Sunday 28 July 2013

New President, same governor


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2827

صدر نئون ، گورنر ساڳيو
سرور بلوچ
پاڪستان پيپلز پارٽي صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو باقائدا اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، ان جو ڪارڻ هنن صدارتي چونڊن ۾ چئني صوبن ۾ وڃي ورڪ هلائڻ لاءِ وقت نه هجڻ ڄاڻايو آهي ، پيپلز پارٽي جي صدارتي اڳواڻ رضا رباني ، اعتزاز احسن ، امين فهيم ۽ ٻين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪندي چيو ته اسان کي اها اُميد نه هئي ته صدارتي چونڊن بابت اهڙو فيصلو ايندو ، اسان کي ٻن ڏينهن ۾ سڀني صوبن ۾ وڃي ورڪ ڪرڻو پوندو ، ووٽرن کي قائل ڪرڻو پوندو ، جيڪو ڪنهن به صورت ممڪن نه آهي ، جنهن ڪري اسين وفاق کي بچائڻ لاءِ صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيون ٿا ، پيپلز پارٽي سان گڏ سندن اڳوڻي حڪومتي اتحادي عوامي نيشنل پارٽي به ان عمل جي حمايت ڪندي بائيڪاٽ کي درست قرار ڏنو آهي ، مسلم ليگ (ق) اڃان ها يا نه ۾ جواب نه ڏنو آهي ، پر پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ق ليگ به ساڻن گڏ بيهندي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف صدارتي چونڊن جي وقت جي تبديلي کي درست نه سمجهندي به چونڊ عمل ۾ حصو وٺندي چيو آهي ته اسان ميدان  خالي نه ڇڏينداسين ، اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) جي صدارتي اميدوار ممنون حسين جو مقابلو هاڻ رڳو تحريڪ انصاف جي اميدوار  ( ر ) جسٽس وجيهه الدين احمد سان ٿيندو . صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جو پلڙو ڀاري آهي ۽ هُو آساني سان چونڊ کٽي ايوان صدر ۾ ديرو ڄمائيندو ، پيپلز پارٽي جي صدارتي چونڊن مان بائيڪاٽ جو ڪهڙو فائدو يا نقصان ٿيندو ان جو فيصلو ته وقت ڪندي پر پ پ مخالف ان بائيڪاٽ کي رڳو چونڊون وقت اڳ ٿيڻ نه پر ان سان گڏ ڪجهه ٻين سببن بابت پڻ ڳالهائي رهيا آهن ، مخالفن جو چوڻ آهي ته 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽن صوبن مان شڪست اهو واضع ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ انهن کي ايوان صدر مان بسترا ويڙهڻا پوندا ، ڇو ته پيپلز پارٽي کي رڳو سنڌ صوبي مان اڪثريت ملي سگهي آهي باقي ٽن صوبن ۾ انهن جي حالت تمام خراب آهي ، ٿوري دير لاءِ سوچجي ته اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي ، ته پاڪستان پيپلز پارٽي 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ سنڌ صوبي مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي باقي ٽنهي صوبن مان پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو ناڪام ٿي آهي پر سندس نالي وارا ۽ ڍنگ سياستدان پنهنجي گهران به چونڊ هارائجي ويا آهن ، خاص ڪري پنجاب مان پيپلز پارٽي کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف آهي ڇو ته پيپلز پارٽي سمجهي رهي هئي ته تحريڪ انصاف نواز ليگ لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري اسان لاءِ چونڊن ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ٿيو وري ان جي ابتڙ ، مسلم ليگ نواز پنجاب مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي نه رڳو پنجاب صوبي ۾ پنهنجي حڪومت کي برقرار رکيو آهي پر ان صوبي مان واضع اڪثريت ڪري هنن وفاق ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ 14 سالن بعد نوازشريف ٽيهر پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو آهي، ٿورو جائزو وٺجي ته ڇا پيپلز پارٽي رڳو 6 ڏينهن چونڊ اڳ ٿيڻ تي اهُو بائيڪاٽ ڪيو آهي يا ان جا ٻيا به ڪي سبب آهن ، هڪ سبب ته اهو آهي ته هنن 11 مئي جي چونڊن ۾ واضع اڪثريت حاصل نه ڪئي ان ڪري انهن جو ايترو ووٽ نه آهي جو هو نواز ليگ جي صدارتي اميدوار جو سخت مقابلو ڪري سگهن ٻيو ته پيپلز پارٽي جا پُراڻا اتحادي به سندس جهڙوڪر سندس ساٿ ڇڏي ويا آهن جنهن ۾ خاص متحده قومي موومنٽ آهي ، جنهن هميشه پنهنجي مفاد وٽان فيصلو ڪيو آهي ۽ هر ايندڙ حڪومت کي ڀليڪار ڪري ساڻن گڏجي ويندي آهي ، 2008 جي چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان به سيٽون کٽيون هنيون ، پر ان وقت مفاهمت جي نالي تي سڀني پارٽين کي گڏ هلي کڻڻ جي ڪري سنڌ ۾ متحده کي پاڻ سان گڏڻ لاءِ به عزيز آباد ۾ واقع نائن زيرو۾ متحده جي قائد الطاف حسين جي گهر وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو ، ان سلسلي ۾ چونڊون ٿيڻ جي 10 ڏينهن بعد 28 فيبروري 2008 تي ان وقت سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل وزير اعلي سيد قائم علي شاهه نائن زيرو پهتو پر اُتي متحده جا مُک اڳواڻ سندس آجيان لاءِ موجود نه هئا ، ان بعد پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ساڳئي مفاهمت کي اڳتي کڻي هلندي 1 اپريل 2008 تي نائن زيرو ياترا ڪئي ، پر ان موقعي تي ماحول مٽيل هو ، آصف علي زرداري جڏهن پنهنجي ساٿين سيد قائم علي شاهه ، رحمان ملڪ ، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين سان گڏ اُتي پهتو ته مڻين گُل سندن مٿان نڇاور ڪيا ويا ، وڏي آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي ، اها صدر آصف زرداري جي نائن زيرو تي پهرين ياترا هئي ان وقت ۽ ان بعد پيپلز پارٽي پاران نائن زيرو تي ڪيتريون ئي ياترائون ڪيون ويون ، ان جو ڪارڻ هو ته متحده هر ننڍي وڏي ڳالهه تي رُسي ويهڻ ۽ وزارتن تان استيعفي ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهندي هئي ، اهو سلسلو گذريل حڪومتي دور جي پنجن سالن ۾ آخري وقت تائين جاري رهيو، متحده سان مفاهت جي چڪر ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو پنهنجي ورڪرن کي ناراض ڪيو پر سندن اڳواڻ به ناراض ٿي پاسيرا ٿي ويهي رهيا جن ۾ ذوالفقار مرزا به شامل آهي ، پيپلز پارٽي اها جواز ڄاڻائيندي هئي ته متحده سان مفاهمت جي ڪري جمهوريت مضبوط ۽ ڪراچي جون حالتون بهتر رهنديون ، پر گذريل حڪومت جي پنجن سالن ۾ اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو ، متحده سدائين پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وجهندي رهي ۽ پيپلز پارٽي ان دٻاءُ جي ڪري اهي شرطون مڃيندي رهي جن سان سنڌ جا ماڻهو ناراض ٿيندا هئا جيئن شهري ۽ ٻهراڙي لاءِ جدا جدا مڪاني نظام ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد وري اهي فيصلا واپس ورتا ويندا هئا ، متحده هر نئين حڪومت جو ساٿ ڏيئي پراڻن کي ويساري ڇڏيندي آهي ، ان ڪري ئي پيپلز پارٽي جي صدر نه ٿيڻ ۽ وفاق ۾ پ پ مخالف حڪومت اچڻ ڪري هُن پيپلز پارتي سان پنهنجا دوستاڻا تعلقات هڪ پاسي رکي ڇڏيا آهن ، پيپلز پارٽي جي آخري وقت تائين اها ڪوشش رهي ته متحده کي سنڌ حڪومت ۾ واپس آڻجي ۽ صدر لاءِ به کائن ووٽ وٺجي پر ان سلسلي ۾ نه رحمان بابا جو جادو هليو ، نه وري زرداري جي هيلو اثر ڪيو ، گذريل ڪجهه ڏينهن کان زير بحث ايندڙ نائن زيرو هاڻ وري بحث هيٺ اچي ويو آهي پر هي بحث اڳين بحثن کان مختلف آهي ، پاڻ گاڏي هلائي پيپلز پارٽي جي وفد کي نائن زيرو تي آنيندڙ گورنر سنڌ عشرت العباد هاڻ وري هڪ  وفد ۽ صدارتي اميدوار کي به ساڳئي طريقي سان پاڻ گاڏي ۾ وٺي نائن زيرو پهتو آهي ، ساڳئي طريقي سان مڻين گُل وفد مٿان نڇاور ڪيا ويا آهن ، بس فرق ايترو آهي ته هن وفد ۾ ماڻهو ٻيا آهن ، نائن زيرو تي آيل مسلم ليگ جي وفد اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ نائن زيرو پهتو ، ساڻس گڏ صدرارتي اميدوار ممنون حسين ۽ گڏ هئا ، متحده جي استقبال مان ها ڳالهه ته واضع ٿي ويئي آهي ته متحده بنا ڪنهن دير جي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت جو ساٿ ڏبو ۽ (ن) ليگ جي صدارتي اميدوار کي ووٽ به ڪبو ، اهي خبرون به ميڊيا تي اچي رهيون آهن ته مسلم ليگ (ن) ، متحده کي حڪومت ۾ شامل ٿين جي پڻ دعوت ڏني آهي ، متحده هن وقت جنهن مشڪل وقت مان گذري رهي آهي ، ان لاءِ اهو  بهترين موقعو آهي پنهنجي لاءِ ڪجهه جاءِ ٺاهڻ جي ، هڪ ته متحده جي قائد الطاف حسين کي لندن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق ۽ مني لانڊرنگ جهڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي پاڪستان جي وفاقي حڪومت سندن مخالف هوندي ته اهو ڪيس ويتر منجهي ويندو ، جڏهن ته ڪراچي جتي متحده کي ڪنهن به صورت ڪنهن وڏي جاءِ تي هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو نون پيدا ٿيندڙ حالتن جي باري ۾ کين آگاهي ڏي ، ۽ ان لاءِ سنڌ جي گورنر کان بهتر ڪوبه ماڻهو نٿو ٿي سگهي ، پيپلز پارٽي سان مفاهمت ۾ متحده کي رڳو سنڌ حڪومت ۾ ڪجهه وزارتون ۽ مشير ملن ها پر نواز ليگ جي مفاهمت ۾ هُو وفاق ۾ ويهي پنهنجي پارٽي سربراهه لاءِ بهتر لابنگ ڪرڻ سان گڏ گورنر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهندا ، جمع جي ڀلاري ڏينهن تي نواز ليگ جي نائن زيرو ياترا وقت صدر ته نئون هو پر گورنر ساڳيو هو جيڪو مشرف دور کان هلندو پيو اچي هاڻ ڏسجي ته صدرارتي چونڊن بعد ٻيهر ( ن ) ليگ جي وفد جي عزيز آباد نائن زيرو ياترا وقت نئين صدر سان گڏ گورنر ساڳيو ٿو اچي يا ڪو نئون چهرو سامهون ٿو اچي .
imsbaloch@yahoo.com  

Tuesday 23 July 2013

IMF loans, Electricity Rates and Common Man


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2748 

پرڏيهي قرض ، بجلي جا اگهه ۽ عام ماڻهو
سرور بلوچ
 اها چوڻي ته “ قرض وڏو مرض ” ته سو فيصد سچ آهي پر اڄ جي دور ۾ هن سان گڏ ڪجهه ٻيون چوڻيون به لازمي جوڙڻيون پونديون آهن جيئن کٽيو کاهي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ، اوهان اهو سوچي رهيا هوندئو ته هن ٻنهي چوڻين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي پر جي اوهان ڪالهوڪي اخبارن  جي فرنٽ پيج جي هڪ خبر تي نظر ڦيرائي هوندي ته اوهان کي ان جو مطلب پاڻهئي ملي ويو هوندو ، 23 جولاءِ جي اخبارن ۾ وزير داخلا جي سنڌ ياترا ، سپريم ڪورٽ ۽ بلدياتي چونڊون ، نئون آرمي چيف ڪير هوندو ، صدارتي ڪرسي ڪنهن تي مهربان ٿيندي جهڙيون خبرون ته لڳل آهن پر شايد عام ماڻهن کي انهن خبرن کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ بجلي جا اگهه وڌائڻ واري خبر آهي ، حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائڻ کانپوءِ اصولي فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت بجلي جا اگهه نه صرف وڌايا پيا وڃن پر ان ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ اضافي جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي ، اخبار ۾ لڳل خبر مطابق حڪومت مرحليوار پهرين بجلي جا اگهه وڌائي ۽ پو ءِ بجلي ۾ ڏنل سبسڊي پڻ ختم ڪندي حڪومت کي ڏنل ان تجويز  مطابق گهريلو بجلي استعمال ڪندڙ جيڪو اڳ گهٽ ۾ گهٽ 5 روپيا 79 پئسا في يونٽ ڏيندو هو هاڻ ان کي 14 روپين تائين في يونٽ بجلي جو بل ڏيڻو پوندو ، جڏهن ته صنعتي صارفين کي نئين ڏنل تجويز مطابق اڳ جتي 8 رپيا 22 پئسا في يونٽ ڏيڻا پوندا هئا اُهي هاڻ 19 روپيا في يونٽ ڏيڻ لاءِ تيار رهن ، ان سلسلي انهن گهريلو صارفين جيڪي 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن کي ڇوٽ ڏني ويئي آهي ، حڪومت کي تڙ تڪڙ ۾ اهو قدم کڻڻ جي ضرورت ان ڪري پيئي آهي جو آئي ايم ايف کان جيڪو 5.3 ارب ڊالر قرض ورتو ويو آهي ان ۾ انهن جون ڪجهه شرطون به رکيل هيون ، اسان جي ناڻي واري وزير قرض وٺڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ته سلطان راهي وانگي گجگوڙ وارا بيان ته ضرور ڏنا هئا ته اسان ڪنهن به صورت آئي ايم ايف جي شرطن تي قرض نه وٺنداسين پر “ مرتا ڪيا نه ڪرتا ” هونئن به چوندا آهن ته قرضي ڇا ته نکرو ڇا ، آئي ايم ايف کان ورتل تازي قرض ۾ انهن جيڪي به شرطون رکيون آهن حڪومت کي اُهي پوريون ڪرڻيون پونديون ، جن ۾ اُهي سموريون سبسڊيون جيڪي اڳين حڪومت ڏنيون هيون اُهي سڀ ختم ڪرڻيون پونديون جن ۾ تيل ۽ بجلي سڀ کان اهم آهن ، اڳئين حڪومت يا موجوده حڪومت تيل جي اگهن ۾ وقتن به وقتن اضافو ضرور ڪندي رهي آهي ، ۽ ان سلسلي ۾ بجلي جي اگهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي ، پر جي موجوده حڪومت کيس ڏنل تجويز مطابق بجلي جا اگهه وڌايا ته ان جو اثر عام ماڻهو تي ضرور پوندو ، حڪومت 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر ان تي گهڻو وقت بيهي نه سگهندو ۽ اهڙن صارفين جي اگهن ن۾ وڌيڪ نه سهي پر اضافو ضرور ڪرڻو پوندو جنهن سان وري به عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي بي روزگاري ۽ ٻين پريشانين ۾ ڦاتل آهي ان لاءِ اهو هڪ وڌيڪ مشڪل جو سبب بڻنجندو ، بجلي جي اگهن ۾ اضافو ته حڪومت ڪري رهي آهي پر اڃان تائين ويجهڙ ۾ بجلي جي بحران کي قابو ڪرڻ جا ڪي آثار نظر نه پيا اچن ، جيئن ته اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته اسان هن جديد دور ۾ به انهن پراڻن طريقن تي هلون پيا ، بجلي جو نظام به ساڳئي طريقي سان هلي رهيو آهي ، هر حڪومت بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جي ڳالهه ڪندي آهي ، ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو به ان ڪري ئي ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي آهي ته جيئن لوڊشيڊنگ کي ڪنهن طريقي سان گهٽ ڪري سگهجي ، اسان جي ملڪ ۾ بجلي جي ورهاست جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي ان ۾ لائن لاسز ته ضرور ٿيندا هڪ هڪ ٿنڀي تي سوين تاريون اهڙي طريقي سان لڳل هونديون آهن جيئن ڪوريئڙي جو ڄار وڇايل هجي ، اهڙي صورت ۾ لائن لاسز نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو ۽ بجلي جي لوڊشينڊگ جي ٻي اهم وجه آهي بجلي جي چوري جيڪا چئبي ته چوري آهي پر ڪبي سرعام عام ۽ ديده دليري سان آهي ، بجلي چوري ۾ عام ماڻهو کان وٺي وڏا وڏا سرمائيندار شامل آهن ، جڏهن ته عام دڪان ، گهر کان وٺي فيڪٽرين ۾ به چوري جي بجلي استعمال ٿيڻ جي بجلي جا وزير ڳالهه ڪندا رهيا آهن ، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مين روڊن تي لڳل ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمر مان ماڻهو بجلي چوري ڪري سگهن ، بجلي جي ورهاست جو به هڪ طريقي ڪار هوندو آهي ، جنهن مان آساني سان اها خبي لڳائي سگهجي ٿي ، ته بجلي چوري ٿي رهي آهي پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت ۽ واپڊا جو عملو سچائي ڏيکاري ، ڪنهن به علائقي کي گرڊ اسٽيشنن جي ذريعي بجلي ڏني ويندي آهي ۽ هر گرڊ اسٽيشن ۽ پاور پلانٽس تي ميٽر لڳل هوندا آهن ، جنهن مان خبر پئجي ويندي آهي ته اسان جي ڪيتري بجلي استعمال ٿي آهي ، ته پوءِ بجلي چور ڇو نٿا جهلجن انهي جي ڪهڙي وجهه آهي اها به حڪومتن کي خبر آهي ، حڪومت بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺن جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ اهو بيان به سامهون آيو هو ته ڪارڊ وارا بجلي جا ميٽر لڳايا ويندا جيئن ان مان عام ماڻهو کي فائدو ملي ۽ جيڪو جيتري بجلي استعمال ڪري ان کي اوترو ئي بل ڏيڻو پوي ، اهو عمل سٺو آهي جي پر جي ان تي ٿوري عرصي ۾ ۽ سو فيصد عمل ٿئي ته ان سان گهڻي ڀاڳي چوري کي روڪي سگهجي ٿو ، ان سان هڪ ته اهو فائدو ٿيندو ته بجلي چوري ڪندا هڪڙا آهن ۽ انهن جي بدلي وري ڀريندا وري ٻيا آهن ، بجلي ڇوري کي لڪائڻ لاءِ عام ماڻهن جي بجلي جي بلن ۾ اضافي يونٽ لڳائي موڪلبا آهن ، جنهن ڪري عام ماڻهو کي انهن چورن جا بل ڀرڻا پوندا آهن ، حڪومت 300 يونٽ تي ڇوٽ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر هتي ته يونٽ جڏهن واپڊا وارا پنهنجي مرضي سان لکي وڃن ته پوءِ ڪهڙي طريقي سان اسان عام ماڻهو کي ان ڏنل ڇوٽ مان فائدو پهچائي سگهون ٿا ، حڪومت بجلي جا اگهه بيشڪ وڌائي پر جيسين بجلي چورن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ نٿا ورتا وڃن تيسين انهن اضافن سان ڪوبه فائدو نه پهچندو، ڇو ته ان سان اُهي ماڻهو متاثر ٿيندا جيڪي اڳ بجلي جو بل پياريندڙ هوندا ، پر جيڪي چوري بجلي استعمال ڪندڙ هوندا انهن لاءَ اوهان بجلي جو بل في يونٽ  14 روپين مان 14 سو روپيا ڪري ڇڏيو پر انهن جي صحت تي ڪوبه فرق نه پوندو ، هتي سدائين اهو ٿيو آهي ته “ڪري ڪوئي ۽ ڀري ڪوئي” عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي سورن ۾ سٽيو پيو آهي ان تي وري اهو اضافو انهن سورن ۾ مزيد اضافي جو سبب بڻنجندو ، حڪومت قرض کنيو اڳيون قرض لاهڻ لاءِ پر ان سلسلي ۾ ڀوڳين وري به عام ماڻهو پيا ، اها حڪومت اڄ آهي ته سڀاڻ وري ڪا ٻي ايندي ، عام ماڻهو ان ڪري به ذهني مريض ٿي رهيا آهن ته قرض وٺن هڪڙا ۽ ڀري وري عوام ، تڏهن ته چيو ٿن  “قرض وڏو مرض” جڏهن ته ٻي چوڻي “ کٽيو کائي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ” به اوهان جي سامهون آهي ته قرض ورتو حڪومتن پنهنجن ذاتي عياشين لاءِ جڏهن ته بجلي جي اضافي اگهن ، تيل جي وڌندڙ قيمتن جي مد ۾ عوام ۽ عام ماڻهن کي اهو قرض چُڪائڻو آهي ، ۽ ٻي پاسي بجلي جي چوري ڪن هڪڙا ۽ اضافي بجلي جا اگهه ۽ اضافي يونٽن جي مد ۾ وري عام ماڻهن کي اهو بار سهڻو پوي ٿو.
imsbaloch@yahoo.com

Monday 22 July 2013

Flood and Sindh Government


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2724

ٻوڏن کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ سرڪار جا انتظام 
سرور بلوچ
هڪ جنگل جو بادشاهه مري ويندو آهي ته نئين بادشاهه جي ڳولا شروع ڪبي آهي ، جڏهن اتفاق راءِ سان ڪو فيصلو نه ٿيندو آهي ۽ ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي آهي ته ڪجهه جانور ويهي هڪ فيصلو ڪندا آهن ته ڇو نه انسانن وانگر پاڻ به جمهوري انداز ۾ اليڪشن ڪيون پوءِ جيڪو کٽي ، ان کي جنگل جو بادشاهه ٺاهيو وڃي ،  نيٺ چونڊن تي سڀ راضي ٿي ويندا آهن ۽ چونڊ جي نتيجي ۾ ڀولڙو ڪامياب ٿي ويندو آهي، هڪ ڏينهن هڪ هرڻي روئيندي ڀولڙي وٽ ايندي آهي ۽ چوندي آهي بادشاهه سلامت منهنجو ٻچڙو الائي ڪيڏانهن گم ٿي ويو آهي منهنجي مدد ڪيو ، ڀولڙو سندس ڳالهه ٻڌي وڻ جي هڪ ٽاري مان ٽپو ڏيئي ٻي ٽاري تي هليو ويندو ۽ وري ٻئي وڻ مان ٽئين وڻ تي ٽپو ڏيئي ڇڏيندو آهي ، گهڻي دير تائين اها ماجرا ڏسي هرڻي خاموشي سان واپس ٿي ويندي آهي ، نيٺ ٻچڙي جو ڏک سهي نه سگهندي آهي ۽ ٻئي ڏينهن وري ڀولڙي وٽ اچي چوندي آهي بادشاهه سلامت مون تي رحم ڪيو منهنجو بچڙو ڳولڻ ۾ منهنجي مدد ڪيو ، ڀولڙو ساڳئي طرح وڻ جي هڪ ٽاري تان ٽپو ڏيئي ٻي ٽاري تي هليو ويندو آهي ، ۽ هڪ وڻ مان ٻئي وڻ جي ٽاري تي ، ٻئي وڻ جي ٽاري تان ٽئين وڻ جي ٽاري تي ٽپا ڏيڻ لڳندو آهي ، ايتري ۾ هڪ هرڻ اچي هرڻي کي ٻڌائيندو آهي ته تنهنجو ٻچڙو ته ندي جي پاسي ۾ مُئو پيو آهي، اُتي هرڻي روئڻ لڳندي آهي ته ڀولڙو کيس آٿت ڏيئي چوندو آهي مون ته جام ڪوشش ڪئي پر جيڪا الله جي رضا.
سنڌ جا ماڻهو سدائين سٺي حڪمراني جا خواب ڏسندا رهيا آهن ، ۽ هر نئين ايندڙ حڪومت مان اها ئي اميد رکي ويندي آهي ته هاڻ ڪجهه بهتر ٿيندو ، روڊ رستا ٺهندا ، بي روزگاري تي ٻنجو ايندو ، مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿي ويندو ، روزگار جا موقعا ملندا ، صحت جون سهولتون بهتر ٿينديون ، ڪا عورت ويم دوران نه مرندي ، ٻار اسڪول ويندا ، ٻوڏ ۽ برساتنن سبب بي گهر ۽ بي يارومددگار نه ٿيندا سين ، هي سڀ خواب هر ايندڙ حڪومت جي هٿان پوري ٿيڻ جي خواهش ۾ ووٽ ڏيندڙ پنهنجو فرض ته ادا ڪري ڇڏيندا آهن پر موٽ ۾ آسرن کانسواءِ ڪجهه به هٿ نه ايندو آهي ، سنڌ جتي ٻيون ڪيتريون ئي مصيبتون ۽ مشڪلون آهن ، اُتي گذريل ٽن سالن کان ايندڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي سبب ماڻهن گهڻو ئي ڀوڳيو آهي ، 2010 ۾ ايندڙ ٻوڏ جتي اڌ سنڌ کي ٻوڙيو هو ان جا اثر اڃان به نظر ايندا ان وقت لکين ماڻهو دربدري جي زندگي گهاري رهيا هئا ، ٻوڏ متاثرن پنهجن ويجهن جون زندگيون ته وڃايون پر ڪيترن ئي مهينن تائين پنهجن اجهن کان پري رستن تي يتيمن وانگي پيل هئا ، ٻاهرين ملڪن جي امداد جي آسري ۾ ويٺل سنڌ حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو اهو به سڀني جي سامهون آهي ۽ جيڪو ڪرڻ گهرجي ها سو به ماڻهن جي واتان سڀني ٻڌو ، ان دوران ٻوڏ سبب تباهه ٿيل علائقن مان ڪجهه خاندانن کي ان آسري ڪراچي آڻي رهائيو ويو ته اتي اوهان جي صحيح مدد به ٿيندي ۽ اوهان کي هاڻ واپس وڃڻ جي ضرورت نه آهي ڪراچي به سنڌ آهي ، اتي ئي رهو اوهان کي هر سهولت ملندي ، پر ٿيو ڇا اها ڪا لڪيل ڳالهه نه آهي ، ٻوڌ متاثر غريبن کي ڪراچي ۾ ڪجهه عرصي تائين راشن ڏيڻ بعد سندن ڪنهن واهر نه ڪئي ۽ ڪراچي جي هڪ لساني جماعت انهن کي ڊيڄاري ۽ اُتان نڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ، ڌارين جي داٻن ته اثر نه ڏيکاريو پر پنهنجن جي بي حسي ماري وڌو ، سنڌ حڪومت جي بي حسي ۽ پرگهور نه لهڻ تي اُهي ٻوڏ متاثر تنگدستي جي حالت ۾ ماڻهن کان قرض وٺي ۽ پني واپس پنهنجن اجڙيل ماڳن ڏانهن موٽيا، پاڻي هيٺ ٻڏيل سندن ماڳن ڏانهن موٽيندڙن کي وري به روڊن جي ڪنارن ۽ واهن جي بندن تي پناهه وٺڻي پيئي، ٻوڏ متاثرن امداد لاءِ لٺيون کاڌيون ، سندن ٻار بيمارين ۾ وٺجي ويا پر سنڌ حڪومت رڳو سڀ ٺيڪ جو راڳ ڳائيندي رهي، برساتون ته قدرت جي وس آهن انهن کي روڪڻ ته ممڪن نه آهي پر بهتر پلاننگ سان ماڻهن زندگيون بچائي سگهجن ٿيون، ماحولياتي تبديلي ڪري وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ٿيندي رهي آهي پر ان لاءِ اُپاءُ نه ورتا ويا آهن ، 2010 جي مها ٻوڏ کان پوءِ حڪومت وڏيون دعوائون ڪيون ته اسان جي تياري مڪمل آهي هاڻ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو، پر جڏهن 2010 جي ٻوڏ کان بچيل سنڌ ۾ 2011 تي اهڙو طوفاني مينهن وٺو ته حڪومت جي دعوائون سم نالن جا ڪمزور بندن جو پاڻي سان وهائي ويون 2011 جي طوفاني برساتن ۾ سنڌ جي اٺن ضلعن شهيد بينظير آباد ، سانگهڙ ، ميرپوخاص ، عمرڪوٽ ، بدين ، ٽنڊومحمد خان ، ٽنڊوالهيار ۽ مٽياري کي تمام گهڻو نقصان رسيو ۽ وري اڌ سنڌ جا 50 لک کان وڌيڪ ماڻهو شديد پريشانين ۾ وٺجي ويا ، 2011 جي طوفاني برساتن سنڌ جي ان حصي کي نقصان پهچايو جتي زراعت تمام گهڻي هئي، جنهن ڪارڻ نه رڳو ماڻهو پاڻ دربدر ٿيا پر سندن سالن جي محنت به پاڻي جي نظر ٿي ويئي ، 2010 جي ٻوڏ جو سبب رڳو برسات نه هئي پر برسات سان گڏ واهن جا هي ڪمزور بند به هئا جنهن ڪارڻ وڏو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ، انهن بندن تي سالن کان ڪو به ڪم نه ٿيل هو ، ۽ وري  2011 جي برساتن ته جيڪو ڪيو سو ڪيو پر ان  سان گڏ سنڌ کي ٻوڙڻ ۾ انهن سم نالن به پنهجو حصو شامل ڪيو جن تي به ڪيترن ئي سالن تائين ڪوبه ڪم نه ٿيل هو ، سم نالن ۽ واهن جي کاٽين ۽ بندن جي مرمت لاءِ هر سال رقم اچي ٿي ۽ گذريل ڏهاڪي ۾ اربين روپيا خزاني مان نڪتا پر اهي ڪنهن به واهه ۽ سم نالن تي خرچ نه ٿيا رڳو افسر شاهي ۽ ڪجهه نمائدن سندا گهر ڀريا ، جنهن جي نتيجي ۾ غريب ، هاري ۽ پورهيت طبقي ڀوڳيو ، ٻن ٻوڏن سنڌ کي ڪيترائي سال پوئتي ڌڪي ڇڏيو ، حڪومت هر سال اهي دعوائون ڪندي رهي ته سڀ ٺيڪ آهي اسان جي تياري مڪمل آهي ، اسان هاڻ سڀ ٺيڪ ڪري ڇڏينداسين پر نتيجي ۾ جڏهن برسات يا ٻوڏ ايندي آهي ته اسان کي ڪا به تياري نظر نه ايندي آهي ، جنهن جي ڪارڻ عام شهرين ، هاري ۽ پورهيتن کي گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو آهي ،  ملڳاتار ٻن سالن تائين برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهي به سنڌ حڪومت کي الرٽ نه ڪري سگهي ۽ جڏهن 2012 ۾ شڪارپور ، ڪنڌڪوٽ ، جيڪب آباد ، گهوٽڪي ۾ تيز برساتون پيون ته ساڳئي حالت ٿي ويئي جيڪا 2010 ۽ 2011 ۾ هئي ان مان اهو ثابت ٿيو ته اسان جي حڪومت نانگ نڪري وڃڻ کان پوءِ رڳو ليڪي کي پئي ڪٽيندي آهي ، حڪومت مهيني ۾ هڪ هزار روپيا ڏيئي اگر اهو سمجهي ٿي ته سڀ ٺيڪ آهي ته شايد اها سندن خام خيالي هوندي ، نه ئي وري حڪومت پاران تذليل ڪري  پاڪستان ڪارڊ جي مد ۾  ڏنل اُهي 10 هزار روپيا ماڻهن جي زخمن جو مرهم ٿي سگهن ٿا، جيستائين حڪومت رڳو ڳالهين تائين محدود رهندي سنڌ جا ماڻهو هر سال انهن ٻوڏ ۽ برساتن جي ڪري سورن ۾ هوندا ، هاڻ وري برساتن جي آمد آمد آهي پر اسان کي ڪٿي به حڪومت جو ڪم نظر  نٿو اچي ، اڪثر ميڊيا ۾ واهن جي بندن ۽ سم نالن تي صحيح ڪن نه ٿيڻ جون رپورٽون اچن پيون جن مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي پئي ته سنڌ ۾ رهندڙ لکين ماڻهن جي پريشاني ، ڪيترن ئي مهينن تائين دربدر ٿيڻ ، سندن ڏکوئيندڙ موت ۽ اربين ، کربين روپين جو نقصان انهن ماڻهن کان وسري ويو آهي ، جيڪي انهن ڪمن ۾ به پنهنجو مفاد ڳولي رهيا آهن ، واهن جي بندن ۽ سم نالن تي ناقص ڪمن اڳ ئي سنڌ کي ٻوڙيو ۽ سنڌ واسين گهڻوئي ڀوڳيو آهي ، برسات اچڻ کانپوءَ پاڻي نيڪالي جا بندوبست به ڪٿي نظر نٿا اچن گذريل برساتن ۽ ٻوڏ دوران شهرن مان پاڻي نيڪالي لاءِ ورتل ڪروڙين روپين جا پمپ ۽ ٻي مشينري ڪجهه وڏيرن ، ڀوتارن ، افسر شاهي ۽ چونڊيل نمائندن جي گهرن ، زمينن ۽ ذاتي ڪم لاءِ استعمال ٿي رهي آهي يا ته ڀڳڙن مٺ وڪامجي ويئي آهي ي۽ جي ڪجهه بچي آهي ته اها ڪٻاڙ خاني جي نظر ٿي ويئي آهي ، حڪومت ان بابت اڃان تائين ڪوبه لاحئه عمل نه جوڙيو آهي ، اخبارن ۾ ميڊيا تي ته شايد سڀ ٺيڪ آهي پر گرائونڊ ۾ ڪجهه به نظر نه پيو اچي ، ان سلسي ۾ سنڌ حڪومت جي ڪنهن به وزير يا اعلي اختياري کان معلوم ڪبو ته بس هڪ ئي جواب هوندو، اسان جي تياري مڪمل آهي سڀ ٺيڪ ٿي ويندو ، اسان پنهنجي ڪوشش ۾ لڳا پيا آهيون ، ڪوشش سٺي ڳالهه آهي پر عمل به ضروري آهي ڇو ته ڪوشش ته ڀولڙي به ڪئي پر رڳو ڪوشش سان مسئلا حل ٿين ها ته هرڻي جو مسئلو به حل ٿي وڃي ها،  ڪوشش سان گڏ نيڪ نيتي ۽ عمل به ضروري آهي ، جي ڀولڙي واري ڪوشش وارو سلسلو هن سال به جاري رهيو ته هن ڀيري به ڪا اميد رکڻ اجائي هوندي . باقي اهي ڳالهيون ته هر سال ٻڌندا آهيون ته اسان پنهنجي مڪمل ڪوشش ڪئي پر الله جي ڪمن ۾ ڪير مداخلت ڪري سگهي ٿو ، مينهن ، برساتون ، ٻوڏ سڀ الله جي وس آهن جيڪا الله جي رضا.
imsbaloch@yahoo.com

Free advice and Powerful Mafia

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2680
مفت مشورا  ۽ سگهاري مافيا
سرور بلوچ
مشورن يا صلاحن جي تاريخ به انسان جيتري پراڻي آهي ، مشورا ٻن قسمن جا ٿيندا آهن هڪ قسم آهي فيس وارا مشورا ۽ ٻيو مفت مشورا ، فيس وارا مشورا سڀ کان وڌيڪ ٻن ماڻهن کان ملندا آهن هڪ وڪيل جيڪو ڪنهن به ڪيس ۾ ڦاٿل ماڻهو کي فرشتي کان گهٽ نه لڳندو آهي ، سندس قانوني  مشورا اڪثر ڪري فائدي مند ۽ وري ڪڏهن ٻي ڌر جي وڪيل جي ڪري بي اثر ٿي ويندا آهن ، پر فائدو ملي يا نقصان سندس مشورو مفت ۾ نه پر ان جي فيس ڏيڻي پوندي آهي ، جهڙو ڪيس ۽ وڪيل اهڙي ان جي فيس هوندي آهي ، ڪن جي فيس هزارن ۾ ڪي وري لکن ته ڪن جي فيس وري ڪروڙن ۾ هوندي آهي ، ٻيو مشوري جو ماهر آهي ڊاڪٽر ڪنهن به بيماري ۽ ان جي علاج لاءِ ڊاڪٽر کان ئي مشورو ورتو ويندو آهي ان جي به باقائدا فيس هوندي آهي ، پر ڪٿي وري سرڪاري اسپتال ۾ مجبوري ۾ بنا فيس جي به مشورو ڏيئي ڇڏيندا آهن ،  فيس وارا مشورا عام جام نه هوندا آهن ان لاءِ باقائدا ٽائم وٺڻو پوندو آهي ، باقي مفت جا مشورا تمام گهڻا ۽ عام جام توهان کي ملي ويندا آهن ، هر ٻيو ماڻهو توهان کي مشورو ڏيڻ لاءِ تيار ملندو آهي ، ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ همرا جي ڍڳي بيمار ٿي پئي ، ڀر واري ڳوٺ جي همرا جو ان جي گهر جي پاسي مان گذر ٿيو ته هن ڏسي ورتو ۽ سڏ ڪري چيائين “ ادا منهنجي ڍڳي بيمار ٿي پيئي آهي پيٽ ۾ سور اٿس ويهي ئي ڪان ٿي ، تنهنجي مينهن کي به ته پيٽ ۾ سور هو توڇاڪيو هو مون کي به ڪا صلاح ڏي ،  ٻئي همرا چيو ڀائو مان ته گاسليٽ جي شيشي پياري هُئي ، اهو چئي همرا ٿيو روانو ۽ هن ڀائي به نه ڪئي هم نه ڪئي تُم گاسليٽ جي شيشي ڍڳي کي پياري پاڻ وڃي سمهي رهيو ، صبح ڏسي ته ڍڳي مئي پئي آهي ، سڌو ڀر واري ڳوٺ وڃي پهچي همرا جي گهر جو در کڙڪايائين ، همرا کي ٻاهر ايندي ئي چيائين ڀائو شابس اٿئي تنهجي چئي تي مون ڍڳي کي گاسليٽ پياريو هو ته مري ويئي ، ادا منهنجي مينهن به مري ويئي هئي باقي مون ڪڏهن چيو ته گاسليٽ پيارينس تو پڇا ڪئي مينهن کي ڇا پياريو هو سو مون چيو گاسليٽ تواهو ته پڇيو ئي ڪونه ته پوءِ ڇا ٿيو ، سو ڪڏهن ڪڏهن اهڙا مشورا به ملي ويندا آهن ، جيڪي جان ليوا ثابت ٿيندا آهن ، مشورن جي داستان کولجي ته کٽائڻ مشڪل ٿي پوندو پر اڄ مونکي مفت سرڪاري مشورن جي پويان لڪيل اصل حقيقت جي باري لکڻو آهي ، مفت سرڪاري مشورا صدين کان هلندا پيا اچن پر اسان ويجهڙ ۾ ۽ پنهنجي ملڪ ۾ ڏسون ته حڪومت پاران ڪجهه اهم مشورا هر ٻئي ڏينهن عوام کي ڏنا ويندا آهن ۽ ان جو سلسلو به جاري و ساري آهي ، اسان جي ملڪ ۾ جڏهن اٽي جي کوٽ پيدا ٿي ته ماڻهو رڳو ان ڪري پريشان هئا ته ڪڻڪ اُپائيندڙ ملڪ ۾ اٽو ڪيئن کڻي ويو ، ان وقت جڏهن ماڻهو اٽي لاءِ دربدر ٿيڻ لڳا ۽ جڏهن حڪومت کان سوال ٿيڻ لڳا اٽو نٿو لڀي ماڻهو ڏاڍا پريشان آهن ، حڪومت ڇا پئي ڪري ته جواب آيو اسان حاضر آهيو اچي وٺو مفت مشورو اگر اٽو نٿو ملي ته عوام ڊبل روٽي وٺي کائي ضروري آهي ڇا ته حڪومت تي تنقيد ڪجي مشورو ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ ان تي عمل ڪرڻ عوام جو ڪم آهي ، حڪومت  کان ڪير پڇي ته ڇا اٽي جي جاءِ ڊبل روٽي وٺي سگهي ٿو ، پر انهن جو به ڏوهه ناهي شاهاڻي زندگي گذاريندڙ ٻن ڊبل روٽي سان ناشتو ڪندڙ ڊائٽنگ جي چڪر ۾ رهندڙ ۽ گهر ، آفس ۽ گاڏي ۾ اي سي ۾ گهمندڙ ۽ سڄو ڏينهن رڳو هڪ ڪرسي تي ويهندڙن وزيرن جي حڪومت کي سڄي ڏينهن سخت موسمن ۾ ڪم ڪندڙ هاري ۽ پورهيت جي ڪهڙي خبر آهي ، اسان جي ملڪ ۾ ايڪڙ ، ٻيڪڙ ماڻهن کانسواءِ وزيرن جي اڪثريت انهن خاندانن مان آهي جن ڪڏهن غريبي جا ڏينهن گهاريا ئي ناهن سو تن کي ڪهڙي خبر هوندي ته غريبن جي زندگي ڪيئن گذرندي آهي ، هڪ اسڪول ۾ ڪنهن امير گهراڻي جي ڇوڪري کي ٽيچر چيو ته سڀاڻ هڪ غريب خاندان تي مضمون لکي اچجان ، ٻئي ڏينهن ان ٻار جيڪو مضمون لکيو اهو ڪجهه ايئن هو ، هڪ غريب خاندان هو ان ۾ پيءِ به غريب ، ماءُ به غريب ۽ ٻار به غريب هئا ، ان خاندان وٽ هڪ پُراڻو ڦٽل بنگلو هو ان ۾ صرف چار نوڪر ڪم ڪندا هئا سي به غريب هُئا ، ان بنگلي ۾ رڳو چار اي سي لڳل هُئا سي به سيڪنڊ هينڊ هُئا ، ان خاندان وٽ هڪڙي پراڻي ٽُٽل ڪار هُئي جنهن تي هڪ غريب ڊرائيور ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ ويندو هو ، غريب خاندان جي ٻارن وٽ پُراڻا N-95  ماڊل جا موبائل فون هئا ، ان خاندان وٽ هڪڙو ڪُتو هو سو به بيمار هو ، غريب خاندان جا ڀاتي هفتي ۾ رڳو ٽي ڏينهن KFC  ۾ ويندا هئا ، افسوس ته غربت ڪري غريب گهراڻو وڏي مشڪل سان عيش ڪندو هو. رڳو ٿوري دير لاءِ سوچيو ته جتي اهڙي گهراڻن مان ماڻهو اچي اسان جا وزير ٿيندا ۽ ته پوءِ مفت مشورن کانسواءِ ٻئي ڪنهن شي جي ڪهڙي گنجائش بچي ٿي ، اهو ته رڳو هو اٽي جو مثال پر اڳتي وري جڏهن کنڊ ملڪ مان غائب ٿي ويئي ۽ قيمتون وڃي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون ، پاڪستان جهڙو خودڪفيل ۽ زرعي ملڪ هئڻ باوجود راتون رات اٽي وانگر ملڪ مان کنڊ ايئن غائب ٿي ويئي جيئن گڏهه جي مٿي تان سڱ ، ۽ ان وقت اوچتو وري هڪ سرڪاري مفت مشورو سروٽي وانگر اهڙو اچي مٿي تي لڳو جو وڄائي ڇڏيائين ، جڏهن کنڊ جي اوچتي لاپته ٿيڻ ۽ سندس بازيابي بابت پڇيو ويو ته مفت مشورو صفا تيار پيو هو حڪومت مشورو ڏنو ته  “ کنڊ ضروري ته ناهي کنڊ ۽ چانهه جي پتي تي اسان جي ملڪ مان وڏو ناڻو ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو اسان چانهه ۽ شربت جي استعمال کي ختم نه ته گهٽ ڪري نه رڳو ملڪي ناڻو بچائي سگهون ٿا پر ان سان لڪيل کنڊ جي شاٽيج جو مسئلو به حل ٿي ويندو ، حڪومتي مٺيون مٺيون ڳالهيون ٻڌي دل باغ باغ ٿي ويئي ، وري جو اچي بجلي ڏنا سور ته بجلي جي وزير به اچي گهٽ بجلي استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏيئي ڇڏيو ، بجلي جو وزير اڳوڻو يا هاڻوڪو ان ڳالهه کي مڃن ٿا ته بجلي جي چوري ٿي رهي آهي ان کي روڪڻ جون ڳالهيون به ٿين ٿيون پر عمل نه هئڻ برابر آهي ، بجلي چورن کي جهلڻ بجاءِ وري بجلي جا اگهه وڌايا وڃن ٿا يا وري غريب ماڻهن کي بجلي جو گهٽ استعمال ، دڪان ۽ ڪاروبار رات جو جلدي بند ڪرڻ جهڙا مشورا ڏنا وڃن ٿا ، وري جڏهن گئس جو مسئلو سامهون آيو ته وري عوام کي بچت ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويو ، مفت سرڪاري مشورن جو هلندڙ سلسلو ڪڏهن به بند نه ٿيندو پر ان ۾ اضافو ضرور ٿيندو پر مفت سرڪاري مشورن تي عمل نه ڪرڻ جي وري سزا به رکي ويئي آهي ، ان جي خبر ته تڏهن پئي جڏهن ، ( ن ) ليگ جي هڪ وزير ٽي وي تي اچي مشورو ڏنو ته رات جو موبائل فون تي ڪم جون نه پر فضول ۽ اجايون ڳالهيون ٿين ٿيون اهو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي ، اسان کي به ٽائم ڏنو وڃي سڄو ڏينهن۽ رات رڳو موبائل تي اجائي ڪچهريون لڳيون پيون آهن، سائين جن جو مشورو ڪنهن نه مڃيو ته اهڙي فيس ورتاون جو ماڻهن جا ترا نڪري ويا موبائل فون تي ٽئڪس هڻي مشوري جي فيس نه رڳو وصول ٿي پر اهو صدقا جاريا وانگر سڄي ڄمار وصول ٿيندي رهندي ، رمضان ۾ جتي ٻين ملڪن ۾ عام واهپي جي شين ۾ گهٽتائي آڻبي آهي اُتي اسان جي ملڪ جا مسلمان وري ان برڪتن واري مهيني کي ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ وارو مهينو سمجهي خوب مال گڏ ڪندا آهن ، فروٽ ، ڀاڄين ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي ، ان سلسلي ۾ ويجهڙ ۾ ئي پنجاب جو وزير خوراڪ بلال ياسين جڏهن بچت بازار جو دورو ڪيو ته ڪنهن هن کان سوال ڪيو ته سائين رمضان کان اڳ ته ٽماٽا سستا هئا رمضان ايندي ئي انهن جي اگهن ۾ تمام گهڻي واڌ ٿي ويئي آهي ته وزير صاحب جهٽ پٽ ۾ مشورو ڏيندي چيو ته ٽمامر ڇا لاءِ استعمال ٿا ڪيو ، ٽماٽر جي بغير به ڀاڄي رڌي سگهجي ٿي ، هن پنهنجي تجربي جي بنياد تي ٻڌائڻ شروع ڪيو ته ٽماٽر منهگا آهن ته ڀاڄين ۾ ڇو ٿا وجهو اوهين ، ليمي جو رس ۽ دهي مان  به ساڳيو ڪم وٺي سگهوٿا ته پوءِ اسين ٽماٽر ڇو استعمال ڪيون ، سائين جن جي قيمتي مشوري مان گهڻائي ماڻهو مستفيد ٿيا هوندا ، پر سائين کي ڪير سمجهائي هر شي ءِ جو پنهنجو ذائقو هوندو آهي ، اسان جي ملڪ جو الميو آهي ته اسان عملي ڪمن بجاءِ مشورن تي زور ڏيندا آهيون ، جنهن ملڪ جي وزير اعلي جو پُٽ غريبن جي همدردي ۽ شڪايتن تي سستي بازار جي دوري تي مهانگي هيليڪاپٽر تي چڙهي اچي ۽ سندس اڳيان پويان پوليس ، 1122 ايمبولنس سان گڏ ويهارو کن گاڏيون هجن ته اُن ملڪ ۾ مشورن مان ئي ڪم هلائجي ته بهتر آهي ، اصل ۾ مشورن پويان به هڪ ڪهاڻي آهي جنهن کي لڪائڻ لاءِ عوام کي مشورا ڏيئي ڇڏبا آهن ، اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن به شيءِ جي اچانڪ غائب ٿيڻ ۾ ان جادوگر جو وڏو ڪردار آهي جنهن کي منافع خور ، ذخيرا اندوز يا مافيا چئبو آهي ، ۽ ان سگهاري مافيا کي روڪڻ بجاءِ حڪومت عام ماڻهن کي مشورا ڏيئي پنهنجي جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ لڳل هوندي آهي ، پاڪستان ڪڻڪ جهجهي مقدار ۾ اُپائي ٿو ، اسان جي ملڪ مان ڪڻڪ پرڏيهي ملڪن ۾ وڃي ٿي ، ته پوءِ ان جي کوٽ ڪيئن ٿئي ٿي ان جو ڪارڻ اُها مافيا آهي  آهي جيڪي سستي اگهه ۾ پنهنجي فلور ملن لاءِ ڪڻڪ جي ڪوٽا وٺي ان کي عام مارڪيٽ ۾ مهانگي اگهه ۾ وڪڻن ٿا ان جو اثر وري عام ماڻهن تي پوي ٿو، ساڳئي طرح کنڊ ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ ٿيندڙ واڌ ۾ به اهڙين مافيائن جو هٿ آهي جيڪي پنهنجي منافع لاءِ مارڪيٽ مان انهن شين کي غائب ڪري پوءِ پنهنجي پسند جا اگهه وصول ڪن ٿيون ، پر حڪومت انهن مافيائن کي گرفتار ڪري سزائون ڏيڻ بدران عوام کي انهن شين جي استعمال کي ختم ڪرڻ يا گهٽ ڪرڻ جا مشورا ڏيندي نظر ايندي آهي ،  اسان جي ملڪ ۾ مفت حڪومتي مشورن پٺيان ان سگهاري مافيا جو هٿ آهي جنهن کي قابو ڪرڻ حڪومت جي وس ۾ ان ڪري نه آهي ته کنڊ جي ڪارخانن ، اٽي جي مِلن ، ۽ ٻين ڪاروبارن ۾ وڏي تعداد انهن وزيرن يا سندس ويجهن مائٽن جي آهي جيڪي پاڻ حڪومت ۾ شامل آهن .
imsbaloch@yahoo.com


Tuesday 16 July 2013

Noise pollution and diseases


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2638


شور جو گدلاڻ بيمارين جو سبب
سرور بلوچ
آواز قدرت جي هڪ نعمت آهي سُريلي آواز انسان کي پرسڪون بڻائي ڇڏيندي آهي، پر جڏهن اهو آواز هڪ حد کان وڌي وڃي ته شور بڻجي ويندي آهي، ماحول سان ٿيندڙ هٿ چراند جو وڏو سبب انسان پاڻ آهي ۽ ان جو نقصان به انسان کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي، گدلاڻ رڳو ماحولياتي ۽ پاڻي جي نه هوندي آهي پر شور جي گدلاڻ به هڪ وڏي مصيبت آهي، ترقي جي نالي تي وڏين وڏين ڪارخانن ، انڊسٽرين ۽ روڊن تي ڊوڙندڙ گاڏين جو دونهون جتي ماحول جي گدلاڻ جو هڪ سبب بڻجي رهيا آهن،  اُتي اهي شور جي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ڪري رهيا آهن ، اڻوڻدڙ ۽ پريشان ڪندڙ آواز کي شور چئبو آهي، شور مختلف سببن مان اسان تائين پهچي ٿو جيئن جهاز جو شور ، ڪارخانن جو شور ، گاڏين ۽ انهن ۾ لڳل پريشر هارنن جو شور، بي هنگم ۽ وڏي آواز ۾ موسيقي جو شور ( جيڪا توهان کي نه چاهيندي به ٻُڌڻي پوي ) ، واڍن وٽ استعمال ٿيندڙ اوزارن جو شور ، ڊرل مشين جو شور سڀني کان اهم آهن ، شور جي آلودگي نفسيات ، صحت ۽ روين تي اثر انداز ٿئي ٿي ۽ شور نفسياتي صحت کي نقصان پهچائي بيمارين جيئن  ڊپريشن ، چڙچڙوپن ، ننڊ نه اچڻ ، هاءِ بلڊپريشر ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت جي گهٽجڻ جو سبب بڻجي ٿو،   نفسياتي بيمارين ۾ شور جو به اهم ڪردار آهي، ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي پذير ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ شور جي گدلاڻ جا سبب به گهڻائي آهن، خاص ڪري پاڪستان ۾ ته عام ماڻهو سان گڏ شور صبح گهران ڪم لاءِ نڪرڻ کان وٺي ويندي رات جو سمهڻ تائين ايئن پويان لڳل هوندو آهي، جيئن اهو زندگي جو هڪ اهم جز هجي، خاص ڪري ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ان کان تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا، ڪپهه ٽاڻڻ جي ڪارخاني  ( ڪاٽن فيڪٽري ) ، ڪپڙن جي فيڪٽرين ، گهريلو استعمال جون شيون ٺاهيندڙ ڪارخانن ۽ بين انيڪ ڪارخانن جي ۾سينن  ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت صبح 6 وڳي کان 8 تائين ڊيوٽي تي ايند آهن ، ۽ ڪم جي حساب سان ڪڏهن 8 ۽ ڪڏهن 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندا آهن ، انهن جو سڄو ڏينهن مشينن جي شور ۾ گذرندو آهي ۽ ان وقت شور ايڏو ته شديد هوندو آهي جو پاسي ۾ بيٺل ٻئي همراه جو ڳالهائڻ به ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي، اڪثر مشينن ۾ ڪم ڪندڙ ٻڌائين ٿا ته شروع شروع ۾ ته مٿي ۾ تمام گهڻوسور ٿيندو هو ۽ رات جو سمهڻ مهل به ڪنن ۾ شور جو آواز گونجندو هو پر آهستي آهستي شور جا عادي ٿي ويا آهيون،  ملڪ ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جا سون جي تعداد ۾ ڪارخانا موجود آهن، ۽ اڃان وڌيڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن،  هڪ ڪارخاني ۾ ٽوٽل ڪم ڪندڙ مڪينيڪل اسٽاف ۽ مزدورن جو تعداد 1 سو کان 5 سو ۽ ڪنهن جاءِ تي ان کان به وڌيڪ هوندوآهي، جنهن مان اڪثر ماڻهو مشينن ۾ ڪم ڪندا آهن اُهي شور جي بلڪل ويجهو هوندا آهن، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ لکين ماڻهو سڌو سنئون شور ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ جڏهن ته ان کان ٻيڻا مزدور ۽ پورهيت جيڪي ڪارخانن جي مشينن ۾ ڪم نه ڪندي به شور سان متاثر ٿي رهيا هوندا آهن، جڏهن ته ڪارخانن جي آس پاس جي آبادي جا ماڻهو پڻ ان شور سان متاثر ٿي رهيا هوندا آهن،  پاڪستان ۾ ڪجهه سالن ۾ هڪ نئين شور جو اضافو ٿيو آهي جيڪو اڳ تمام گهٽ پر هاڻ هر گهر ، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي ضرورت بڻجي ويئي آهي، پاڪستانين کي 24 ڪلاڪن مان 8 کان 12 وري ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ته 16 کان 20 ڪلاڪن تائين ان شور ۾ رهڻو پوندو آهي، اهو جرنيٽر جو شور آهي جيڪو پئسن سان گڏ ذهني پريشاني جو سبب به بڻجي رهيو آهي، ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جتي ٻيو گهڻو نقصان پهچايو آهي اتي ان شور جي گدلاڻ جو هڪ ٻيو سبب به پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه گاڏين جي شور ۽ خاص ڪري گاڏين ۾ لڳايل پريشر هارنن به شور جي گدلاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي، شهري  علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ٽريفڪ جي شور مان سخت متاثر ٿين ٿا جڏهن ته ايئرپورٽ جي پاسن ۾ ٺهيل آبادين جا ماڻهو جهازن جي شور سبب سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا، موسيقي روح جي غذا ضرور آهي پر موسيقي جو آواز جڏهن پريشان ڪندڙ ٿي وڃي ۽ ان ماڻهو جيڪو نه چاهيندي به ان شور کي ٻڌي ان لاءِ ته موسيقي روح جي غذا نه پر سزا بڻجي ويندي آهي، who   شور جون حدون مقرر ڪيون آهن، شور جي ماپي کي ڊيسي بل چئبوآهي، عالمي اداره صحت موجب رهائشي علائقن ۾ 45 ، ڪمرشل علائقن ۾ 55 ۽ صنعتي علائقن ۾ 65 ڊيسي بل تائين شور هئڻ گهرجي، جڏهن ته اهو پڻ چيوويو آهي ته انسان  70 ڊيسي بل کان گهٽ شور برداشت ڪري سگهي ٿو پر جڏهن اهو شور  ان کان وڌيڪ ٿئي ۽ مسلسل هجي ته اهو تڪليف ڏيندڙ ٿي وڃي ٿو،  ۽ ان کي ڪنن لاءِ خطرو سمجهبو آهي، ڇو ته شور کي اسان ڪنن ذريعي ٻڌندا آهيون ته اهو سڌو اثر اسان جي ڪنن تي ڪري ٿو، جنهن سان ٻڌڻ جي صلاحيت شديد متاثر ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ مسلسل شور سبب ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون، جيئن چرچڙو پن يا ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ ، بلڊ پريشر ، ذهني دٻاءِ ، ڊپريشن ، نفسياتي منجهارا ۽ ٻين انيڪ بيمارين ۾ شور جو به گهڻو عمل دخل آهي ، هڪ اندازي موجب دنيا ۾ 120 ملين ماڻهن جي ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر آهي، جڏهن ته يورپ جي اڌ آبادي شور جي ماحول گزاري ٿي جيڪي شور جي گدلاڻ سبب سڪون جي ننڊ به نٿا ڪري سگهن ، شور جي گدلاڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ قانون سازي ٿيندي رهي آهي جيئن امريڪا ۾ شور ڪنٽرول ڪوڊ ، 1972 (وفاقي) نيويارڪ شور ڪنٽرول ڪوڊ 1972 ، شڪاگو شور ڪنٽرول ريگيوليشن 1971 ، ساڳئي طرح پاڪستان ۾ به پاڪستان انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي 1983 ۾ قانون جوڙيو، ماحول ۾ شور جو گدلاڻ منجهارن جو سبب آهي ان کان بچا لاءِ پايسيون ته جڙيون آهن پر انهن تي عمل نه هئڻ جي برابر آهي، شور جي گدلاڻ تي خاص توجهه پڻ نٿي ڏني وڃي، نه ئي وري ماڻهن کي شور بابت ۽ ان کان بچاءُ لاءِ ڪاڄاڻ ڏني وڃي ٿي، سڄي دنيا شور جي گدلاڻ سان متاثر ٿي رهي آهي، پر ان لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نظر نٿااچن ،اهو ئي ڪارڻ آهي ته شور جي گدلاڻ ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي،
 17 جولاءِ 2013 تي روزاني عبرت ۾ ڇپيو .

Sunday 14 July 2013

Mirza , Mutahida And Metropolitan


مرزا ، متحده ۽ ميٽروپوليٽن
سرور بلوچ
سال 2011 مارچ جي مهيني ۾ مون هڪ آرٽيڪل لکيو هو جنهن جو عنوان مرزا ، متحده ۽ مفاهمت هو ، ان آرٽيڪل ۾ ان ڳالهه جو ذڪر هو ته ذوالفقار مرزا ملير ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ عبدالله مراد بلوچ جي ورثي تي هڪ اعلان ڪيو هو ته پيپلز امن ڪميٽي اسان جي ذيلي تنظيم آهي ، جنهن تي پيپيلز پارٽي جي اتحادي جماعت متحده سخت رد عمل ڏيکاريندي اتحاد ٽوڙڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ اڳ جيان پيپلز پارٽي ان اعلان جي ترديد به ڪئي هئي ۽ مرزا به پنهنجي چئي تان ڦري ويو هو ، ان آرٽيڪل جي آخري حصي ۾ ڪجهه ايئن لکيل آهي ته ذوالفقار مرزا جي اعلان ۽ بيان سياسي گرما گرمي ته مچائي ڇڏي آهي پر ان تي بيهڻ مشڪل ٿو لڳي ، ڇو ته وزير اعلي جي ميڊيا ڪوآڊينيٽر چئي ڇڏيو آهي ته امن ڪميٽي اسان جي ذيلي تنظيم نه آهي، جڏهن ته صدر ، وزير اعظم ، وزير اعلي ۽  وفاقي گهرو وزير متحده کي پرچائڻ ۾ لڳا پيا آهن ، لڳي ٿو ته جلد ئي ذوالفقار مرزا حسب عادت ۽ روايت پنهنجو اعلان ۽ بيان واپس وٺي ڇڏيندو ، ان لاءِ جو هو ڪيترو به بهادر ۽ سچو آهي پر اڪيلي سر ڪجهه به نه ڪري سگهندو ، ذولافقار مرزا جي سنڌ اسيمبلي اچڻ تي ڊيسڪون وڄائي  ويلڪم ڪرڻ ۽ نعري بازي ڪرڻ کان بهتر آهي ته هڪ مظبوط اسٽينڊ وٺجي ۽ مفاهمت جي نالي تي ٿيندڙ بليڪ ميلنگ مان جان ڇڏائجي ، ذوالفقار مرزا جي بيان تي متحده جو هر اڳواڻ ميڊيا تي پريس ڪانفرنسون ڪندي نظر ايندو آهي ته وري پيپلز پارٽي وارا هنن چي پرچائڻ ۾ لڳل هوندا آهن ، ۽ اهو سلسلو گذريل ٽن سالن کان هلندڙ آهي ، ذولافقار مرزا ڪنهن جلسي ۾ ڪجهه سچيون ڳالهيون ۽ جذباتي تقريرڪري ٿو ، متحده ان جي ردعمل ۾ پريس ڪانفرنسون ڪري اتحاد ٽوڙڻ ۽ علحدگي جون ڌمڪيون ڏئي ٿي ۽ آخر ۾ مفاهمت جي ڪري سڀ حل ٿي وڃي ٿو ، منهنجي ان آرٽيڪل کان پوءِ به اهو سلسلو جاري رهيو ، پيپلز پارٽي ذوالفقار مرزا کي هميشه متحده لاءِ پريشر ٽُول طور استعمال ڪيو آهي ، پيپلز پارٽي متحده سان گڏ پنج سال گذاريا پر ان عرصي ۾ متحده ان پوزيشن ۾ نه هئي جهڙي ارباب رحيم دور ۾ هئي ان جو ڪارڻ به اهو ئي هو ته متحده کي ذوالفقار مرزا ۽ ڪجهه ٻين قوتن جي بيانن ڪري پريشر ۾ رکيو ويو هو ، ان دوران ذوالفقار مرزا رڳو تقريرن تائين محدود نه رهيو پر هڪ وقت اهڙو به آيو جڏهن ذوالفقار مرزا  28 اگسٽ 2011 ، 27 رمضان جي ڏينهن قرآن مٿي تي کڻي ڪراچي پريس ڪلب ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ هن جيڪو ڪجهه ڳالهايو ان تي سڄي سنڌ ۾ هن جي واهه واهه ٿي ويئي ، ان وقت متحده سربراره کان پوءِ شايد ئي ڪو شخص هو جنهن جي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس کي ايتري دير تائين ڏيکاريو ويو هجي ۽ هر چيئنل ان کي براهراست ڏيکاريو ، ان وقت ذوالفقار مرزا متحده خلاف گهڻو ڪجهه ڳالهائيو ، ڪيترائي الزام هنيا ، ڇو ته هو گهرو وزير رهي چُڪو هو ته ان گهڻائي ثبوت به گڏ ڪيا هئا، هن پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به ڪيون جن کي هن وقت متحده ته ٺهيو پر پيپلز پارٽي به مڃڻ کان انڪاري هئي پر اڄ انهن ڳالهين کي برطانيه حڪومت پاڻ ئي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ، ان پريس ڪانفرنس ۾ ذوالفقار مرزا هڪ ڳالهه ڪئي هئي ته “ الطاف مونکي ۽ پير مظهر الحق کي ڌار ڌار چيو هو منهنجا پرڏيهي قوتن سان لاڳاپا آهن امريڪا پاڪستان کي ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ۾ آئون ۽ منهنجي پارٽي گڏ آهي ، هن وڌيڪ چيو هو ته اها ڳالهه پير مظهر الحق کان قرآن تي پڇي سگهو ٿا ته الطاف حسين 2001 ۾ برطانيه جي وزير اعظم ٽوني بليئر کي خط لکي چيو ته آءِ ايس آءِ کي ختم ڪري نه ته ٻيا به اُسامه پيدا ٿيندا ، هن ٽوني بليئر کي چيو ته برطانيه لاءِ هزارين ماڻهو روڊن تي آڻي سگهون ٿا، ذوالفقار مرزا ان پريس ڪانفرنس ۾ ٻيو به گهڻو ڪجهه چيو ۽ ثبوت پيش ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون،  پر هو ان وقت به اڪيلو بيٺو هو سندس پارٽي جي هڪ اڌ اڳواڻن کان سواءِ ڪير به هن سان بيهڻ لاءِ تيار نه هو ، ان وقت ذوالفقار مرزا پنهنجي وزارت سان گڏ ، پنهنجي سيٽ ۽ پارٽي عهدي تان به استيعفا ڏيئي ڇڏي ، متحده سندس پريس ڪانفرنس ۽ ان ۾ چيل ڳالهين سراسر ڪوڙ ۽ متحده خلاف سازش قرار ڏنو هو ۽ صدر زرداري ۽ پيپلز پارٽي جي دٻاءُ جي ڪري ذوالفقار مرزا اچانڪ منظر تان غائب ٿي ويو هو، جنهن ڪري ٻين به سندس ڳالهين کي ڪوڙ سمجهي خاموشي اختيار ڪري ڇڏي ڍ، پر ان دوران ذوالفقار مرزا جڏهن متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جو قتل نه ٿيو هو ، الطاف حسين خلاف ڪيترائي ثبوت کڻي لندن پهتو هو، جتي لياري جي حبيب بلوچ ۽ لارڊ نظير هن جي ڀرپور مدد ڪئي هئي ، پر ان وقت برطانوي پوليس ان جي ثبوتن کي ڪا اهميت نه ڏني هئي يا انهن کي ظاهر نه ڪيو هو، پر جڏهن لندن ۾ متحده اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ٿيو ته حالتون يڪسر تبديل ٿي ويون ، ٽن سالن تائين هلندڙ جاچ نيٺ وڃي آخري مرحلن ۾ پهچندي نظر اچي رهي آهي ، متحده سربراه الطاف حسين کي هاڻ نه رڳو پنهنجي پارٽي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل جي جاچ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي پر ان سان گڏ  مني لانڊرنگ ۽ برطانيه خلاف بيان ڏيڻ جي معاملن کي پڻ منهن ڏيڻو پئجي رهيوآهي ، ۽ برطانيه پوليس ذوالفقار مرزا جي پريس ڪانفرنس دوران ذڪر ڪيل برطانيه کي لکيل خط کي پڻ ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ، پيپلز پارٽي جي حڪومت متحده سان هميشه مفاهمت ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رهي آهي ۽ ان جو سبب به اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪراچي جي حالتن جي بهتري لاءِ متحده سان مفاهمت ڪري کين حڪومت ۾ شامل ڪرڻ ضروري آهي ، ان مان اهو مطلب ٿو نڪري ته جڏهن به متحده حڪومتي بئنچن تي نه هوندي ته ڪراچي جون حالتون خراب رهنديون ، اها ڳالهه ڪيتري سچ آهي ان جو اندازو ته ڪراچي جي هاڻوڪي حالتن مان لڳائي سگهجي ٿو ته متحده برطانيه ۾ هلندڙ تحقيقات ۽ متحده سربراه خلاف ٿيندڙ جاچ جي ڳالهين مان ماڻهن جو خيال لياري جي جهيڙي ڏانهن ٿي ويو آهي ، لياري جي واقعن ۾ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادار متحده جو هٿ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ وزير اعظم جي ٽيم پڻ ان ۾ امن ڪميٽي ۽ انهن جي مخالفن جو هٿ ڄاڻايو آهي ، متحده خلاف پيش ڪيل ذوالفقار مرزا جي ثبوتن تي ته ان وقت نه اسان جي ملڪ ۾ ۽ نه وري ٻاهرين ملڪن يقين ڪيو يا پوءِ مفاهمت جي ڪري سڀ ڪجهه ڄاڻندي به بي خبر رهڻ جو ڊرامو ڪيو ويو پر هاڻ جڏهن برطانيه متحده سربراه خلاف جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته هاڻ وري نئين بحث شروع ٿي ويئي آهي ، ذوالفقار مرزا 2011 ۾ جيڪا ثبوتن واري پيتي برطانيه کڻي ويو هو تنهن کي شايد برطانيه پوليس کولڻ جي زحمت نه ڪئي هئي پر هاڻ جڏهن ضرورت پئي ته پيتي جي چاٻي لاءِ ذوالفقار مرزا کي ميٽروپوليٽن پوليس گهرايو آهي ، ذوالفقار مرزا الطاف حسين خلاف ثبوت پيش ڪرڻ لاءِ لندن ته پهچي چڪو آهي ، پر سندس پراڻو يار ۽ کيس ان مقام تي پهچائيندڙ صدر آصف علي زرداري اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ ميٽروپوليٽن پوليس سان نه ملڻ جو چيو آهي پر خبرون آهن ته ذوالفقار مرزا سندس ڳالهه مڃڻ کا انڪار ڪري ڇڏيو آهي ، متحده اڳواڻ الطاف حسين جتي اڳ ئي ڪيترن ئي پاسن کان برطانيه ۾ هلندڙ ڪيسن ۾ ڦاٿو پيو آهي اُتي وري ذوالفقار مرزا ان لاءِ وڌيڪ ڏکيائين جو سبب بڻجي سگهي ٿو ، 2011 ۾ ته مرزا ۽ متحده وچ ۾ هلندڙ جهيڙو پيپلز پارٽي جي مفاهمت جي نظر ٿي ويو هو،  پر هاڻ ڏسجي ته مرزا ۽ متحده وارو جهيڙو ميٽروپوليٽين پوليس لاءِ ڪيئن ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
imsbaloch@yahoo.com

Tuesday 9 July 2013

is a crime to placate angry man

رٺلن کي پرچائڻ ڏوهه
سرور بلوچ
هيلو ، هيلو ڀائو فون کڻ ، هيلو هيلو اڙي ٻڌين ڪوبه ٿو فون کڻ، موبائل واري رنگ ٽون جي آواز تي مائي ڇرڪ ڀري اٿي ۽ چوڻ لڳي اڙي مئا کڻ ڀلا فون ڇو اچي اسان جي ننڊ ڦٽائي اٿئي، مائين جي آواز تي چڳن چڳن جو ساهه نڪريو وڃي اسان جي مجال جو هڪ سڏ تي نه اٿون، مان به اکيون مهٽيندي اُٿي فون ڏي نهاريندي چيو اڙي هي ته ڪالُو سانولا جو نمبر آهي ايڏو ساجهر جو فون ڪيو اٿس، خدا خير ڪري الاهي ڇا ٿيو آهي ، جيئن فون کنئين ته سامهون کان آواز آيو “ بادل ڀائي ڪٿي آهين ” مون به اڌ ننڊ اڌ سجاڳ ۾ جواب ڏنو، مان پنهنجي گهر آهيان اور وري ڪدهر هوندس ، اڳيان وري آواز آيو “ توکي خبر آهي ته پاڻ واري ليڊر پارٽي جي اڳواڻي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي ” مون رڙ ڪندي جواب ڏنو سانولا ڀائي خدا جو سوُن پاڻ کي ڪابه خبر نه آهي، باقي رات گهڻي ڪوشش ڪيم نيٺ وڃي ظهور وانگر خاب ڏٺم ته اڄ ڪنهن کي پرچائڻو آهي ، ته وري ٻئي پاسي کان آواز آئي “ سڀ ڳالهيون ڇڏ جهٽ نڪر شهر پهچ پارٽي جي گاڏي نڪرندي ٻين دوستن سان گڏ توکي به اچڻو آهي” فون بند ٿيندي ئي مان کٽ تان اُٿي آواز ڏني سڀاڳي اُٿي قهر ٿي ويو ڀائي وري پارٽي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آهي، سامهون جواب مليو تون وارو ڀائي پالٽي ڇڏي يا جهان اسان ڪهڙو ڏوهه ڪيو جو هيڏو ساجهر اسان جي ننڊ ٿو ڦٽائين ، اڙي نڀاڳي اُٿي سانولا ڀائي چيو آهي ته ارجنٽ ۾ شهر پڄ گاڏي نڪري ويندي ، ۽ پنڌ به وڏو آهي ، ها ته پوءِ وڃ نه ڀلا مون توکي جهليو آهي ڇا، مائي به ساڳئي انداز ۾ جواب ڏيئي کٽ تان اُٿي، اڙي مائي مصيبت توکي خبر آهي ته ڀائي کي پرچائڻ ڪيڏو ڏکيو آهي، ۽ جي نه پرچايوسين ته هو روئڻ شروع ڪندو ۽ ڀائي جڏهن رنو ته پوءِ هتي ڳوڙهن جا دريا وهي ويندا، اُٿي جلدي ڪر چار مانيون، مکڻ ۽ ٻه گلاس لسي جا ڏي ته کائي وڃان اسان کي بک هڙتال تي ويهڻو آهي ۽ جيسين اُن کي نه پرچاينداسين حرام جو هڪ گره به کايون، پر ٻڌ هڪ اڌ ماني مون واري ٽوال ۾ به ويڙهي ڏجان وچان گهُت هڻي کائي وٺندس،  ۽ هون به ليڊر پرچائڻ ايڏو سولو ناهي ٿي سگهي ٿو اڳين واري ڪلاڪن وارا ريڪارڊ ٽوڙي وجهي ۽  تقريڙ وڌي وڃيس، اهڙي ۾ پنهنجو بندوبست به ته ڪرڻو آهي، اُٿي شابس جلدي ڪر ماني هڻي ڏي ته نڪران ، نيٺ منٿ ميڙ سان مائي ماني تيار ڪري ڏني،  ماني کائي ، لسي جو وٽو چٽ ڪري ، ٽوال ڪلهي تي ويڙهي روڊ تي پهتس ته دوسُو واري کٽاري ڊاٽسن هيٺان ، مٿان فُل ٿي بتيون ٻاري جهاز وانگر پئي آئي ، مان به پاسي ۾ ٽنگجي ويس ، جيڪي دعائون ياد هئم پڙهي نيٺ خيريت سان پهتس، آفس سامهون وين بيٺي هجي ۽ ان جي آسي پاسي بيٺل سڀني جون اکيون گهڙين ۽ موبائلن ۾ هجن، مان چيو ڀائو ڇا ٿيو آهي، سڀني چيو ته يار جلدي گاڏي اسٽارٽ ڪر بادل اچي ويو هاڻ نڪرو دير نه ٿي وڃي، وين تي چڙهي منزل ڏانهن روانا ٿياسسين، ڏهين وڳي کان ڪجهه دير اڳ ئي ڀائي جي گهر آڏو پهچي وياسين، اُتي ته ميلو متل هو، شاميانا لڳا پيا هجن ، هيٺ دريون وڇايل هنيون، ٽيبل تي هڪ ٽيليفون ان جي پاسي گل پيل هئا ، چينلن جا ميڪ فون جي آسي پاسي ايئن پيا هئا ڄڻ اجهو ٿو هن مان ڪو نڪري ڳالهائڻ شروع ڪندو، ڪو چينل وارو هڪڙي کي جهلي ڪجهه پڇي رهيو هو ته ڪو وري ڪنهن ٻئي کان ، مون ڏانهن نه ڪنهن نهاريو نه وري ڪنهن پڇا ڪئي ، هڪ ننڍي قد وارو ۽ هلڪي ڏاڙهي وارو ڀائي ٻئي هٿ پويان ٻڌي ڏاڍو پريشان هيڏانهن هوڏانهن ايئن پئي چڪر ڪاٽيا ڄڻ ڪو سندس کنڊ جو جهاز ٻڏي ويو هجي، ٿوري دير مس گذري ته فون جي گهنٽي وڄي ، سڀ ايئن چپ ٿي ويا ڄڻ ڪو نانگ سنگهي ويو هجي، خطاب شروع ٿيواسان وارو ليڊر ڏاڍو پريشان پي لڳو هو چوڻ لڳو منهنجي خلاف انگريز سازش ڪري رهيا آهن هنن کي الائي ڪنهن اهو ڪوڙ ٻڌائي منهنجي خلاف ڪيو آهي ته منهنجي وڏن انهن کي جنهن جي ملڪ ۾ رهان پيو هندستان مان ڀڄايو هو ، خدا ٿو ڄاڻي ته اسان جو ان هٿ نه هو ، پر اصل قصو اڃان ٻيو آهي اصل ۾ دنيا ۾ هاري ، پورهيت ، مزدور ۽ مسڪينن جو مان آخري سهارو آهيان، مان پورهيت ۽ هاري جو پُٽ آهيان ، ۽ انهن جو خادم آهيان، جيڪو گهڻن ماڻهن کي برداشت نٿو ٿئي ان ڪري ئي مون کي مارائڻ جي سازشون ٿي رهيون آهن، رات مون جڏهن خواب ۾ ظهور وساڻ ڏٺو جنهن مشورو ڏنو ته پارٽي مان هٿ ڪڍ سر بچاءِ ۽ ٻي کي وارو ڏي ، سائين درويش ماڻهو آهي سدائين سچا خواب ڏسندو آهي، منهنجي خواب ۾ آيو آهي شايد منهنجي ڀلو چاهي ٿو ، ان ڪري مان پارٽي جي اڳواڻي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو، ڀائي جو رڳو ايترو چوڻ هو ته پنڊال ۾ رڙيون مچي ويون ، جوان پوڙها روئڻ شروع ٿي ويا انهن کي ڏسي مائين به رينگٽ شروع ڪئي ۽ مائرن کي ڏسي ٻار به روئڻ شروع ٿي ويا ، مان پريشان ته ڪنهن کي پرچايان ، نيٺ پاسي ويٺل هڪ مائي جي مٿي تي هڪ رکي چيم ادي رب خير ڪندو تنهنجو ڀائي اڃان جيئرو آهي ، مائي مون ڏي ڪاوڙ ۾ نهاريندي جيئن جوتي ۾ هٿ وڌو مان به سمجهي ويس ته اڳئين قطار ۾ ويهڻ لاءِ پئي چوي سو اٿي عزت ۽ مٿو بچايم ، اوچتو هڪ پوڙهو بگي ڏاڙهي وارو اُٿي زاروقطار روئڻ شروع ٿي ويو، ته فون تي هڪ زوردار آواز آئي خاموش ، خاموش ، خاموش پر پوڙهو مجال جو ماٺ ڪري پوڙهي چيو اڄ خاموش  نه ٿينداسين اڄوڪو اوهان جو نائون استيعفا آهي ، مان شگر ، بلڊ پريشر ،  سائي ۽ دم جو مريض آهيان ، هتي دم ڏيئي ڇڏيندس پر ڳالهه ڪنهن هڪ پاسي ڪري پوءِ اٿبو ، ايتري ۾ ڏٺم ته پوڙهي جي وات ۾ رت وهي ۽ قميص ڳاڙهي ٿي ويئي ، مون کان پوڙهي جو خون ، مائين ۽ ٻارڙن جو رڙيون ڏٺيون نه ٿيون مان به ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکي بيهي رهيس ، پويان ڪنهن رڙ ڪئي ، بيٺ جائو ، ڇو ويهان سڀ مري ويندا پوءِ راضي ٿيندو ڇا، مان به پنهنجا ڳوڙها روڪي نه سگهيس ڀائي کي چيم اسان جو هتي ڪير به ناهي ، تون ۽ ڏاڏو ، تون ئي بابو ، تون ئي امان ۽ تون ئي ماسي آهين ، اڄ هن پنڊال ۾ سڀ گڏ ٿيا آهيون ته اوهان کي پرچائبو ، اوهان نه هوندا ته پرچين جاپئسا ۽ کلون ڪير کڻندو ، اسان به ته ان ئي آسري آيا آهيون، جي اهو سڀ بند ٿي ويو ته پوءِ اوهان جي پويان ڪير به نه هوندو ، پويان هڪڙي اڳريون پئي هنيون ، ڪنهن قميص پئي ڇڪي پر مان به چيو اڄ ڪجهه به ٿي وڃي پر ڪم پورو ڪري پوءِ ويهبو ، مان وري رڙ ڪندي چيو ڀائو اسان صبح کان بکارا آهيون صبح کان ڪجهه به ناهي کاڌو ، نڀاڳي اوڳرائي به ان مهل ئي اچڻي هئي، هيڏانهن هوڏانهن نهاري وري ڳالهائڻ لڳس ڀائو اسان اوستائين هتان نه اٿنداسين جيسين اوهان فيصلو واپس نٿا وٺو ، مان به ارڙي ، پوليو ، ڪاري سائي ، سهڪي ۽ جو مريض آهيان، مان به پوڙهي وانگر رت جون الٽيون ڪري مري ويندس ، اڃان ڳالهه کٽي نه هئي ته سامنهون ننڍي قد واري ۽ ننڍي ڏاڙهي واري زور سان رڙ ڪندي چيو اڙي ويهاريو ان کي هي ڪهڙي مصيبت آهي، ايتري ۾ فون تان وري آواز آئي خاموش ڪير هو هي ڪارڪُن، ته ڪالُو ڀائي رڙ ڪئي هي بادل آهي ڪجهه عرصو اڳ ئي پارٽي ۾ شامل ٿيو آهي، اڳيان وري آواز آئي بادل ڀائي توهان ٺيڪ چيو اهي سڀ ڪم ڪير سنڀاليندو ، هونئن به ڪجهه عرصي کان ڪم به گهٽ آهي ، ٻيا به گهڻائي ساڳئي ڪم تي لهي پيا آهن ، اڄ تون منهجون اکيون کولي ڇڏيون ، مان اڄ وري تنهنجي ۽ ڪميٽي جي اسرار تي پنهنجو اعلان واپس ٿو وٺان ، ڀائي خدا حافظ ڪري فون بند مس ڪئي ته ٻه ماڻهو مونکي ٻانهن مان جهلي گهليندا هڪ ڪنڊ ۾ تي کڻي ويا ، اُتي بيٺل ويهارو کن ماڻهن جي سامهون ڪالُو سانولاڪنڌ هيٺ ڪري بيٺو هو ، سامهون هڪ وڏي مڇين وارو چشمو پاتل ڪالُو کي دڙڪا ڏيندي پئي چيو ، اڙي تون هن وٺي آيو آهين توکي خبر نه هئي ته اهڙن پروگرامن ۾ نون ماڻهن کي ناهي آڻبو، توکي ته پوءِ ٿا ڏسون پهرين هن سان ڳالهائي وٺان ، مون ڏانهن ڪنڌ ورايائين ته مان سمجهي ويس ته مائي جي مٿي هٿ رکي هئم ان شڪايت ڪئي آهي هاڻ خير ڪونهي ، پر هتي ته ڳالهه ئي ڪا ٻي هجي ، چشمي وارو مون ڏانهن نهاري چوڻ لڳو ، اڙي توکي ڪنهن چيو ته تون هيرو ٿي اُٿي تقرير ڪر ، مون چيو ڀائي ايڏا ماڻهو پيا روئن ۽ مان ڪمزور دل ماڻهو ، عورتن ، ٻارن جو روئڻ مان ڪيئن سهان مجبور ٿي بيٺس پر اوهان کي ته خوش ٿيڻ گهرجي مون ڀائي کي پرچائي ڇڏيو، اڙي نڀاڳا توکي ڪنهن چيو ته اسان سڀ ڪنهن کي پرچائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، اسان کي جيئن صبح ساجهر خبر پئي ته ٻاهر حالتون خراب ٿي وين آهن ۽ ڀائي وري استيعفا ڏني آهي ته سک سان سمهي رهيا سين ته اوچتو فون آيو ته خطاب جو پروگرام آهي اسان کي پڪ ٿي ته اها استيعفا اڳ جيان واپس وٺبي، اسان سڀ گڏ ٿياسين ته هن کي چئون ته استيعفا واپس نه وٺ روز روز جي استيعفا ڪري گهڻائي خوار ٿي ويا آهيون،  ۽ تون چڳو مڙس وري پرچائڻ آيو آهين ، نڪر ته هڻئين نه جوتا ، مون پهرين هن ڏانهن نهاريو پوءِ ڪالُو ڀائي ڏانهن نهاريندي چيو عجب آهي هتي ته رُٺلن کي پرچائڻ به ڏوهه آهي ، ٽوال ڇنڊي وڃڻ لڳس ته سامهون اهون چاچو قميص ڌوئي واپس اچي رهيو هو ، پڇيومانس بابا ڏي خبر طبيعت ڪيئن آهي توکي ڊاڪٽر وٽ نه وٺي ويا ڇا، پر وٺي به ڇو وڃن تو به ته مون وانگر ڀائي کي پرچائڻ جي غلطي ڪئي هئي نه ، هن مون ڏانهن چتائيندي چيو ، اڙي مان تو وانگر چريو آهيان ڇا مون ڪنهن کي به نه پي پرچايو ۽ مان بيمار به ناهيا ، مون حيران ٿيندي چيو تون بيمار ناهين ته رت جون الٽيون ڇو ڪيئي ، اڙي چريا مون رت جي اُلٽي نه ڪئي اهو ته جذباتي تقرير ۾ وات مان پان ٻاهر نڪري ويو هو،

imsbaloch@yahoo.com

Saturday 6 July 2013

Who is involved the bloody game in lyari


http://www.dailyibrat.com/beta/pages/jpp_07072013055901.jpg





لياري ۾ جاري رت جي راند ۾ ڪنهن جو هٿ آهي ؟
سروربلوچ
لياري جو نالو ايندي ئي ماڻهن جي ذهنن ۾ الائي ڪهڙا ڪهڙا خيال جنم وٺندا آهن لياري جي تاريخ مان ته گهڻائي ڄڻا واقف به نه آهن ، پر موجوده دور ۾ لياري کي منشيات ، گينگ وار ، جرم جي دنيا جي نالي سان سامهون آندو پيو وڃي، ٻين علائقن جا ماڻهو جيڪي لياري ڪڏهن ويا ئي ناهن سي سمجهن ٿا ته شايد ان علائقي ۾ ڪو وڃي به نٿو سگهي، لياري ڪراچي کي جنم ڏنو آهي، ڪراچي مهاڻن جي ڳوٺ مان اجگر شهر ته بڻجي ويو پر ان سان گڏ ئي اهو شهر دهشت جي نظر به ٿي ويو آهي، منهنجي عزيزن جو گهر لياري جي چيل چوڪ واري علائقي ۾ آهي مان جڏهن ڪجهه سال اڳ ڪراچي ۾ ڪجهه عرصو رهيس ته مان به لياري ۾ ترسيل هئس، لياري جتي شام ٿيندي ئي ڪاروباري مرڪزن ، روڊن ، رستن ۽ گلين ۾ رونقون اچي وينديون هيون، سڄو ڏينهن محنت مشقت ڪندڙ شام جو گهرن جي سامهون ، گلين ، روڊن جي فٽپاٿن تي ويهي رات دير تائين ڪچهريون ڪندا هئا، چيل چوڪ جي بلڪل ويجهو گبول پارڪ آهي جتي فٽبال جي مئچن کي ڏسڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا هئا ۽ لياري ملڪ کي نالي وارا فٽبالر پڻ ڏنا پر لياري وانگر هو به نڌڻڪا ٿي مري ويا، لياري جا کلاڙي نظر انداز ٿيڻ باوجود فٽبال سان ناتو نه ٽوڙيو اهو سلسو هاڻ به جاري آهي پر اڳ کان گهٽ ٿي ويو آهي، لياري باڪسنگ ۾ به پاڻ کي مڃايو جتان نڪرندڙ بلوچ ۽ ڪڇي نوجوان باڪسرن پاڪستان جو نالو روشن ڪيو، لياري محنت ڪش ماڻهن جو علائقو آهي، ۽ اڄ به اُتي وڏي اڪثريت ۾ محنت ڪش ئي آباد آهن، لياري پاڪستان ٺهڻ لان اڳ به سياسي پارٽين لاءِ اهم مرڪز هو جتان ڪيترن ئي قوم پرستن پنهنجي سفر جو آغاز ڪيو ۽ پوءِ انهن سنڌ ۽ بلوچستان ۾ پنهنجي سياست ذريعي پاڻ کي مڃايو، لياري کي هڪ مظبوط سياسي ڄاڻ ۽ شعور رکندڙ ماڻهڻ جو علائقو هو، ورهاڱي کانپوءِ ڪراچي جون حالتون يڪسر تبديل ٿيون، ۽ هتان جا اصلوڪا رهواسي اڪثريت مان اقليت ۾ تبديل ٿيڻ لڳا، ورهاڱي وقت هندستان ۾ ايندڙ  پنجابي ڳالهائيندڙن پنجاب جو جڏهن ته اردو ڳالهائيندڙن سنڌ جو رخ ڪيو، 1948 ۾ هجرت ڪري آيل 11 لک ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا ۽ ان مان 4 لک ڪراچي ۾ ترسيا، اهو سلسلو 1954 تائين جاري رهيو ، ان لڏپلاڻ ڪراچي جي اصلوڪي رهاڪن کي نه رڳو اقليت ۾ تبديل ڪيو پر سندن روزگار لاءِ به ڏکيائيون پيدا ڪري ڇڏيون، ورهاڱي سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان ، هاري ۽ پورهيتن کي رسيو، ورهاڱي کانپوءِ اهو قانون پاس ٿيو ته ورهاڱي سبب لڏپلاڻ ڪندڙ هندوئن جون زمينون ، دڪان ۽ گهر مقامي ماڻهن کي ڏنا ويندا، پر افسوس جو سنڌ ۾ ايئن نه ٿيو هندن جا ڪاروبار ، گهر ۾ ملڪيت هجرت ڪري آيلن کي ڏني ويئي، جنهن سان هتان جا ماڻهو معاشي بدحالي ڏانهن هليا ويا ۽ انهن لاءِ ترقي جا رستاپڻ  بند ڪيا ويا، ڪراچي خلاف سازشون ورهاڱي کان پوءِ ان وقت شروع ٿيون جڏهن 20 مئي 1948 تي دستور ساز اسيمبلي ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري وفاق ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ، جنهن خلاف سنڌ جي ماڻهن سخت احتجاج پڻ ڪيا، ان فيصلي سان سنڌ خلاف سازشن جو نئون جنم ٿيو ، جلد ئي لڪيل سازشي ماڻهو ظاهر ٿيڻ لڳا ورهاڱي جي 4 سالن بعد هڪ ٻي خطرناڪ شازش ان وقت شروع ٿي، جڏهن 1952 ۾ هندستان کان هجرت ڪري آيل هڪ شخص حسين امام ڪراچي صوبي جو شوشو ڇڏيو، هن موقف پيش ڪيو ته ڪراچي سنڌ جو شهر ناهي رهيو ان ڪري ان کي مهاجرن لاءِ الڳ صوبو ٺاهيو وڃي، ڪراچي جي اردو پريس ان جي حق ۾ زبردست مهم هلائي ، ۽ هڪ انگريزي اخبار “ ڊان” حسين امام جا سلسلي وار مضمون پڻ ڇاپيا، پر سندس خواب ساڻس گڏ مڻين مٽي هيٺ دفن ٿي ويو، پر شازشن جو سلسلوڪنهن نه ڪنهن صورت جاري رهيو، ڪراچي ۾ اڪثريت جي دعوي ڪندڙن لاءِ ڪراچي جا اصلوڪا رهواسي هميشه کان پريشاني جو سبب بڻيا آهن، ان ڪري ئي مختلف وقتن تي انهن علائقن ۾ ويڙهون ڪرائي ماحول خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي، ڪراچي جي علائقي لياري کي مختلف پارٽين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ، پيپلز پارٽي جي لياري ۾ اچڻ کانپوءِ هن علائقي ۾ اهڙو ماحول جڙي ويو جو قوم پرستن کي هتان نڪرڻو پيو ۽ هنن لاءِ لياري ۾ سياست ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو، آمر ضيا الحق جي دور ۾ آيل هٿيارن ۽ منشيات جتي ملڪ جي ٻين علائقن ۾ پکڙڻ لڳي اُتي اُن لياري کي به جڪڙڻ شرورع ڪيو، ۽ ان جي ڪري علائقي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ به خرابيون پيدا ٿيڻ لڳيون، ۽ لياري ۾ بدامني جي باهه ٻرڻ لڳي ، هڪ ٻي آمر مشرف جي دور ۾ لياري ۾ ٻرندڙ باهه ۾ تيل وجهڻ جو ڪم شرورع ٿيو، ڪراچي جي وڏي پارٽي سڏائيندڙن هميشه لياري ۾ پاڻ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪيا، لياري ۾ ٻن گروپن رحمان  ۽ ارشد پپو جي ذاتي ، منشيات يا ٻين سبنن جي ڪري هلندڙ جهيڙي مان ٻاهرين ماڻهن فائدو حاصل ڪرڻ شروع ڪيو، مشرف دور ۾ لياري جو اهو جهيڙو گينگ وار ۾ تبديل ٿي ويو، ان وقت لياري جي رهواسين پاران اهي الزام لڳڻ لڳا ته لياري ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ متحده ارشد پپو گروپ کي سپورٽ ڪري لياري ۾ جهيڙا ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته ٻي پاسي متحده ان جهيڙي جو ڪارڻ پيپلز پارٽي کي چئي رهي هئي، پر اوچتو ان جهيڙي ۾ اچانڪ تبديلي آئي ۽ رحمان بلوچ مخالف سان مذاڪرات ڪري لياري ۾ جهيڙو ختم ڪرڻ جو ڪوششون شروع ڪري امن ڪميٽي جي نالي هڪ تنظيم ٺاهي ۽ ان تنظيم کي لياري مان ٻاهر ڪڍي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ان جون آفيسون کولڻ شروع ڪيون، جنهن جي متحده سخت مخالفت ڪئي، ۽ امن ڪميٽي کي ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ امن امان خراب ڪرڻ جا الزام هڻڻ شروع ڪيا، پيپلز پارٽي جي ئي دور ۾ هڪ پوليس مقابلي ۾ “ رحمان ڊڪيت ” رحمان بلوچ کي مارڻ جي دعوي ڪئي ويئي، جنهن بعد امن ڪيمٽي عزيز بلوچ جي حوالي ٿي ان وچ ۾ لياري ۾ پيپلز پارٽي خلاف نفرتون وڌڻ شروع ٿي ويون، پيپلز پارٽي جي گذريل پنج سالا دور ۾ لياري ۾ ترقي ته نه ٿي پر حاليون ضرور خراب ٿيون، خراب حالتن جي پويان پيپلز پارٽي ٻاهرين ۽ ٽيئن قوت کي قرار ڏيندي پئي اچي ته وري متحده گينگ وار ۽ امن ڪميٽي کي ان جو ذميوار قرار ڏيندي آئي آهي، لياري ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ گينگ وار خلاف ٿيل آپريشن ۾ گينگ وار ته ختم نه ٿي پر عام ماڻهن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو، جنهن جي ڪارڻ پيپلز پارٽي کي شديد مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو، لياري ۾ هلندڙ گينگ وار جو هڪ ٻيو قردار ارشد پپو به لياري ۾ قتل ٿي ويو پر لياري ۾ هلنڊڙ خوني جهيڙا اڃان تائين جاري آهن، لياري ۾ هلندڙ جهيڙن بابت ڊي سي ۽ ڊي آئي جي هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته لياري ۾ ڇڪتاڻ پويان ٽئين ڌر سرگرم آهي لياري ۾ ڪڇي ۽ بلوچ پاڻ ۾ نه وڙهي رهيا آهن، پر ٻاهريان ماڻهو لياري ۾ داخل ٿي ڪاروائي ڪري، ماڻهو ماري بلوچ ۽ ڪڇين کي نسلي جهيڙي ڏانهن ڌڪي رهيا آهن، لياري ۾ رهندڙ بلوچ ، ڪڇي ۽ ٻيون قومون اڄ به اهائي ڳالهه ڪن ٿيون ته اسان جو پاڻت ۾ ڪوبه جهيڙو ناهي ، اڄ به بلوچ اڪثريتي علائقن ۾ ڪڇي ، اردو ڳالهائيندڙ ، پنجابي ڳالهائيندڙ رهن پيا ۽ ساڳئي طرح ڪڇي آبادي علاقن ۾ بلوچن ۽ ٻيون قومون به آباد آهن، پر ڪوبه ان ٽئين قوت بابت ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهي ۽ نه ئي ان خلاف ڪا ڪاروائي ٿيندي نظر اچي ٿي آخر ان ٽئين قوت کي ڪهڙي سليماني ٽوپي پاتل آهي جو هو ڪنهن کي نظر نٿي اچي، لياري ۾ هلندڙ جهيڙي سبب لياري جا رهندڙ ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، پيڙهين کان رهندڙ ۽ هڪ ٻئي سان مائٽيون ڪندڙ هڪ ٻئي کي شڪ جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن، اندروني يا ٻاهريون ڪجهه قوتون پنهنجن ذاتي مفادن لاءِ رات جي رند کيڏي رهيون آهن، امن امن جا دعوي دار الاهي ڪٿي آهن  حڪومت به ڪٿي به نظر نٿي اچي، پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري هئڻ باوجود امن امان جي صورتحال بهتري ڏانهن ويندي نظر نٿي اچي، لياري جي حالتن جي ذميوار اگر ٽئين ڪا قوت آهي ته هيڏي نفري ۽ چوڪين باجود هو ماڻهو ماري ڪيڏانهن غائب ٿي وڃن ٿا، ان جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي، صدر زرداري لياري جي حالتن جو نوٽس وٺندي بلاول هائوس ۾اجلاس ته گهرايو آهي پر جڏهن هو يوسف رضا گيلاني کي پرچائڻ لاءِ ملتان وڃي سگهي ٿو ته پوءِ لياري جي امن ۽ بي گناهه ماڻهن جي قتل عام خلاف لياري ۾ ڇو نٿو وڃي سگهي، شديد خطري باوجود جڏهن شهيد بينظير ڀٽو لياري وڃي سگهي ٿي ته صدر زرداري ڇو نٿو وڃي سگهي، لياري پيپلز پارٽي يا ڪنهن ٻي پارٽي جو قلعو هجي يا محل پر خدارا ان کي انساني رت سان رنڱڻ ۽ انساني لاشن جي ديوار ڏيڻ بند ٿيڻ گهرجي .
imsbaloch@aol.com


Friday 5 July 2013

Egypt Hussani to Mursi




http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2439


مصر حُسني کان مُرسي تائين
سروربلوچ
مصر جتي حسني مبارڪ جي دور ۾ پنج کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿين تي پابندي لڳل هئي، هن پنهنجي حڪومتي دور ۾ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن کي وسيع اختيار پڻ ڏنا هئا، جنهن جو ڪارڻ مصري حڪومتي اسلامي شدت پسندگروپن کي قابو ڪرڻ ۽ مصر جي سياحت جي صنعت کي بچائڻ چوندي هئي، مصر ۾ ٽيهه سال حڪومت ڪندڙ مصري صدر حسني مبارڪ ڪڏهن سوچيو به نه هو ته جتي هو 5 ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي پابندي هڻي پاڻ کي محفوظ سمجهي رهيو هو اُتي هن خلاف لکين ماڻهو روڊن تي اچي سندس ٽن ڏهاڪن جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندا، مصر جو نائب صدر  حسني مبارڪ ان وقت صدر بڻيو هو جڏهن مصر جي صدر انور سادات کي 1981 تي قاهرا ۾ اسلامي جهاد سان تعلق رکندڙ ڪجهه شدت پسندن هڪ فوجي پريڊ دوران گوليون هڻي قتل ڪيو، اڪتوبر 1981 ۾ صدر جي عهدو سنڀاليندڙ حسني مبارڪ 1928 ۾ قاهره ويجهو مينوفيا صوبي ۾ جنم ورتو، حسني مبارڪ قاهره جي امريڪن يونيورسٽي ۾ پڙهيل سوزين نالي عورت سان شادي ڪئي جنهن مان کيس جمال ۽ اعليٰ نالي ٻن پٽن جو اولاد آهي، تاريخي ملڪ مصر ۾ ٽيهه سالن تائين حڪومت ڪندڙ حسني مبارڪ جي دور ۾ ملڪ معاشي طور تي بهتر هو تنهن ڪري اتي جي عوام جمهوري آزادي نه هئڻ باوجود ساڻس گڏ بيٺل رهي، حسني مبارڪ ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ ٽي ڀيرا چونڊون ڪرائي صدر چونڊجي ويو هو پر چوٿين ڀيري 2005 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ کيس ملڪي ۽ سندس اهم اتحادي امريڪا جي دٻاءُ جي ڪري چونڊ نظام ۾ سڌارا آڻي ٻين ماڻهن لاءِ به چونڊ وڙهڻ جي جاءَ ٺاهڻي پئي، حسني مبارڪ کي حڪومت جي خاتمي جي آخري عرصي ۾ اهو احساس ٿيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ان خلاف ملڪي ۽ ٻاهرين ملڪن طرفان دٻاءُ وڌي رهيو آهي، مصر جو نالو وٺجي ۽ ان ۾  تحرير اسڪوائر جو ذڪر نه ٿئي اهو ڪيئن ممڪن آهي، قاهره جي التحرير اسڪوائر مان اٿندڙ انقلابي تحريڪ حسني مبارڪ جي ٽيهه سالن کان هلندڙ ٽرين کي نه رڳو روڪيو پر پٽڙي تان ئي لاهي ڇڏيو، التحرير اسڪوائر ۽ ٻين هنڌن ۾ هلندڙ ارڙهن ڏينهن جي ان تحريڪ ۾ سوين ماڻهن پنهنجون حياتيون قربان ڪيون، مصري صدر ڪنهن به صورت اقتدار ڇڏڻ نه پئي چاهيو، هن مختلف وقتن ۾ عوامي دٻاءُ سبب اصلاحات جون ڳالهيون ضرور ڪيون، ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ مبارڪ سادات جي قتل جي وجهه بڻجندڙ اسرائيل سان امن معاهدو ڪري ٻاهرين قوتن سامهون پاڻ کي مضبوط ڪيو ۽ ٽيهه سال مير تي حڪومت ڪئي ، ٽيهن سالن جي اقتدار ۾ حسني مبارڪ تي ڇهه حمله ٿيا، 2005 ۾ ايٿوپيا ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ ذري گهٽ بچيو ويو، مصري صدر حسني مبارڪ جي اقتدار مان بيذار عوام پنهنجي جدوجهد کي ايترو ته سگهارو ڪري ڇڏيو جو مبارڪ مجبور ٿي ويو ۽ هن کي چوڻو پيو ته هو سياسي عمل لاءِ رستو کولڻ چاهي ٿو، حسني مبارڪ پاران  مختلف وقتن تي چونڊون ڪرائڻ ۽ پاڻ چونڊون نه وڙهڻ جون ڳالهيون پڻ سامهون آيون، پر عوام کي ان جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي، 10 فيبروي 2011 تي سڄي ملڪ ۾ اها خبر باهه جيان پکڙجي ويئي ته مصري صدر حسني مبارڪ استيعفا ڏيڻ وارو آهي، پر مبارڪ وري ماڻهن کي اهو چئي حيران ڪري ڇڏيو ته مان سيپٽمبر تي ٿيندڙ چونڊڻ تائين اقتدار نه ڇڏيندس، جنهن تي عوام سخت ردعمل جو مظاهرو ڪيو، نيٺ تحرير اسڪوائر جي انقلاب هن کي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ حسني مبارڪ پنهنجي ڏنل بيان جي هڪ ڏينهن اندر ئي پنهنجي گهر واري ۽ پُٽن سميت اقتدار مان هٿ ڪڍي قاهره مان روانو ٿي ويو، حسني مبارڪ جي اقتدار جي خاتمي سان مصر جي عوام نوان خواب ڏسڻ شروع ڪيا، ٽيهن سالن جي حڪومت ۾ جمهوري آزادي نه ملڻ تي احتجاج ڪندڙ ماڻهن جون نظرون نئين ايندڙ جمهوري حڪومت ڏانهن هيون،  نيٺ 30 جون 2012 ۾ چونڊن ۾  مُرسي ڪاميابي حاصل ڪري مصر جو پهريون سويلين صدر بڻيو، ۽ پنهنجي صدر ٿيڻ بعد مرسي حسني مبارڪ جي حڪومت جي خاتمي جي سڃاڻ بڻجندڙ تحرير اسڪوائر تي هڪ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته صدر جي ڪنهن به اختيار مان دستبردار نه ٿيندس، ان ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته مصري فوج جي سپريم ڪائونسل صدر جا ڪيترائي پنهنجي اختيار ۾ وٺي ڇڏيا هئا، ۽ مرسي انهن اختيارن جي واپسي چاهي پي، ان موقعي تي نئين چونڊيل مصري صدر مرسي اهو به واعدو ڪيو هو ته حسني مبارڪ جي حڪومت خلاف احتجاج ڪندڙن کي آزاد ڪيو ويندو ۽ جيڪي انقلابي قتل ٿيا انهن جي وارثن کي پڻ انصاف ملندو ، مصري صدر مرسي اها ڳالهه به ڪئي ته انقلاب جاري رهڻ گهرجي اوستائين جو اسان کي سمورا مقصد حاصل نٿا ٿي وڃن، مرسي جي ان بيان کي مخلافن نه صرف ٻڌو پر ان تي عمل به شروع ڪري ڇڏيو، مرسي هڪ سال جي اقتدار ۾ عوام جي امنگن تي پورو نه لٿو نه ئي وري مخالفن کي قابو ڪري سگهيو ،  حسني مبارڪ جي حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندڙ مظاهره ختم نه ٿيا ۽ مُرسي حڪومت خلاف به احتجاج جو سلسو شروع ٿي ويو، حزب اختلاف جي تحريڪ تمرود يعني “باغي” پاران هڪ بيان جاري ڪيو ويوهو جنهن ۾ هنن چيو هو ته صدر مرسي اقتدار ڇڏي چونڊون ڪرائي ٻي صورت ۾ سندس خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائي ويندي، مرسي جي مخالفن اها به دعوي ڪئي ته جلد چونڊن جي مطالبي جي هڪ پٽيشن تي2 ڪروڙ 20 لک ماڻهن صحيون ڪيون آهن، مخالف صدر مرسي ۽ سندس اتحادي اخوان المسلمين جي پاليسن مان ناخوش هئا، مُرسي جي هڪ سالا حڪومت ۾ ملڪ نه رڳو معيشت ۾ پوئتي رهي پر سياسي ڪشيدگيون به گهٽ نه ٿيو، ان ڪري ئي مخالفن کي موقعا مليا ۽ انهن مرسي حڪومت خلاف تحرير اسڪوائر تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪيو، مصر جي عوام جنهن مقصد لاءِ حسني مبارڪ جي حڪومت جو خاتمو آندو، ۽ انهن کي مُرسي جي حڪومت مان گهڻيون اميدون هنيون، پر شايد مرسي حڪومت ان تي پورو نه لهي سگهي، فوج ملڪ جي حالتون ڏسي صدر مُرسي کي ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيندي چيو ته عوام ۽ مخالفن سان ڳالهيون ڪري ملڪ جون حالتون بهتر ڪري ٻي صورت ۾ اسين مداخلت ڪنداسين، فوج جي اهڙي بيان تي صدر مُرسي شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته مان صاف شفاف چونڊن ذريعي ملڪ جو صدر بڻيو آهيان ان ڪري ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ اچي حڪومت نه ڇڏيندس، ان وچ ۾ صدر مُرسي فوج جي سربراهه سان ٻه ملاقاتون پڻ ڪيون، پر اوستائين عوام صدر مُرسي کي هٽائڻ لاءِ لکن جي تعداد ۾ روڊن تي اچي چڪي هئي، اڳواڻي صدر حسني مبارڪ عوام آڏو بيوس ٿي نيٺ اقتدار ڇڏي قاهره مان روانو ٿي ويو هو، پر صدر مُرسي ڪنهن به صورت ۾  حڪومت ڇڏڻ لاءِ تيار نه هو، جڏهن ته عوام کيس اقتدار مان هٽائڻ لاءِ سندرا ٻڌي ڇڏيا هئا، نيٺ فوج پنهنجي ڏنل مهلت جو مناسب جواب نه ملڻ تي مصر ۾ هڪ سال حڪومت ڪندڙ سويلين صدر جي اقتدار جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو، فوج جي سربراهه الفتاح السيسي پنهنجي ٽي وي بيان ۾ چيو ته صدر مرسي عوام جي خواهشات پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ويو، تنهن ڪري اسان کي مداخلت ڪرڻي پيئي، جڏهن ته مُرسي اهڙي قدم کي فوجي بغاوت سڏيو آهي، فوجي سربراهه جي مرسي حڪومت جي خاتمي جي اعلان تي تحرير اسڪوائر ۾ احتجاج ڪندڙن خوشي ملهائي ته ٻي پاسي صدر مرسي جا حامي “ فوجي بغاوت نامنظور” جا نعرا هڻي رهيا هئا، صدر مرسي خلاف چئن ڏينهن جي احتجاج سندس حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجي ويئي، مرُسي جي حڪومت جي خاتمي يا فوجي بغاوت بعد ملڪ جي چيف جسٽس عدلي منصور عبوري صدر جو حلف کڻي ورتو آهي ۽ هو ملڪ ۾ صدراتي ۽ پارلياماني چونڊن ڪرائڻ جو عزم پڻ ڪيو آهي،  ملڪ جي تازي صورتحال تي حزب اختلاف جي اڳواڻ البرادي چيو ته مستقل جي منصوبي يا روڊ ميپ جو مقصد قومي اتفاق رائي پيدا ڪرڻ آهي، هوڏانهن فوجي سربراهه ۽ حزب اختلاف جي اڳواڻڻ جي تقرير کانپوءِ صدر مُرسي جي حامين اخوان المسلمين جا ٽي وي چئنل بند ٿي ويا، اخوان المسلمين جي ٻن اهلڪارن موجب صدر مرسي ۽ ڪجهه ٻيا اڳواڻ گرفتار ڪيا ويا آهن، مصر ۾ ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل کي هڪ سال کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، نئين چونڊيل صدر مرسي پنهنجي هڪ خطاب ۾ چيو هو ته انقلاب اڃان جاري رهڻ گهرجي ، ٽيهه سالن کان اقتدار جو واڳون سنڀاليندڙ صدر حسني مبارڪ خلاف تحرير اسڪوائر ۾ شروع ٿيندڙ انقلاب واقعي به اڃان تائين جاري آهي، عوام هاڻ نئين ايندڙ حڪمران ڏانهن ڏسي رهيا آهن، هاڻ ڏسجي ته حُسني مبارڪ ۽ مُرسي عوام جي خواهشن تي پورا نه لٿا ته اهو ڪهڙو حڪمران هوندو جيڪو مصر ۾ هلندڙ معاشي مسئلن ، بي روزگاري تي قابو ڪندو عوام جون خواهشون پوريون ڪندو، مصر جي عوام هاڻ انقلاب جي راهه تي هلي پئي آهي، جيڪو به سندن ملڪي مسئلن کي حل نه ڪندو ۽ سندن معيار تي تي پورو نه لهندو ته تحرير اسڪوائر ان حڪومت جي خاتمي جو سبب بڻجندو.  
imsbaloch@aol.com

Tuesday 2 July 2013

CM Sindh and Rangers




ته پوءِ هلايو “ لاتعلقي جو اشتهار ”
سرور بلوچ
وزير اعلي سنڌ جي ان بيان تي حيرت گهٽ پر افسوس ضرور ٿيو ته امن امان جا ذميوار  سندس چيو نٿا مڃين، سيد قائم علي شاهه سنڌ اسمبلي جي اجلاس ۾ جڏهن چيو ته رينجرز منهنجي اختيار ۾ ناهي، چيف سيڪريٽري توڙي آئي جي کي جزا ۽ سزا وارو اختيار وفاق وٽ آهي، ڊي جي رينجرز مرضي جو مالڪ آهي مون وٽ اچي يا نه هو منهنجي ماتحت ناهي، رينجرز جيڪي بارڊر واري علائقي ۾ واري ۽ شديد گرمي ۾ سرحدن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا تن کي ڪراچي جي حالتن ۾ بهتري لاءِ ڪراچي آندو ويو،  انگريز هندستان ۾ واپاري ٿي آيا پر هندستانين جي ڦوٽ مان فائدو وٺي حاڪم ٿي ويٺا ان تي ئي سنڌي ۾ هڪ پهاڪو آهي “ آئي ٽانڊو کڻڻ ، بورچياڻي ٿي ويٺي ” رينجرز کي ڏسي لڳي به صحيح ٿو، واري جي دڙن مان ڪراچي جي شهر ۾ آيلن جي واپسي به ممڪن نٿي لڳي. 1995 کان ڪراچي ۾ ويٺل رينجرز تي ڪروڙين ، اربين روپيا سنڌ جي خزاني مان خرچ ٿيا آهن، انهن  کي گاڏيون ، اسلحو ۽ اهي سڀ مراعتون  ڏنيون ، جيڪي ڪنهن به فورس کي گهربل هنيو ، جڏهن ته سندن مقابلي ۾ سنڌ پوليس سدائين سورن ۾ رهي آهي، گذريل 18 سالن ۾ جي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال کي ڏسجي ته ڇا رينجرز جي ڪراچي ۾ اچڻ سان امن امان جي صورتحال ۾ ڪا بهتري نظر آئي آهي، ڇا ڪراچي مان ٽارگٽ ڪلنگ ، ڀتي مافيا ، دهشتگدردي جي ڪيسن ۾ ڪا گهٽتائي آئي آهي، ڇا ڪراچي امن جو گهوارو بڻجي سگهيو آهي، ڇا ڪراڇي جا واپاري بي ڌڙڪ ۽ خوف کان آجا ٿي ڪاروبار ڪري سگهن ٿا، ڇا ڪراچي ۾ ٻچن جي روزي سانگي گهران نڪرندڙن جي وارثن سندس خيريت جي واپسي لاءِ دعائون گهرڻ ڇڏي ڏنيو آهن، ڇا مسجدن ۽ امام بارگاهن جي ٻاهران پوليس اهلڪار هٽي ويا آهن، انهن مان ته ڪجهه به نه ٿيو آهي ۽ نه ئي وري ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، ڪراچي ته اڄ به دهشتگردي جي باهه ۾ ٻري رهيو آهي ، ڪراچي ۾ ته اڄ به رت جي راند کيڏي پئي وڃي ، ڪراچي ۾ روزانو ماڻهڻ کي نشانو بڻائي قتل ڪيو وڃي ٿو ، پوليس ، عدليه تي حملا ٿي رهيا آهن ، سياست دان گولين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن، رڪشي وارا ، گڏهه گاڏي وارا ، ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ پورهيت نشانو بڻجي رهيا آهن ، رنگ ، نسل ، مذهب ، فرقي جي نالي ماڻهڻ کي ماريو پيو وڃي، ڪراچي ۾ ته اڄ به ڪو ماڻهو محفوظ ناهي، ٻار اسڪول وڃڻ کان ڊڄي رهيا آهن، اسلامي ملڪ ۾ نماز پڙهڻ به ڄڻ ڪو ڏوهه بڻجي ويو آهي ، مسجد ، امام بارگاهه ، مندر ، مزارون ۽  اسڪول به محفوظ ناهن رهيا، ڪراچي جهڙي شهر ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ ڄڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي، جڏهن اهي سڀ مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن ته پوءِ رينجرز جي ڪراچي ۾ هجڻ يا نه هجڻ سان ڪهڙو فرق پوندو  ڪراچي ۾ امن امان جي حالت بهتر ته نه ٿي آهي پر ان ۾ اڳ کان وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ، سنڌ حڪومت جنهن امن امان جي لاءِ رينجرز کي اربين روپيا خرچ ڪري يهي آهي ،  اُهي جڏهن چئي ۾ ئي ناهن ته پوءِ انهن کي ڪراچي ۾ رهائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، قبلا سائين مائٽن کي اولاد تمام گهڻو پياريو هوندو آهي پر جڏهن پنهنجو اولاد به چئي ۾ نه هوندو آهي ته مائٽ ان مان بيزار ٿي ويندا آهن، جڏهن اولاد کيس خرچ لاءِ ڏنل پئسن جو غلط استعمال ڪندو آهي ، ٻين جي چوڻ ۾ اچي پنهنجن جي ڳالهه نه مڃندو آهي ته پوءِ مائٽ ان خلاف به اخبار ۾ لاتعلقي جو اشتهار هلائي ڇڏيندا آهن،  قبله سائين اوهان الائي ڇا جي انتظار ۾ آهيو، اوهان به هلايو لاتعلقي جو اشتهار ته “ رينجرز منهنجي چئي ۾ ناهي هو وفاق جي سنگت ۾ هليو ويو آهي ان ڪري اڄ کان مان سندن خرچ پکو بند ڪري ساڻس لاتعلقي جو اعلان ڪيان ٿو ساڻس ڪنهن به قسم جي ڏيتي ليتي جا ذميوار اسان نه هونداسين ”   
imsbaloch@aol.com


Imran Farooq Case And MQM


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2358


عمران فاورق ڪيس ۽ متحده جي پريشاني
سرور بلوچ
نشو سگريٽ جو هجي يا سوشل ميڊيا جو جان ڇڏائڻ مشڪل آهي، سگريٽ جو موالي صبح منهن ڌوئڻ کان اڳ سگريٽ جا ڪش هڻي ايئن محسوس ڪندو آهي ڄڻ ڪنهن پُر فضا مقام تي قدرتي هوا جا مزا ماڻي رهيو آهي، ساڳئي حالت وري هاڻ سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جي ٿي ويي آهي صبح اٿڻ سان ئي جيسين موبائل ، ٽيبليٽ ، يا ڪمپيوٽر تي فيس بڪ جائزو نه وٺن يا اخبار  پڙهي نه وٺن ڄڻ اڌورا هوندا آهن، صبح جيئن ئي سوشل ميڊيا تي آيس ته پهرين خبر هئي متحده جو قائد الطاف حسين رضاڪاڻي طور پارٽي عهدو ڇڏڻ چاهي ٿو، سندس گهر ۾ تلاشي ورتي ويئي ان ڪري اخلاقي ۽ قانوني تقاضا موجب هو پارٽي اڳواڻ ٿيڻ نه ٿو چاهي، منهن ڌوئي چانهه جو ڪپ سامهون رکي ٽي وي کوليم ته چينلن تي رپورٽر صبح ساجهر کان ئي نائن زيرو پهتل هئا، ۽ هر چئنل وارو رپورٽر ڪنهن نه ڪنهن کي جهلي ڀائي جي اهڙي اعلان ۽ سندن رد عمل بابت پڇا ڪري رهيو هو، ان دوران خبر پئي ته ڀائي ڪجهه دير ۾ فون تي اچي ڪارڪنن کي روح پرور خطاب به ڪندو، پڪ ٿي ويئي ته هاڻ ڪجهه ڪلاڪ ريڊ باڪس ، ريڊ لائن ۽ ڀائي جي تقرير کانسواءِ ڪجهه به هوندو ڀل پوءِ ملڪ جي ڪنهن ڪنڊ ۾ ڪو مري وڃي پر کيس زندگي ۾ ته ٺهيو پر مرڻ کانپوءِ به ميڊيا ۾ ڪوريج نه ملندي، مختلف چئنلن تي الطاف ڀائي کي فيصلو واپس وٺڻ جون ريڊ لائنون شروع ٿي ويون ، انهن ريڊ لائنن ۾ هڪ لائن هئي ته ٻاهريون طاقتون ڀائي کي پارٽي کان پري ڪرڻ گهرن ٿيون، اسان مختلف وقتن تي ٻاهرين طاقتن جو ذڪر ٻڌندا آهيون، خاص ڪري ڪجهه وقت اڳ جڏهن اسان جا پاڙيسيري ملڪ سان لاڳاپا گهڻا خراب هئا ته ٻنهي ملڪن ۾ ڪنهن به واقعي جي ذميواري ٻاهرين طاقتن تي هنئي ويندي هئي ۽ ڪڏهن ته سڌو سنئون هڪ ٻئي ملڪن جو نالو به ورتو ويندو هو، ڪڏهن ته تنزيا طور اهي جملا به استعمال ٿيندا هئا ته ڪو ماڻهو ڪيلي جي کل تان ترقي پوي ٿو ته به الزام پاڙيسيري ملڪ تي لڳي ٿو ، متحده جي قائد کي ڪهڙيون ٻاهريون طاقتون ۽ ڇو هٽائڻ گهرن ٿيون اهو ته متحده اڳواڻ جي تقرير ۾ خبر پوندي پر مختلف شهرن مان ڀائي کي پارٽي جي اڳواڻي ڇڏڻ وارو پنهنجو فيصلو واپس وٺڻ جون اپيلون ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، مون کي لڳي ٿو ته ڀائي جي تقرير ۾ ڀائي پاڻ يا سندس ڪارڪن زاروقطار ويئي ڪري اهو اعلان اڳ جيان واپس ڪرائي وٺندا، مونکي به بي صبري سان انتظار آهي ته ڀائي خطاب شروع ڪري جيئن مان پنهنجو آرٽيڪل ختم ڪري سگهان.
نيٺ چئن ڪلاڪن جي ڊگهي انتظار کانپوءِ الطاف حسين خطاب شروع ڪيو هن خطاب ڪندي چيو ته هڪ هفتو اڳ برطانيه پوليس ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ منهنجي گهر ۾ تلاشي ورتي، ۽ گهر مان سامان کنيو ويو پر درخواست باوجود سامان جي لسٽ نه ڏني ويئي ، اسان چاهيون ٿا ته ڊاڪٽر عمران فاروق جا قاتل گرفتار ٿين پر ملڪي ۽ غير ملڪي اسٽيبلشمنٽ مونکي ڊاڪٽر عمران فاروق جي ڪيس ۾ ملوث ڪرڻ جي سازش ڪري رهي آهي ، لندن ۾ 16 سيپٽمبر 2010 ۾ قتل ٿيل متحده جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل خلاف برطانيه پوليس ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ تحقيق ڪري رهي آهي ان سلسلي ۾ تازو ئي تيزي اچي جڏهن ميٽروپوليٽين پوليس هيٿرو ايئرپورٽ تي ڪينيڊا کان واپسي تي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ۽ ساڻس پڇا ڳاڇا ڪئي ويئي، ان شخص جي باري ۾ اهي به اطلاع آهن ته هو الطاف حسين جو ڪزن آهي ۽ سندس نالو افتخار حسين آهي، ان شخص جي گرفتاري کانپوءِ برطانيه پوليس متحده جي ٻين اڳواڻن کان پڻ پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ الطاف حسين جي هڪ گهر ۾ ڪيترائي ڪلاڪ تلاشي ورتي ويئي ۽ اتان ڪجهه ضرورري سامان به ساڻ کڻي ويا، برطانيه پوليس جي اهڙي ڪاورائي تي متحده سربراه پارٽي جي سربراهي کي الوداع ڪرڻ جي ڪجهه ڪلاڪن بعد ڪيل تقرير ۾ چيو آهي ته ملڪي ۽ پرڏيهي اسٽيبلشمنٽ منهنجي خلاف سازشن ۾ مصروف آهن اهي مون کي مارائڻ گهرن ٿا، منهنجو ڏوهه اهو آهي ته مان جاگيراڻي ۽ سرمائيداراڻي نظام خلاف ڳالهائيندڙ آخري ماڻهو بچيو آهيان، مون خلاف جارج گيلو ، لارڊز نذير ۽ عمران خان کي استعمال ڪيو ويو، منهنجي گهر ڇاپو هنيو ويو ته مان مني لانڊرنگ ڪري رهيو آهيان، مون تي الزام لڳايا ويا ته مان مخالفن کي برداشٽ ناهيان ڪندو پر ايئن هجي ها ته عامر خان ۽ آفاق احمد زنده نه هجن ها ، هن چيو ته مان چاهيان ٿو ته جيستائين منهنجو فيصلو نٿو اچي تحريڪ کي رابطا ڪميٽي هلائي، پر سندس ان بيان تي رڙيون مچي ويون ، هڪ بزرگ ته زاروقطار روئيندي چيو ته اوهان پنهنجو فيصلو واپس وٺو نه ته اسان هتان نه اٿنداسين ، اُتي متحده جي ايم پي اي اشفاق منگي سنڌي ۾ چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪارڪن ڌرڻو هنيو ويٺا آهن اوهان فيصلو واپس نه ورتو ته مان پنهنجي ايم پي اي شپ تان استيعفي ڏيئي ڇڏيندس، تقري ٻڌندڙ جي وچ ۾ ويٺل ڪجهه اهڙن ماڻهن سامهون باقائده مائڪون رکيون ويون هنيون جيڪي روئانڻڪي انداز ۽ جذباتي تقرير جا ماهر لڳي رهيا هئا، الطاف ڀائي جي ڪيل ڏيڍ ڪلاڪ جي تقرير جو اڌ ته رڳو کيس فيصلو واپس وٺڻ جي اپيلن ۾ گذري ويو ، نيٺ ڪارڪنن جي اسرار تي الطاف اڳ جيان پنهنجو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو، الطاف حسين اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ڪاروائي جي ردعمل ۾ استعفي ڏني ۽ پوءِ رابطا ڪميٽي ، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي اسرار تي واپس وٺي ڇڏي، پر سندس ان عمل دوران صبح 6 وڳي کان سموري ميڊيا نائن زيرو تي سندس خطاب جي انتظار ۾ نه رڳو ويٺل رهي پر چار ڪلاڪن تائين خطاب جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن ۽ اُتي جا منظر ڏيکاريندي رهي ان وچ ۾ ملڪ ۾ ڇاوهيو واپريو اهي ان کان بي خبر هئا، جڏهن ته 10 وڳي الطاف حسين جو خطاب شروع ٿيو ۽ جيڪو ساڍي يارهين تائين جاري رهيو، ڏيڍ ڪلاڪن تائين هلندڙ خطاب ۾ اُهي ساڳيون ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ مليون جيڪي ميڊيا تي اڳ ئي اچي چڪيون آهن ، هڪ ڳالهه سوچڻ جهڙي آهي ته متحده سدائين پنهنجي ڪنهن به ڪارڪن جي قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِسخت احتجاج ڪندي رهي آهي، هڪ پاسي ته متحده ڪراچي ۾ ڪارڪن جي قتل تي سوڳ ملهائي هڙتال ڪري سڄو شهر بند ڪري ڇڏيندي آهي، پر جڏهن اڄ سندن اهم اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، ۽ ائين لڳي رهيو آهي ته ڳنڍ کلڻ واري آهي  ته پوءِ متحده ۽ سندس اڳواڻن کي ڪهڙي پريشاني ورايو ويٺي آهي ، انهن کي ته خوشي ٿيڻ گهرجي ته پاڪستان ۾ سندن ڪارڪنن جا قاتل نٿا لڀن پر برطانيه ٽي سال بعد پر سندس اهم اڳواڻ جي قاتلن جي ويجهو پهچي ويئي آهي، ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس جون ڳنڍون کلندي ئي متحده جون پريشانيون وڌي رهيون آهن، ان جو ڪارڻ ڇا آهي اهو ته الطاف حسين جي ڪيل تقرير مان ڪجهه اندازو ٿي ويو آهي، ته برطانيه پوليس ڊڪٽر عمران فاروق ڪيس ۾ نه رڳو اڳڀرائي ڪئي آهي پر ان سلسلي ۾ متحده جي برطانيا ۾ رهندڙ اڳواڻن کي به سوڙهو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق ڪيس اڃان کلي سامهون اچي ويندو،  متحده پنهنجي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري تي خوش ٿي ٿئي يا پريشان اهو به قتل ڪيس سان گڏ سامهون اچي ويندو.
imsbaloch@aol.com