Tuesday 2 July 2013

US -Taliban Talks


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2214




امريڪا طالبان ڳالهيون پر اسان ڪنهن سان ڳالهائيون
 سرور بلوچ
جنگ پرائي هجي يا پنهنجي پر ان ۾ هميشه انسانيت جو ئي قتل ٿيو آهي ۽ هاڻ ته اهڙي حالت ٿي ويئي آهي جو مارڻ واري کي خبر نه آهي، ته ڪنهن کي ڇو ماري رهيو آهيان، ۽ نه وري مرڻ واري کي خبر آهي، ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ انگ پورا ٿي رهيا آهن. امريڪا روس کي ٽوڙڻ لاءِ جنهن نموني طالبان جي مدد ڪري انهن کي مجاهدين جو لقب ڏنو، ساڳين کي ڪم نڪرڻ کانپوءِ کنگهيو به ڪونه پر هڪ وقت اهڙو به آيو امريڪا ۽ سندس آشيرواد سان ٺهندڙ ساڳيون قوتون پاڻ ۾ جاني دشمن بڻجي ويون “ نائن اليون ” جي حملن بعد امريڪا جنهن نموني القائده ۽ طالبان خلاف افغانستان جنگ شروع ڪئي، ايئن لڳي رهيو هو ته بس ڪجهه ڏينهن ۾ ميدان صاف ٿي ويندو پر امريڪا ڏهن سالن کان پرڏيهي فوج سان گڏجي جنگ جي ميدان ۾ لٿل آهي پر اڃان تائين پنهنجي مخالف “ طالبان ” کي شڪست نه ڏيئي سگهيو آهي، وڏي مقدار ۾ مالي ۽ جاني نقصان باوجود ڪجهه نه ورڻ امريڪا کي واپسي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، 2001 ۾ طالبان حڪومت جي خاتمي بعد سيڪيورٽي سنڀاليندڙ پرڏيهي فوجون  به سڄي ملڪ جي سيڪيورٽي جا انتظام افغان حڪومت حوالي ڪري واپسي جي تياريون ڪري رهيون آهن، جڏهن ته امريڪا پڻ افغانستان مان نڪرڻ لاءِ حيلا ، بهانا ڳولي رهيو آهي، ۽ گهڻي عرصي کان طالبان سان ڳالهيون پڻ ڪرڻ چاهي پيو ۽ ان جون باضابطه تياريون به ٿي ويون آهن، طالبان عرب ملڪ قطر ۾ آفس پڻ کولي ڇڏي آهي، ۽ اها ڳالهه هر ماڻهو سمجهي سگهي ٿو ته امريڪا جي آشيرواد کان سواءِ قطر ۾ طالبان آفس کلڻ ممڪن ئي نه آهي، امريڪا طالبان سان سئون سڌو مذاڪرات ڪرڻ وڃي رهي آهي، هڪ دوست جي آرٽيڪل جو عنوان هو ته دهشتگردن کي گُل ناهن موڪلبا پر هتي ته گلدستو موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن، امريڪا طالبان کي تشدد جو رستو ڇڏڻ، القائده سان واسطا ختم ڪرڻ، افغان آئين جو احترام ڪرڻ، خاص طور عورتن ۽ ٻارن جي حقن جو احترام ڪرڻ جي شرط تي مذاڪرات ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي طالبان پنهنجن ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ چاهي ٿي. طالبان پاران هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسان جي دوحه قطر ۾ آفس کولڻ جو مقصد افغانين سان ميل جول وڌائڻ آهي، دوحه قطر ۾ طالبان جي نمائندي محمد نعيم صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان افغانستان جي پاڙيسيري ملڪن سان سٺا تعلقات چاهيون ٿا.  هڪ پاسي امريڪا افغانستان مان نڪرڻ ۽ جنگ مان جان ڇڏائڻ لاءِ ته طالبان سان مذاڪرات ڪري رهي آهي، پر ٻي پاسي پنهنجي يا پرائي جنگ ۾ ڦاٿل پاڪستان دهشتگردي جي دلدل ۾ ڏينهون ڏينهن ويتر ڦاسي رهي آهي. افغانستان جي معاملن ۾ مداخلت سبب اسان گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي، ۽ اهو سلسلو گذريل ڏهاڪن کان هلندڙ آهي، افغانستان جا طالبان ته غير ملڪين جي قبضي مان پنهنجي ملڪ جي جان آجي ڪرائڻ لاءِ ويڙهه جي ڳالهه ڪن ٿا، پر پاڪستاني طالبان ڪنهن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ بيگناهه ماڻهن جو رت وهائي رهيا آهن. امريڪا ته افغاني طالبان سان ڳالهيون ڪري واپسي جو رستو ٺاهي رهي آهي، پر افغان جنگ سبب ڪوئٽا، ڪراچي ۽ ملڪ جي ٻين علائقن آيل افغان پناهگيرن جي ويجهڙ واپسي ڪيئن ممڪن ٿيندي، پاڪستان هڪ پاسي ته پاڙيسري ملڪن جي بارڊرن جي حفاظت لاءِ جتن ڪري رهي آهي ته وري ٻي پاسي اندورني جهيڙن ۽ شدت پسندي، دهشتگري جي باهه کي اجهائڻ جون ڪوششن ۾ رُڌل آهي، امريڪا جي دوستي يا ڪجهه ٻين سببن ڪري افغان جنگ ۾ ته شامل ٿي وياسين پر ان جي نتيجي ۾ جيڪو ڀوڳيو سو وسارڻ جوڳو نه آهي. هڪ پاسي تحريڪ طالبان پاڪستان امريڪي ڊرون حملن تي ڪاوڙجي اسڪولي بسن ، اسپتالن ۽ پاڪستان جي عام ماڻهن تي حملا ڪري رهي آهي، ته ٻئي پاسي فرقه وراڻي جهيڙن ۾ عورتن، ٻارن جو قتل عام ٿي رهيو آهي، ڪراچي ۾ ٽارگٽ ڪنلگ عام ماڻهن کي گهرن تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، ته وري ڪوئٽا ۾ پروفيسر ، سياسي اڳواڻ، ڊاڪٽر، وڪيل ٽارگٽ ڪلنگ ۾ ماريا پيا وڃن، ڀُنگ لاءِ اغوام معمول بڻجي ويو آهي،  مسجد، مدرسا، درڳاهون به ڌماڪن کان محفوظ ناهن رهيون. پاڪستان کي امريڪا وانگر رڳو طالبان نه پر چئني پاسن کان حملي ڪندڙ ڪجهه ٻين قوتن کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. ڪوئٽا ۾ هزارا برادري جي علائقن ۾ بم ڌماڪا، ۽ ايران ويندڙ زيارتين جي بسن تي فائرنگ ڪندڙ حملي ڪندڙ ٻڌائي سگهن ٿا ته عورتن ۽ معصوم ٻارن کي مارڻ سان ڪنهن جي خدمت ڪري رهيا آهن، ( مسجد کي اسلام ۾ وڏي اهميت حاصل آهي مسجدن کي پناهه گاهه طور به استعمال ڪيو ويو آهي، جنگن ۽ ٻين هنگامي حالتن ۾ مسجد کي پناهه گاهه طور استعمال ڪيو ويندو هو، جنهن ۾ نه رڳو مسلمان پر غير مسلم به پناهه وٺندا هئا ) مسجدن ۾ بم حملا ڪندڙ ٻڌائين ته الله جو گهر جتي اسلام جي سربلندي جي ڳالهه ٿيندي آهي، اُتي حملا ڪرڻ جا ڪهڙا مقصد آهن، صوفين جي مزارن تي حملا ڪندڙ نشاندهي ڪن ته ڪهڙي صوفي امن جي درس کان هٽي ڪري جنگ ڏانهن وڃڻ جي ڳالهه ڪئي، ڪراچي ۾ ٽارگٽ ڪلنگ ڪندڙ ٻڌائين ته روڊ تي ويندڙ پورهيت ۽ عام ماڻهن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، اسڪولي بسن تي حملو ڪري شاگردياڻين شهيد ڪندڙن وٽ آهي ڪوجواب ته ڪهڙي شاگردياڻي خروٽ آباد آپريش ۾ شريڪ هئي، جنهن ڪري اوهان ڪوئٽا ۾ اهڙي ڪاروائي ڪئي آهي. ڪجهه غير سنجيده پاليسين ملڪ کي مذهبي انتهاپسندي، دهشتگدري ۽ ٻين مشڪلن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي. اسان امريڪا جا اتحادي ٿي انهن کي افغان جنگ ۾ ته ڪامياب نه ڪرائي سگهياسين، پر پنهنجي گهر کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. پاڪستان مذهبي انتهاپسندي ، ٽارگٽ ڪلنگ ، ڀتا مافيا ، ڀُنگ لاءِ اغوا ، قبائلي جهيڙن ، سياسي جهيڙن ۾ اهڙي طرح جڪڙجي ويئي آهي جو هاڻ ٻاهر نڪرڻ جو ڪودڳ به نظر نٿو اچي، پرڏيهي فوجون ۽ امريڪا افغانستان مان نڪرڻ لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، پر اسان ڪنهن ڪنهن سان ڳالهيون ڪيون.
imsbaloch@aol.com

No comments:

Post a Comment