Tuesday 2 July 2013

Balochistan Problems And DR. Malik



بلوچستان صورتحال ۽ مالڪ لاءِ مشڪلاتون
سرور بلوچ
11 مئي تبديلي جو ڏينهن هوندو ، اهو نعرو ته چونڊن کان اڳ هر پارٽي هڻي رهي هئي پر هر ڪنهن جو انداز بيان مختلف هو چونڊن بعد نئين آيل حڪومت کي گهڻو عرصو ته نه گذريو آهي سو ڪيتري تبديلي آئي انهي لاءِ بس ٿورو انتظار اڃان ڪرڻو پوندو ۽ هونهن به ملڪ کي جيڪي وڏا چئلنج هئا ۽ جيڪي پ پ  جي شڪست جو ڪارڻ بڻيا اُهي ڊرون حمله ، لاپته بجلي ، دهشتگردي هئا ۽ آهن پر مسئلن جي حل لاءِ نئين آيل حڪومت به ڄڻ معذرت ڪري ڇڏي آهي ڇو ته نه ڊرون حملا رڪي سگهيا آهن نه وري بجلي جو آزار گهٽجندي نظر اچي رهيو آهي ، جڏهن ته دهشتگردي اسان جي ناسور بڻجي ويئي آهي ، 2013 جي چونڊن ۾ تبديلي جي وڏي ڳالهه ڪئي ويندي هئي پر تبديلي آئي ضرور پر  50 ، ففٽي  ڇوته 11 مئي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ چئن مان ٻن صوبن ۾ تبديلي آئي آهي ان تبديلي جي نتيجي  پنجاب ۾ ساڳي ( ن ) ليگ جي حڪومت هوندي سو خادم اعلي شهباز شريف ( جنهن لاءِ نواز شريف چوندو آهي ته سندس جوش خطابت ۾ چيل ڳالهين کي سنجيده نه وٺو ) پر اها ڳالهه جي نواز شريف اليڪشن اڳ چئي ها ته شايد منظر ڪجهه ٻيو هجي ها ، جڏهن ته سنڌ ۾ به پيپلز پارٽي کٽي آئي آهي ۽ وزير اعلي به سيد قائم علي شاهه هوندو جنهن گذريل پنج سالن ۾ سنڌ جي حڪومت جنهن انداز ۾ هلائي ، پيپلز پارٽي ۽ زرداري کي شايد ئي اهڙو ڪو ٻيو ملي سگهي ، باقي رهيو خيبر پختون خواهه هر اليڪشن وانگر هن ڀيري وري نون ماڻهن کي آزمائڻ لاءِ ووٽ تحريڪ انصاف کي ڏنو ويو آهي ۽ ڪي پي ڪي جي عوام تحريڪ انصاف کي حڪومت ٺاهڻ جو مينڊيٽ ڏنو آهي هاڻ ڏسون ته انهن جي توقعات ڪيتريون پوريون ٿينديون هاڻ هلجي بلوچستان ته گذريل 6 ڏهاڪن کان حلق تلفي جي ڳالهه ڪندڙ بلوچستان جتي سدائين سرادر ن ، ميرن يا خانن کي ئي واڳ ڌڻي تصور ڪيو ويو آهي پر اُتي هن ڀيري سردار ، مير ، خان جي جاءِ تي هڪ مڊل ڪلاس مان تعلق رکندڙ  نيشنل پارٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ کي وزير اعلي بڻايو ويو آهي جنهن پنهنجي پهرين تقرير ۾ ئي بلوچستان جي مسئلن کي هماليه جي جبل کان ڳرو چئي ڇڏيو آهي ۽ ان جو چوڻ هو ته بلوچستان ۾ ماڻهن جي لاپته ٿيڻ ۽ چچريل لاش ملڻ ، ٽارگٽ ڪلنگ ، ڀُنگ لاءِ اغوا ، مذهبي انتهاپسندي ، بدامني سبب ماڻهن جو لڏپلاڻ ڪري وڃڻ اسان لاءِ وڏا چيلينج آهن ، ڊاڪٽر مالڪ سيڪريٽ فنڊ ، رشوت خوري جي خاتمي جي پڻ دعوي ڪري رهيو آهي ، جڏهن ته هن چواڻي ته بلوچستان خاص ڪري گوادر ۾ ڀڳڙڻ مٺ تي ماڻهن زمينون الاٽ ڪرايون ويون آهن انهن کي پڻ وائکو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ، ڊاڪٽر مالڪ ناراض بلوچن کي ڳالهين تي ميز اچڻ جي دعوت ڏيندي چوي ٿو ته ٻارن کي هٿن مان بندوق کسي قلم ڏينداسين ، گوادر پورٽ ، ريڪوڊڪ ۽ بلوچستان جي معدنيات پڻ سندس ترجيح هوندا ، پنهنجي پهرين ڏينهن جي پهرين تقرير ۾ بلوچستان ۾ چچريل لاشن جي ڳالهه ڪندڙ وزير اعلي بلوچستان کي پهرين ڏينهن ئي خضدار مان گوليون لڳل ۽ چچريل لاشن جو تحفو ملي چڪو آهي جڏهن ته زيارت ۾ قائد اعظم ريزيڊينسي واقعو ۽ ڪوئٽه ۾ سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي جي بس تي حملي ۽ بم ڌماڪي ۾ 14 شاگردياڻين جي کي شهيد ڪرڻ ۽ بولان ميڊيڪل اسپتال تي قبضو ڪري فائرنگ ۽ ڌماڪا ڪري ڊپٽي ڪمشنر منصور ڪاڪڙ ، نرسن ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت 11 کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيدڪرڻ وارو واقعي مان لڳي ٿوڄڻ جنگ جو بگل وڄايو ويو آهي  ، بلوچستان رقبي جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي جنهن جو ڪُل رقبو 347190 چورس ڪلو ميٽر آهي جيڪو پاڪستان جو 43.6 سيڪڙو ٿئي ٿو ، بلوچستان معدني وسيلن ۽ گوادر پورٽ جي ڪري بين الاقوامي طور اهميت اختيار ڪري ويو آهي ، چاغي جي علائقي ۾ سون ۽ ٽانبي جا ذخيرا ريڪوڊڪ هجن يا گوادر پورٽ جيڪو سنگاپور کانپوءَ چين حوالي ڪيو ويو آهي ، بلوچستان جا ناراض اڳواڻ سدائين ساحل ۽ وسائل ۽ اختيار نه ملڻ ۽ کين نظر انداز ڪرڻ تي ناراض رهيا آهن جڏهن ته ڪجهه سالن کان بلوچ ڪارڪنن جي لاپته ٿيڻ ۽ سندن چچريل لاش ملڻ جي واقعن ۾ گهڻائي آئي آهي جنهن جو الزام بلوچ اڳواڻ سڪيورٽي ادارن تي ئي هڻندا آيا آهن ، ايف سي جنهن خلاف سدائين بلوچ قوم پرستن کي تحفظات رهيا آهن ان بابت به ڊاڪٽر مالڪ کي واضع پاليسي جوڙڻي پوندي ، ملڪ ٺهڻ کان وٺي ناراض بلوچن کي پرچائڻ جي سنجيده ڪوشش نه ڪئي ويئي آهي جنهن ڪارڻ بلوچستان جو مسئلو ڏينهون ڏينهن بهتر ٿيڻ بجاءِ بدتر ٿي رهيو آهي ، جيڪي ماڻهو اڳ بلوچستان ۾ حڪومتن جو حصو رهيا هاڻ اهي به ناراض بلوچن واري لسٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن ، بلوچستان جي حالتن جي خرابي ۾ مشرف دور کان پوءِ تمام گهڻي تيزي اچي ويئي آهي ، اڪبر بگٽي جي شهادت واقعي ڄڻ بلوچستان ۾ پچندڙ لاوي کي دڳ ڏيئي ڇڏيو هجي ، مشرف دور ۽ ان بعد 5 سال جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت معافيون ، بلوچستان پيڪج جهڙا نعرا ضرور هنيا پر بلوچستان جي اصل مسلئن جيئن بلوچن جي لاپته ٿيڻ جا واقعه ، چچريل لاش ملڻ ، تعليمي ماهرن ، سياسي ڪارڪنن کي ٽارگٽ ڪلنگ ذريعي قتل ڪرڻ ، ڀُنگ لاءِ اغوا جي واقعن ، گوادر پورٽ ۽ بلوچستان لاءِ بي لاڀ بڻيل معدني وسيلا اڄ به حل نه ٿي سگهيا آهن ، اڄ به لاپتا ماڻهن جا وارث اسلام آباد ، ڪراچي کانپوءِ ڪوئٽا پريس ڪلب سامهون ڪئمپ هنيو ويٺل آهن ۽ ڊيرا بگٽي مان مشرف واري دور ۾ ٿيل آپريشن جي نتيجي لڏپلاڻ ڪندڙ بگٽي برادري جا ماڻهو اسلام آباد ۾ پنهنجي واپسي لاءِ احتجاج تي ويٺل آهن ، جن سان وزير اعلي ڊاڪٽر مالڪ ملاقات پڻ ڪري چڪو آهي ، بلوچستان ٻري رهيو آهي ان باهه کي وسائڻ لاءِ ملاقاتن ۽  ڳالهين کان ڪجهه وڌيڪ ڪرڻو پوندو ، ڪوئٽه ۾ شاگردياڻين جي بس تي حملي ۽ بولان ميڊيڪل اسپتال تي حملي ، ڪوئٽه ۾ رهندڙ هزاره برادري تي ٿيندڙ حملن مان اهو واضع ٿي رهيو آهي ته ڪجهه ٻيون قوتون بلوچستان جي ٻرندڙ باهه ۾ تيل وجهي پنهنجا هٿ سيڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن ، ڳالهيون ڪرڻ جي ڳالهه ته سدائين ٿيندي رهي آهي پر ڳالهيون به انهن سان ٿينديون جيڪي ظاهر آهن پر جيڪي موقعي مان فائدو وٺي پنهنجا مقصد حاصل ڪري رهيا آهن انهن سان ڪيئين ڳالهيون ڪجن ، بلوچستان ۾ نئين حڪومت ته ضرور آئي آهي پر هماليه جبل جيڏن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ وزير اعلي کي اختيار به هماليه جبل جيڏا گهرجن جيڪي گذريل ڏهاڪي ۾ نظر ته نه آيا آهن پر هاڻي ڏسجي ته نيشل پارٽي جو اڳواڻ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ڪيئن بلوچستان جي منجهيل مسئلن کي حل ڪري ٿو پر اها ڳالهه هر ذهن ۾ گردش ڪري رهي آهي ته ڇا وزير اعلي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ بلوچستان ۾ وڌندڙ بدامني ، دهشتگردي کي ڪنٽرول ڪرڻ وارين اختيارن جو مالڪ هوندو ، ڇا هو بلوچستان مان لاپته سياسي جماعتن جي ڪارڪنن ، بلوچن ۽ انهن جي ملندڙ چچريل لاشن جي سلسلي کي بند ڪرڻ انهن کي بازياب ڪرائڻ جي اختيارن جو مالڪ هوندو ، ڇا هو بلوچستان مان ملندڙ معدنيات جي باري ۾ فيصلا ڪرڻ جو مالڪ هوندو ، ڇا هو گوادر پورٽ جنهن تي دنيا جون نظرون کُتل آهن ان بابت آزاداڻا فيصلا ڪرڻ جو مالڪ هوندو ، ڇا هو ايف سي کي ڪنٽرول ڪرڻ يا انهن کي واپس ڇاوڻين ۾ موڪلڻ ۽ ليويز کي تعينات ڪرڻ واري اختيارن جو مالڪ هوندو ، ڇا هو ڪوئٽه ۽ بلوچستان ۾ رهندڙ افغان پناهه گيرن کي واپس افغانستان موڪلڻ وارين اختيارن جو مالڪ هوندو هي ، ڇا مالڪ هوندو ڊيرا بگٽي مان لڏپلاڻ ڪندڙ کي واپس آباد ڪرڻ جو ، ڇا مالڪ هوندو اڪبڙ بگٽي جي قاتل کي سزا ڏيارڻ جو ، ڇا مالڪ هوندو بلوچن کي لاپته ڪري لاش اڇلائڻ وارن کي سزا ڏيارڻ جو ، ڇا مالڪ هوندو مسئلن جي هماليه جبل کي ڀورا ڀورا ڪرڻ جو وزير اعلي بلوچستان نالي جو ته ضرور مالڪ آهي پر مسئلا تڏهن حل ٿين سگهندا جڏهن کيس نالي وانگر اختيارن جو به مالڪ بڻايو وڃي هي اُهي سوال آهن جن جا جواب ها ۾ مليا ته پوءِ سمجهبو حڪومت بلوچستان جي مسئلي کي حل ڪرڻ م سنجيده آهي پر گهڻو ڪجهه آهي جيڪو شايد ڪنهن ٻي جي هٿ ۾ آهي ....
imsbaloch@aol.com  

No comments:

Post a Comment