Thursday 1 August 2013

Presidential History

ڍhttp://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2882

صدارتي تاريخ
سرور بلوچ
2013 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پنجاب صوبي مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هنن صوبي سان گڏ  وفاق ۾ به حڪومت ٺاهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ، خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان ۾ نواز ليگ جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت آهي ، ٻئي مرحلي ۾ نواز ليگ کي صدارتي چونڊڻ لاءِ پنهنجو اميدوار ميدان ۾ آڻڻو هو ، جنهن لاءِ 6 اگسٽ تي چونڊ ٿيڻي هئي پر ڪجهه سببن جي ڪري نواز ليگ چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ چاهيون جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويئي 30 جون تي صدارتي چونڊ ٿي ، صدارتي چونڊنون وقت کان اڳ ڪرائڻ تي احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي  بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو جنهن بعد عوامي نيشنل پارٽي ، مسلم ليگ (ق)  به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان پڻ بائيڪاٽ جي حق ۾ هو پر پارٽي فيصلي باعث هن صدارتي چونڊن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ، جڏهن ته متحده روايت موجب نئين حڪوت جو ساٿ ڏيندي نواز ليگ جي سپورٽ ۾ پهتي ، صدارتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سندس اتحادين جي بائيڪاٽ بعد نواز ليگ جي ممون حسين ۽ تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد مدمقابل هئا ، مسلم ليگ (ن) اميدوار جي ڪاميابي يقيني هئي ، صدارتي چونڊ نتيجن موجب مسلم ليگ نواز جي صدارتي اميدوار ممنون حسين کي قومي ، سينٽ ۽ صوبائي اسمبلين مان 746 ممبرن پنهنجو ووٽ ڏنو ، جڏهن ته تحريڪ انصاف 132 ووٽ کنيا ، اليڪٽرول ووٽن موجب ممنون حسين 432 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد 77 اليڪٽورل ووٽ کڻي هارائجي ويو ، ممنون حسين پاڪستان جو 12 هون صدر مملڪت آهي ، پاڪستان جو پهريون صدر سڪندر مرزا هو جيڪو 23 مارچ 1956 تي صدر ٿيو پر ايوب خان سان اختلافن سبب  27 آڪٽوبر 1958 تي هن پنهنجي عهدي تان استيعفا ڏيئي ڇڏي ، جنهن بعد ايوب خان صدارت جي ڪُرسي تي براجمان ٿيو ،  ايوب خان ملڪ جو  ٻيو صدر هو جيڪو25 مارچ 1969 تائين ان عهدي تي رهيو ، سندس عهدي ڇڏڻ بعد ملڪ جو ٽيون صدر يحيٰٰخان ٿيو جنهن20 ڊسمبي 1971 تي پنهجو عهدو ذوالفقار ڀٽو حوالي ڪري روانو ٿيو ، پاڪستان جو چوٿون صدر پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو، جنهن 13 اگسٽ 1973 تي صدارت پنهنجي ئي پارٽي جي فضل الهي چوڌري حوالي ڪري پاڻ وزير اعظم بڻيو ، ملڪ جو پنجون صدر چوڌري فضل الهي 16 ڊسمبر 1978 تائين ان عهدي تي رهيو ، ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ضيا الحق ملڪ جو ڇهون صدر بڻجي ويو، جنهن جي 17 اگسٽ 1988 ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ سبب 11 سال جي وڏي عرصي بعد صدارت جي سيٽ خالي ٿي ، ملڪ جون ستون صدر غلام اسحاق خان ٿيو جيڪو 18 جولاءِ 1993 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي اٺين صدر فاروق لغاري جو تعلق پيپلز پارٽي سان هو 2 ڊسمبر 1997 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي نائين صدر محمد رفيق تارڙ جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان هو جيڪو 20 جون 2001 تائين ان عهدي تي رهيو ، محمد رفيق تارڙ ملڪ جو پهريون بي ضرر ، بي خطر صدر هو ، بي اختيار صدر هو ، ان بعد نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ پرويز مشرف ملڪ جون ڏهون صدر  بڻيجي ويو، جيڪو 18 اگسٽ 2008 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جو يارهون ۽ موجوده صدر جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جنهن جو مدو 2013  ۾ ختم ٿيندو ، مملڪت پاڪستان جي ٻارهين صدر ممنون حسين جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي ، جيڪو 9 سيپٽمبر 2013 ۾ پنهنجي عهدو سنڀالي اسلام آباد وسائيندو ، پاڪستان جي گذريل 11 صدرن مان پنجن جو تعلق فوج مان هو ، جڏهن ان دوران ٽي نگران صدر به رهيا جن ۾ ٻه دفعا 1993 ۽ 1998۾ وسيم سجاد ۽ 2008 ۾ محمد ميان سومرو پڻ نگران صدر رهي چڪا آهي ، ملڪ جي صدرن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ته فوجي صدرن جو آهي ان ۾ ٻي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي جنهن جا ذوالفقار علي ڀٽو ، فضل الهي چوڌري ، فاروق لغاري ۽ آصف زرداري چارصدر رهيا آهن ، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو رڳو هڪ محمد رفيق تارڙ صدر رهي چڪو آهي ،  ضيا الحق جي حڪومتي دور ۾ جڏهن غير جماعتي چونڊون ڪرايون ويون ، ان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اسمبلي مان ان وقت جي صدر ضيا الحق  اٺين ترميم پاس ڪرائي جنهن ۾ هن 58-2B  جي شق وڌي جنهن تحت هن اسمبلي ٽوڙن جا اختيار صدر يعني پاڻ وٽ رکيا ، ان اختيار جو استعمال  ضيا الحق ته نه ڪيو پر ان بعد 1990 جي ڏهاڪي ۾ ان اختيار جو استعمال ڪندي ٽي ڀيرا اسمبليون ٽوڙيون ويون ، صدر کي مليل ان اختيار جو پهريون ڀيرو استعمال 6 اگسٽ 1990 تي ڪيو ويو جڏهن ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ، ٻئي دفعي وري ساڳئي صدر نواز شريف جي حڪومت 1993 ۾ ختم ڪئي ، جنهن بعد پيپلز پارٽي پنهنجي اعتماد واري اڳواڻ فاروق لغاري کي صدر بڻايو  ۽ اهو سمجهيو ويو ته هاڻ سڀ خير ٿيندو،  پر نومبر 1996 ۾ ٽيون دفعو ان اختيار جو استعمال ڪندي ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ، ان اختيار جي استعمال ڪري ختم ٿيندڙ حڪومتن لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج ان اختيار جو خاتمو هو، جيڪو صدر مملڪت کي ڏنو ويو هو ۽ فاروق لغاري جي تجربي بعد حڪومتن لاءِ صدر لاءِ اميدوار آڻڻ “ نانگ جو ڏنگيل رسي کان به ڊڄي ” وانگر مشڪل بڻيل رهيو ، نيٺ 1997 ۾ آئين پاڪستان ۾ هڪ ترميم ڪئي ويئي جنهن تحت صدر کان اسمبلي ٽوڙن وارا اختيار  واپس ورتا ويا ، پر پوءِ صدر پاڪستان جي اختيارن کي سترهين آئيني ترميم ذريعي جزوي طور بحال ڪيو ويو ، ان تحت صدر کي اسمبليون ٽوڙن جا اختيار ته ملي ويا پر ان لاءِ ان کي پاڪستان جي عدالت مان توثيق ڪرائڻ لازمي ڪيو ويو ، 58-2B   اختيار گهٽائڻ بعد صدر بي ضرر ۽ بي اختيار بڻجي ويو هو ملڪ جو پهريون بي اختيار ۽ بي ضرر صدر محمد رفيق تارڙ هو ، جيڪو نواز شريف حڪومت جو پهريون فرمانبردار صدر هو  ، 2008 جي چونڊن بعد پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي جنهن ۾ مفاهمت زور شور سان جاري هئي، ان مفاهمت جي ڪري ملڪ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار گهٽ ڪيا ، ۽ اُهي اختيار پارليمنٽ حوالي ڪيا ، ارڙهين آئيني ترميم اچڻ بعد صدر جو ڪو خاص ڪردار نه رهيو آهي ، 2013 جي صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪامياب ٿيل صدر ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ ڄائو ، ورهاڱي بعد سندس خاندان هجرت ڪري ڪراچي پهتو ، 90 جي ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ ۾ سياست ۾ سرگرم ٿيو ، کيس 1999 ۾ گورنر سنڌ پڻ مقرر ڪيو ويو ، پاڻ 6 مهينا ان عهدي تي رهيا ، جنهن بعد مشرف نواز حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ، مملڪت پاڪستان جو ٻارهون صدر اڳين صدر وانگر با اختيار نه آهي ، ۽ نواز شريف جي حڪومت کي به ملڪ جي مشڪل حالتن ۾ ڪنهن اختيار واري نه پر سندن پهرين صدر محمد رفيق تارڙ وانگر فرمانبردار ، بي ضرر ۽ بي اختيار صدر جي ضرورت آهي .
imsbaloch@yahoo.com