Sunday 28 July 2013

New President, same governor


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2827

صدر نئون ، گورنر ساڳيو
سرور بلوچ
پاڪستان پيپلز پارٽي صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو باقائدا اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، ان جو ڪارڻ هنن صدارتي چونڊن ۾ چئني صوبن ۾ وڃي ورڪ هلائڻ لاءِ وقت نه هجڻ ڄاڻايو آهي ، پيپلز پارٽي جي صدارتي اڳواڻ رضا رباني ، اعتزاز احسن ، امين فهيم ۽ ٻين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪندي چيو ته اسان کي اها اُميد نه هئي ته صدارتي چونڊن بابت اهڙو فيصلو ايندو ، اسان کي ٻن ڏينهن ۾ سڀني صوبن ۾ وڃي ورڪ ڪرڻو پوندو ، ووٽرن کي قائل ڪرڻو پوندو ، جيڪو ڪنهن به صورت ممڪن نه آهي ، جنهن ڪري اسين وفاق کي بچائڻ لاءِ صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيون ٿا ، پيپلز پارٽي سان گڏ سندن اڳوڻي حڪومتي اتحادي عوامي نيشنل پارٽي به ان عمل جي حمايت ڪندي بائيڪاٽ کي درست قرار ڏنو آهي ، مسلم ليگ (ق) اڃان ها يا نه ۾ جواب نه ڏنو آهي ، پر پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ق ليگ به ساڻن گڏ بيهندي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف صدارتي چونڊن جي وقت جي تبديلي کي درست نه سمجهندي به چونڊ عمل ۾ حصو وٺندي چيو آهي ته اسان ميدان  خالي نه ڇڏينداسين ، اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) جي صدارتي اميدوار ممنون حسين جو مقابلو هاڻ رڳو تحريڪ انصاف جي اميدوار  ( ر ) جسٽس وجيهه الدين احمد سان ٿيندو . صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جو پلڙو ڀاري آهي ۽ هُو آساني سان چونڊ کٽي ايوان صدر ۾ ديرو ڄمائيندو ، پيپلز پارٽي جي صدارتي چونڊن مان بائيڪاٽ جو ڪهڙو فائدو يا نقصان ٿيندو ان جو فيصلو ته وقت ڪندي پر پ پ مخالف ان بائيڪاٽ کي رڳو چونڊون وقت اڳ ٿيڻ نه پر ان سان گڏ ڪجهه ٻين سببن بابت پڻ ڳالهائي رهيا آهن ، مخالفن جو چوڻ آهي ته 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽن صوبن مان شڪست اهو واضع ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ انهن کي ايوان صدر مان بسترا ويڙهڻا پوندا ، ڇو ته پيپلز پارٽي کي رڳو سنڌ صوبي مان اڪثريت ملي سگهي آهي باقي ٽن صوبن ۾ انهن جي حالت تمام خراب آهي ، ٿوري دير لاءِ سوچجي ته اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي ، ته پاڪستان پيپلز پارٽي 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ سنڌ صوبي مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي باقي ٽنهي صوبن مان پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو ناڪام ٿي آهي پر سندس نالي وارا ۽ ڍنگ سياستدان پنهنجي گهران به چونڊ هارائجي ويا آهن ، خاص ڪري پنجاب مان پيپلز پارٽي کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف آهي ڇو ته پيپلز پارٽي سمجهي رهي هئي ته تحريڪ انصاف نواز ليگ لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري اسان لاءِ چونڊن ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ٿيو وري ان جي ابتڙ ، مسلم ليگ نواز پنجاب مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي نه رڳو پنجاب صوبي ۾ پنهنجي حڪومت کي برقرار رکيو آهي پر ان صوبي مان واضع اڪثريت ڪري هنن وفاق ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ 14 سالن بعد نوازشريف ٽيهر پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو آهي، ٿورو جائزو وٺجي ته ڇا پيپلز پارٽي رڳو 6 ڏينهن چونڊ اڳ ٿيڻ تي اهُو بائيڪاٽ ڪيو آهي يا ان جا ٻيا به ڪي سبب آهن ، هڪ سبب ته اهو آهي ته هنن 11 مئي جي چونڊن ۾ واضع اڪثريت حاصل نه ڪئي ان ڪري انهن جو ايترو ووٽ نه آهي جو هو نواز ليگ جي صدارتي اميدوار جو سخت مقابلو ڪري سگهن ٻيو ته پيپلز پارٽي جا پُراڻا اتحادي به سندس جهڙوڪر سندس ساٿ ڇڏي ويا آهن جنهن ۾ خاص متحده قومي موومنٽ آهي ، جنهن هميشه پنهنجي مفاد وٽان فيصلو ڪيو آهي ۽ هر ايندڙ حڪومت کي ڀليڪار ڪري ساڻن گڏجي ويندي آهي ، 2008 جي چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان به سيٽون کٽيون هنيون ، پر ان وقت مفاهمت جي نالي تي سڀني پارٽين کي گڏ هلي کڻڻ جي ڪري سنڌ ۾ متحده کي پاڻ سان گڏڻ لاءِ به عزيز آباد ۾ واقع نائن زيرو۾ متحده جي قائد الطاف حسين جي گهر وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو ، ان سلسلي ۾ چونڊون ٿيڻ جي 10 ڏينهن بعد 28 فيبروري 2008 تي ان وقت سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل وزير اعلي سيد قائم علي شاهه نائن زيرو پهتو پر اُتي متحده جا مُک اڳواڻ سندس آجيان لاءِ موجود نه هئا ، ان بعد پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ساڳئي مفاهمت کي اڳتي کڻي هلندي 1 اپريل 2008 تي نائن زيرو ياترا ڪئي ، پر ان موقعي تي ماحول مٽيل هو ، آصف علي زرداري جڏهن پنهنجي ساٿين سيد قائم علي شاهه ، رحمان ملڪ ، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين سان گڏ اُتي پهتو ته مڻين گُل سندن مٿان نڇاور ڪيا ويا ، وڏي آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي ، اها صدر آصف زرداري جي نائن زيرو تي پهرين ياترا هئي ان وقت ۽ ان بعد پيپلز پارٽي پاران نائن زيرو تي ڪيتريون ئي ياترائون ڪيون ويون ، ان جو ڪارڻ هو ته متحده هر ننڍي وڏي ڳالهه تي رُسي ويهڻ ۽ وزارتن تان استيعفي ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهندي هئي ، اهو سلسلو گذريل حڪومتي دور جي پنجن سالن ۾ آخري وقت تائين جاري رهيو، متحده سان مفاهت جي چڪر ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو پنهنجي ورڪرن کي ناراض ڪيو پر سندن اڳواڻ به ناراض ٿي پاسيرا ٿي ويهي رهيا جن ۾ ذوالفقار مرزا به شامل آهي ، پيپلز پارٽي اها جواز ڄاڻائيندي هئي ته متحده سان مفاهمت جي ڪري جمهوريت مضبوط ۽ ڪراچي جون حالتون بهتر رهنديون ، پر گذريل حڪومت جي پنجن سالن ۾ اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو ، متحده سدائين پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وجهندي رهي ۽ پيپلز پارٽي ان دٻاءُ جي ڪري اهي شرطون مڃيندي رهي جن سان سنڌ جا ماڻهو ناراض ٿيندا هئا جيئن شهري ۽ ٻهراڙي لاءِ جدا جدا مڪاني نظام ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد وري اهي فيصلا واپس ورتا ويندا هئا ، متحده هر نئين حڪومت جو ساٿ ڏيئي پراڻن کي ويساري ڇڏيندي آهي ، ان ڪري ئي پيپلز پارٽي جي صدر نه ٿيڻ ۽ وفاق ۾ پ پ مخالف حڪومت اچڻ ڪري هُن پيپلز پارتي سان پنهنجا دوستاڻا تعلقات هڪ پاسي رکي ڇڏيا آهن ، پيپلز پارٽي جي آخري وقت تائين اها ڪوشش رهي ته متحده کي سنڌ حڪومت ۾ واپس آڻجي ۽ صدر لاءِ به کائن ووٽ وٺجي پر ان سلسلي ۾ نه رحمان بابا جو جادو هليو ، نه وري زرداري جي هيلو اثر ڪيو ، گذريل ڪجهه ڏينهن کان زير بحث ايندڙ نائن زيرو هاڻ وري بحث هيٺ اچي ويو آهي پر هي بحث اڳين بحثن کان مختلف آهي ، پاڻ گاڏي هلائي پيپلز پارٽي جي وفد کي نائن زيرو تي آنيندڙ گورنر سنڌ عشرت العباد هاڻ وري هڪ  وفد ۽ صدارتي اميدوار کي به ساڳئي طريقي سان پاڻ گاڏي ۾ وٺي نائن زيرو پهتو آهي ، ساڳئي طريقي سان مڻين گُل وفد مٿان نڇاور ڪيا ويا آهن ، بس فرق ايترو آهي ته هن وفد ۾ ماڻهو ٻيا آهن ، نائن زيرو تي آيل مسلم ليگ جي وفد اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ نائن زيرو پهتو ، ساڻس گڏ صدرارتي اميدوار ممنون حسين ۽ گڏ هئا ، متحده جي استقبال مان ها ڳالهه ته واضع ٿي ويئي آهي ته متحده بنا ڪنهن دير جي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت جو ساٿ ڏبو ۽ (ن) ليگ جي صدارتي اميدوار کي ووٽ به ڪبو ، اهي خبرون به ميڊيا تي اچي رهيون آهن ته مسلم ليگ (ن) ، متحده کي حڪومت ۾ شامل ٿين جي پڻ دعوت ڏني آهي ، متحده هن وقت جنهن مشڪل وقت مان گذري رهي آهي ، ان لاءِ اهو  بهترين موقعو آهي پنهنجي لاءِ ڪجهه جاءِ ٺاهڻ جي ، هڪ ته متحده جي قائد الطاف حسين کي لندن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق ۽ مني لانڊرنگ جهڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي پاڪستان جي وفاقي حڪومت سندن مخالف هوندي ته اهو ڪيس ويتر منجهي ويندو ، جڏهن ته ڪراچي جتي متحده کي ڪنهن به صورت ڪنهن وڏي جاءِ تي هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو نون پيدا ٿيندڙ حالتن جي باري ۾ کين آگاهي ڏي ، ۽ ان لاءِ سنڌ جي گورنر کان بهتر ڪوبه ماڻهو نٿو ٿي سگهي ، پيپلز پارٽي سان مفاهمت ۾ متحده کي رڳو سنڌ حڪومت ۾ ڪجهه وزارتون ۽ مشير ملن ها پر نواز ليگ جي مفاهمت ۾ هُو وفاق ۾ ويهي پنهنجي پارٽي سربراهه لاءِ بهتر لابنگ ڪرڻ سان گڏ گورنر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهندا ، جمع جي ڀلاري ڏينهن تي نواز ليگ جي نائن زيرو ياترا وقت صدر ته نئون هو پر گورنر ساڳيو هو جيڪو مشرف دور کان هلندو پيو اچي هاڻ ڏسجي ته صدرارتي چونڊن بعد ٻيهر ( ن ) ليگ جي وفد جي عزيز آباد نائن زيرو ياترا وقت نئين صدر سان گڏ گورنر ساڳيو ٿو اچي يا ڪو نئون چهرو سامهون ٿو اچي .
imsbaloch@yahoo.com  

No comments:

Post a Comment