهن ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو رهيس ته مان به لياري ۾ ترسيل هئس، لياري جتي شام ٿيندي ئي ڪاروباري مرڪزن ، روڊن ، رستن ۽ گلين ۾ رونقون اچي وينديون هيون، سڄو ڏينهن محنت مشقت ڪندڙ شام جو گهرن جي سامهون ، گلين ، روڊن جي فٽپاٿن تي ويهي رات دير تائين ڪچهريون ڪندا هئا، چيل چوڪ جي بلڪل ويجهو گبول پارڪ آهي جتي فٽبال جي مئچن کي ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا ۽ لياري ملڪ کي نالي وارا فٽبالر پڻ ڏنا پر لياري وانگر هو به نڌڻڪا ٿي مري ويا، لياري جا کلاڙي نظر انداز ٿيڻ باوجود فٽبال سان ناتو نه ٽوڙيو اهو سلسو هاڻ به جاري آهي پر اڳ کان گهٽ ٿي ويو آهي، لياري باڪسنگ ۾ به پاڻ کي مڃايو جتان نڪرندڙ بلوچ ۽ ڪڇي نوجوان باڪسرن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، لياري محنت ڪش ماڻهن جو علائقو آهي، ۽ اڄ به اُتي وڏي اڪثريت ۾ محنت ڪش ئي آباد آهن، لياري پاڪستان ٺهڻ لان اڳ به سياسي پارٽين لاءِ اهم مرڪز هو جتان ڪيترن ئي قوم پرستن پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ انهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجي سياست ذريعي پاڻ کي مڃايو، لياري کي هڪ مظبوط سياسي ڄاڻ ۽ شعور رکندڙ ماڻهڻ جو علائقو هو، ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جون حالتون يڪسر تبديل ٿيون، ۽ هتان جا اصلوڪا رهواسي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ٿيڻ لڳا، ورهاڱي وقت هندستان ۾ ايندڙ  پنجابي ڳالهائيندڙن پنجاب جو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن سنڌ جو رخ ڪيو، 1948 ۾ هجرت ڪري آيل 11 لک ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ان مان 4 لک ڪراچي ۾ ترسيا، اهو سلسلو 1954 تائين جاري رهيو ، ان لڏپلاڻ ڪراچي جي اصلوڪي رهاڪن کي نه رڳو اقليت ۾ تبديل ڪيو پر سندن روزگار لاءِ به ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون، ورهاڱي سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ، هاري ۽ پورهيتن کي رسيو، ورهاڱي کانپوءِ اهو قانون پاس ٿيو ته ورهاڱي سبب لڏپلاڻ ڪندڙ هندوئن جون زمينون ، دڪان ۽ گهر مقامي ماڻهن کي ڏنا ويندا، پر افسوس جو سنڌ ۾ ايئن نه ٿيو هندن جا ڪاروبار ، گهر ۾ ملڪيت هجرت ڪري آيلن کي ڏني ويئي، جنهن سان هتان جا ماڻهو معاشي بدحالي ڏانهن هليا ويا ۽ انهن لاءِ ترقي جا رستاپڻ  بند ڪيا ويا، ڪراچي خلاف سازشون ورهاڱي کان پوءِ ان وقت شروع ٿيون جڏهن 20 مئي 1948 تي دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، جنهن خلاف سنڌ جي ماڻهن سخت احتجاج پڻ ڪيا، ان فيصلي سان سنڌ خلاف سازشن جو نئون جنم ٿيو ، جلد ئي لڪيل سازشي ماڻهو ظاهر ٿيڻ لڳا ورهاڱي جي 4 سالن بعد هڪ ٻي خطرناڪ شازش ان وقت شروع ٿي، جڏهن 1952 ۾ هندستان کان هجرت ڪري آيل هڪ شخص حسين امام ڪراچي صوبي جو شوشو ڇڏيو، هن موقف پيش ڪيو ته ڪراچي سنڌ جو شهر ناهي رهيو ان ڪري ان کي مهاجرن لاءِ الڳ صوبو ٺاهيو وڃي، ڪراچي جي اردو پريس ان جي حق ۾ زبردست مهم هلائي ، ۽ هڪ انگريزي اخبار “ ڊان” حسين امام جا سلسلي وار مضمون پڻ ڇاپيا، پر سندس خواب ساڻس گڏ مڻين مٽي هيٺ دفن ٿي ويو، پر شازشن جو سلسلوڪنهن نه ڪنهن صورت جاري رهيو، ڪراچي ۾ اڪثريت جي دعوي ڪندڙن لاءِ ڪراچي جا اصلوڪا رهواسي هميشه کان پريشاني جو سبب بڻيا آهن، ان ڪري ئي مختلف وقتن تي انهن علائقن ۾ ويڙهون ڪرائي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڪراچي جي علائقي لياري کي مختلف پارٽين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، پيپلز پارٽي جي لياري ۾ اچڻ کانپوءِ هن علائقي ۾ اهڙو ماحول جڙي ويو جو قوم پرستن کي هتان نڪرڻو پيو ۽ هنن لاءِ لياري ۾ سياست ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو، آمر ضيا الحق جي دور ۾ آيل هٿيارن ۽ منشيات جتي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پکڙڻ لڳي اُتي اُن لياري کي به جڪڙڻ شرورع ڪيو، ۽ ان جي ڪري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ به خرابيون پيدا ٿيڻ لڳيون، ۽ لياري ۾ بدامني جي باهه ٻرڻ لڳي ، هڪ ٻي آمر مشرف جي دور ۾ لياري ۾ ٻرندڙ باهه ۾ تيل وجهڻ جو ڪم شرورع ٿيو، ڪراچي جي وڏي پارٽي سڏائيندڙن هميشه لياري ۾ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا، لياري ۾ ٻن گروپن رحمان  ۽ ارشد پپو جي ذاتي ، منشيات يا ٻين سبنن جي ڪري هلندڙ جهيڙي مان ٻاهرين ماڻهن فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو، مشرف دور ۾ لياري جو اهو جهيڙو گينگ وار ۾ تبديل ٿي ويو، ان وقت لياري جي رهواسين پاران اهي الزام لڳڻ لڳا ته لياري ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ متحده ارشد پپو گروپ کي سپورٽ ڪري لياري ۾ جهيڙا ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته ٻي پاسي متحده ان جهيڙي جو ڪارڻ پيپلز پارٽي کي چئي رهي هئي، پر اوچتو ان جهيڙي ۾ اچانڪ تبديلي آئي ۽ رحمان بلوچ مخالف سان مذاڪرات ڪري لياري ۾ جهيڙو ختم ڪرڻ جو ڪوششون شروع ڪري امن ڪميٽي جي نالي هڪ تنظيم ٺاهي ۽ ان تنظيم کي لياري مان ٻاهر ڪڍي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ان جون آفيسون کولڻ شروع ڪيون، جنهن جي متحده سخت مخالفت ڪئي، ۽ امن ڪميٽي کي ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ امن امان خراب ڪرڻ جا الزام هڻڻ شروع ڪيا، پيپلز پارٽي جي ئي دور ۾ هڪ پوليس مقابلي ۾ “ رحمان ڊڪيت ” رحمان بلوچ کي مارڻ جي دعوي ڪئي ويئي، جنهن بعد امن ڪيمٽي عزيز بلوچ جي حوالي ٿي ان وچ ۾ لياري ۾ پيپلز پارٽي خلاف نفرتون وڌڻ شروع ٿي ويون، پيپلز پارٽي جي گذريل پنج سالا دور ۾ لياري ۾ ترقي ته نه ٿي پر حاليون ضرور خراب ٿيون، خراب حالتن جي پويان پيپلز پارٽي ٻاهرين ۽ ٽيئن قوت کي قرار ڏيندي پئي اچي ته وري متحده گينگ وار ۽ امن ڪميٽي کي ان جو ذميوار قرار ڏيندي آئي آهي، لياري ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ گينگ وار خلاف ٿيل آپريشن ۾ گينگ وار ته ختم نه ٿي پر عام ماڻهن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو، جنهن جي ڪارڻ پيپلز پارٽي کي شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، لياري ۾ هلندڙ گينگ وار جو هڪ ٻيو قردار ارشد پپو به لياري ۾ قتل ٿي ويو پر لياري ۾ هلنڊڙ خوني جهيڙا اڃان تائين جاري آهن، لياري ۾ هلندڙ جهيڙن بابت ڊي سي ۽ ڊي آئي جي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته لياري ۾ ڇڪتاڻ پويان ٽئين ڌر سرگرم آهي لياري ۾ ڪڇي ۽ بلوچ پاڻ ۾ نه وڙهي رهيا آهن، پر ٻاهريان ماڻهو لياري ۾ داخل ٿي ڪاروائي ڪري، ماڻهو ماري بلوچ ۽ ڪڇين کي نسلي جهيڙي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، لياري ۾ رهندڙ بلوچ ، ڪڇي ۽ ٻيون قومون اڄ به اهائي ڳالهه ڪن ٿيون ته اسان جو پاڻت ۾ ڪوبه جهيڙو ناهي ، اڄ به بلوچ اڪثريتي علائقن ۾ ڪڇي ، اردو ڳالهائيندڙ ، پنجابي ڳالهائيندڙ رهن پيا ۽ ساڳئي طرح ڪڇي آبادي علاقن ۾ بلوچن ۽ ٻيون قومون به آباد آهن، پر ڪوبه ان ٽئين قوت بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ان خلاف ڪا ڪاروائي ٿيندي نظر اچي ٿي آخر ان ٽئين قوت کي ڪهڙي سليماني ٽوپي پاتل آهي جو هو ڪنهن کي نظر نٿي اچي، لياري ۾ هلندڙ جهيڙي سبب لياري جا رهندڙ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پيڙهين کان رهندڙ ۽ هڪ ٻئي سان مائٽيون ڪندڙ هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن، اندروني يا ٻاهريون ڪجهه قوتون پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ رات جي رند کيڏي رهيون آهن، امن امن جا دعوي دار الاهي ڪٿي آهن  حڪومت به ڪٿي به نظر نٿي اچي، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري هئڻ باوجود امن امان جي صورتحال بهتري ڏانهن ويندي نظر نٿي اچي، لياري جي حالتن جي ذميوار اگر ٽئين ڪا قوت آهي ته هيڏي نفري ۽ چوڪين باجود هو ماڻهو ماري ڪيڏانهن غائب ٿي وڃن ٿا، ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، صدر زرداري لياري جي حالتن جو نوٽس وٺندي بلاول هائوس ۾اجلاس ته گهرايو آهي پر جڏهن هو يوسف رضا گيلاني کي پرچائڻ لاءِ ملتان وڃي سگهي ٿو ته پوءِ لياري جي امن ۽ بي گناهه ماڻهن جي قتل عام خلاف لياري ۾ ڇو نٿو وڃي سگهي، شديد خطري باوجود جڏهن شهيد بينظير ڀٽو لياري وڃي سگهي ٿي ته صدر زرداري ڇو نٿو وڃي سگهي، لياري پيپلز پارٽي يا ڪنهن ٻي پارٽي جو قلعو هجي يا محل پر خدارا ان کي انساني رت سان رنڱڻ ۽ انساني لاشن جي ديوار ڏيڻ بند ٿيڻ گهرجي .
imsbaloch@aol.com


No comments:

Post a Comment