Monday 22 July 2013

Free advice and Powerful Mafia

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2680
مفت مشورا  ۽ سگهاري مافيا
سرور بلوچ
مشورن يا صلاحن جي تاريخ به انسان جيتري پراڻي آهي ، مشورا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن هڪ قسم آهي فيس وارا مشورا ۽ ٻيو مفت مشورا ، فيس وارا مشورا سڀ کان وڌيڪ ٻن ماڻهن کان ملندا آهن هڪ وڪيل جيڪو ڪنهن به ڪيس ۾ ڦاٿل ماڻهو کي فرشتي کان گهٽ نه لڳندو آهي ، سندس قانوني  مشورا اڪثر ڪري فائدي مند ۽ وري ڪڏهن ٻي ڌر جي وڪيل جي ڪري بي اثر ٿي ويندا آهن ، پر فائدو ملي يا نقصان سندس مشورو مفت ۾ نه پر ان جي فيس ڏيڻي پوندي آهي ، جهڙو ڪيس ۽ وڪيل اهڙي ان جي فيس هوندي آهي ، ڪن جي فيس هزارن ۾ ڪي وري لکن ته ڪن جي فيس وري ڪروڙن ۾ هوندي آهي ، ٻيو مشوري جو ماهر آهي ڊاڪٽر ڪنهن به بيماري ۽ ان جي علاج لاءِ ڊاڪٽر کان ئي مشورو ورتو ويندو آهي ان جي به باقائدا فيس هوندي آهي ، پر ڪٿي وري سرڪاري اسپتال ۾ مجبوري ۾ بنا فيس جي به مشورو ڏيئي ڇڏيندا آهن ،  فيس وارا مشورا عام جام نه هوندا آهن ان لاءِ باقائدا ٽائم وٺڻو پوندو آهي ، باقي مفت جا مشورا تمام گهڻا ۽ عام جام توهان کي ملي ويندا آهن ، هر ٻيو ماڻهو توهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ تيار ملندو آهي ، ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ همرا جي ڍڳي بيمار ٿي پئي ، ڀر واري ڳوٺ جي همرا جو ان جي گهر جي پاسي مان گذر ٿيو ته هن ڏسي ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين “ ادا منهنجي ڍڳي بيمار ٿي پيئي آهي پيٽ ۾ سور اٿس ويهي ئي ڪان ٿي ، تنهنجي مينهن کي به ته پيٽ ۾ سور هو توڇاڪيو هو مون کي به ڪا صلاح ڏي ،  ٻئي همرا چيو ڀائو مان ته گاسليٽ جي شيشي پياري هُئي ، اهو چئي همرا ٿيو روانو ۽ هن ڀائي به نه ڪئي هم نه ڪئي تُم گاسليٽ جي شيشي ڍڳي کي پياري پاڻ وڃي سمهي رهيو ، صبح ڏسي ته ڍڳي مئي پئي آهي ، سڌو ڀر واري ڳوٺ وڃي پهچي همرا جي گهر جو در کڙڪايائين ، همرا کي ٻاهر ايندي ئي چيائين ڀائو شابس اٿئي تنهجي چئي تي مون ڍڳي کي گاسليٽ پياريو هو ته مري ويئي ، ادا منهنجي مينهن به مري ويئي هئي باقي مون ڪڏهن چيو ته گاسليٽ پيارينس تو پڇا ڪئي مينهن کي ڇا پياريو هو سو مون چيو گاسليٽ تواهو ته پڇيو ئي ڪونه ته پوءِ ڇا ٿيو ، سو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مشورا به ملي ويندا آهن ، جيڪي جان ليوا ثابت ٿيندا آهن ، مشورن جي داستان کولجي ته کٽائڻ مشڪل ٿي پوندو پر اڄ مونکي مفت سرڪاري مشورن جي پويان لڪيل اصل حقيقت جي باري لکڻو آهي ، مفت سرڪاري مشورا صدين کان هلندا پيا اچن پر اسان ويجهڙ ۾ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڏسون ته حڪومت پاران ڪجهه اهم مشورا هر ٻئي ڏينهن عوام کي ڏنا ويندا آهن ۽ ان جو سلسلو به جاري و ساري آهي ، اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اٽي جي کوٽ پيدا ٿي ته ماڻهو رڳو ان ڪري پريشان هئا ته ڪڻڪ اُپائيندڙ ملڪ ۾ اٽو ڪيئن کڻي ويو ، ان وقت جڏهن ماڻهو اٽي لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن حڪومت کان سوال ٿيڻ لڳا اٽو نٿو لڀي ماڻهو ڏاڍا پريشان آهن ، حڪومت ڇا پئي ڪري ته جواب آيو اسان حاضر آهيو اچي وٺو مفت مشورو اگر اٽو نٿو ملي ته عوام ڊبل روٽي وٺي کائي ضروري آهي ڇا ته حڪومت تي تنقيد ڪجي مشورو ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ عوام جو ڪم آهي ، حڪومت  کان ڪير پڇي ته ڇا اٽي جي جاءِ ڊبل روٽي وٺي سگهي ٿو ، پر انهن جو به ڏوهه ناهي شاهاڻي زندگي گذاريندڙ ٻن ڊبل روٽي سان ناشتو ڪندڙ ڊائٽنگ جي چڪر ۾ رهندڙ ۽ گهر ، آفس ۽ گاڏي ۾ اي سي ۾ گهمندڙ ۽ سڄو ڏينهن رڳو هڪ ڪرسي تي ويهندڙن وزيرن جي حڪومت کي سڄي ڏينهن سخت موسمن ۾ ڪم ڪندڙ هاري ۽ پورهيت جي ڪهڙي خبر آهي ، اسان جي ملڪ ۾ ايڪڙ ، ٻيڪڙ ماڻهن کانسواءِ وزيرن جي اڪثريت انهن خاندانن مان آهي جن ڪڏهن غريبي جا ڏينهن گهاريا ئي ناهن سو تن کي ڪهڙي خبر هوندي ته غريبن جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي ، هڪ اسڪول ۾ ڪنهن امير گهراڻي جي ڇوڪري کي ٽيچر چيو ته سڀاڻ هڪ غريب خاندان تي مضمون لکي اچجان ، ٻئي ڏينهن ان ٻار جيڪو مضمون لکيو اهو ڪجهه ايئن هو ، هڪ غريب خاندان هو ان ۾ پيءِ به غريب ، ماءُ به غريب ۽ ٻار به غريب هئا ، ان خاندان وٽ هڪ پُراڻو ڦٽل بنگلو هو ان ۾ صرف چار نوڪر ڪم ڪندا هئا سي به غريب هُئا ، ان بنگلي ۾ رڳو چار اي سي لڳل هُئا سي به سيڪنڊ هينڊ هُئا ، ان خاندان وٽ هڪڙي پراڻي ٽُٽل ڪار هُئي جنهن تي هڪ غريب ڊرائيور ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويندو هو ، غريب خاندان جي ٻارن وٽ پُراڻا N-95  ماڊل جا موبائل فون هئا ، ان خاندان وٽ هڪڙو ڪُتو هو سو به بيمار هو ، غريب خاندان جا ڀاتي هفتي ۾ رڳو ٽي ڏينهن KFC  ۾ ويندا هئا ، افسوس ته غربت ڪري غريب گهراڻو وڏي مشڪل سان عيش ڪندو هو. رڳو ٿوري دير لاءِ سوچيو ته جتي اهڙي گهراڻن مان ماڻهو اچي اسان جا وزير ٿيندا ۽ ته پوءِ مفت مشورن کانسواءِ ٻئي ڪنهن شي جي ڪهڙي گنجائش بچي ٿي ، اهو ته رڳو هو اٽي جو مثال پر اڳتي وري جڏهن کنڊ ملڪ مان غائب ٿي ويئي ۽ قيمتون وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون ، پاڪستان جهڙو خودڪفيل ۽ زرعي ملڪ هئڻ باوجود راتون رات اٽي وانگر ملڪ مان کنڊ ايئن غائب ٿي ويئي جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ ، ۽ ان وقت اوچتو وري هڪ سرڪاري مفت مشورو سروٽي وانگر اهڙو اچي مٿي تي لڳو جو وڄائي ڇڏيائين ، جڏهن کنڊ جي اوچتي لاپته ٿيڻ ۽ سندس بازيابي بابت پڇيو ويو ته مفت مشورو صفا تيار پيو هو حڪومت مشورو ڏنو ته  “ کنڊ ضروري ته ناهي کنڊ ۽ چانهه جي پتي تي اسان جي ملڪ مان وڏو ناڻو ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو اسان چانهه ۽ شربت جي استعمال کي ختم نه ته گهٽ ڪري نه رڳو ملڪي ناڻو بچائي سگهون ٿا پر ان سان لڪيل کنڊ جي شاٽيج جو مسئلو به حل ٿي ويندو ، حڪومتي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي دل باغ باغ ٿي ويئي ، وري جو اچي بجلي ڏنا سور ته بجلي جي وزير به اچي گهٽ بجلي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيئي ڇڏيو ، بجلي جو وزير اڳوڻو يا هاڻوڪو ان ڳالهه کي مڃن ٿا ته بجلي جي چوري ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ جون ڳالهيون به ٿين ٿيون پر عمل نه هئڻ برابر آهي ، بجلي چورن کي جهلڻ بجاءِ وري بجلي جا اگهه وڌايا وڃن ٿا يا وري غريب ماڻهن کي بجلي جو گهٽ استعمال ، دڪان ۽ ڪاروبار رات جو جلدي بند ڪرڻ جهڙا مشورا ڏنا وڃن ٿا ، وري جڏهن گئس جو مسئلو سامهون آيو ته وري عوام کي بچت ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو ، مفت سرڪاري مشورن جو هلندڙ سلسلو ڪڏهن به بند نه ٿيندو پر ان ۾ اضافو ضرور ٿيندو پر مفت سرڪاري مشورن تي عمل نه ڪرڻ جي وري سزا به رکي ويئي آهي ، ان جي خبر ته تڏهن پئي جڏهن ، ( ن ) ليگ جي هڪ وزير ٽي وي تي اچي مشورو ڏنو ته رات جو موبائل فون تي ڪم جون نه پر فضول ۽ اجايون ڳالهيون ٿين ٿيون اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ، اسان کي به ٽائم ڏنو وڃي سڄو ڏينهن۽ رات رڳو موبائل تي اجائي ڪچهريون لڳيون پيون آهن، سائين جن جو مشورو ڪنهن نه مڃيو ته اهڙي فيس ورتاون جو ماڻهن جا ترا نڪري ويا موبائل فون تي ٽئڪس هڻي مشوري جي فيس نه رڳو وصول ٿي پر اهو صدقا جاريا وانگر سڄي ڄمار وصول ٿيندي رهندي ، رمضان ۾ جتي ٻين ملڪن ۾ عام واهپي جي شين ۾ گهٽتائي آڻبي آهي اُتي اسان جي ملڪ جا مسلمان وري ان برڪتن واري مهيني کي ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ وارو مهينو سمجهي خوب مال گڏ ڪندا آهن ، فروٽ ، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ، ان سلسلي ۾ ويجهڙ ۾ ئي پنجاب جو وزير خوراڪ بلال ياسين جڏهن بچت بازار جو دورو ڪيو ته ڪنهن هن کان سوال ڪيو ته سائين رمضان کان اڳ ته ٽماٽا سستا هئا رمضان ايندي ئي انهن جي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي ويئي آهي ته وزير صاحب جهٽ پٽ ۾ مشورو ڏيندي چيو ته ٽمامر ڇا لاءِ استعمال ٿا ڪيو ، ٽماٽر جي بغير به ڀاڄي رڌي سگهجي ٿي ، هن پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ٽماٽر منهگا آهن ته ڀاڄين ۾ ڇو ٿا وجهو اوهين ، ليمي جو رس ۽ دهي مان  به ساڳيو ڪم وٺي سگهوٿا ته پوءِ اسين ٽماٽر ڇو استعمال ڪيون ، سائين جن جي قيمتي مشوري مان گهڻائي ماڻهو مستفيد ٿيا هوندا ، پر سائين کي ڪير سمجهائي هر شي ءِ جو پنهنجو ذائقو هوندو آهي ، اسان جي ملڪ جو الميو آهي ته اسان عملي ڪمن بجاءِ مشورن تي زور ڏيندا آهيون ، جنهن ملڪ جي وزير اعلي جو پُٽ غريبن جي همدردي ۽ شڪايتن تي سستي بازار جي دوري تي مهانگي هيليڪاپٽر تي چڙهي اچي ۽ سندس اڳيان پويان پوليس ، 1122 ايمبولنس سان گڏ ويهارو کن گاڏيون هجن ته اُن ملڪ ۾ مشورن مان ئي ڪم هلائجي ته بهتر آهي ، اصل ۾ مشورن پويان به هڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي لڪائڻ لاءِ عوام کي مشورا ڏيئي ڇڏبا آهن ، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءِ جي اچانڪ غائب ٿيڻ ۾ ان جادوگر جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي منافع خور ، ذخيرا اندوز يا مافيا چئبو آهي ، ۽ ان سگهاري مافيا کي روڪڻ بجاءِ حڪومت عام ماڻهن کي مشورا ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندي آهي ، پاڪستان ڪڻڪ جهجهي مقدار ۾ اُپائي ٿو ، اسان جي ملڪ مان ڪڻڪ پرڏيهي ملڪن ۾ وڃي ٿي ، ته پوءِ ان جي کوٽ ڪيئن ٿئي ٿي ان جو ڪارڻ اُها مافيا آهي  آهي جيڪي سستي اگهه ۾ پنهنجي فلور ملن لاءِ ڪڻڪ جي ڪوٽا وٺي ان کي عام مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه ۾ وڪڻن ٿا ان جو اثر وري عام ماڻهن تي پوي ٿو، ساڳئي طرح کنڊ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ ۾ به اهڙين مافيائن جو هٿ آهي جيڪي پنهنجي منافع لاءِ مارڪيٽ مان انهن شين کي غائب ڪري پوءِ پنهنجي پسند جا اگهه وصول ڪن ٿيون ، پر حڪومت انهن مافيائن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ بدران عوام کي انهن شين جي استعمال کي ختم ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جا مشورا ڏيندي نظر ايندي آهي ،  اسان جي ملڪ ۾ مفت حڪومتي مشورن پٺيان ان سگهاري مافيا جو هٿ آهي جنهن کي قابو ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ان ڪري نه آهي ته کنڊ جي ڪارخانن ، اٽي جي مِلن ، ۽ ٻين ڪاروبارن ۾ وڏي تعداد انهن وزيرن يا سندس ويجهن مائٽن جي آهي جيڪي پاڻ حڪومت ۾ شامل آهن .
imsbaloch@yahoo.com


No comments:

Post a Comment