Sunday 14 July 2013

Mirza , Mutahida And Metropolitan


مرزا ، متحده ۽ ميٽروپوليٽن
سرور بلوچ
سال 2011 مارچ جي مهيني ۾ مون هڪ آرٽيڪل لکيو هو جنهن جو عنوان مرزا ، متحده ۽ مفاهمت هو ، ان آرٽيڪل ۾ ان ڳالهه جو ذڪر هو ته ذوالفقار مرزا ملير ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالله مراد بلوچ جي ورثي تي هڪ اعلان ڪيو هو ته پيپلز امن ڪميٽي اسان جي ذيلي تنظيم آهي ، جنهن تي پيپيلز پارٽي جي اتحادي جماعت متحده سخت رد عمل ڏيکاريندي اتحاد ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ اڳ جيان پيپلز پارٽي ان اعلان جي ترديد به ڪئي هئي ۽ مرزا به پنهنجي چئي تان ڦري ويو هو ، ان آرٽيڪل جي آخري حصي ۾ ڪجهه ايئن لکيل آهي ته ذوالفقار مرزا جي اعلان ۽ بيان سياسي گرما گرمي ته مچائي ڇڏي آهي پر ان تي بيهڻ مشڪل ٿو لڳي ، ڇو ته وزير اعلي جي ميڊيا ڪوآڊينيٽر چئي ڇڏيو آهي ته امن ڪميٽي اسان جي ذيلي تنظيم نه آهي، جڏهن ته صدر ، وزير اعظم ، وزير اعلي ۽  وفاقي گهرو وزير متحده کي پرچائڻ ۾ لڳا پيا آهن ، لڳي ٿو ته جلد ئي ذوالفقار مرزا حسب عادت ۽ روايت پنهنجو اعلان ۽ بيان واپس وٺي ڇڏيندو ، ان لاءِ جو هو ڪيترو به بهادر ۽ سچو آهي پر اڪيلي سر ڪجهه به نه ڪري سگهندو ، ذولافقار مرزا جي سنڌ اسيمبلي اچڻ تي ڊيسڪون وڄائي  ويلڪم ڪرڻ ۽ نعري بازي ڪرڻ کان بهتر آهي ته هڪ مظبوط اسٽينڊ وٺجي ۽ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ بليڪ ميلنگ مان جان ڇڏائجي ، ذوالفقار مرزا جي بيان تي متحده جو هر اڳواڻ ميڊيا تي پريس ڪانفرنسون ڪندي نظر ايندو آهي ته وري پيپلز پارٽي وارا هنن چي پرچائڻ ۾ لڳل هوندا آهن ، ۽ اهو سلسلو گذريل ٽن سالن کان هلندڙ آهي ، ذولافقار مرزا ڪنهن جلسي ۾ ڪجهه سچيون ڳالهيون ۽ جذباتي تقريرڪري ٿو ، متحده ان جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري اتحاد ٽوڙڻ ۽ علحدگي جون ڌمڪيون ڏئي ٿي ۽ آخر ۾ مفاهمت جي ڪري سڀ حل ٿي وڃي ٿو ، منهنجي ان آرٽيڪل کان پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو ، پيپلز پارٽي ذوالفقار مرزا کي هميشه متحده لاءِ پريشر ٽُول طور استعمال ڪيو آهي ، پيپلز پارٽي متحده سان گڏ پنج سال گذاريا پر ان عرصي ۾ متحده ان پوزيشن ۾ نه هئي جهڙي ارباب رحيم دور ۾ هئي ان جو ڪارڻ به اهو ئي هو ته متحده کي ذوالفقار مرزا ۽ ڪجهه ٻين قوتن جي بيانن ڪري پريشر ۾ رکيو ويو هو ، ان دوران ذوالفقار مرزا رڳو تقريرن تائين محدود نه رهيو پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ذوالفقار مرزا  28 اگسٽ 2011 ، 27 رمضان جي ڏينهن قرآن مٿي تي کڻي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ هن جيڪو ڪجهه ڳالهايو ان تي سڄي سنڌ ۾ هن جي واهه واهه ٿي ويئي ، ان وقت متحده سربراره کان پوءِ شايد ئي ڪو شخص هو جنهن جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي ايتري دير تائين ڏيکاريو ويو هجي ۽ هر چيئنل ان کي براهراست ڏيکاريو ، ان وقت ذوالفقار مرزا متحده خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائيو ، ڪيترائي الزام هنيا ، ڇو ته هو گهرو وزير رهي چُڪو هو ته ان گهڻائي ثبوت به گڏ ڪيا هئا، هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ڪيون جن کي هن وقت متحده ته ٺهيو پر پيپلز پارٽي به مڃڻ کان انڪاري هئي پر اڄ انهن ڳالهين کي برطانيه حڪومت پاڻ ئي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ، ان پريس ڪانفرنس ۾ ذوالفقار مرزا هڪ ڳالهه ڪئي هئي ته “ الطاف مونکي ۽ پير مظهر الحق کي ڌار ڌار چيو هو منهنجا پرڏيهي قوتن سان لاڳاپا آهن امريڪا پاڪستان کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ۾ آئون ۽ منهنجي پارٽي گڏ آهي ، هن وڌيڪ چيو هو ته اها ڳالهه پير مظهر الحق کان قرآن تي پڇي سگهو ٿا ته الطاف حسين 2001 ۾ برطانيه جي وزير اعظم ٽوني بليئر کي خط لکي چيو ته آءِ ايس آءِ کي ختم ڪري نه ته ٻيا به اُسامه پيدا ٿيندا ، هن ٽوني بليئر کي چيو ته برطانيه لاءِ هزارين ماڻهو روڊن تي آڻي سگهون ٿا، ذوالفقار مرزا ان پريس ڪانفرنس ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه چيو ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون،  پر هو ان وقت به اڪيلو بيٺو هو سندس پارٽي جي هڪ اڌ اڳواڻن کان سواءِ ڪير به هن سان بيهڻ لاءِ تيار نه هو ، ان وقت ذوالفقار مرزا پنهنجي وزارت سان گڏ ، پنهنجي سيٽ ۽ پارٽي عهدي تان به استيعفا ڏيئي ڇڏي ، متحده سندس پريس ڪانفرنس ۽ ان ۾ چيل ڳالهين سراسر ڪوڙ ۽ متحده خلاف سازش قرار ڏنو هو ۽ صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي دٻاءُ جي ڪري ذوالفقار مرزا اچانڪ منظر تان غائب ٿي ويو هو، جنهن ڪري ٻين به سندس ڳالهين کي ڪوڙ سمجهي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ڍ، پر ان دوران ذوالفقار مرزا جڏهن متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل نه ٿيو هو ، الطاف حسين خلاف ڪيترائي ثبوت کڻي لندن پهتو هو، جتي لياري جي حبيب بلوچ ۽ لارڊ نظير هن جي ڀرپور مدد ڪئي هئي ، پر ان وقت برطانوي پوليس ان جي ثبوتن کي ڪا اهميت نه ڏني هئي يا انهن کي ظاهر نه ڪيو هو، پر جڏهن لندن ۾ متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ٿيو ته حالتون يڪسر تبديل ٿي ويون ، ٽن سالن تائين هلندڙ جاچ نيٺ وڃي آخري مرحلن ۾ پهچندي نظر اچي رهي آهي ، متحده سربراه الطاف حسين کي هاڻ نه رڳو پنهنجي پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي جاچ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ان سان گڏ  مني لانڊرنگ ۽ برطانيه خلاف بيان ڏيڻ جي معاملن کي پڻ منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي ، ۽ برطانيه پوليس ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس دوران ذڪر ڪيل برطانيه کي لکيل خط کي پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ، پيپلز پارٽي جي حڪومت متحده سان هميشه مفاهمت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهي آهي ۽ ان جو سبب به اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪراچي جي حالتن جي بهتري لاءِ متحده سان مفاهمت ڪري کين حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي ، ان مان اهو مطلب ٿو نڪري ته جڏهن به متحده حڪومتي بئنچن تي نه هوندي ته ڪراچي جون حالتون خراب رهنديون ، اها ڳالهه ڪيتري سچ آهي ان جو اندازو ته ڪراچي جي هاڻوڪي حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو ته متحده برطانيه ۾ هلندڙ تحقيقات ۽ متحده سربراه خلاف ٿيندڙ جاچ جي ڳالهين مان ماڻهن جو خيال لياري جي جهيڙي ڏانهن ٿي ويو آهي ، لياري جي واقعن ۾ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادار متحده جو هٿ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم جي ٽيم پڻ ان ۾ امن ڪميٽي ۽ انهن جي مخالفن جو هٿ ڄاڻايو آهي ، متحده خلاف پيش ڪيل ذوالفقار مرزا جي ثبوتن تي ته ان وقت نه اسان جي ملڪ ۾ ۽ نه وري ٻاهرين ملڪن يقين ڪيو يا پوءِ مفاهمت جي ڪري سڀ ڪجهه ڄاڻندي به بي خبر رهڻ جو ڊرامو ڪيو ويو پر هاڻ جڏهن برطانيه متحده سربراه خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته هاڻ وري نئين بحث شروع ٿي ويئي آهي ، ذوالفقار مرزا 2011 ۾ جيڪا ثبوتن واري پيتي برطانيه کڻي ويو هو تنهن کي شايد برطانيه پوليس کولڻ جي زحمت نه ڪئي هئي پر هاڻ جڏهن ضرورت پئي ته پيتي جي چاٻي لاءِ ذوالفقار مرزا کي ميٽروپوليٽن پوليس گهرايو آهي ، ذوالفقار مرزا الطاف حسين خلاف ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ لندن ته پهچي چڪو آهي ، پر سندس پراڻو يار ۽ کيس ان مقام تي پهچائيندڙ صدر آصف علي زرداري اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ ميٽروپوليٽن پوليس سان نه ملڻ جو چيو آهي پر خبرون آهن ته ذوالفقار مرزا سندس ڳالهه مڃڻ کا انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، متحده اڳواڻ الطاف حسين جتي اڳ ئي ڪيترن ئي پاسن کان برطانيه ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ ڦاٿو پيو آهي اُتي وري ذوالفقار مرزا ان لاءِ وڌيڪ ڏکيائين جو سبب بڻجي سگهي ٿو ، 2011 ۾ ته مرزا ۽ متحده وچ ۾ هلندڙ جهيڙو پيپلز پارٽي جي مفاهمت جي نظر ٿي ويو هو،  پر هاڻ ڏسجي ته مرزا ۽ متحده وارو جهيڙو ميٽروپوليٽين پوليس لاءِ ڪيئن ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
imsbaloch@yahoo.com

No comments:

Post a Comment