Tuesday 23 July 2013

IMF loans, Electricity Rates and Common Man


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2748 

پرڏيهي قرض ، بجلي جا اگهه ۽ عام ماڻهو
سرور بلوچ
 اها چوڻي ته “ قرض وڏو مرض ” ته سو فيصد سچ آهي پر اڄ جي دور ۾ هن سان گڏ ڪجهه ٻيون چوڻيون به لازمي جوڙڻيون پونديون آهن جيئن کٽيو کاهي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ، اوهان اهو سوچي رهيا هوندئو ته هن ٻنهي چوڻين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي پر جي اوهان ڪالهوڪي اخبارن  جي فرنٽ پيج جي هڪ خبر تي نظر ڦيرائي هوندي ته اوهان کي ان جو مطلب پاڻهئي ملي ويو هوندو ، 23 جولاءِ جي اخبارن ۾ وزير داخلا جي سنڌ ياترا ، سپريم ڪورٽ ۽ بلدياتي چونڊون ، نئون آرمي چيف ڪير هوندو ، صدارتي ڪرسي ڪنهن تي مهربان ٿيندي جهڙيون خبرون ته لڳل آهن پر شايد عام ماڻهن کي انهن خبرن کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ بجلي جا اگهه وڌائڻ واري خبر آهي ، حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائڻ کانپوءِ اصولي فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت بجلي جا اگهه نه صرف وڌايا پيا وڃن پر ان ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ اضافي جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي ، اخبار ۾ لڳل خبر مطابق حڪومت مرحليوار پهرين بجلي جا اگهه وڌائي ۽ پو ءِ بجلي ۾ ڏنل سبسڊي پڻ ختم ڪندي حڪومت کي ڏنل ان تجويز  مطابق گهريلو بجلي استعمال ڪندڙ جيڪو اڳ گهٽ ۾ گهٽ 5 روپيا 79 پئسا في يونٽ ڏيندو هو هاڻ ان کي 14 روپين تائين في يونٽ بجلي جو بل ڏيڻو پوندو ، جڏهن ته صنعتي صارفين کي نئين ڏنل تجويز مطابق اڳ جتي 8 رپيا 22 پئسا في يونٽ ڏيڻا پوندا هئا اُهي هاڻ 19 روپيا في يونٽ ڏيڻ لاءِ تيار رهن ، ان سلسلي انهن گهريلو صارفين جيڪي 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن کي ڇوٽ ڏني ويئي آهي ، حڪومت کي تڙ تڪڙ ۾ اهو قدم کڻڻ جي ضرورت ان ڪري پيئي آهي جو آئي ايم ايف کان جيڪو 5.3 ارب ڊالر قرض ورتو ويو آهي ان ۾ انهن جون ڪجهه شرطون به رکيل هيون ، اسان جي ناڻي واري وزير قرض وٺڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ته سلطان راهي وانگي گجگوڙ وارا بيان ته ضرور ڏنا هئا ته اسان ڪنهن به صورت آئي ايم ايف جي شرطن تي قرض نه وٺنداسين پر “ مرتا ڪيا نه ڪرتا ” هونئن به چوندا آهن ته قرضي ڇا ته نکرو ڇا ، آئي ايم ايف کان ورتل تازي قرض ۾ انهن جيڪي به شرطون رکيون آهن حڪومت کي اُهي پوريون ڪرڻيون پونديون ، جن ۾ اُهي سموريون سبسڊيون جيڪي اڳين حڪومت ڏنيون هيون اُهي سڀ ختم ڪرڻيون پونديون جن ۾ تيل ۽ بجلي سڀ کان اهم آهن ، اڳئين حڪومت يا موجوده حڪومت تيل جي اگهن ۾ وقتن به وقتن اضافو ضرور ڪندي رهي آهي ، ۽ ان سلسلي ۾ بجلي جي اگهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي ، پر جي موجوده حڪومت کيس ڏنل تجويز مطابق بجلي جا اگهه وڌايا ته ان جو اثر عام ماڻهو تي ضرور پوندو ، حڪومت 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر ان تي گهڻو وقت بيهي نه سگهندو ۽ اهڙن صارفين جي اگهن ن۾ وڌيڪ نه سهي پر اضافو ضرور ڪرڻو پوندو جنهن سان وري به عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي بي روزگاري ۽ ٻين پريشانين ۾ ڦاتل آهي ان لاءِ اهو هڪ وڌيڪ مشڪل جو سبب بڻنجندو ، بجلي جي اگهن ۾ اضافو ته حڪومت ڪري رهي آهي پر اڃان تائين ويجهڙ ۾ بجلي جي بحران کي قابو ڪرڻ جا ڪي آثار نظر نه پيا اچن ، جيئن ته اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته اسان هن جديد دور ۾ به انهن پراڻن طريقن تي هلون پيا ، بجلي جو نظام به ساڳئي طريقي سان هلي رهيو آهي ، هر حڪومت بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جي ڳالهه ڪندي آهي ، ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو به ان ڪري ئي ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي آهي ته جيئن لوڊشيڊنگ کي ڪنهن طريقي سان گهٽ ڪري سگهجي ، اسان جي ملڪ ۾ بجلي جي ورهاست جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي ان ۾ لائن لاسز ته ضرور ٿيندا هڪ هڪ ٿنڀي تي سوين تاريون اهڙي طريقي سان لڳل هونديون آهن جيئن ڪوريئڙي جو ڄار وڇايل هجي ، اهڙي صورت ۾ لائن لاسز نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو ۽ بجلي جي لوڊشينڊگ جي ٻي اهم وجه آهي بجلي جي چوري جيڪا چئبي ته چوري آهي پر ڪبي سرعام عام ۽ ديده دليري سان آهي ، بجلي چوري ۾ عام ماڻهو کان وٺي وڏا وڏا سرمائيندار شامل آهن ، جڏهن ته عام دڪان ، گهر کان وٺي فيڪٽرين ۾ به چوري جي بجلي استعمال ٿيڻ جي بجلي جا وزير ڳالهه ڪندا رهيا آهن ، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مين روڊن تي لڳل ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمر مان ماڻهو بجلي چوري ڪري سگهن ، بجلي جي ورهاست جو به هڪ طريقي ڪار هوندو آهي ، جنهن مان آساني سان اها خبي لڳائي سگهجي ٿي ، ته بجلي چوري ٿي رهي آهي پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت ۽ واپڊا جو عملو سچائي ڏيکاري ، ڪنهن به علائقي کي گرڊ اسٽيشنن جي ذريعي بجلي ڏني ويندي آهي ۽ هر گرڊ اسٽيشن ۽ پاور پلانٽس تي ميٽر لڳل هوندا آهن ، جنهن مان خبر پئجي ويندي آهي ته اسان جي ڪيتري بجلي استعمال ٿي آهي ، ته پوءِ بجلي چور ڇو نٿا جهلجن انهي جي ڪهڙي وجهه آهي اها به حڪومتن کي خبر آهي ، حڪومت بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺن جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ اهو بيان به سامهون آيو هو ته ڪارڊ وارا بجلي جا ميٽر لڳايا ويندا جيئن ان مان عام ماڻهو کي فائدو ملي ۽ جيڪو جيتري بجلي استعمال ڪري ان کي اوترو ئي بل ڏيڻو پوي ، اهو عمل سٺو آهي جي پر جي ان تي ٿوري عرصي ۾ ۽ سو فيصد عمل ٿئي ته ان سان گهڻي ڀاڳي چوري کي روڪي سگهجي ٿو ، ان سان هڪ ته اهو فائدو ٿيندو ته بجلي چوري ڪندا هڪڙا آهن ۽ انهن جي بدلي وري ڀريندا وري ٻيا آهن ، بجلي ڇوري کي لڪائڻ لاءِ عام ماڻهن جي بجلي جي بلن ۾ اضافي يونٽ لڳائي موڪلبا آهن ، جنهن ڪري عام ماڻهو کي انهن چورن جا بل ڀرڻا پوندا آهن ، حڪومت 300 يونٽ تي ڇوٽ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر هتي ته يونٽ جڏهن واپڊا وارا پنهنجي مرضي سان لکي وڃن ته پوءِ ڪهڙي طريقي سان اسان عام ماڻهو کي ان ڏنل ڇوٽ مان فائدو پهچائي سگهون ٿا ، حڪومت بجلي جا اگهه بيشڪ وڌائي پر جيسين بجلي چورن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ نٿا ورتا وڃن تيسين انهن اضافن سان ڪوبه فائدو نه پهچندو، ڇو ته ان سان اُهي ماڻهو متاثر ٿيندا جيڪي اڳ بجلي جو بل پياريندڙ هوندا ، پر جيڪي چوري بجلي استعمال ڪندڙ هوندا انهن لاءَ اوهان بجلي جو بل في يونٽ  14 روپين مان 14 سو روپيا ڪري ڇڏيو پر انهن جي صحت تي ڪوبه فرق نه پوندو ، هتي سدائين اهو ٿيو آهي ته “ڪري ڪوئي ۽ ڀري ڪوئي” عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي سورن ۾ سٽيو پيو آهي ان تي وري اهو اضافو انهن سورن ۾ مزيد اضافي جو سبب بڻنجندو ، حڪومت قرض کنيو اڳيون قرض لاهڻ لاءِ پر ان سلسلي ۾ ڀوڳين وري به عام ماڻهو پيا ، اها حڪومت اڄ آهي ته سڀاڻ وري ڪا ٻي ايندي ، عام ماڻهو ان ڪري به ذهني مريض ٿي رهيا آهن ته قرض وٺن هڪڙا ۽ ڀري وري عوام ، تڏهن ته چيو ٿن  “قرض وڏو مرض” جڏهن ته ٻي چوڻي “ کٽيو کائي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ” به اوهان جي سامهون آهي ته قرض ورتو حڪومتن پنهنجن ذاتي عياشين لاءِ جڏهن ته بجلي جي اضافي اگهن ، تيل جي وڌندڙ قيمتن جي مد ۾ عوام ۽ عام ماڻهن کي اهو قرض چُڪائڻو آهي ، ۽ ٻي پاسي بجلي جي چوري ڪن هڪڙا ۽ اضافي بجلي جا اگهه ۽ اضافي يونٽن جي مد ۾ وري عام ماڻهن کي اهو بار سهڻو پوي ٿو.
imsbaloch@yahoo.com

No comments:

Post a Comment