Tuesday 2 July 2013

CM Sindh and Rangers




ته پوءِ هلايو “ لاتعلقي جو اشتهار ”
سرور بلوچ
وزير اعلي سنڌ جي ان بيان تي حيرت گهٽ پر افسوس ضرور ٿيو ته امن امان جا ذميوار  سندس چيو نٿا مڃين، سيد قائم علي شاهه سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن چيو ته رينجرز منهنجي اختيار ۾ ناهي، چيف سيڪريٽري توڙي آئي جي کي جزا ۽ سزا وارو اختيار وفاق وٽ آهي، ڊي جي رينجرز مرضي جو مالڪ آهي مون وٽ اچي يا نه هو منهنجي ماتحت ناهي، رينجرز جيڪي بارڊر واري علائقي ۾ واري ۽ شديد گرمي ۾ سرحدن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا تن کي ڪراچي جي حالتن ۾ بهتري لاءِ ڪراچي آندو ويو،  انگريز هندستان ۾ واپاري ٿي آيا پر هندستانين جي ڦوٽ مان فائدو وٺي حاڪم ٿي ويٺا ان تي ئي سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي “ آئي ٽانڊو کڻڻ ، بورچياڻي ٿي ويٺي ” رينجرز کي ڏسي لڳي به صحيح ٿو، واري جي دڙن مان ڪراچي جي شهر ۾ آيلن جي واپسي به ممڪن نٿي لڳي. 1995 کان ڪراچي ۾ ويٺل رينجرز تي ڪروڙين ، اربين روپيا سنڌ جي خزاني مان خرچ ٿيا آهن، انهن  کي گاڏيون ، اسلحو ۽ اهي سڀ مراعتون  ڏنيون ، جيڪي ڪنهن به فورس کي گهربل هنيو ، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ سنڌ پوليس سدائين سورن ۾ رهي آهي، گذريل 18 سالن ۾ جي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسجي ته ڇا رينجرز جي ڪراچي ۾ اچڻ سان امن امان جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نظر آئي آهي، ڇا ڪراچي مان ٽارگٽ ڪلنگ ، ڀتي مافيا ، دهشتگدردي جي ڪيسن ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي، ڇا ڪراچي امن جو گهوارو بڻجي سگهيو آهي، ڇا ڪراڇي جا واپاري بي ڌڙڪ ۽ خوف کان آجا ٿي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، ڇا ڪراچي ۾ ٻچن جي روزي سانگي گهران نڪرندڙن جي وارثن سندس خيريت جي واپسي لاءِ دعائون گهرڻ ڇڏي ڏنيو آهن، ڇا مسجدن ۽ امام بارگاهن جي ٻاهران پوليس اهلڪار هٽي ويا آهن، انهن مان ته ڪجهه به نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڪراچي ته اڄ به دهشتگردي جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي ، ڪراچي ۾ ته اڄ به رت جي راند کيڏي پئي وڃي ، ڪراچي ۾ روزانو ماڻهڻ کي نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو ، پوليس ، عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن ، سياست دان گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، رڪشي وارا ، گڏهه گاڏي وارا ، ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت نشانو بڻجي رهيا آهن ، رنگ ، نسل ، مذهب ، فرقي جي نالي ماڻهڻ کي ماريو پيو وڃي، ڪراچي ۾ ته اڄ به ڪو ماڻهو محفوظ ناهي، ٻار اسڪول وڃڻ کان ڊڄي رهيا آهن، اسلامي ملڪ ۾ نماز پڙهڻ به ڄڻ ڪو ڏوهه بڻجي ويو آهي ، مسجد ، امام بارگاهه ، مندر ، مزارون ۽  اسڪول به محفوظ ناهن رهيا، ڪراچي جهڙي شهر ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ڄڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، جڏهن اهي سڀ مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن ته پوءِ رينجرز جي ڪراچي ۾ هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق پوندو  ڪراچي ۾ امن امان جي حالت بهتر ته نه ٿي آهي پر ان ۾ اڳ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ، سنڌ حڪومت جنهن امن امان جي لاءِ رينجرز کي اربين روپيا خرچ ڪري يهي آهي ،  اُهي جڏهن چئي ۾ ئي ناهن ته پوءِ انهن کي ڪراچي ۾ رهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قبلا سائين مائٽن کي اولاد تمام گهڻو پياريو هوندو آهي پر جڏهن پنهنجو اولاد به چئي ۾ نه هوندو آهي ته مائٽ ان مان بيزار ٿي ويندا آهن، جڏهن اولاد کيس خرچ لاءِ ڏنل پئسن جو غلط استعمال ڪندو آهي ، ٻين جي چوڻ ۾ اچي پنهنجن جي ڳالهه نه مڃندو آهي ته پوءِ مائٽ ان خلاف به اخبار ۾ لاتعلقي جو اشتهار هلائي ڇڏيندا آهن،  قبله سائين اوهان الائي ڇا جي انتظار ۾ آهيو، اوهان به هلايو لاتعلقي جو اشتهار ته “ رينجرز منهنجي چئي ۾ ناهي هو وفاق جي سنگت ۾ هليو ويو آهي ان ڪري اڄ کان مان سندن خرچ پکو بند ڪري ساڻس لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو ساڻس ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي جا ذميوار اسان نه هونداسين ”   
imsbaloch@aol.com


No comments:

Post a Comment