Tuesday 2 July 2013

Imran Farooq Case And MQM


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2358


عمران فاورق ڪيس ۽ متحده جي پريشاني
سرور بلوچ
نشو سگريٽ جو هجي يا سوشل ميڊيا جو جان ڇڏائڻ مشڪل آهي، سگريٽ جو موالي صبح منهن ڌوئڻ کان اڳ سگريٽ جا ڪش هڻي ايئن محسوس ڪندو آهي ڄڻ ڪنهن پُر فضا مقام تي قدرتي هوا جا مزا ماڻي رهيو آهي، ساڳئي حالت وري هاڻ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي ٿي ويي آهي صبح اٿڻ سان ئي جيسين موبائل ، ٽيبليٽ ، يا ڪمپيوٽر تي فيس بڪ جائزو نه وٺن يا اخبار  پڙهي نه وٺن ڄڻ اڌورا هوندا آهن، صبح جيئن ئي سوشل ميڊيا تي آيس ته پهرين خبر هئي متحده جو قائد الطاف حسين رضاڪاڻي طور پارٽي عهدو ڇڏڻ چاهي ٿو، سندس گهر ۾ تلاشي ورتي ويئي ان ڪري اخلاقي ۽ قانوني تقاضا موجب هو پارٽي اڳواڻ ٿيڻ نه ٿو چاهي، منهن ڌوئي چانهه جو ڪپ سامهون رکي ٽي وي کوليم ته چينلن تي رپورٽر صبح ساجهر کان ئي نائن زيرو پهتل هئا، ۽ هر چئنل وارو رپورٽر ڪنهن نه ڪنهن کي جهلي ڀائي جي اهڙي اعلان ۽ سندن رد عمل بابت پڇا ڪري رهيو هو، ان دوران خبر پئي ته ڀائي ڪجهه دير ۾ فون تي اچي ڪارڪنن کي روح پرور خطاب به ڪندو، پڪ ٿي ويئي ته هاڻ ڪجهه ڪلاڪ ريڊ باڪس ، ريڊ لائن ۽ ڀائي جي تقرير کانسواءِ ڪجهه به هوندو ڀل پوءِ ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو مري وڃي پر کيس زندگي ۾ ته ٺهيو پر مرڻ کانپوءِ به ميڊيا ۾ ڪوريج نه ملندي، مختلف چئنلن تي الطاف ڀائي کي فيصلو واپس وٺڻ جون ريڊ لائنون شروع ٿي ويون ، انهن ريڊ لائنن ۾ هڪ لائن هئي ته ٻاهريون طاقتون ڀائي کي پارٽي کان پري ڪرڻ گهرن ٿيون، اسان مختلف وقتن تي ٻاهرين طاقتن جو ذڪر ٻڌندا آهيون، خاص ڪري ڪجهه وقت اڳ جڏهن اسان جا پاڙيسيري ملڪ سان لاڳاپا گهڻا خراب هئا ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪنهن به واقعي جي ذميواري ٻاهرين طاقتن تي هنئي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته سڌو سنئون هڪ ٻئي ملڪن جو نالو به ورتو ويندو هو، ڪڏهن ته تنزيا طور اهي جملا به استعمال ٿيندا هئا ته ڪو ماڻهو ڪيلي جي کل تان ترقي پوي ٿو ته به الزام پاڙيسيري ملڪ تي لڳي ٿو ، متحده جي قائد کي ڪهڙيون ٻاهريون طاقتون ۽ ڇو هٽائڻ گهرن ٿيون اهو ته متحده اڳواڻ جي تقرير ۾ خبر پوندي پر مختلف شهرن مان ڀائي کي پارٽي جي اڳواڻي ڇڏڻ وارو پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جون اپيلون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، مون کي لڳي ٿو ته ڀائي جي تقرير ۾ ڀائي پاڻ يا سندس ڪارڪن زاروقطار ويئي ڪري اهو اعلان اڳ جيان واپس ڪرائي وٺندا، مونکي به بي صبري سان انتظار آهي ته ڀائي خطاب شروع ڪري جيئن مان پنهنجو آرٽيڪل ختم ڪري سگهان.
نيٺ چئن ڪلاڪن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ الطاف حسين خطاب شروع ڪيو هن خطاب ڪندي چيو ته هڪ هفتو اڳ برطانيه پوليس ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ منهنجي گهر ۾ تلاشي ورتي، ۽ گهر مان سامان کنيو ويو پر درخواست باوجود سامان جي لسٽ نه ڏني ويئي ، اسان چاهيون ٿا ته ڊاڪٽر عمران فاروق جا قاتل گرفتار ٿين پر ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمنٽ مونکي ڊاڪٽر عمران فاروق جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي ، لندن ۾ 16 سيپٽمبر 2010 ۾ قتل ٿيل متحده جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل خلاف برطانيه پوليس ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ تحقيق ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ تازو ئي تيزي اچي جڏهن ميٽروپوليٽين پوليس هيٿرو ايئرپورٽ تي ڪينيڊا کان واپسي تي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ۽ ساڻس پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي، ان شخص جي باري ۾ اهي به اطلاع آهن ته هو الطاف حسين جو ڪزن آهي ۽ سندس نالو افتخار حسين آهي، ان شخص جي گرفتاري کانپوءِ برطانيه پوليس متحده جي ٻين اڳواڻن کان پڻ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ الطاف حسين جي هڪ گهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ تلاشي ورتي ويئي ۽ اتان ڪجهه ضرورري سامان به ساڻ کڻي ويا، برطانيه پوليس جي اهڙي ڪاورائي تي متحده سربراه پارٽي جي سربراهي کي الوداع ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ڪيل تقرير ۾ چيو آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي اسٽيبلشمنٽ منهنجي خلاف سازشن ۾ مصروف آهن اهي مون کي مارائڻ گهرن ٿا، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته مان جاگيراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام خلاف ڳالهائيندڙ آخري ماڻهو بچيو آهيان، مون خلاف جارج گيلو ، لارڊز نذير ۽ عمران خان کي استعمال ڪيو ويو، منهنجي گهر ڇاپو هنيو ويو ته مان مني لانڊرنگ ڪري رهيو آهيان، مون تي الزام لڳايا ويا ته مان مخالفن کي برداشٽ ناهيان ڪندو پر ايئن هجي ها ته عامر خان ۽ آفاق احمد زنده نه هجن ها ، هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته جيستائين منهنجو فيصلو نٿو اچي تحريڪ کي رابطا ڪميٽي هلائي، پر سندس ان بيان تي رڙيون مچي ويون ، هڪ بزرگ ته زاروقطار روئيندي چيو ته اوهان پنهنجو فيصلو واپس وٺو نه ته اسان هتان نه اٿنداسين ، اُتي متحده جي ايم پي اي اشفاق منگي سنڌي ۾ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن ڌرڻو هنيو ويٺا آهن اوهان فيصلو واپس نه ورتو ته مان پنهنجي ايم پي اي شپ تان استيعفي ڏيئي ڇڏيندس، تقري ٻڌندڙ جي وچ ۾ ويٺل ڪجهه اهڙن ماڻهن سامهون باقائده مائڪون رکيون ويون هنيون جيڪي روئانڻڪي انداز ۽ جذباتي تقرير جا ماهر لڳي رهيا هئا، الطاف ڀائي جي ڪيل ڏيڍ ڪلاڪ جي تقرير جو اڌ ته رڳو کيس فيصلو واپس وٺڻ جي اپيلن ۾ گذري ويو ، نيٺ ڪارڪنن جي اسرار تي الطاف اڳ جيان پنهنجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، الطاف حسين اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ڪاروائي جي ردعمل ۾ استعفي ڏني ۽ پوءِ رابطا ڪميٽي ، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اسرار تي واپس وٺي ڇڏي، پر سندس ان عمل دوران صبح 6 وڳي کان سموري ميڊيا نائن زيرو تي سندس خطاب جي انتظار ۾ نه رڳو ويٺل رهي پر چار ڪلاڪن تائين خطاب جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن ۽ اُتي جا منظر ڏيکاريندي رهي ان وچ ۾ ملڪ ۾ ڇاوهيو واپريو اهي ان کان بي خبر هئا، جڏهن ته 10 وڳي الطاف حسين جو خطاب شروع ٿيو ۽ جيڪو ساڍي يارهين تائين جاري رهيو، ڏيڍ ڪلاڪن تائين هلندڙ خطاب ۾ اُهي ساڳيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون جيڪي ميڊيا تي اڳ ئي اچي چڪيون آهن ، هڪ ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته متحده سدائين پنهنجي ڪنهن به ڪارڪن جي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِسخت احتجاج ڪندي رهي آهي، هڪ پاسي ته متحده ڪراچي ۾ ڪارڪن جي قتل تي سوڳ ملهائي هڙتال ڪري سڄو شهر بند ڪري ڇڏيندي آهي، پر جڏهن اڄ سندن اهم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ڳنڍ کلڻ واري آهي  ته پوءِ متحده ۽ سندس اڳواڻن کي ڪهڙي پريشاني ورايو ويٺي آهي ، انهن کي ته خوشي ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ سندن ڪارڪنن جا قاتل نٿا لڀن پر برطانيه ٽي سال بعد پر سندس اهم اڳواڻ جي قاتلن جي ويجهو پهچي ويئي آهي، ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس جون ڳنڍون کلندي ئي متحده جون پريشانيون وڌي رهيون آهن، ان جو ڪارڻ ڇا آهي اهو ته الطاف حسين جي ڪيل تقرير مان ڪجهه اندازو ٿي ويو آهي، ته برطانيه پوليس ڊڪٽر عمران فاروق ڪيس ۾ نه رڳو اڳڀرائي ڪئي آهي پر ان سلسلي ۾ متحده جي برطانيا ۾ رهندڙ اڳواڻن کي به سوڙهو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس اڃان کلي سامهون اچي ويندو،  متحده پنهنجي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري تي خوش ٿي ٿئي يا پريشان اهو به قتل ڪيس سان گڏ سامهون اچي ويندو.
imsbaloch@aol.com


No comments:

Post a Comment