Monday 22 July 2013

Flood and Sindh Government


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2724

ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار جا انتظام 
سرور بلوچ
هڪ جنگل جو بادشاهه مري ويندو آهي ته نئين بادشاهه جي ڳولا شروع ڪبي آهي ، جڏهن اتفاق راءِ سان ڪو فيصلو نه ٿيندو آهي ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ڪجهه جانور ويهي هڪ فيصلو ڪندا آهن ته ڇو نه انسانن وانگر پاڻ به جمهوري انداز ۾ اليڪشن ڪيون پوءِ جيڪو کٽي ، ان کي جنگل جو بادشاهه ٺاهيو وڃي ،  نيٺ چونڊن تي سڀ راضي ٿي ويندا آهن ۽ چونڊ جي نتيجي ۾ ڀولڙو ڪامياب ٿي ويندو آهي، هڪ ڏينهن هڪ هرڻي روئيندي ڀولڙي وٽ ايندي آهي ۽ چوندي آهي بادشاهه سلامت منهنجو ٻچڙو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي منهنجي مدد ڪيو ، ڀولڙو سندس ڳالهه ٻڌي وڻ جي هڪ ٽاري مان ٽپو ڏيئي ٻي ٽاري تي هليو ويندو ۽ وري ٻئي وڻ مان ٽئين وڻ تي ٽپو ڏيئي ڇڏيندو آهي ، گهڻي دير تائين اها ماجرا ڏسي هرڻي خاموشي سان واپس ٿي ويندي آهي ، نيٺ ٻچڙي جو ڏک سهي نه سگهندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن وري ڀولڙي وٽ اچي چوندي آهي بادشاهه سلامت مون تي رحم ڪيو منهنجو بچڙو ڳولڻ ۾ منهنجي مدد ڪيو ، ڀولڙو ساڳئي طرح وڻ جي هڪ ٽاري تان ٽپو ڏيئي ٻي ٽاري تي هليو ويندو آهي ، ۽ هڪ وڻ مان ٻئي وڻ جي ٽاري تي ، ٻئي وڻ جي ٽاري تان ٽئين وڻ جي ٽاري تي ٽپا ڏيڻ لڳندو آهي ، ايتري ۾ هڪ هرڻ اچي هرڻي کي ٻڌائيندو آهي ته تنهنجو ٻچڙو ته ندي جي پاسي ۾ مُئو پيو آهي، اُتي هرڻي روئڻ لڳندي آهي ته ڀولڙو کيس آٿت ڏيئي چوندو آهي مون ته جام ڪوشش ڪئي پر جيڪا الله جي رضا.
سنڌ جا ماڻهو سدائين سٺي حڪمراني جا خواب ڏسندا رهيا آهن ، ۽ هر نئين ايندڙ حڪومت مان اها ئي اميد رکي ويندي آهي ته هاڻ ڪجهه بهتر ٿيندو ، روڊ رستا ٺهندا ، بي روزگاري تي ٻنجو ايندو ، مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿي ويندو ، روزگار جا موقعا ملندا ، صحت جون سهولتون بهتر ٿينديون ، ڪا عورت ويم دوران نه مرندي ، ٻار اسڪول ويندا ، ٻوڏ ۽ برساتنن سبب بي گهر ۽ بي يارومددگار نه ٿيندا سين ، هي سڀ خواب هر ايندڙ حڪومت جي هٿان پوري ٿيڻ جي خواهش ۾ ووٽ ڏيندڙ پنهنجو فرض ته ادا ڪري ڇڏيندا آهن پر موٽ ۾ آسرن کانسواءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو آهي ، سنڌ جتي ٻيون ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ مشڪلون آهن ، اُتي گذريل ٽن سالن کان ايندڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب ماڻهن گهڻو ئي ڀوڳيو آهي ، 2010 ۾ ايندڙ ٻوڏ جتي اڌ سنڌ کي ٻوڙيو هو ان جا اثر اڃان به نظر ايندا ان وقت لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گهاري رهيا هئا ، ٻوڏ متاثرن پنهجن ويجهن جون زندگيون ته وڃايون پر ڪيترن ئي مهينن تائين پنهجن اجهن کان پري رستن تي يتيمن وانگي پيل هئا ، ٻاهرين ملڪن جي امداد جي آسري ۾ ويٺل سنڌ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو اهو به سڀني جي سامهون آهي ۽ جيڪو ڪرڻ گهرجي ها سو به ماڻهن جي واتان سڀني ٻڌو ، ان دوران ٻوڏ سبب تباهه ٿيل علائقن مان ڪجهه خاندانن کي ان آسري ڪراچي آڻي رهائيو ويو ته اتي اوهان جي صحيح مدد به ٿيندي ۽ اوهان کي هاڻ واپس وڃڻ جي ضرورت نه آهي ڪراچي به سنڌ آهي ، اتي ئي رهو اوهان کي هر سهولت ملندي ، پر ٿيو ڇا اها ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي ، ٻوڌ متاثر غريبن کي ڪراچي ۾ ڪجهه عرصي تائين راشن ڏيڻ بعد سندن ڪنهن واهر نه ڪئي ۽ ڪراچي جي هڪ لساني جماعت انهن کي ڊيڄاري ۽ اُتان نڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ، ڌارين جي داٻن ته اثر نه ڏيکاريو پر پنهنجن جي بي حسي ماري وڌو ، سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ پرگهور نه لهڻ تي اُهي ٻوڏ متاثر تنگدستي جي حالت ۾ ماڻهن کان قرض وٺي ۽ پني واپس پنهنجن اجڙيل ماڳن ڏانهن موٽيا، پاڻي هيٺ ٻڏيل سندن ماڳن ڏانهن موٽيندڙن کي وري به روڊن جي ڪنارن ۽ واهن جي بندن تي پناهه وٺڻي پيئي، ٻوڏ متاثرن امداد لاءِ لٺيون کاڌيون ، سندن ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا پر سنڌ حڪومت رڳو سڀ ٺيڪ جو راڳ ڳائيندي رهي، برساتون ته قدرت جي وس آهن انهن کي روڪڻ ته ممڪن نه آهي پر بهتر پلاننگ سان ماڻهن زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ماحولياتي تبديلي ڪري وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ٿيندي رهي آهي پر ان لاءِ اُپاءُ نه ورتا ويا آهن ، 2010 جي مها ٻوڏ کان پوءِ حڪومت وڏيون دعوائون ڪيون ته اسان جي تياري مڪمل آهي هاڻ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر جڏهن 2010 جي ٻوڏ کان بچيل سنڌ ۾ 2011 تي اهڙو طوفاني مينهن وٺو ته حڪومت جي دعوائون سم نالن جا ڪمزور بندن جو پاڻي سان وهائي ويون 2011 جي طوفاني برساتن ۾ سنڌ جي اٺن ضلعن شهيد بينظير آباد ، سانگهڙ ، ميرپوخاص ، عمرڪوٽ ، بدين ، ٽنڊومحمد خان ، ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري کي تمام گهڻو نقصان رسيو ۽ وري اڌ سنڌ جا 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو شديد پريشانين ۾ وٺجي ويا ، 2011 جي طوفاني برساتن سنڌ جي ان حصي کي نقصان پهچايو جتي زراعت تمام گهڻي هئي، جنهن ڪارڻ نه رڳو ماڻهو پاڻ دربدر ٿيا پر سندن سالن جي محنت به پاڻي جي نظر ٿي ويئي ، 2010 جي ٻوڏ جو سبب رڳو برسات نه هئي پر برسات سان گڏ واهن جا هي ڪمزور بند به هئا جنهن ڪارڻ وڏو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ، انهن بندن تي سالن کان ڪو به ڪم نه ٿيل هو ، ۽ وري  2011 جي برساتن ته جيڪو ڪيو سو ڪيو پر ان  سان گڏ سنڌ کي ٻوڙڻ ۾ انهن سم نالن به پنهجو حصو شامل ڪيو جن تي به ڪيترن ئي سالن تائين ڪوبه ڪم نه ٿيل هو ، سم نالن ۽ واهن جي کاٽين ۽ بندن جي مرمت لاءِ هر سال رقم اچي ٿي ۽ گذريل ڏهاڪي ۾ اربين روپيا خزاني مان نڪتا پر اهي ڪنهن به واهه ۽ سم نالن تي خرچ نه ٿيا رڳو افسر شاهي ۽ ڪجهه نمائدن سندا گهر ڀريا ، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ، هاري ۽ پورهيت طبقي ڀوڳيو ، ٻن ٻوڏن سنڌ کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ، حڪومت هر سال اهي دعوائون ڪندي رهي ته سڀ ٺيڪ آهي اسان جي تياري مڪمل آهي ، اسان هاڻ سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين پر نتيجي ۾ جڏهن برسات يا ٻوڏ ايندي آهي ته اسان کي ڪا به تياري نظر نه ايندي آهي ، جنهن جي ڪارڻ عام شهرين ، هاري ۽ پورهيتن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي ،  ملڳاتار ٻن سالن تائين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي به سنڌ حڪومت کي الرٽ نه ڪري سگهي ۽ جڏهن 2012 ۾ شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ ، جيڪب آباد ، گهوٽڪي ۾ تيز برساتون پيون ته ساڳئي حالت ٿي ويئي جيڪا 2010 ۽ 2011 ۾ هئي ان مان اهو ثابت ٿيو ته اسان جي حڪومت نانگ نڪري وڃڻ کان پوءِ رڳو ليڪي کي پئي ڪٽيندي آهي ، حڪومت مهيني ۾ هڪ هزار روپيا ڏيئي اگر اهو سمجهي ٿي ته سڀ ٺيڪ آهي ته شايد اها سندن خام خيالي هوندي ، نه ئي وري حڪومت پاران تذليل ڪري  پاڪستان ڪارڊ جي مد ۾  ڏنل اُهي 10 هزار روپيا ماڻهن جي زخمن جو مرهم ٿي سگهن ٿا، جيستائين حڪومت رڳو ڳالهين تائين محدود رهندي سنڌ جا ماڻهو هر سال انهن ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري سورن ۾ هوندا ، هاڻ وري برساتن جي آمد آمد آهي پر اسان کي ڪٿي به حڪومت جو ڪم نظر  نٿو اچي ، اڪثر ميڊيا ۾ واهن جي بندن ۽ سم نالن تي صحيح ڪن نه ٿيڻ جون رپورٽون اچن پيون جن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي پئي ته سنڌ ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي پريشاني ، ڪيترن ئي مهينن تائين دربدر ٿيڻ ، سندن ڏکوئيندڙ موت ۽ اربين ، کربين روپين جو نقصان انهن ماڻهن کان وسري ويو آهي ، جيڪي انهن ڪمن ۾ به پنهنجو مفاد ڳولي رهيا آهن ، واهن جي بندن ۽ سم نالن تي ناقص ڪمن اڳ ئي سنڌ کي ٻوڙيو ۽ سنڌ واسين گهڻوئي ڀوڳيو آهي ، برسات اچڻ کانپوءَ پاڻي نيڪالي جا بندوبست به ڪٿي نظر نٿا اچن گذريل برساتن ۽ ٻوڏ دوران شهرن مان پاڻي نيڪالي لاءِ ورتل ڪروڙين روپين جا پمپ ۽ ٻي مشينري ڪجهه وڏيرن ، ڀوتارن ، افسر شاهي ۽ چونڊيل نمائندن جي گهرن ، زمينن ۽ ذاتي ڪم لاءِ استعمال ٿي رهي آهي يا ته ڀڳڙن مٺ وڪامجي ويئي آهي ي۽ جي ڪجهه بچي آهي ته اها ڪٻاڙ خاني جي نظر ٿي ويئي آهي ، حڪومت ان بابت اڃان تائين ڪوبه لاحئه عمل نه جوڙيو آهي ، اخبارن ۾ ميڊيا تي ته شايد سڀ ٺيڪ آهي پر گرائونڊ ۾ ڪجهه به نظر نه پيو اچي ، ان سلسي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به وزير يا اعلي اختياري کان معلوم ڪبو ته بس هڪ ئي جواب هوندو، اسان جي تياري مڪمل آهي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ، اسان پنهنجي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيون ، ڪوشش سٺي ڳالهه آهي پر عمل به ضروري آهي ڇو ته ڪوشش ته ڀولڙي به ڪئي پر رڳو ڪوشش سان مسئلا حل ٿين ها ته هرڻي جو مسئلو به حل ٿي وڃي ها،  ڪوشش سان گڏ نيڪ نيتي ۽ عمل به ضروري آهي ، جي ڀولڙي واري ڪوشش وارو سلسلو هن سال به جاري رهيو ته هن ڀيري به ڪا اميد رکڻ اجائي هوندي . باقي اهي ڳالهيون ته هر سال ٻڌندا آهيون ته اسان پنهنجي مڪمل ڪوشش ڪئي پر الله جي ڪمن ۾ ڪير مداخلت ڪري سگهي ٿو ، مينهن ، برساتون ، ٻوڏ سڀ الله جي وس آهن جيڪا الله جي رضا.
imsbaloch@yahoo.com

No comments:

Post a Comment