Friday 5 July 2013

Egypt Hussani to Mursi




http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2439


مصر حُسني کان مُرسي تائين
سروربلوچ
مصر جتي حسني مبارڪ جي دور ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿين تي پابندي لڳل هئي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي وسيع اختيار پڻ ڏنا هئا، جنهن جو ڪارڻ مصري حڪومتي اسلامي شدت پسندگروپن کي قابو ڪرڻ ۽ مصر جي سياحت جي صنعت کي بچائڻ چوندي هئي، مصر ۾ ٽيهه سال حڪومت ڪندڙ مصري صدر حسني مبارڪ ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جتي هو 5 ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هڻي پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيو هو اُتي هن خلاف لکين ماڻهو روڊن تي اچي سندس ٽن ڏهاڪن جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندا، مصر جو نائب صدر  حسني مبارڪ ان وقت صدر بڻيو هو جڏهن مصر جي صدر انور سادات کي 1981 تي قاهرا ۾ اسلامي جهاد سان تعلق رکندڙ ڪجهه شدت پسندن هڪ فوجي پريڊ دوران گوليون هڻي قتل ڪيو، اڪتوبر 1981 ۾ صدر جي عهدو سنڀاليندڙ حسني مبارڪ 1928 ۾ قاهره ويجهو مينوفيا صوبي ۾ جنم ورتو، حسني مبارڪ قاهره جي امريڪن يونيورسٽي ۾ پڙهيل سوزين نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس جمال ۽ اعليٰ نالي ٻن پٽن جو اولاد آهي، تاريخي ملڪ مصر ۾ ٽيهه سالن تائين حڪومت ڪندڙ حسني مبارڪ جي دور ۾ ملڪ معاشي طور تي بهتر هو تنهن ڪري اتي جي عوام جمهوري آزادي نه هئڻ باوجود ساڻس گڏ بيٺل رهي، حسني مبارڪ ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ ٽي ڀيرا چونڊون ڪرائي صدر چونڊجي ويو هو پر چوٿين ڀيري 2005 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ کيس ملڪي ۽ سندس اهم اتحادي امريڪا جي دٻاءُ جي ڪري چونڊ نظام ۾ سڌارا آڻي ٻين ماڻهن لاءِ به چونڊ وڙهڻ جي جاءَ ٺاهڻي پئي، حسني مبارڪ کي حڪومت جي خاتمي جي آخري عرصي ۾ اهو احساس ٿيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ان خلاف ملڪي ۽ ٻاهرين ملڪن طرفان دٻاءُ وڌي رهيو آهي، مصر جو نالو وٺجي ۽ ان ۾  تحرير اسڪوائر جو ذڪر نه ٿئي اهو ڪيئن ممڪن آهي، قاهره جي التحرير اسڪوائر مان اٿندڙ انقلابي تحريڪ حسني مبارڪ جي ٽيهه سالن کان هلندڙ ٽرين کي نه رڳو روڪيو پر پٽڙي تان ئي لاهي ڇڏيو، التحرير اسڪوائر ۽ ٻين هنڌن ۾ هلندڙ ارڙهن ڏينهن جي ان تحريڪ ۾ سوين ماڻهن پنهنجون حياتيون قربان ڪيون، مصري صدر ڪنهن به صورت اقتدار ڇڏڻ نه پئي چاهيو، هن مختلف وقتن ۾ عوامي دٻاءُ سبب اصلاحات جون ڳالهيون ضرور ڪيون، ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ مبارڪ سادات جي قتل جي وجهه بڻجندڙ اسرائيل سان امن معاهدو ڪري ٻاهرين قوتن سامهون پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ ٽيهه سال مير تي حڪومت ڪئي ، ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ حسني مبارڪ تي ڇهه حمله ٿيا، 2005 ۾ ايٿوپيا ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ذري گهٽ بچيو ويو، مصري صدر حسني مبارڪ جي اقتدار مان بيذار عوام پنهنجي جدوجهد کي ايترو ته سگهارو ڪري ڇڏيو جو مبارڪ مجبور ٿي ويو ۽ هن کي چوڻو پيو ته هو سياسي عمل لاءِ رستو کولڻ چاهي ٿو، حسني مبارڪ پاران  مختلف وقتن تي چونڊون ڪرائڻ ۽ پاڻ چونڊون نه وڙهڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون آيون، پر عوام کي ان جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، 10 فيبروي 2011 تي سڄي ملڪ ۾ اها خبر باهه جيان پکڙجي ويئي ته مصري صدر حسني مبارڪ استيعفا ڏيڻ وارو آهي، پر مبارڪ وري ماڻهن کي اهو چئي حيران ڪري ڇڏيو ته مان سيپٽمبر تي ٿيندڙ چونڊڻ تائين اقتدار نه ڇڏيندس، جنهن تي عوام سخت ردعمل جو مظاهرو ڪيو، نيٺ تحرير اسڪوائر جي انقلاب هن کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ حسني مبارڪ پنهنجي ڏنل بيان جي هڪ ڏينهن اندر ئي پنهنجي گهر واري ۽ پُٽن سميت اقتدار مان هٿ ڪڍي قاهره مان روانو ٿي ويو، حسني مبارڪ جي اقتدار جي خاتمي سان مصر جي عوام نوان خواب ڏسڻ شروع ڪيا، ٽيهن سالن جي حڪومت ۾ جمهوري آزادي نه ملڻ تي احتجاج ڪندڙ ماڻهن جون نظرون نئين ايندڙ جمهوري حڪومت ڏانهن هيون،  نيٺ 30 جون 2012 ۾ چونڊن ۾  مُرسي ڪاميابي حاصل ڪري مصر جو پهريون سويلين صدر بڻيو، ۽ پنهنجي صدر ٿيڻ بعد مرسي حسني مبارڪ جي حڪومت جي خاتمي جي سڃاڻ بڻجندڙ تحرير اسڪوائر تي هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته صدر جي ڪنهن به اختيار مان دستبردار نه ٿيندس، ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته مصري فوج جي سپريم ڪائونسل صدر جا ڪيترائي پنهنجي اختيار ۾ وٺي ڇڏيا هئا، ۽ مرسي انهن اختيارن جي واپسي چاهي پي، ان موقعي تي نئين چونڊيل مصري صدر مرسي اهو به واعدو ڪيو هو ته حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ جيڪي انقلابي قتل ٿيا انهن جي وارثن کي پڻ انصاف ملندو ، مصري صدر مرسي اها ڳالهه به ڪئي ته انقلاب جاري رهڻ گهرجي اوستائين جو اسان کي سمورا مقصد حاصل نٿا ٿي وڃن، مرسي جي ان بيان کي مخلافن نه صرف ٻڌو پر ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو، مرسي هڪ سال جي اقتدار ۾ عوام جي امنگن تي پورو نه لٿو نه ئي وري مخالفن کي قابو ڪري سگهيو ،  حسني مبارڪ جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندڙ مظاهره ختم نه ٿيا ۽ مُرسي حڪومت خلاف به احتجاج جو سلسو شروع ٿي ويو، حزب اختلاف جي تحريڪ تمرود يعني “باغي” پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويوهو جنهن ۾ هنن چيو هو ته صدر مرسي اقتدار ڇڏي چونڊون ڪرائي ٻي صورت ۾ سندس خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائي ويندي، مرسي جي مخالفن اها به دعوي ڪئي ته جلد چونڊن جي مطالبي جي هڪ پٽيشن تي2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن صحيون ڪيون آهن، مخالف صدر مرسي ۽ سندس اتحادي اخوان المسلمين جي پاليسن مان ناخوش هئا، مُرسي جي هڪ سالا حڪومت ۾ ملڪ نه رڳو معيشت ۾ پوئتي رهي پر سياسي ڪشيدگيون به گهٽ نه ٿيو، ان ڪري ئي مخالفن کي موقعا مليا ۽ انهن مرسي حڪومت خلاف تحرير اسڪوائر تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، مصر جي عوام جنهن مقصد لاءِ حسني مبارڪ جي حڪومت جو خاتمو آندو، ۽ انهن کي مُرسي جي حڪومت مان گهڻيون اميدون هنيون، پر شايد مرسي حڪومت ان تي پورو نه لهي سگهي، فوج ملڪ جي حالتون ڏسي صدر مُرسي کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته عوام ۽ مخالفن سان ڳالهيون ڪري ملڪ جون حالتون بهتر ڪري ٻي صورت ۾ اسين مداخلت ڪنداسين، فوج جي اهڙي بيان تي صدر مُرسي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان صاف شفاف چونڊن ذريعي ملڪ جو صدر بڻيو آهيان ان ڪري ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي حڪومت نه ڇڏيندس، ان وچ ۾ صدر مُرسي فوج جي سربراهه سان ٻه ملاقاتون پڻ ڪيون، پر اوستائين عوام صدر مُرسي کي هٽائڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ روڊن تي اچي چڪي هئي، اڳواڻي صدر حسني مبارڪ عوام آڏو بيوس ٿي نيٺ اقتدار ڇڏي قاهره مان روانو ٿي ويو هو، پر صدر مُرسي ڪنهن به صورت ۾  حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ته عوام کيس اقتدار مان هٽائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا هئا، نيٺ فوج پنهنجي ڏنل مهلت جو مناسب جواب نه ملڻ تي مصر ۾ هڪ سال حڪومت ڪندڙ سويلين صدر جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، فوج جي سربراهه الفتاح السيسي پنهنجي ٽي وي بيان ۾ چيو ته صدر مرسي عوام جي خواهشات پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، تنهن ڪري اسان کي مداخلت ڪرڻي پيئي، جڏهن ته مُرسي اهڙي قدم کي فوجي بغاوت سڏيو آهي، فوجي سربراهه جي مرسي حڪومت جي خاتمي جي اعلان تي تحرير اسڪوائر ۾ احتجاج ڪندڙن خوشي ملهائي ته ٻي پاسي صدر مرسي جا حامي “ فوجي بغاوت نامنظور” جا نعرا هڻي رهيا هئا، صدر مرسي خلاف چئن ڏينهن جي احتجاج سندس حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي ويئي، مرُسي جي حڪومت جي خاتمي يا فوجي بغاوت بعد ملڪ جي چيف جسٽس عدلي منصور عبوري صدر جو حلف کڻي ورتو آهي ۽ هو ملڪ ۾ صدراتي ۽ پارلياماني چونڊن ڪرائڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي،  ملڪ جي تازي صورتحال تي حزب اختلاف جي اڳواڻ البرادي چيو ته مستقل جي منصوبي يا روڊ ميپ جو مقصد قومي اتفاق رائي پيدا ڪرڻ آهي، هوڏانهن فوجي سربراهه ۽ حزب اختلاف جي اڳواڻڻ جي تقرير کانپوءِ صدر مُرسي جي حامين اخوان المسلمين جا ٽي وي چئنل بند ٿي ويا، اخوان المسلمين جي ٻن اهلڪارن موجب صدر مرسي ۽ ڪجهه ٻيا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن، مصر ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، نئين چونڊيل صدر مرسي پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو هو ته انقلاب اڃان جاري رهڻ گهرجي ، ٽيهه سالن کان اقتدار جو واڳون سنڀاليندڙ صدر حسني مبارڪ خلاف تحرير اسڪوائر ۾ شروع ٿيندڙ انقلاب واقعي به اڃان تائين جاري آهي، عوام هاڻ نئين ايندڙ حڪمران ڏانهن ڏسي رهيا آهن، هاڻ ڏسجي ته حُسني مبارڪ ۽ مُرسي عوام جي خواهشن تي پورا نه لٿا ته اهو ڪهڙو حڪمران هوندو جيڪو مصر ۾ هلندڙ معاشي مسئلن ، بي روزگاري تي قابو ڪندو عوام جون خواهشون پوريون ڪندو، مصر جي عوام هاڻ انقلاب جي راهه تي هلي پئي آهي، جيڪو به سندن ملڪي مسئلن کي حل نه ڪندو ۽ سندن معيار تي تي پورو نه لهندو ته تحرير اسڪوائر ان حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندو.  
imsbaloch@aol.com

No comments:

Post a Comment