Tuesday 28 January 2014

Local Bodies Election and Lota crecy


بلدياتي چونڊون ،  سياسي ۽ مفادي لوٽن جو مستقبل
سرور بلوچ
لوٽن جي تاريخ تمام گهڻي پُراڻي آهي شروعاتي دور ۾ لوٽا مٽي سان ٺاهيا ويندا هُئا پر وقت گذرڻ سان گڏ جتي ٻين شين ترقي ڪئي آهي اتي لوٽن جي رنگ ، بناوت ۽ اسٽائل ۾ پڻ تمام گهڻي تبديلي آئي آهي، هاڻ لوٽا نه رڳو مٽي پر اسٽيل ۽ پلاسٽڪ سان پڻ ٺاهيا وڃن ٿا ، پر جيئن ته دنيا گول آهي پراڻيون شيون وري واپس اچن پيون ، جيئن خاص ڪري پاڪستان ۾ بجلي ختم پئي ٿئي ، گئس لڀي ڪانه ٿي ۽ هاڻ ته ٻڌو آهي ته فيس بڪ به مرڻ وارو آهي ، لڳي ايئن ٿو ڄڻ اسان واپسي واري رستي تي سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي ، جڏهن واپسي شروع ٿئي ٿي وري اُتي پراڻين شين جي اهميت به وڌي ٿي اهڙي طرح مٽي جي لوٽن جي اهميت وري وڌي رهي آهي ( انسان به ته مٽي جو ٺهيل آهي ) جيئن ته لوٽا مختلف قسمن جا ٿين ٿا ۽ هر قسم جي لوٽي جو ڪم به پنهنجو پنهنجو هوندو آهي ، هڪ لوٽو اهڙو به آهي جنهن سان صحت سُٺي ٿئي ٿي ۽ ماڻهو تندرست رهي ٿو ان کي اسٽيل جو يا وري کير پيئڻ وارو لوٽو به چئبو آهي ، جنهن تي سنڌي ۾ مشهور ڪلام به آهي “ لوٽو مونکي آڻي ڏي ، منهنجو مونکي آڻي ، منهنجي کير پيئڻ وارو لوٽو ” ان لوٽي کي تندرستي لوٽو به چئي سگهجي ٿو ، ان بعد هڪ ٻيو لوٽو جيڪو اڪثر پلاسٽڪ جو ۽ ڪٿي وري اسٽيل جو هوندو آهي جيڪو نماز پڙهڻ کان اڳ وضو لاءِ استعمال ڪبو آهي ۽ مهمان اچڻ مهل هٿ ڌوئارڻ لاءِ پڻ ڪتب آندو ويندو آهي ، ان لوٽي جي به وڏي اهميت آهي پر ترقي جي تيزي ان جي اهميت کي ڪنهن حد تائين گهٽائي ڇڏيو آهي هاڻ وضو لاءِ ٽوٽيون لڳي ويون آهن ۽ مهمان به ماني کائڻ کانپوءِ ٽشو سان هٿ اگهيو وٺن ۽ جي يادگيرو رهيو ته هٿ ڌوئبا نه ته خير آ هونئن به هاڻ پاڻي وارا ٽشو به مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن ، جهيڙي کان بچڻ لاءِ ان قسم جي لوٽي کي رڳو مهماني لوٽو چئجي ته بهتر آهي ، جيئن ته شهرن ۾ ترقي ۽ متبادل ذريعا هجڻ ڪري انهن ٻنهي قسمن جي لوٽن جو استعمال تمام گهڻجي ويو آهي ۽ اهي لوٽا هاڻ شهرن ۾ تمام گهٽ ٻهراڙين ۾ ضرور نظر اچي ويندا آهن ، انهن ٻنهي قسمن جي لوٽن کان وڌيڪ اهم ۽ طاقتور هڪ ٻيو لوٽو به آهي جيڪو ڪجهه عرصو اڳ تمام اهم هو پر هاڻ ڪٿي نظر نه پيو اچي ، اهو لوٽو ظاهري نه سهي پر مٽي جو ٺهيل هوندو آهي ، جيڪو ڪنهن اهم شخصيت کي ڪُرسي تي ويهارڻ ۽ ان تان ڪيرائڻ جي سگهه رکي ٿو ، جيئن ته اسان وٽ وڏڙا ڳالهه نه مڃيندڙ ڇوڪرن ۽ غلط صحبت ۾ ايندڙ نوجوانن کي وات ڳاڙها ڇورا چئي مخاطب ڪندا آهن ، ساڳئي طريقي اسان کي 2008 جي چونڊن جي ڪجهه عرصي بعد 2011 ۾ پنجاب اسمبلي ۾  وات ڳاڙها لوٽا به نظر آيا هُئا ، انهن جون پريس ڪانفرنسون ڪنهن سرچ انجن تي آساني سان ڳولي سگهجن ٿيون ، ان قسم جي لوٽي کي سياسي لوٽو سڏجي ٿو انهن لوٽن جي تاريخ گهڻي پُراڻي ته نه آهي پر انهن جو ڪم تمام اهم آهي ، جيئن ته انهن لوٽن جي ڪابه هڪ زبان نه هوندي آهي اُهي اوهان کي سڀئي مُلڪي ٻوليون ڳالهائيندي  نظر ايندا ڪجهه پڙهيل لکيل لوٽا ته انگريزي به ڳالهائي ويندا آهن ، اهڙا لوٽا تعداد ۾ بيشڪ گهڻا نه هجن پر انهن جو ڪم گهڻو اهم هوندو آهي ، جيڪي اسان کي هي صوبي ۾ سولائي سان ملي وڃن ٿا ، ڪجهه امير لوٽا ته ٻاهرين ملڪن ۾ پڻ ويٺا آهن هوئن ته اهي ليڪل هوندا آهن پر ڪنهن سياسي جهڙي يا ناراصگي مان فائدو وٺي ظاهر ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ ريڊيو ، ٽي وي ۽ اخبارن ۾ رڳو اهو ئي نظر ايندا آهن ، جيئن اسان 2011 ۾ ڏٺا ، اهڙا لوٽا جمهوري حڪومتن ۾ ڪجهه گهٽ تعداد ۾ ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر آمرن جي آشيرواد ۾ انهن جي سٺي افزائش جي ڪري هو تيزي سان وڌندي ڏٺا ويا آهن ، مشرف جي 11 سالن جي اقتداري دور ۾ اهڙن لوٽن جي وڏي کيپ سامهون آئي ، ان دور ۾  سُتل لوٽا ٻيهر ظاهر ڪيا ويا هُئا مشرف جي ڪاري جادو اهڙو ته عمل ڪيو جو سندس هڪ ڦوڪ سان پيپلز پارٽي جا سُٺا سُٺا ڪارڪن به لوٽا ٿي ويا هُئا ، اُهي ساڳيا ماڻهو جن پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهي ڪاميابي ماڻي، اُهي ان دور ۾ وري پيپلز پارٽي خلاف ڳالهائيندڙن ۾ سڀ کان اڳئين صف ۾ بيٺل نظر ايندا هُئا ، انهن مان فيصل صالح حيات ۽ شيرافگن تمام ايڪٽو چيا ويندا هُئا جيڪي هر روز قانوني پوائنٽن ذريعي هڪ آمر جي تعريف ۽ پيپلز پارٽي جي بُرائي ڪندا رهندا هُئا ، پر مشرف بعد جيڪو ٿيو اُهو سندن وهم ۽ گمان ۾ به نه هو شير افگن نيازي سان جيڪو ٿيو ان کي سٺو نه چئبو پر قدرت جو قانون آهي جيڪو بُرو ڪندو تنهن سان بُرو ٿيندو ، مشرف جي وڃڻ بعد وفاق ۽ صابائي اسمبلين ۾ مفاهمتي پاليسي جو رنگ اهڙو ته چڙهيو جو اسان پڪ سمجهي ته هاڻ انهن لوٽن جي فيڪٽري بند ٿيڻ واري آهي ، شروعاتي ٻه سال ته واقعي اهي لوٽا غائب هُئا پر ٻن سالن بعد 2011 ۾ پنجاب اسمبلي مان مفاهمت جي موڪلاڻي ٿي ۽ ڪيترن ئي سالن کان ڪُرسي کان پري نواز ليگ پنجاب ۾ انهن لوٽن کي فارروڊ بلاڪ جي نالي سان سامهون آندو ، جيڪي مسلم ليگ (ق) جا ممبر هُئا ۽ سندن سيٽ تان چونڊوڙهي ڪامياب ٿي پنجاب اسمبلي پهتا هُئا ، شريف برادران جي جادو به عمل ڪيو ۽ ان وقت گهڻائي لوٽا سامهون اچي ويا هُئا ، اُهي نون لوٽا سڀ پراڻيون ڳالهيون ۽ لوٽن سان ٿيندڙ ويڌن وساري عطا مانيڪا سان گڏجي پنجاب اسمبلي کي ڪلهن تي کنيو ويٺا هُئا ، نيٺ اهڙن لوٽن جي مهرباني سان پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ جو اتحاد ختم ٿيو ۽ پ پ وڃي مخالف ڌر واري جاءِ سنڀالي ، انهن لوٽن خلاف ان وقت ۾ روز اسان کي پنجاب اسمبلي جي ٻاهر ۽ اندر لوٽا مارچ ۽ لوٽا احتجاج ڏسڻ وٽان ملندا هُئا ، ڪڏهن ڪڏهن ته اسمبلي ايئن لڳندي هُئي ڄڻ ڪنهن مدرسي پهچي ويا هجون اجهو ٿا سڀ ممبر وضو شروع ٿا ڪن ،  خيرن سان پ پ حڪومت پنجاب اسمبلي مان حڪومتي ڌر مان ڌار ٿي پر وفاق ۽ سنڌ ۾ سندن حڪومت پنهنجو مُدو پورو ڪيو ، مشرف دور کان اڳ به سياسي ڦير گهير سبب لوٽا مشهور ٿيا هُئا خاص ڪري ڇانگا مانگا جون ڳالهيون اڄ به ڪڏهن ڪڏهن ٻُڌڻ لاءِ ملنديون آهن ، مشرف دور ۾ وفاق ۾ جڏهن ته گذريل پنج سالن ۾ سياسي لوٽن پنجاب اسمبلي ۾ پنهنجا جوهر ضرور ڏيکاريا هُئا ، 2013 جي چونڊن کي 8 مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي ۽ نواز ليگ جي حڪومت ۽ کيس حلف کئني 7 مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي ، نواز ليگ جي حڪومت اسمبلي ۾ اڪثريت هئڻ ڪري پاڻ کي ڪنهن خطري ۾ نه پئي ڏسي ان ڪري  وفاق ۾ اهڙي صورتحال نه آهي جو ڪو سياسي لوٽن جي جاءِ ٺهي جڏهن ته صوبائي اسمبلين کي ڏسجي ته پنجاب ۾ نواز ليگ  ايتري سگهاري آهي ۽ پيپلز پارٽي وري ايتري ڪمزور آهي ان ڪري هُتي به شهباز حڪومت خلاف ڪا لوٽا پاليسي جا امڪان ڏسڻ ۾ نٿا اچن ، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي خلاف به ڪا اهڙي مهم جوئي نٿي ڏسجي ، اڃاڻ تائين ته وفاق ۽ صوبن ۾ ڪو لوٽا ڪريسي جي سياست جا امڪان نظر نه پيا اچن، ان ڪري وفاق ۽ صوبن جي سياست تي اثر انداز ٿيندڙ لوٽن ( جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ آهن ) کي فاالحلال صبر کان ڪم وٺڻو پوندو ، پر هيٺين سياست تي اثر انداز ٿيندڙن سياسي لوٽن لاءِ پليٽ فارم سجڻ وارو آهي ، مڪاني چونڊن کان اڳ سنڌ صوبي ۾ لوٽا ڪريسي ۽ سياسي ڦير گهير وڏي پئماني تي جاري آهي،  بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن ٿيڻ بعد ٻين صوبن ۾ به مڪاني چونڊن ٿيڻيون آهن ، سنڌ ۾ پيپلز پارٽي شايد ئي ڪو ضلعو ڇڏيو هجي جتان ٻين پارٽين جا پُراڻا پُراڻا ۽ اڳوڻن چونڊيل نمائندن کان وٺي ذيلي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پاڻ سان نه ملايو هُجي ، گهڻا ته ڪيترائي ڏهاڪا پارٽين ۾ رهڻ بعد الوداع چئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا آهن ، جڏهن ته ڪٿي وري هڪ اڌ پيپلز پارٽي جا ماڻهو به ٻيون پارٽيون پاڻ ڏانهن ڇڪي ويون آهن ، انهن مان اڪثريت پارٽي تبديل ڪرڻ مقصد رڳو پنهنجي پاڻ کي نظر انداز ڪرڻ ٻڌائين ٿا پر نظر ايئن آيو آهي ته انهن  پنهنجن مفادن خاطر پارٽيون ڇڏي ٻين پارٽين ۾ ويا آهن ۽ وري اوڏهن به کين لفٽ نه ملڻ جي صورت ۾ وري ساڳئي پارٽين ڏانهن ايندي به نظر آيا آهن ، ڏٺو وڃي ته جيڪي به پنهنجي منشور ، نظرياتن کي هڪ پاسي ڪري رڳو پنهنجي مفاد خاطر ٻين پارٽين ۾ شامل ٿئي ٿو ان کي سياسي لوٽا نه ته مفادي لوٽا ضرور چئي سگهجي ٿو ،  مڪاني چونڊن ۾ اهڙن مفادي لوٽن جي پڻ وڏي اهميت آهي ۽ ناظمي جا مزا وٺندڙن جي وڏي اڪثريت انهن لوٽن ۾ شامل آهي ، مشرف دور جي ٿيل مڪاني چونڊن ۽ ان وقت مليل اختيارن بعد ان دور ۾ ڪامياب ٿيل ناظمن کي اُهي ڏينهن شايد ڪڏهن به نه وسرن ڇو ته ان وقت ضلعي ناظم ۽ سندس اختيارن جي سامهون هڪ ايم پي اي ويچارو نظر ايندو هو ، وڏا وڏا اختيار هٿن ۾ رکندڙ به اهو سمجهي ويٺا آهن ته هن ڀيري مڪاني چونڊن ۾ پيپلز پارٽي شايد ئي ڪو ضلعو هارائي ان ڪري وڏي انگ ۾ ماڻهو پارٽيون ، وفاداريون ، دوستيون ڇڏي ان ۾ شامل ٿي رهيا آهن ، ۽ ڪي وري ٻين پارٽين ۾ شامل ٿي رهيا آهن ، عدالتي حڪم ، بلوچستان ۾ مڪاني چونڊن بعد امڪان ته وڏا آهن ته سنڌ ۽ ٻين صوبن ۾ به چونڊون ٿين پر هڪ ڳالهه ضرور سوچڻ گهرجي ته پيپلز پارٽي بلدياتي چونڊون ڪرائي به وٺي ته ڇا مشرف دور وانگر سڀ اختيار ناظمن حوالي ڪندي؟ ۽ جي بلدياتي چونڊون نه ٿيون يا چونڊون ٿيڻ بعد شاهي اختيار ناظمن کي نه مليا ته پوءِ وڏا وڏا خواب اکين ۾ سجائي ناظمي ، ڪائونسلري ۽ ان دور جا اختيار وري حاصل ڪرڻ جي خواهش ۾ پارٽيون بدلائيندڙ اهڙن سياسي ۽ مفادي لوٽن جو مستقبل ڇا هوندو .

imsbaloch@hotmail.com

Saturday 25 January 2014

Farmers still alone



مان هاري يا ڏوهاري آهيان
نارائڻ روز صبح جو سوير اُٿي سبزي منڊي ويندو آهي ۽ ڀاڄيون خريد ڪري ريڙهي تي کپائي گذر سفر ڪندو آهي سندس ٻه ٻار سُنيل ۽ دليپ اسڪول ۾ پڙهڻ به ويندا آهن. نارائڻ پنهنجي پيءُ ۽ ٻن ڀائرن سان گڏجي سانگهڙ ويجهو گُلشنِ ولي محمد ۾ هڪ پلاٽ وٺي رهڻ لائق گهر پڻ جوڙايو آهي، جتي هُو پنهنجي ڪُٽنب سان گڏ رهي ٿو. نارائڻ جو پيءُ ڏليو ۽ سندس هڪ ڀاءُ ڪرشن اڄ به هارپو ڪن ٿا. جڏهن ته نارائڻ پنهنجي هڪ ڀاءُ سان گڏجي ريڙهي هلائين ٿا ۽ پنهنجي گهروارن جو سهارو بڻيل آهن. نارائڻ پنهنجي خاندان سان گڏ 2006 ۾ ڪنڊياري ويجهو مگسين جي ٻني مان هارپو ڇڏي سانگهڙ آيا هُئا.  هن وقت نارائڻ ۽ سندس ڀاءُ کي ريڙهي هلائيندي ۽ سندن پيءُ کي آزاد هارپو ڪندي 7 سال گذري چُڪا آهن. آزاد هارپو ان ڪري چوان پيو ته هُو نه ڪنهن زميندار جا قرضي آهن نه وري کين ڪو ٻني ڇڏڻ ۽ هارپو نه ڪرڻ جي صورت ۾ بي گهر ڪري سگهي ٿو. نارائڻ چوي ٿو ته ”اسان جي زندگي کي گذريل ڏينهن سان ڀيٽجي ته اسان هاڻ خوش آهيون. بابي سڄي ڄمار هارپو ڪيو پر اسان پڙهي نه سگهياسين جڏهن همت ڪري شهر اچي اسان مزدوري شروع ڪئي ته پيٽ ڪٽي هڪ پلاٽ وٺي ٺڪاڻو جوڙي ويا آهيون هاڻ بابا گهرن ويجهو هارپو ڪري ٿو جيئن گهر ۾ ڪجهه داڻا اچي وڃن منهنجا ٻه ٻار پڙهن پيا ۽ مان به ڏينهن ۾ ايترو ڪمائي ٿو وڃان جو گهر جو گاڏو هلي وڃي ٿو، سُکيا نه سهي پر پريشان به نه آهيون.“

نارائڻ ته هارپي مان جان آجي ڪرائي شهر پُهچي ويو پر سون مان ڪنهن هڪ اڌ کانسواءِ اڪثر هارين جي قسمت نارائڻ يا سندس ڪُٽنب جهڙي نه آهي. هارين سان ٿيندڙ زياتين جا قصا اسان روز اخبارن جي زينت بڻجندي ڏسون ٿا. سون جي تعداد ۾ هارين کي بازياب ڪري عدالتن ۾ پيش ڪجي ٿو ۽ پوءِ اُهي هاري ڪئمپن يا وري ڪنهن ٻي زميندار وٽ وري وڃي هارپو ڪندي نظر اچن ٿا. بازياب ٿيل هارين ۾ تمام گهٽ تعداد اهڙن هارين جو هوندو جيڪي ان واقعي کان پوءِ هارپو ڇڏي مزدوري ڪرڻ شروع ڪن ٿا ان جو اهم ڪارڻ آهي ته هاري هارپو ڇڏي مزدوري ته ڪري پر پنهنجا ٻار ٻچا ڪٿي رهائي؟ ڇو ته هن دور ۾ مزدوري مان ته پيٽ گذر مس ٿيندو آهي ۽ ڪنهن پورهيت جو گهر ٺاهڻ ته ٺهيو پر ڪرائي تي جاءِ وٺڻ جيتري وصيت نه هوندي آهي. جڏهن ته هارپو ڇڏڻ کانپوءِ ڪنهن زميندار جي ٻني ۾ رهڻ ممڪن ئي نه آهي. اڪثر هاري عدالتن جي حڪم تي بنا ڪنهن رنڊڪ جي بازياب به ٿين ٿا پر ڪڏهن وري اهڙا لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻهو دنگ رهجيو وڃي. تازو ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ ۾ هارين جي بازيابي وقت جنهن نموني زميندار ڌُر هارين تي حملو ڪري ۽ گولين جو کاڄ بڻائي 5 سالا نارائڻ کي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏيو ۽ سندن گولين کير پياڪ ٻارڙي ديوي کي به نه بخشيو، جيڪا اڄ به اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. ان حملي ۾ ٻارڙن ۽ عورتن سوڌو هارين کي زخمي ڪيو ويو هو. اهڙن واقعن جي جيتري به نندا ڪجي گهٽ آهي ۽ اهڙن ڪردارن کي وائکو به ڪرڻ گهرجي ، پر هي واقعو ته رپورٽ ٿي سامهون آيو پر گهڻائي واقعا ته سامهون ئي نٿا اچن. هارين پاران زميندارن ۽ سندن ڪمدارن جي نياڻين جي تذليل ڪرڻ جا قصا به سامهون اچن ٿا. وري هارين تي تشدد جي ڳالهه به ڪنهن کان ڳجهي ناهي. هارين جي اهڙن مسئلن کي ڪيئن حل ڪجي يا وري سندن انهن اهنجن کي ڪيئن گهٽائجي ان بابت ڪيترائي سوال جنم وٺن ٿا جن جا جواب ڪڏهن ڪارآمد ته وري ڪڏهن اڻپورا هجن ٿا. ڇو ته وڏا زميندار يا جاگيردار ايڏا ته باثر هوندا آهن جو انهن ۾ هٿ وجهڻ کان ته اسان گهڻائي لهرائندا آهن پر ڪجهه اهڙا مسئلا به هوندا آهن جن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. 

منهنجو هارين تي ڪم ڪندڙ هڪ سماجي تنظيم پاڪستان انسٽيٽوٽ آف ليبر ايجوڪيشن اينڊ ريسرچ (پائلر) پاران اسٽيڪ هولڊر جي ڪوٺايل ميٽنگن ۾ وڃڻ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ننڍا زميندار، هاري، وڪيل، سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ صحافي پڻ شامل هوندا آهن، اُتي هڪ ڳالهه سامهون آئي ته ”مصيبت جو اصل ڪارڻ وڏا جاگيردار آهن جيڪي ظلم ڪن ٿا پر نشانو اڪثر ننڍا زميندار بڻبا آهن. وڏن زميندارن ۾ ڪو هٿ وجهڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي“ ڪنهن حد تائين ان ڳالهه کي صحيح به مڃي وٺجي پر ان سان گڏ اها ڳالهه پڻ سامهون ايندي آهي ته زميندارن جي کاتن مان هاري مطمعن نه هوندا آهن. هارين جي مشڪلن کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻنين جي ورهاست ٿين گهرجي ان کان بهتر ڪهڙو قدم ٿي سگهي ٿو پر حڪومت ۾ ويٺل جاگيردارن ۽ سرمائيدارن مان مون کي ته گهٽ ۾ گهٽ اها اُميد نه آهي پر اهو ڪم جڏهن ٿئي تيسين هارين جي رهڻ لاءِ سرڪاري ڳوٺ جوڙڻ جي ڪا اسڪيم سامهون آڻجي ته جيئن هارين جي مسئلن کي ڪنهن حد تائين بهتر ڪري سگهجي.

هارين جي پريشاني جي ٻين ڪارڻن ۾ هڪ اهم ڪارڻ سندن ذاتي گهر نه هجڻ به هوندو آهي ڇو ته هاري کي ٻني ڇڏڻ يا بي دخل ٿيڻ وقت پنهنجو گهر به ڇڏڻو پوندو آهي جنهن سان جتي سندس ذاتي زندگي متاثر ٿئي ٿي، ساڳئي وقت سندس ٻارن جي تعليم حاصل نه ڪرڻ يا مڪمل نه ڪرڻ جو اهم ڪارڻ  اهو به آهي.”هارين سان ظلم ٿئي ٿو ان کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگهي پر هڪ پل لاءِ سوچجي ته سڀ هاري ٻني تي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين يا هارپو نه ڪن ته پوءِ ڇا ڪارونهوار هلي سگهندو ۽ ڇا هارپو ڇڏڻ سان ئي هارين جا سڀ مسئلا حل ٿي ويندا ۽ جتي بي روزگاري ۽ گهٽ اُجرت ڪري اڳ ئي مزدور سورن ۾ ورتل آهن اُتي سڀ هارپو ڪندڙن کي مزدوري ملي سگهندي؟ اهو جي ممڪن به ٿي وڃي ته به اهو مسئلي جو حل نه آهي ته پوءِ آخر ڪهڙو رستو ڪڍجي جنهن سان انهن مسئلن کي ڪنهن حد تائين بهتر ڪجي. سماجي تنظيمن پاران اهڙيون ڪميٽيون جوڙيون پيون وڃن جنهن ۾ ننڍا زميندار، هاري، وڪيل، سماجي ڪارڪن، صحافي گڏجي اها ڪوشش ڪندا ته هاري جي مسئلي کي عدالت ۾ پهچڻ کان اڳ ڪنهن نموني حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسان وٽ اڪثر زميندار ۽ هاري هميشه ان ڳالهه تي هڪ ٻئي سامهون هوندا آهن ته حساب ڪتاب نٿو ڪيو وڃي زميندار مطابق هاري وڌيڪ قرض وٺي پوءِ اين جي او جي معرفت پاڻ کي بازياب ڪرائين ٿا ته وري هاري جو چوڻ آهي اسان جو حساب ڪتاب نٿو ڪيو وڃي. ڪوڙا پنا ٺاهي اسان کي قرضي بڻايو ٿو وڃي. انهن مسئلن کي عدالت ۾ پهچڻ کان اڳ هارين ۽ زميندارن سان گڏجاڻي مفاهمت جي ذريعي حل ڪرائڻ جي ڪوشش هڪ سٺو عمل آهي، ان سان ڪنهن حد تائين بهتري جي پڻ اُميد ڪري سگهجي ٿي. هونئن به اڄڪلهه مفاهمت جانتيجا سُٺا نڪرندي ڏٺا ويا آهن. هارين جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ هاڻ رڳو ميڊيا ۽ ڪجهه تنظيم ئي بچيون آهن ڇو ته حڪومتون هارين مزدورن جي نعرن سان اقتدار ۾ اچڻ بعد انهن کي وساريو ڇڏين. هارين جي مسئلن بابت ڪجهه سياسي پارٽيون، سماجي تنظيمون ۽ ميڊيا آواز اٿارينديون رهن ٿيون پر ايوان ۾ ويٺل جاگيردارن جي اڪثريت ڪڏهن به پنهنجن ۽ پنهنجي ساٿين جي مفادن خلاف ڪم نه ڪندا، ان ڪري ئي اڃان تائين اسان کي هارين ۽ پورهيتن جي ڀلائي لاءِ ڪي قدم کڄندي نظر نه پيا اچن. هاري روز بازياب به ٿين پيا ۽ وري نوان هاري زميندارن وٽ هارپي لاءِ به وڃن پيا. ڪنهن زميندار جي ظلم جي ستايل هاري ۽ سندس ڪُٽنب کي پوليس جڏهن ڪنهن زميندار جي نجي جيل مان آزاد ڪرائي ٿي ته کيس پوليس موبائل ۾ يا وري ٻن پوليس موبائلن جي وچ ۾ ڪنهن ڊاٽسن يا مزدا ۾ ٻارين ٻچي پوليس اسٽيشن آڻي سردي يا گرمي ۾ سڄي رات کُلي آسمان هيٺ ويهاري صبح عدالت ۾ پيش ڪجي ٿو ان وقت انهن بازياب ٿيلن مان ڪيترن جي ذهنن ۾ اهو سوال ضرور اُٿندو هوندو ته ”مان هاري يا ڏوهاري آهيان.“

imsbaloch@hotmail.com

Amoo’s Country


...آمو جو ديس
اڄڪلهه پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ اهڙي شخص جا چرچا هلي رهيا آهن جنهن گذريل 60 سالن کان تڙ نه ڪيو ۽ صفائي جو نالو هن لاءِ ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا يا سياري جو لفظ هجي، مختلف ميڊيا هائوسز ان شخص کي مختلف انداز ۾ پيش ڪري رهيون آهن، ڪو لکي ٿو ته هُو دنيا جو سڀ کان گندو ماڻهو آهي ته وري ڪو کيس 60 سالن کان تڙ نه ڪرڻ تي گنيز بُڪ جو اُميدوار ٻڌائي ٿو، ايران جي هڪ اخبار تهران ٽائيمز موجب 80 سالا آمو جيڪو ايران جي صوبي فارس جي هڪ ڳوٺ ديجگاهه ٻاهران هڪ کڏ ۾ يا وري ڳوٺاڻن پاران جوڙايل بلاڪن جي ٺهيل ڪوٺي ۾ رهي ٿو، هن گذريل 60 سالن ۾ تڙ نه ڪيو متان بيمار ٿي وڃان. آمو جي خبر کي نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي ميڊيا ۾ وڏي جاءِ ملي آهي، موقعي مان فائدو وٺندي ڪن ته ان شخص جو خوُب مذاق پڻ اُڏايو، ڊيلي ميل يوڪي (Daily mail UK) آمو جي باري لکي ٿو ته دنيا جو سڀ کان نااهل ڪنوارو جنهن 60 سال تڙ نه ڪيو ۽ ڪجهه جذباتي ناڪامين جي ڪري هُن اهڙي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو، هُو لکي ٿو ته آمون اڪيلو آهي ۽ ان کي محبت جي تلاش آهي، پر اوهان کي هُن جي دل کٽڻ لاءِ پنهنجي طرز زندگي مٽائڻي پوندي مطلب ته ان جهڙو ٿيڻو پوندو.  ايران ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا ۾ نه رڳو آمو پر هڪ ٻئي سبب جي ڪري پڻ اهميت اختيار ڪيو ويٺو آهي، اُهو آهي جوهري معاملو جنهن تي مثبت ڳالهيون ٿي رهيو آهن جنهن جي باري ۾ ڪجهه مُلڪ خوش ته وري ڪي ناراض لڳي رهيا آهن، ايران جتي 35 سال اڳ شاهي حڪومت هوندي هُئي پر انقلاب ايران جنهن جي اڳواڻي آيت الله خميني ڪري رهيو هو، جنهن 1979 ۾ شاهه محمد رضا پهلوي شاهي حڪومت جو خاتمو ڪري ايران ۾ نظام نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ پهريون سپريم ليڊر بڻيو، هن وقت ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آهن، سپريم ليڊر جي چونڊ هڪ علماءِ جي مجلس (مجلس خبرگان رهبري) ڪندي آهي جنهن ۾ مُلڪ جا 86 علما هوندا آهن، سپريم ليڊر نه رڳو سمورن اختيارن پر هٿياربند فوج جو ڪمانڊر چيف پڻ هوندو آهي، ايران 31 صوبن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ صوبو سيستان وبلوچستان به آهي.

 ٻه ڏينهن اڳ  آمو جي ديس ايران مان منهنجو هڪ مامو اسان وٽ آيو ته مان هن سان آمو جي ڳالهه ڪئي ته هن نيٽ تي پيل تصويرون ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو سمجهي ويس ته هُن کي خبر ئي ناهي ته سندس مُلڪ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو رهي ٿو، جڏهن اسان وٽ ته هر ٻئي ماڻهو انٽرنيٽ، ٽي وي، اخبارن ۾  آمو جي باري ۾ پڙهي، ڏسي يا ٻُڌي ورتو آهي، پر حيرت آهي ته آمو جي ديس مان آيل مامي کي ڪا خبر نه آهي، مون نيٺ پُڇي ورتو ته سڄي دنيا ۾  آمو جي باري ۾ لکجي پيو ۽ اوهان کي خبر نه آهي اوهان ٽي وي نٿا ڏسو ڇا ؟، مامي وراڻيو ته “ گجر ( گجر فارسي ۾ پوليس ۽ سڪيورٽي اداري وارن کي چئبو آهي ) ڳوٺ مان ڊشون لاهي کڻي ويا آهن، ۽ اخبار اسان وٽ اچي ڪانه ٿي نه وري اسان جا ماڻهو خبرن ۾ ڪا دلچسپي رکن ٿا  ان ڪري ڪا خبر نه آهي، مان ايران جي صوبي سيستان بلوچستان 8 کان 10 سال اڳ ويو هُئس ،ان وقت به ڳوٺن يا شهرن ۾ اينٽينا يا بوسٽر لڳل نظر ايندا هُئا جنهن تي ايراني چئنل ڏسبا هُئا ۽ ايراني چيئلن ۾ ڪارٽون، راند، ڪڏهن ڪو ڊرامو ۽ ڪجهه مُلڪي خبرن کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هو، نه انٽرٽينمنٽ نه وري حڪومت خلاف ڪا خبر نه وري دنيا جي ٻين مُلڪن جي خبرن کي ڪاخاص جاءِ ملندي هُئي، ان وقت ڪجهه شهرن ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ لڪي ڊش اينٽينا لڳل هوندا هُئا، منهنجي ڀاءُ جو گهر ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي شهر ڪُنارڪ ۾ آهي، ان جي گهر ۾ به ڪنڊ ۾ لڪايل هڪ ڊش لڳل هئي ۽ ٽي وي به ان ڪمري ۾ لڳل هُئي جتي پاڙي وارن يا مهمانن جو اچ وڃ نه هوندو هو ڇو ته کين اهو ڊپ هوندو هو ته متان ڪو شڪايت ڪري ۽ اسان جي اها ڊش پٽجي وڃي، اسان کي حڪومت جي قدمن خلاف مزاحمت جون خبرون ڪڏهن به ايران جي ميڊيا تي نظر نه اينديون آهن هڪ ته هُتي حڪومت خلاف ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي آهي ۽ سرڪاري ميڊيا کي ايڏي طاقت ئي نه آهي جو هو حڪومت خلاف ڪا خبر هلائي سگهي، نه وري ايران ۾ ٻاهرين مُلڪن جي چئنلن ڏسڻ جي اجازت آهي، ڪيبل نيٽ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ماڻهو انٽرنيٽ جو استعمال ته ڪن ٿا پر ان تي به چيڪ اينڊ بيلنس ضرور هوندو، دنيا جتي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ته ساڳئي طريقي سان پرڏيهي پابندين باوجود ايران پنهنجي طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، پر ايران ۾ اڄ به شهرين کي ڳالهائڻ جي آزادي نه ملي سگهي آهي، مون ته اهو ئي سمجهيو هو ته شايد هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيو هوندو، پر مامي جي ڳالهين مان لڳو ته تبديل ضرور ٿيو هوندو پر اهڙي ڪابه شيءِ تبديل نه ٿي آهي جيڪا حڪومت نه چاهيندي هجي، مامي ٻڌايو اڳ ڳوٺ ۾ ڪو هڪ اڌ ماڻهو ڊش هڻي دنيا جا چئنل ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر هاڻ هر ٻئي گهر ۾ لڪي ڊش لڳي پيئي آهي، جڏهن اسان کي خبر پوندي آهي ته ٽيم نڪتي آهي ته اسان پنهنجا ڊش اينٽينا لاهي لڪائي ڇڏيندا آهيون پر ڪڏهن اچانڪ ڇاپو لڳي ويندو آهي ته پوءِ سڀ سامان کڻي هليا ويندا آهن.

 ڪجهه عرصو اڳ ايران جي هڪ تصوير ڏٺي جنهن ۾ ڊش ۽ رسيور روڊ تي رکي انهن مٿاڻ روڊ رولر هلائي پئي وڃي جيئن خطرناڪ هٿيار تباهه ڪيا پيا وڃن، تازو ايران مان آيل مامي کي مون جڏهن اهو ٻڌايو ته هاڻ اوهان جي مُلڪ جي اهميت وڌي رهي آهي آمريڪا سان ڳالهيون پيون ٿين، جوهري معاملا حل ٿي ويندا، دنيا سان ڪاروبار شروع ٿيندو اوهان جي ته لئي ٿي ويندي، هن کلي چيو، ڪجهه نه ٿيندو مُلان ڪٿي چاهيندا ته ڳالهيون ٿين، مامي جي مُلان مان مُراد سپريم ليڊر ۽ ان جي ٽيم سان هُئي جن جي مرضي کان بنا صدر يا ڪوبه حڪومتي ڌُر فيصلو نٿي ڪري سگهي، مون وري سوال ڪيو ته مُلان ته چون پيا ڳالهيون ٿين مسئلا حل ٿين، هن چيو ته ڳالهيون ٿينديون پر ڪهڙي شرط تي ڇا ڳالهيون رڳو جوهري هٿيارن تي ٿينديون، ايران ۾ هڪ پاسي مُلان ماڻهن جي ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ تي پابنديون هنيو ويٺا آهن، اُهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته ٻاهريون طاقتون مُلڪ ۾ اچي اسان جي شهرين سان گهڻو ميل ملاپ وڌائين ۽ پوءِ ايران جا ماڻهو اسان خلاف کڙا ٿين، ايران ۾ هن وقت هڪ وڏي کيپ نوجوان نسل جي موجود آهي جيڪي دنيا سان گڏ بيهڻ چاهين ٿا، هو چاهين ته کين آزادي سان هلڻ، ڦرڻ، ڳالهائڻ ڏنو وڃي، رڪاوٽُن هٽايون وڃن.

imsbaloch@hotmail.com 

New and old relationship between Countries


ملڪن وچ ۾ تبديل ٿيندڙ نوان پراڻا لاڳاپا
دنيا جا مختلف مُلڪ پنهنجن مفادن خاطر ٻين مُلڪن جي معاملن ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح مداخلت ڪندا رهيا آهن، اهڙن قدمن جو نتيجو ڪهڙو ٿئي ٿو ان جو اندازو اسان کان بهتر ڪير لڳائي سگهي ٿو، آمريڪا جڏهن سويت يونين جي ٽوڙڻ لاءِ جهڙي طريقي سان ميدان ۾ لٿي ان پنهنجو گهڻي حد تائين مقصد به پورو ڪيو ۽ سوويت يونين روس ۽ ٻين ڪيترن ئي ٽڪڙن ۾ ورهائجي ويئي ۽ نوان مُلڪ وجود ۾ آيا، پر ان جي نتيجي آمريڪا پاڻ کي واحد سُپر پاور بڻايو پر ٻين گهڻو ڪجهه ڀوڳيو ۽ اڃان تائين ڀوڳي رهيا آهن، هينئر پاڪستان دهشتگردي، طالبان ۽ نيٽو ڪنٽينر کي روڪڻ واري عمل بعد ان حالت تي وڃي بيٺو آهي جو آمريڪا ان خطي ۾ هڪ ٻي اهم پارٽنر جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي، هڪ پاسي پاڪستان جو پاڙيسري ۽ دوست مُلڪ چين جنهن تيزي سان ترقي ڪري پنهنجي جاءِ اڃان به مضبوط ڪري رهي آهي، ته وري ٻي پاسي ايران ۾ پڻ چونڊن بعد آيل نئين تبديلي آمريڪا کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪري ڇڏيو آهي، ايران جيڪو آمريڪا جي ناراضگي ڪري پرڏيهي پابندين کي منهن ڏيئي رهيو آهي، اُتي نئين چونڊن بعد آيل صدر حسن روحاني سان جوهري معاملن تي ڳالهين لاءِ آمريڪا  راضي لڳي رهيو آهي. آمريڪا جي ايران ڏانهن وڌايل قدمن تي آمريڪا جو پراڻو دوست ۽ اتحادي مُلڪ سعودي عرب ناخوش نظر اچي رهيو آهي، هڪ ته ايران ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا ڪي خاص مثالي نه رهيا آهن ته وري ٻي پاسي آمريڪا جا ايران سان معاهدا سعودي عرب لاءِ ڳڻتيءَ جو سبب بڻجي ويا آهن. موجوده حالتن ۾ ايران جنهن کي شامي حڪومت ۽ بشارالاسد جو وڏو حمايتي ۽ مددگار سمجهيو پيو وڃي ۽ ان سان ڪجهه ٻين مُلڪن ۾ پڻ ايران پنهنجو اثر رکي ٿو، ساڳئي وقت تي اهڙيون رپورٽون پڻ سامهون آيون آهن ته سعودي حڪومت شام خلاف باغين کي هٿيار ۽ ٻي مدد ڪري رهي آهي، ويجهڙ ۾ اها ڳالهه پڻ رپوٽ ٿي آهي جنهن ۾ سعودي انٽيليجنس چيف بندر بن سلطان سلفي گروپن کي شام جي علائقن ۾ زيرينيم گئس جي وڏي کيپ پهچائڻ ۽ انهيءَ جي استعمال ڪرڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آهن، سعودي عرب جي باري ۾ اها ڳالهه پڻ رپورٽ ٿيندي رهي آهي ته هُو نه رڳو شام پر ٻين مُلڪن ۾ پڻ اهڙين ڪارروائين ۾ مُلوث تنظيمن کي مدد ڪندي رهي آهي، جڏهن ته مسلم مُلڪن ۾ سياسي ٽياڪڙي ڪنهن کان لڪيل نه آهي، شام ۾ سعودي عرب جي مداخلت ۽ باغين کي هٿيار ڏيڻ ۽ مالي مدد واري مامري تي آمريڪا ان ڪري به خاموش رهيو هڪ ته آمريڪا پاڻ ان ۾ اڳيان اڳيان هو ۽ ٻيو ته سعودي عرب مسلم مُلڪن ۾ اهم هُئڻ سان گڏ  آمريڪا کي تيل ڏيڻ وارو اهم مُلڪ به آهي، آمريڪا ۽ سعودي عرب ٻي عالمي جنگ کان وٺي هڪ ٻئي جا ويجها اتحادي رهيا آهن، سعودي ۽ آمريڪا  ۾ اسٽريٽجڪ اتحاد جو بنياد 1945 ۾ موجوده سعودي مملڪت جي باني شاهه عبدالعزيز ۽ اُن وقت جي آمريڪي صدر روز ويلٽ جي وچ ۾ ان ڳالهه تي ٿيو هو ته سعودي تيل جي بدلي آمريڪا ۾سعودي حڪومت جو تحفظ ڪيو ويندو، گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان آمريڪا ۽ سعودي اتحاد ڪڏهن ڪڏهن هلڪن لاهن چاڙهن کانسواءِ ڪاميابي سان هلندو رهيو آهي، پر 1973 ۾ ان اتحاد دوران هڪ اهڙو وقت به آيو هو جڏهن شاهه فيصل آمريڪا جي اسرائيلي حمايت خلاف تيل جي پابندي بابت فيصلو ڪيو هو پر شاهه فيصل جي قتل بعد معاملا وري ان وقت کان وٺي اڄ تائين ٺيڪ رهيا آهن ۽ سعودي عرب سڄي خطي ۾ آمريڪا جو قابل اعتماد ۽ ڀروسي جوڳو اتحادي رهيو آهي.

آمريڪا ۽ سعودي عرب جي اتحاد ۾ ان وقت وري ڏار پوڻ شروع ٿيا جڏهن 2010 ۾ عرب مُلڪن ۾ عوام حڪومتن جي خاتمي لاءِ روڊن تي نڪتو ۽ انقلاب جا نعرا بُلند ٿيڻ لڳا، ۽ ان انقلاب ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بادشاهي يا وري فوجي ۽ نيم فوجي حڪومتن لاءِ مسئلا پيدا ٿيڻ لڳا ۽ ڪجهه مُلڪن ۾ حڪومتون ختم به ٿيون، ان وقت تيونس ۾ وڏي عرصي کان حڪومت ڪندڙ اڳوڻي صدر زين العابدين بن علي جي دور جي پڄاڻي ٿيڻ تي سعودي حڪومت آمريڪا ۽ يورپ مان ناخوش هُئي، ڇو ته هُو ۽ ان سڄي معاملي کي جمهوريت جي بحالي ۽ عوام کي اختيار ملڻ سان ڀيٽائي رهيا هُئا، جڏهن ته مصري حڪومت جي خاتمي ۽ ٻين مُلڪن ۾ تيزي سان پُراڻن حڪومتن جي خاتمي پڻ سعودي عرب کي نه رڳو ڪاوڙايو پر هنن کي پنهنجي مُلڪ ۾ اهڙي صورتحال ٿيڻ جي ڳڻتي پڻ ورائي وئي. هڪ پاسي ته سعودي عرب ڪجهه عرب مُلڪن ۾ ڏهاڪن کان هلندڙ حڪومتن جي خاتمي تي ناراض آهي ته ٻي پاسي شام جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ پاڻ سڀ کان اڳتي هئڻ ۽ وڏي مدد ڪرڻ باوجود ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهي نه وري سندس اتحادي آمريڪا ان معاملي ۾ ڪا مدد ڪري سگهيو. شام خلاف ڪارروائي ۾ آمريڪا، سعودي حڪومت سان ان وقت تائين گڏ گڏ هُئي جيستائين روس ۽ چين شام تي حملي جي مخالفت نه ڪئي. عرب انقلاب جي لهر جڏهن ٻين عرب مُلڪن مان ٿيندي شام پهتي ته سعودي ۽ آمريڪا وري هڪ ٿي ويا ۽ بشارالاسد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ٻيا مُلڪ ۽ تنظيمون پڻ ساڻن گڏجڻ لاءِ تيار ٿي ويون، ٻن سالن جي خوفناڪ جنگ ۾ هيل تائين هڪ لک ماڻهو پنهنجيون حياتيون وڃائي ويٺا آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ زخمي. جڏهن ته 60 لک کان وڌيڪ ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. ان جنگ ۾ وڌيڪ متاثر ٿيندڙن ۾ ٻارڙن جو تعداد به تمام گهڻو آهي، پر ان هوندي به سعودي عرب، آمريڪا، شام ۾ قائم بشارالاسد جي حڪومت ختم نه ڪري سگهيا، پر اهو وقت انهن ٻنهي مُلڪن لاءِ وڏو ڏينهن هو جڏهن اها ڳالهه سامهون آئي ته شام ۾ ڪيميائي هٿيار استعمال ٿيا آهن ۽ اهڙي عمل خلاف آمريڪا ڪجهه مُلڪن سان گڏجي شام تي حملي جي تياري پڻ شروع ڪري ڇڏي هُئي، پر ان وقت صورتحال تبديل ٿي جڏهن اقوام متحده ۾ روُس ۽ چين شام تي حملي تي پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪري ان حملي جي مخالفت ڪئي، انهن ۽ ڪجهه ٻين مُلڪن جي ڪوششن سان شام پنهنجي مُلڪ مان ڪيميائي هٿيار ضايع ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ ان تي عمل پڻ شروع ٿي چڪو آهي. شام تي آمريڪي حملي جا امڪان ختم ٿيڻ تي سعودي عرب کي شديد ڪاوڙ هُئي ۽ ان وچ ۾ آمريڪا ۽ ايران جي رابطن جون خبرون پڻ سامهون اچي ويون آهن. شام ۽ ايران جي حوالي سان آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي ويجهڙ ۾ نظر ايندڙ پاليسين مان سعودي عرب جي ناراضگي ۾ اضافو ٿيو آهي، ان ڪري ئي سعودي شاهي خاندان جي مختلف شهزادن پاران آمريڪا کي خبردار  ڪيو پيو وڃي ته سندن نون اتحادين سبب سعودي ۽ آمريڪا وچ ۾ پيل ڏار وڌي رهيو آهي ۽ اهڙي صورت ۾ سعودي مملڪت آمريڪا سان پنهنجن واسطن تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي. ڪجهه عرصو اڳ آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل پنهنجي پهرين پني تي شايع ڪيل هڪ رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪيو ته سعودي انٽيليجنس چيف بندر بن سلطان يورپي مُلڪن جي سفارتڪارن سان ڪيل هڪ ملاقات ۾ اها ڳالهه ظاهر ڪئي ته سعودي مملڪت آمريڪا واسطن ۾ وڏي تبديلي آڻي سگهي ٿو، ان رپورٽ ۾ بندر بن سلطان جي نالي سان اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته سعودي عرب نه رڳو شام ۾ باغين کي هٿيار ڏيڻ واري آمريڪا سان ڪيل پنهنجي تعاون کي ختم ڪري رهيو آهي پر هوُ شام ۽ خطي جي ٻين معاملن ۾ ٻين عالمي طاقتن سان پنهنجا واسطا وڌائي سگهن ٿا. ايران ۽ آمريڪا جي ويجهڙائپ بابت بندر بن سلطان جو چوڻ آهي ته سعودي هن معاملي کي شام کان به وڌيڪ تشويشناڪ سمجهي ٿي.

ايران سان آمريڪي مذاڪرات سعودي عرب کي نه رڳو ڪاوڙائي ڇڏيو آهي پر اهڙي قدم بعد سعودي عرب آمريڪا سان پنهنجي ڪيل اتحاد جي مستقبل جي باري ۾ پڻ سوچي رهيو آهي. ان وچ ۾ اها ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي ته گذريل ٻن سالن کان سلامتي ڪائونسل جي ايشيا پيسفڪ خطي جي غير مستقل سيٽ جيڪا پاڪستان وٽ هُئي سا هن ڀيري سعودي عرب کي ملڻي آهي پر سعودي ان سيٽ وٺڻ کان پڻ انڪار جو اعلان ڪيو آهي. سعودي عرب موجب ان سيٽ وٺڻ کا انڪار اصل ۾ آمريڪا کي پيغام ڏيڻ آهي ته شام ۽ ٻين معاملن ۾ اسان جي ناراضگي گهٽ نه ٿي آهي. هڪ پاسي جتي اهي ڳالهيون سامهون اچن پيون ته سعودي حڪومت اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل جي سيٽ وٺڻ کان انڪار ڪري رهي آهي ته ٻي پاسي يو اين جي فريڊم هائوس اهو آواز اٿاري پئي ته سعودي عرب ۽ چاڊ جيڪا انساني حقن بابت پنهنجن ڪيل واعدن تي پوُري نه لٿي آهي ته انهن غير ميمبر ملڪن کي ڪهڙي حيثيت سان اهميت ڏيئي شرڪت ڪرائي پئي وڃي. ايمنسٽي انٽرنيشنل پڻ سعودي عرب ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، غير قانوني گرفتارين ۽ انهن جي غير شفاف ڇنڊڇاڻ، تشدد ۽ ٻين انساني حقن جي ڀڃڪڙين بابت گذريل چئن سالن تي ٻڌل هڪ رپوٽ 21 آڪٽوبر تي اقوام متحده جي جنيوا ميٽنگ دوران جمع ڪرائي آهي جڏهن ته ان بابت ايمنسٽي انٽرنيشنل ۾ مشرقي وسطا ۽ ڏکڻ آفريڪا جي ڊاريڪٽر فلپ لوٿر جو چوڻ آهي ته سعودي عرب پاران هر ڀيري واعدن باوجود انساني حقن بابت ڪي به قدم نه کنيا آهن ۽ ان موقعي تي سعودي عرب پاران سلامتي ڪائونسل تي ٻٽي معيار جو الزام هڻڻ انتهائي ڏک جي ڳاهه آهي، سعودي عرب ٻين مُلڪن ۾ مداخلت سبب اُن جاءِ تي اچي بيٺو جو هُو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري رهيو آهي، هڪ ٻئي عرب مُلڪ قطر پاران شام کي سياسي ۽ سفارتي تعلقات بحال ڪرڻ جي آڇ ۽ ان بابت ٻنهي مُلڪن جي رابطن ويتر ۽ تُرڪي پاران شام ۾ وڙهندڙ جهادين مان جان ڇڏائڻ ۽ پاڻ کي انهن کان الڳ رکڻ واري پاليسي ماحول تبديل ڪري ڇڏيو آهي. هڪ پاسي شام ڪيميائي هٿيار ختم ڪرڻ تي راضي ٿي پنهنجي مٿان حملي کي ناڪام بڻايو آهي ته وري ٻي پاسي نومبر 2013 ۾ دنيا جي ڇهن عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ جوهري هٿيارن بابت پڻ معاملا طئي ٿيا آهن. ان سلسلي ۾ ايران ۽ عالمي طاقتن وچ ۾ ٿيل معاهدي بعد جوهري هٿيارن بابت معائنا ڪار پڻ ايران پهتا هُئا. ايران ۽ شام ڪيميائي هٿيارن جي معاملي تي جيئن اڳڀرائي ڪندي عالمي طاقتن سان ٺاهه ڪري انهن جي ويجهو ٿي رهيا آهن تيئن ئي وري سعودي عرب پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪري پري ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. شام ۾ جاري گهرو ويڙهه بابت جنيوا 2 ڪانفرنس ۾ جيڪا اقوام متحده موجب 22 جنوري 2014 تي ٿيندي جيڪا اڳ ئي مهينو ليٽ ٿي ويئي آهي، ان ڪانفرنس ۾ ڇا ڳالهه ٿيڻي آهي سا ته ڪجهه ڏينهن اندر خبر پوندي پر محسوس ايئن ٿي رهيو آهي ته سعودي عرب ان ڪانفرنس جي نتيجن مان ڪو خاص پُراميد نه آهي، جنيوا 2 ڪانفرنس ٿيندي يا وري ان جي تاريخ اڳتي ٿيندي يا وري اها سعودي عرب جي اُميدن پٽاندر هوندي اها ڳالهه ته وقت جي وڪڙ ۾ آهي پر سعودي عرب لاءِ شام جي جنگ کان وڌيڪ ايران جو تيزي سان عالمي طاقتن جي ويجهو اچڻ ۽ معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ وڌيڪ پريشاني جو باعث بڻجي ويو آهي. هن وقت مسلم دنيا جنهن نموني پاڻ ۾ جهيڙڻ سبب مونجهارن ۾ ڦاٿل آهي اهڙي وقت ۾ سعودي عرب جهڙي مُلڪ جو ڪردار ٻين مُلڪن ۾ مداخلت ۽ جنگيون ڪندڙن جي پٺڀرائي کان وڌيڪ امن جي واٽ کولڻ آهي. مذهبي، فرقي واراڻي بنياد تي اڳ ئي مسلم مُلڪ گهڻو ڪجهه ڀوڳي رهيا آهن ۽ اهڙي صورتحال ۾ گهرو جهيڙا مُلڪ جي تباهي جا ڪارڻ ۽ عام ماڻهن لاءِ اذيت جو سبب بڻجي رهيا آهن. شام، ايران يا ڪنهن به مُلڪ سان سياسي مخالفت پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن به مُلڪ ۾ حملي يا جهيڙي ۾ سڀ کان پهريون نشانو عام ماڻهو، ٻار ۽ عورتون بڻبا آهن، اهڙي حالتن ۾ انهن مُلڪن کي ئي عزت ۽ مانُ ملندو جيڪي بارود جي باهه امن سان وسائيندا ۽ امن جو جنهڊو بُلند ڪندا.

imsbaloch@hotmail.com

Pakistan's Big Issue


پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو 
منهنجي نظر ۾ سياري جي صبح ڪمبل ۾ ويڙهيل ماڻهو کي فون ڪري اهو چوڻ ته هڪ ڪم آهي موٽر سائيڪل تي چڙهي جلدي پهچ ايئن آهي جيئن مشرف کي چوڻ ته ڪورٽ ۾ حاضر ٿي ۽ اُن ئي وقت ڪو اهڙو سوال ڪرڻ به خراب ٿو لڳي جنهن جو جواب نه ڏيئي سگهجي. مان صبح جو جڏهن سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي ڪمبل ۾ ويڙهي چانهه جي چُسڪي هڻي رهيو هُئس ته ايتري ۾ ڀائيٽو اچي پاسي سان ويهي رهيو مان فون تي ڪنهن دوست کي ٻڌائي رهيو هُئس ته ڀاءُ سڄو مُلڪ ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي تنهنجو مسئلو به انهن مسئلن مان هڪ آهي. ايتري ۾ پاسي کان ويٺل ڀائيٽي سوال ڪيو انڪل  ”هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي“ مان هن ڏانهن نهاري ٿوري دير لاءِ سوچيو ته هن کي ڪهڙو جواب ڏجي. ڇو ته پاڪستان سدائين مسئلن ۾ رهيو پر هن وقت جو ڪهڙو اهم مسئلو آهي. ان بابت سوچي ٽي وي ڏانهن نهاريم ته لائيٽ نه هجي جو ان ۾ کڻي ڏسجي ته ڪهڙو مسئلو اهم آهي. ڇو ته چوندا آهن ميڊيا پوءِ اُها پرنٽ هجي يا اليڪٽرانڪ ۽ هاڻ ته سوشل ميڊيا به اچي ويئي آهي، اهي سڀ مسئلن جي نشاندهي ڪندا آهن ۽ ماڻهن جي اهم مسئلن کي وس وارن تائين پهچائيندا آهن پر بجلي نه هئڻ ڪري مان معلومات جي ذريعن کان محروم هُئس ان ڪري جان ڇڏائڻ لاءِ کيس چيو پُٽ بجلي اچي پوءِ ٻڌايان ٿو، ڪجهه دير بعد تيار ٿي موٽر سائيڪل تي شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته رستي ۾ پاڙي جو هڪ ننڍڙو ٻارڙو اسڪول جي يونيفارم ۾ بيٺي ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو هو، مان ويجهو وڃي چيو ڇا ٿيو اسڪول ڇو نه ويو آهين ان وراڻيو اڄ به رڪشو نه آيو آهي. مون چيو مان هلان پيو شهر هل ته توکي اسڪول وٽ لاهي ڇڏيندس. هن ٻار مونکي پنهنجو ٿيلهو ڏنو ته جيئن هو پويان چڙهي ويهي سگهي. مان جڏهن ٿيلهي ۾ هٿ وڌو ڄڻ ڪا اڌ مڻ اٽي جي ڳوٿري هٿ ۾ اچي ويئي هجي. جڏهن ٻار کي اسڪول سامهون لاهڻ مهل پڇيو ٿيلهي ۾ ڇا وڌو اٿئي جو هيڏو وزن آهي. 7 سبجيڪٽن جون ڪلاس ۽ هوم ورڪ لاءِ 14 ڪاپيون، ڪتاب، ڊرائنگ بوڪ جرنل ۽ جاميٽري بڪس ۽ هڪ لنچ بڪس آهي ٿيلي ۾ ٻار جواب ڏنو، مون ان ٻار کي چيو ايڏيون ڪاپيون لکڻ ته وڏو مسئلو آهي ٻار هلڪي مسڪراهٽ سان چيو انڪل ڪاپيون لکڻ ته نه پر منهنجو اهو ٿيلهو ان وقت سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي ويندو آهي جڏهن رڪشي وارو سي اين جي قطار ۾ بيهڻ ڪري نه پهچندو آهي ۽ مون کي پنڌ گهر يا اسڪول وڃڻو پوندو آهي، ان ٻار کي اسڪول ڇڏي اڃان ٿورو اڳتي مس وڌيس ته ٻه همراهه هڪ گاڏي کي ڌڪو ڏيئي وڃي رهيا هُئا، سمجهي ويس ته سي اين جي کُٽي ويئي آهي. پيٽرول جهڙي حيثيت نه آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهن سي اين جي اچڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل جيترو خرچ سمجهي ننڍيون ننڍيون گاڏيون ته وٺي ڇڏيون آهن پر پنهنجي بجيٽ جي حساب سان اُهي پيٽرول تي گاڏي هلائڻ جهڙا نه آهن. همراهن ڌڪا ڏيئي گاڏي ان قطار ۾ بيهاري ڇڏي جتان سي اين جي ملڻي هُئي. اها قطار ڏسي ته انهن جا حوصلا ضرور خطا ٿي ويا هُئا ڇو ته انهن جو وارو پنج يا ڇهه ڪلاڪ کان اڳ اچڻ ممڪن نه هو. مون کي اچانڪ بريڪ هڻڻي پيئي ڇو ته هڪ وين ڊرائيور وائڙن وانگر اچي منهنجي موٽر سائيڪل کي لڳو، سندس ڳاڙهيون اکيون ڏسي چيم سائين صبح جو به مدهوش لڳا پيا آهيو لڳي ها ڌڪ پوءِ مسئلو وري منهنجي لاءِ ٿئي ها. اُن ڪاوڙ مان نهاريندي چيو ته سي اين جي 9 وڳي کلندي تون مون وانگر صبح ٽين وڳي کان هن لائن ۾ انتظار ڪرين ها ته هن وقت مدهوش نه پر بي هوش هجين ها. هڪ ته وقت خراب ۽ هاڻ نمبر به ويو اسان لاءِ، سي اين جيءَ جي بندش جي ڪري روزگار جو هيڏو وڏو مسئلو ۽ توکي وري سندي مسئلي جي لڳي پيئي آهي.
ڊرائيور مان جان ڇڏائي مان وڃي شهر پُهتس، جوُتا پالش واري کي ڏيئي انتظار ڪرڻ لڳس ته پالش ٿي وٺن ايتري ۾ ٻه عورتون جيڪي ٽوڪري ۾ چوڙيون ۽ ٻيون ( ليڊيز آئٽم) عورتاڻي استعمال جون شيون کپائي رهيون هيون، انهن پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. مان به واندڪائي کان بچڻ لاءِ ڪن ڏيئي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي ويس. هڪ پوڙهي عورت ٻئيءَ کي پنهنجو درد ٻڌائي چئي رهي هُئي ته منهنجو هڪ ئي سڪيلڌو پُٽ آهي سو به وڃي نشي وارن جي ور چڙهي ويو، سوچيم ته شادي ڪرايانس من ڪو سُڌري پوي پر سڌريو ڪونه ويتر وڃي سوئيون هڻي نشو ڪرڻ لڳو آهي، کيس هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي مان به ڪمايان ۽ ان جا ٻه ننڍا پُٽ به بسن تي شيون کپائي گهر جو گذران ڪيون پيا، مصيبتون ۽ مسئلا ته کُٽن ئي نه ٿا ”مياڙو ڏيڪرو مئي لا موٽو مسئلو اي“ (منهنجو پُٽ مون لاءِ وڏو مسئلو آهي) جوُتا پالش ڪرائي وڃي ڀاڄي جي دُڪان تي بيٺُس ته هڪ همراهه اچي پنجاهه روپيا ڀاڄي واري کي ڏيندي چيو ته هن جي جيڪا ڀاڄي ملي سا ڏي، همراهه جو منهن ڏسندي ڀاڄي واري منهن کي خراب ڪندي چيو ٽماٽر جو هڪ داڻو 5 روپين ۾ ٿيندو تور ۾ ته 10 روپين ۾ مشڪل سان هڪ داڻو ايندو، هن پنجاهه ۾ توکي ڪهڙي ڀاڄي ڏيان اڌ ڪلو بصر ۽ ٻه ٽماٽر وٺي ڪُٽي کا ٻيو مڙئي خير. همراهه پنجاهه جو نوٽ واپس وٺندي آهستي سان چوڻ لڳو 2 سؤ روپيا ڏهاڙي ملي اٽو، کنڊ، چانهه، گيهه وٺان يا ڀاڄي آخر مهانگائي جو هيڏو وڏو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو، مان ڀاڄي وٺي گهر ڏانهن ويس ته ياد آيو ٽي وي لاءِ ريمورٽ وٺڻو آهي دوست جي دڪان تي ويس ته هُو ٻاهر اُس جا مزا وٺي رهيو هو، مون ريموٽ گهريو ته جواب ڏيندي چيائين بابا مان هتي اُس جا مزا نه وٺي رهيو آهيان نڀاڳي بجلي اچي ته ڪو ڪاروبار ڪجي توکي ريموٽ ته ڏيان پر چيڪ ڇا سان ڪجي. مشرف ته ويو پر پنج سال پ پ  به پورا ڪيا هاڻ نواز شريف کي به خيرن سان سال ٿيڻ لڳو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ وارو هيڏو وڏو مسئلو آخر ڇو حل نٿو ٿئي؟ ’ڇو‘ جو جواب ڇا ڏجي. مان به ماٺڙي ڪري بنا ريموٽ جي اچي گهر پُهتس ۽ ويهي سوچڻ لڳُس ته آخر مُلڪ جو وڏو مسئلو ڪهڙو آهي تعليم يا ان جو نظام، ٻار جو اڌ مڻ جو بستو يا سي اين جي جي قطار ۾ بيٺل رڪشو يا وري مسافر وين يا وري انهن ٻنهي لاءِ مٿي جو سُور بڻيل سي اين جي واري بندش، پوڙهي عورت جو مٿي تي وزن رکي کپائڻ يا ان جي پوٽن جو پڙهڻ جي عمر ۾ بسن تي شيون کپائڻ يا وري انهن جو ڪارڻ بڻيل منشيات جو عادي سندن پيءُ وڏو مسئلو آهي. بي روزگاري يا وري مهانگائي وڏو مسئلو آهي يا وري ڪيترن ئي سالن کان ماڻهن لاءِ ۽ سندن ڪاروبار لاءِ عذاب بڻيل لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي، مان اڃان انهن سوچن ۾ ئي هُئس ته ايتري ۾ بجلي به خيرن اچي ويئي مان ٽي وي هلائي ته ان وقت هر چئنلن تي هڪ اداڪارا ۽ سندس شاديءَ جون خبرون هجن، شادي کان پوءِ فلمن ۾ ايندي يا نه ۽ وري مٿان کان نوان فوٽو ۽ نوان اسڪينڊل هر چئنل ليڊ باڪس، ٽريڪر ۽ بريڪنگ ۾ صرف ان موضوع تي ئي لڳا پيا هُئا. ايتري ۾ ڀائيٽي اچي وري صبح وارو سوال ڪيو انڪل پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي بي اختيار منهنجي واتان نڪتو ”اداڪاره جي شادي“.
imsbaloch@hotmail.com

Marsoon Marsoon Sindh Na Desoon


مرسُون مرسُون سنڌ نه ڏيسُون
مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو جنهن عظيم شخص بلند ڪيو سو به سنڌ ۾ آفريڪا مان هجرت ڪري آيل شيدي خاندان مان هو پر جڏهن هن سنڌ ۾ رهي سنڌ جي حفاظت جو وچن ڪيو ته پوءِ هن کي سنڌ سواءِ ٻي ڪابه شيءِ نظر نه آئي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته اڄ به سنڌ جي تاريخ اُن عظيم جرنيل هوش محمد شيدي کان سواءِ مڪمل نٿي ٿي سگهي. دُٻي جي ميدان تي 1943 مارچ جي مهيني هوش محمد شيدي سنڌ لاءِ شهادت ماڻي هڪ اهڙو نعرو بُلند ڪيو جيڪو اڄ به سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن جي جواب ۾ چيو ويندو آهي، بلاول ڀٽو کي جيڪي ٻار سمجهن ٿا اُنهن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته شهيد بينظير ڀٽو جڏهن سياست ۾ پير پاتو ته سندس عمر به ايتري ئي هُئي، پر اڄ جي دور کي اُن دور سان ڀيٽجي ته ٻار نه رڳو جلدي جوان پر سمجهه وارا به ٿي ويندا آهن، متحده قومي موومنٽ جي قائد الطاف حسين جي ڪيل تقرير ۽ سنڌ جي ورهاڱي ۽ نئون ملڪ ٺاهڻ واري سوچ جي جواب ۾ بلاول ڀٽو جهڙي ريت مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو بُلند ڪيو ان مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته هُو مُلڪي سياست ۽ خاص ڪري سنڌ جي سياست ۾ نه رڳو دلچسپي وٺي رهيو آهي پر ان کي سنجيدگي سان ڏسي رهيو آهي. الطاف حسين پاڻ کي سنڌي چوي ٿو پر هن ڪڏهن به سنڌ جي مفاد لاءِ ڪم نه ڪيو آهي، بلدياتي اليڪشن جا معاملا هجن يا بلدياتي نظام جي نالي تي شهري ۽ ٻهراڙي جي تقسيم انهن سڀني جو ڪارڻ متحده ئي رهي آهي.

 سنڌ ۾ رڳو اردو ڳالهائيندڙ نه پر بلوچي، پشتو، پنجابي، سرائڪي ڳالهائيندڙ به رهن ٿا پر اُهي سڀ اڄ به سنڌ سان گڏ بيٺل آهن ۽ انهن وانگر اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو انگ به سنڌ سان گڏ آهي، پر رڳو متحده قومي موومنٽ کي الائي ڪهڙي پريشاني ورائي ويٺي آهي يا ڪهڙي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي جو ڪجهه مهينن جي وقفي کان پوءِ سنڌ خلاف اهڙي ڳالهه ڪندي رهي آهي جنهن سان سنڌين ۽ سنڌ ۾ رهندڙن کي ڏک پهچي، مُلڪ ۾ متحدو جي ساٿارين خلاف يا متحده خلاف پاڪستان يا دنيا ۾ جڏهن به ڪو قدم کڻبو آهي ته الطاف حسين اهڙي زهريلي تقرير ڪري سنڌ ۾ باهه ٻارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي، اڄ جڏهن مُلڪ ۾ هڪ آمر خلاف ڪيس هلي رهيو آهي ته ٻي پاسي الطاف حسين خلاف پنهنجي ئي اڳواڻ کي قتل ۽ مني لانڊرنگ جي ڪيس ۾ جاچ هلندڙ آهي ته هو اهڙا بيان ڏيئي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان انهن مسئلن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙيون سرگرميون ڪندو رهيو آهي ۽ وري ڪجهه عرصي بعد معافي گهرڻ يا پنهنجي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪندو رهيو آهي. الطاف حسين رڳو ان بنياد تي الڳ صوبي ۽ هاڻ ته الڳ مُلڪ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اردو ڳالهائيندڙن کي ديوار سان لڳايو پيو وڃي ۽ اُردو ڳالهائيندڙ الڳ ٿيڻ چاهين ٿا ته پوءِ ڀائي جان کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته مُلڪ ۾ وڏي انگ ۾ اُردو ڳالهائيندڙ رهن ٿا ۽ اُهي سڀ اوهان گڏ نه آهن. ان جو مثال 2013 جي کانپوءِ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ظاهر ٿي ويو ته ڪراچي ۾ڪيترا ووٽ جعلي هُئا جتان اوهان ڪامياب ٿيا آهيو، ڪراچي ۾ چونڊُون شفاف ۽ پُرامن ماحول ۾ ٿي وڃن ته شايد جيڪو نقشو اوهان سوچيو ويٺا آهيو نتيجا اُن کا مختلف نظر ايندا، الطاف حسين جي ايتري ڊگهي تقرير ڪرڻ جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اسان جي اُها ميڊيا به آهي جيڪا سندس تقرير کي سڌو سئون ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڏيکاريندي رهي ٿي، پر ان جي جاءِ تي ڪو سنڌ جو قوم پرست يا ڪوبه ٻيو سياسي اڳواڻ ڀلي لکين ماڻهن جي جلسي کي خطاب ڪري ان کي اهميت نٿي ڏني وڃي، اردو ميڊيا جي چئنلن يا اخبارن سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ماڻهن کي سدائين شڪايتون رهيو آهن، پر اسان جي سنڌي ميڊيا جو ڪردار ان موقعي تي انتهائي اهم بڻجي وڃي ٿو جڏهن ڪو ماڻهو سنڌ خلاف زهر يلي تقرير ڪري ته ان جي تقرير کي نه رڳو براه راست نه ڏيکاري وڃي پر ان خلاف پروگرام ڪيا وڃن، اسان جي سنڌي ميڊيا پنهنجو فرض ضرور پورو ڪيو ۽ پر جڏهن منهنجي نظر اخبارن تي پيئي ته افسوس ضرور ٿيو ته آخر الطاف جي تقرير لاءِ پنج ڪالم ڇو جڏهن اسان پاڻ کي سنڌ جي آواز سڏيون ٿا ته سنڌ خلاف اُٿندڙ آواز کي ايتري اهميت ڇو ڏجي، هجڻ ته ائين گهربو هو ته الطاف حسين جي تقرير جي فرنٽ پيج جي هيٺين حصي ۾ ٻه ڪالم ۽ ان تقرير خلاف آيل خبرن ۽ بيانن کي پنج ڪالم ۽ اهميت ڏني وڃي ها، ڇو ته اسان جي اخبار پڙهندڙ ته اهو سنڌي آهي جنهن جي وجود خلاف ۽ سندس ڌرتي خلاف ڳالهه ڪئي ويئي ۽ سازش ڪئي پئي وڃي، ته پوءِ اهڙن ماڻهن کي اسان ڇو ايتري اهميت ڏيون. سنڌي قوم پرست پارٽين ۽ سنڌي قوم ته الطاف حسين کي پنهنجو جواب ڏيئي ڇڏيو آهي ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون، سنڌي سنڌ امڙ لاءِ جان قربان ڪندا پر سنڌي رڳو مرڻ نٿا ڄاڻين اهو به ياد رکڻ گهرجي، الطاف حسين جي تقرير خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو آهي پر بهتر ته اهو هو ته احتجاج جي سڏ  سان گڏ سڀئي قوم پرست پارٽيون سنڌي قوم سان گڏ هڪ وڏو جلسو ڪري الطاف حسين کي جواب ڏين ها ته سنڌ ڇا ٿي چوي، پر ان سان گڏ ميڊيا جي ڪردار جي باري ۾ پڻ لاحئه عمل جوڙڻو پوندو ته جيئن هُو الطاف حسين جي جلسي کي ڪيترائي ڪلاڪ ڏيکاري سگهن ٿا ته ان جي جلسي جي جواب ۾ ڪيل جلسي کي پڻ اوتري ئي اهميت ڏيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ جيئن هڪ چينل خلاف جسقم بشير خان قريشي جي احتجاج ۽ سنڌ ۾ ان چينل جي بندش جي قدمن انهن کي ڳالهين لاءِ مجبور ڪيو تيئن هاڻ سنڌين کي پڻ اهڙن مفاد پرست ادارن خلاف لاحئه عمل جوڙڻ گهرجي.

الطاف حسين هڪ پاسي ته پاڻ کي اُردو ڳالهائيندڙ سنڌي چوي ٿو ته وري ٻي پاسي الڳ صوبو ۽ مُلڪ جي ڳالهه به ڪري ٿو، گذريل 11 سالن کان سنڌ ۾ متحده جو گورنر ڪراچي ۾ سندس آشيرواد سان مقرر آفيسر وفاق ۾ نواز ليگ سان ڀائيوار هئڻ باوجود الطاف حسين مطابق اردو ڳالهائيندڙن سان ويڌن آهي ۽ متحده موجب سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو جي بنياد تي ڳالهيون ڪنداسين ڇو ته متحده سمجهي ٿي سنڌ ۾ پنجاهه سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آهن پر ڇا سڀ اردو ڳالهائيندڙ متحده سان گڏ آهن؟ ان سوال جو جواب متحده وٽ به نه آهي، سنڌ ورهائڻ جي ڳالهه ڪندڙ رڳو ٽيليفون تي ويهي تقرير ڪرڻ جي همت ئي ڪري سگهي ٿو ڇو ته مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون واري بلاول جي رڳو هڪ ٽوئيٽ سان الطاف هن کي ڀائٽيو چئي پڙهائي پُوري ڪرڻ جي صلاح ڏي ٿو ته سوچيو جڏهن سڀ سنڌي مرسون ماريسون سنڌ نه ڏيسون جا نعرا بُلند ڪري ٻاهر نڪري آيا ته ان ڀائي جو ڇا ٿيندو.

imsbaloch@hotmail.com

New Year And Hope


نئون سال ۽ اُميد جا ڏيئا
آسٽريليا مان اُٿندڙ روشنين ۽ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ آتشبازي سان ڀليڪار چيل سال جي آجيان ان اُميد سان ڪئي ويئي آهي ته ايندڙ وقتن ۾ گهڻو ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هڪ پاسي ته خوشيون ۽ آتشبازي جي روشني هُئي ته ٻي پاسي ڏک، مصيبتن ۽ اڙانگي پنڌ ۾ ڪٽيل سال جي پڄاڻي ۽ نئين  سال جي اچڻ تي دولتپور ويجهو ميڻ بتيون ٻاري روشني ڪئي ويئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪيل آتشبازي واري خوشين جي روشنين ۽ لاپته ماڻهن جي تصويرن آڏو ڪيل ميڻ بتين جي روشنين ۾ تمام گهڻو فرق هو. دنيا جي ماڻهن نئين سال کي ڀليڪار ڪري خوشيون ملهايون پر ڪجهه پانڌيئڙن اُن اُميد سان ميڻ بتي ۽ ڏيئا ٻاري روشني ڪئي ته من ڪو هي سال گذريل سال کان بهتر هُجي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ماما قدير ۽ فرزانه مجيد جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلي ۾ شريڪ نياڻين سخت سيءُ ۾ دولتپور، ٽنڊو ولي محمد ويجهو لاپته ماڻهن جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري اها اُميد ظاهر ڪئي ته گذريل سال جيڪو ٿيو ۽ ڀوڳيو سو ته گذري ويو پر شال نئون سال گم ڪيل ماڻهن جي باحفاظت آزادي جو سال بڻجي وڃي. وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جي ڪاروان کي اڃان گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي پر سندن منزل تي پهچڻ واري خواهش ۽ حوصلا به سيءَ جي شدت وانگر وڌي رهيا آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ ڪيل سندن آڌر ڀاءُ ۽ ساٿ کين منزل تائين پهچڻ لاءِ اُتساهي رهيو آهي.

وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جو لانگ مارچ جڏهن هالا کان نڪري رهيو هو ته مون کي به ساڻن ڪجهه ڪلو ميٽر پنڌ هلڻ جو موقعو مليو پر اڄ به ريڙهي تي رکيل بلوچ نوجوانن جون تصويرون منهنجي اکين آڏو گهمي رهيون آهن ۽ بلوچ نياڻين جا ”شهداءِ بلوچستان ڪو سرخ سلام، شهداءِ سنڌ ڪو سرخ سلام، بلوچ لاپته افراد ڪو بازياب ڪرو، سنڌي لاپته افراد ڪو بازياب ڪرو، يو اين ڪي خاموشي حيران ڪُن حيران ڪُن“ وارا نعرا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن.

مون ماما قدير سان گڏ هلندي کائنس جڏهن ڪجهه پُڇڻ چاهيو ته هُن چيو مان ٿورو ٿڪيل آهيان اڳتي هلي ڳالهايون ٿا ته ايتري ۾ ساڻس گڏ هلندڙ فرزانه مجيد چيو ماما ڳالهايو هُو ڪجهه پڇڻ چاهي ٿو؟ جڏهن ماما قدير کان سنڌ حڪومت پاران کين ڏنل سڪيورٽي بابت سوال ڪيو ته ان وقت ان قافلي پويان هڪ پوليس موبائل هلي رهي هُئي جنهن ۾ رڳو هڪ ڊرائيور ويٺو هو سو موبائل هلائي رهيو هو پر اُها به ڪهڙي وقت اُتان غائب ٿي ويئي مان ڏسي نه سگهيس. اين ايڇ 5 واري ساڳئي رستي تي اسان کي اهڙيون گاڏيون به نظر آيون جن جي اڳيان پٺيان پوليس موبائلون پوليس اهلڪارن سان ڀريل هيون.

 منهنجي اُن سوال جي جواب تي ته سنڌ ۾ قوم پرستن پاران آڌر ڀاءُ ۽ ساٿ ڏيڻ تعريف جوڳو آهي پر جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ تي ماما چيو وقت کان اڳ ڪنهن جي باري ۾ چوڻ مناسب نه آهي، جڏهن اسان پنجاب ۾ داخل ٿينداسين ته پوءِ خبر پوندي ته پنجاب حڪومت ۽ عوام مان اسان کي ڪهڙي موٽ ملي ٿي؟ باقي اسان جي منزل اسلام آباد آهي، ڪو موٽ ڏي يا ڌمڪيون، موسم جي سختي هُجي يا سڪيورٽي نه ڏيڻ وارو معاملو اسان واپس نه ٿينداسين.

فرزانه مجيد رياست ۽ وفاق جي بي حسي سان گڏ ميڊيا جو ڪردار انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو. فرزانه مجيد ميڊيا جي بي حسي تي چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ڪرڪيٽ جو مئچ ڏيکارڻ کان وٺي ۽ ڪنهن سياسي ليڊر جي تقرير براه راست ڏيکاريندڙ چئنلن کي اسان جو لانگ مارچ ڇو نظر نٿو اچي. اسان پنهنجي حقن لاءِ هيڏو وڏو پُرامن لانگ مارچ ڪري رهيا آهيون پر اسان جي ملڪ جي آزاد ميڊيا ڪٿي آهي.

مون وٽ ان جو جواب ته نه هو پر وائس فار بلوچ مسنگ پرسن سان ڪيل ڪجهه ڪلو ميٽر جي سفر مان مون محسوس ڪيو ته واقعي غير اهم خبر کي اهم بڻائڻ جا ڪاريگر رڳو پنهنجي مفاد لاءِ آزاد آهن. باقي عام ماڻهن جي مسئلن لاءِ وٽن ڪابه جاءِ نه آهي.

نئين سال تي سڀني چئنلن رات جو دنيا ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ آتشبازي ۽ جشن ته ڏيکاريو پر ڪنهن به اهو نه ڏيکاريو ته ساڳئي رات سخت سيءَ ۾ نيشنل هاءِ وي 5 جي روڊ تي ڪجهه نياڻيون پنهنجي ڀائرن، پيءُ ۽ ٻين وارثن جي بازيابي لاءِ ميڻ بتيون ٻاري اها اُميد ڪري رهيون آهن ته اُهي حفاظت سان گهر موٽي اچن. نئين سال جي پهرين ڏينهن ماما قدير ۽ فرزانه مجيد جي اڳواڻي ۾ وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جو لانگ مارچ شاهپور جهانيان ويجهو پهچي ويو آهي ۽ اڃان کين وڏو پنڌ ڪرڻو آهي، پر نئين سال ۾ پنهنجي اکين ۾ ٻاريل اُميد جا ڏيئن کين سفر جي مشڪلن ۽ موسم جي سختي سان وڙهڻ جو حوصلو پڻ ڏيئي ڇڏيو آهي. 

imsbaloch@hotmail.com

Why change the system


ڇو نظام بدلجي
سرور بلوچ
هاري ۽ پورهيت هميشه درد ۽ پيڙاهه ۾ زندگي گذاريندو رهيو آهي ۽ اڃ تائين اهو سلسلو جاري آهي ، حڪومتون جمهوري هجن يا آمراڻيون هنن ۾ ڪنهن نه ڪنهن صورت جاگيردار ۽ سرمائيدار ئي قابض رهيا آهن ، ان ڪري ڪڏهن به عام ماڻهن جي مسئلن کي ڪا خاص اهميت نه ڏني ويئي آهي ، هتي جو کيڙي سو بکيو ۽ جو ميڙي سو سُکيو ، سولي سنڌي ۾ چئجي ته جيڪو پورهيت ڏينهن رات محنت ڪري فيڪٽرين ، ڪارخانن ۾ پگهر وهائي ۽ جيڪو سخت ٻني کي کيڙي ان مان اناج ۽ مختلف جنسون اُپائي تنهن جا بار بکئي پيٽ سمهن ، کين تعليم ، صحت جهڙن بنيادي سهولتن لاءِ در در هٿ ٽنگڻو پوي ٿو پر جيڪي انهن پورهيت ۽ هاري جي محنت جي رقم کي ميڙن ٿا سي سدائين سُکن ۾ آهن ، سياسي پارٽيون رڳو سياسي بيان تائين پورهيت دوست ۽ هاري دوست ٿي سگهن ٿا حقيقت ان جي اُبتڙ ئي آهي ، مونکي ياد پوي ٿو مشرف دور ۾ ٿيندڙ 2002 جي اليڪشن ۾ هڪ سياسي جلسي جي ڀرسان لنگهڻ ٿيو ته هڪ مقرر باآواز بلند فخريه انداز ۾ بيان ڪري رهيو هو ته مان هڪ هاري جو پُٽ آهيان ان ڪري مونکي هاري ۽ پورهيت جي مسئلن جي چڱي ريت خبر آهي اوهان چاهيو ٿا ته هاري جو پُٽ اوهان جي آوزا کي ايوانن تائين پهچائي ته مونکي ووٽ ڏيو ، مونکي سندس تقرير ڏاڍي وڻي ۽ سل ۾ سوچيم ته ڀلا هن ڀيري شابس هجي سياسي پارٽي کي ڪنهن هاري جي پُٽ کي سيٽ ڏني اٿن ، پر جڏهن جلسو ختم ٿيو ته ساڳيو هاري جو پُٽ  هڪ شاندار لينڊ ڪروزر ۾ اڳيان پويان سيڪيورٽي سان جنهن انداز ۾ نڪتو مجبور ٿي اُتي بيٺل هڪ همراهه کان پڇا ڪيم اهو هاري جو پُٽ ڪنهن جي گاڏي تي چڙهي نڪتو آهي ته اڳيان جواب مليو اهُي گاڏيون ۽ گارڊ سندا اٿس هاري جو پُٽ الائي ڪڏهن هو اسان به اڄ ٻڌو آهي ، سياسي پارٽين ۾ زميندار ۽ جاگيردا ته شرورع کان وٺي هلندا آيا آهن ڇو ته اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ اليڪشن جا ڳرا خرچ ڪنهن هاري يا پورهيت دوست پارٽي جي وس کان ٻاهر آهن ، ڀُٽي صاحب جڏهن پنهنجي دور حڪومت ۾ هارين ۽ پورهيتن جي ڳالهه ڪري انهن جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ٽ ان دور ۾ هارين ۽ پورهيتن لاءِ ٿيندڙ اصلاحاتن وڏيرن کي جاگيردارن کي جنهن ريت سوڙهو ڪرڻ شروع ڪيو ان وقت ئي وڏي انگ ۾ پنهنجي بچاءُ لاءِ ساڳيا ماڻهو پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويا ۽ پوءِ اُهي سڀ اصلاحات ۽ پورهيت دوست منصوبا به ختم ٿي ويا ، اڄ ڪنهن به سياسي پارٽي کي ڏسجي ته ان ۾ اڪثريت جاگيردار ۽ سرمائيدارن جي آهي ڪو هڪ اڍ پورهيت ملي وڃي ته واهه نه ته ڳولي به ڪو هاري يا پورهيت ڪنهن پارٽي جو اميدوار اليڪشن ۾ بيٺي نظر نه ايندو ، اڄ به ان ڳالهه تي بحث هلي رهي آهي ته آخر جيڪو محنت ڪري کيڙي ٿو ان کي پنهنجو حق ڇو نٿو ملي ، هڪ هاري ڪنهن زميندار وٽ هارپو ڪري ٿو ته پوءِ ان سان گڏ سندس گهرڀاتي به ڪم ڪندي نظر ايندا آهن ، ٻهراڙي ۾ هاري يا وري شهرن ۾ رهندڙ پورهيت جو ٻار اڄ به بنيادي تعليم ، صحت جهڙين سهولتن کان پري آهي ، جڏهن ته ٻي پاسي جاگيردار ۽ وڏيرن جي اولاد معياري تعليم حاصل ڪن ٿا ۽ ضرورت پوڻ تي ٻاهرين ملڪن مان پڻ پڙهي پهچن ٿا ، هاري ۽ پورهيت اڄ به بجلي ، گئس ۽ مهانگائي جي جنگ وڙهي رهيو آهي ، هڪ پاسي ته جاگيردار هزارين مان لکين ايڪڙن جو مالڪ بڻجي رهيو  آهي ته ٻئي پاسي هاري جا سور وڌي رهيا آهن ، هارين ۽ پورهيتن جي آواز اٿارڻ لاءِ مختلف تنظيمون پنهنجي وس آهر جتن ڪري رهيو آهن پر جاگيردار به اوترو ئي پاڻ کي مظبوط ڪرڻ لاءِ گڏ ٿي رهيا آهن ، عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ قانوني ماهر عابد حسن منٽو جڏهن زمين جي ورهاست لاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو ته اُهي سياسي مخالف جيڪي هڪ ٻئي جو شايد منهن ڏسڻ به پسند نه ڪن پر ان موقعي ته اُهي سڀ گڏ ٿي ويا ، پيپلز پارتي ، تحريڪ انصاف ۽ ٻيون سياسي ۽ جمهوري پارٽيون هميشه اهو ئي نارو هڻنديون آيون آهن  ته نظام بدلائجي ڇو ته چهرن جي بدلجڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو پر جڏهن نظام بدلائڻ لاءِ ڪو سامهون اچي ٿو ته پوءِ سندن سڀ کان وڏا مخالف به اهي ئي هوندا آهن ، عوامي ورڪرز پارٽي هارين ۽ پورهيتن جي جدوجهد ۽ زمين جي ورهاست لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍي رهي آهي انهي سلسلي ۾ اڄ حيدرآباد ۾ پڻ ريلي ڪڍي ويندي ، زرعي سڌارن لاٰ نڪرندڙ ان ريلي جو مقصد هارين کي سندن حق ڏيارڻ آهي ڇو ته اڄ به هاري رڳو ان ڪري ڏتڙيل آهي ته هو ڪنهن ٻي جي زمين تي ڪم ڪري ٿو ۽ کيس رهڻ لاءِ سندو گهر به نه آهي ، ٻارن کي تعليم نه وري صحت جي سهولت ميسر آهي ، پر جڏهن هاري پاڻ زمين جو مالڪ بڻجي ويندو ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ هو ڪيترن ئي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي حالت ۾ اچي ويندو ، حڪومت مختلف غير ضروري منصوبن تي جيتري رقم خرچ ڪري ٿي اُها رقم رڳو پورهيت ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي تي خرچ ٿين ته معاشري ۾ بهتري اچي سگهي ٿي . نظام بدلائڻ سان ئي ترقي اچي سگهي ٿي پرهڪ ڳالهه کان انڪار ممڪن نه آهي ته گهر ويهي ۽ سياسي بيان بازي سان ڪو نظام بدلجي سگهي ٿو نظام بدلائڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پوندو ، ڇو ته جيستائين سرمائيداراڻي ۽ جاگيرداراڻي نظام جي پاڙ نٿي پٽي وڃي عام ماڻهو ، پورهيت ۽ هاري ڪڏهن به پنهنجي قسمت کي بدلائي نه سگهندو ، اسان گذريل سٺ سالن کان خاص ڪري سنڌ جي ٻهراڙي کي ڏسون ته اڄ به ڪکاوان گهر ، ڪچا رستا ، صحت ۽ تعيمي ادارن جي اڻهوند موجود آهي هڪ پاسي دنيا چنڊ تي پهچي ويئي آهي اسان وٽ اڄ به عام ماڻهو جي حالت ۾ ڪابه تبديلي نظر نٿي اچي ، اڄ به عام ماڻهو ساڳين پريشانين ۾ ورتل آهي جيڪي هو سٺ سال اڳ ڀوڳيندو رهيو آهي پر وقت سان انهن ۾ اضافو ضرور ٿيو آهي ، سونامي اچي يا شير يا وري تير وسن ٽنهي صورتن ۾ ماڻهن جي موت ئي ٿي سگهي ٿي باقي زندهه هن دور ۾ تمام ڏکيو ٿيندو پيو وڃي .
imsbaloch@hotmail.com

Natural Resources and Energy Crisis


قدرتي وسيلا ۽ توانائي بحران
روزاني عبرت جي فرنٽ پيج تي توانائي جي ذخيرن بابت ڪانفرنس تي ٻن ڪالمن جي تصوير سان گڏ ٽي ڪالمي خبر پڙهي ته اُهو وقت ياد اچي ويو جڏهن بلوچستان جا عام ماڻهو قدرتي وسيلن تي ڦُرلُٽ ۽ کين نظر انداز ڪرڻ لاءِ ته رڙيون ڪندا رهيا پر حڪومت رڳو ڪجهه ماڻهن کي نوازي عام ماڻهن کي نظرانداز ڪندي رهي ۽ جتان گئس نڪتي اُتي جي آس پاس وارا ماڻهو ان وقت به جهنگ مان ڪاٺيون ڪري ٻارڻ طور استعمال ڪندا هُئا. وفاق جي اهڙن عملن نه رڳو صوبي جي عام ماڻهن کي مايوس ڪيو پر کين حڪومت خلاف بيهاري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ ته اُهو وقت اچي ويو آهي جو ڪنهن وقت ۾ حڪومتي ڪارونهوار هلائيندڙ به ان رستي تي هلي نڪتا آهن، اسان وٽ هميشه وفاق ئي سگهاري طاقت رهي آهي ۽ اڪثر اهڙا فيصلا به سامهون ايندا رهيا آهن، جنهن سان صوبن جي ماڻهن کي خدشن هئڻ باوجود صوبي ۾ ويٺل وفاقي آشيرواد وزيرن جي مدد سان انهن فيصلن کي عملي جامو پهرايو ويو آهي. بلوچستان ۾ تيل ۽ گئس جا معاملا هجن يا وري ريڪوڊڪ ۽ سون ڪڍڻ جا معاملا انهن سڀني ۾ وفاق عام ماڻهن يا مقامي ماڻهن کي ڪڏهن ذهن ۾ رکي نه سوچيو، ان بابت جڏهن به ڳالهه ڪئي وئي ته جواب ۾ اهو چيو ويندو آهي ته اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻهو به ته عام ماڻهن جي ووٽن سان آيا آهن ۽ اُهي ئي عام ماڻهو جو آواز آهن، پر حقيقت ۾ ماڻهو ڪيئن چونڊجي اچن ٿا اها ڪنهن کان لڪيل نه آهي ۽ هونئن به عام ماڻهن ووٽ ضرور ڏنا پر ان لاءِ نه ته سندن وسيلن جي ڦُرلٽ ڪئي وڃي يا ٿيندي رهي ۽ اوهان خاموش هجو، ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن هڪ تيل ڪمپني جتي سندس ڪم هلندڙ هو اُتان جي صحافين ۽ سرڪاري آفيسرن کي مٽياري ويجهو هڪ بريفنگ ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني، مون کي به شرف حاصل ٿيو ته انهيءَ بريفنگ مان ڪجهه لاڀ حاصل ڪيان، ان بريفنگ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته اسان کي رائلٽي جي مد ۾ جيترو خرچ ڪرڻو آهي ان کان وڌيڪ ڪري رهيا آهيون. هنن ٻڌايو ته اسان رائلٽي تيل نڪرڻ جي مطابق ڏيندا آهيون جيترا بيرل تيل ڪڍندا آهيون، قانون ۽ حڪومتي ڪيل معائدن موجب رائلٽي ڏيندا آهيون، ڪجهه اسان پاڻمرادو ۽ ڪجهه فنڊ وري متعلقه ضلعي ڪميٽي جي حوالي ڪندا آهيون يا انهن پاران ڏنل تجويزن موجب ڪم ڪندا آهيون.

تيل ڪمپني جي ڏنل انگن اکرن موجب رائلٽي جي مد ۾ ڏنل رقم جي ٽيڻ تي وڌيڪ خرچ ڪري چڪا هُئا، هي ان رائلٽي جي ڳالهه هُئي، جيڪا تيل ڪمپنين کي جتان تيل نڪري ان ضلعي ۾ تعليم، صحت يا ڪنهن ٻي مد ۾ خرچ ڪرڻو آهي، اسان کي حيرت ته ضرور ٿي ته آخر ڪو ٽيڻ تي وڌيڪ خرچ به ڪري رهيو آهي ته پوءِ ڀرپاسي جي ماڻهن کي شڪايتون ڇو آهن، اُهي احتجاج ڪندي ڇو نظر اچن ٿا، انهن جي ان احساس محرومي کي ڪير دور ڪري ته عرب يا ٻين تيل ۽ قدرتي ذخيرن سان مالامال ملڪن جي ماڻهن ۽ اسان جي ملڪ ۾ عام ماڻهن جي زندگي ۾ زمين آسمان جو فرق ڇو آهي، اسان جي ملڪ ۾ حڪومتون قرض ڏيڻ جي اسڪيمن يا ٻين ڪمن جي مد ۾ جيڪا رقم خرچ ڪري ٿي اها رقم پاڻ تيل ڪڍڻ جا وسيلا جوڙڻ ۾ ڇو خرچ نه ٿي ڪري ۽ تيل ڪڍڻ لاءِ ٻين ملڪن جي ڳرين شرطن تي عمل ڪندي مقامي ماڻهن جي وسيلن کي ڀڳڙن جي مٺ ڇو ٿو کپايو وڃي. حڪومت ۽ تيل ڪمپنين وچ ۾ معاهدي موجب جيترو تيل نڪري ان جو 25 کان 30 سيڪڙو وفاقي حڪومت باقي تيل ڪڍندڙ ڪمپني يا انهن جي پارٽنر جو هوندو آهي، ان جو سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته جيئن تيل ڪمپنيون وڏي سيڙپڪاري ڪري پائپ لائن ۽ پلانٽ جوڙين ٿيون ته ان خرچ جي ڪري ئي حڪومت کي 25 سيڪڙو تي راضي ٿيڻو پوي ٿو پر هڪ پل لاءِ اهو سوچجي ته ڇا سيڙپڪاري جي نالي پائپ لاءِ، تيل جا کوهه کوٽڻ ۽ پلانٽ تي رڳو هڪ ڀيري خرچ ٿئي ٿو ان بعد ته رڳو سنڀال ڪرڻي پوي ٿي، ڇا حڪومت اهڙن معاهدن ۾ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکي ٿي جيڪو هڪ عام ماڻهو سوچي ٿو. وفاق جي ڪيل فيصلن ۾ صوبن کي ڪيتري اهميت ڏجي ٿي ان جو اندازو ڪراچي ۾ ڪيل ان ڪانفرنس مان لڳائي سگهجي ٿو جتي وزيراعليٰ قائم علي شاهه آئين جي آرٽيڪل 172 جو حوالو ڏيندي تيل ۽ گئس جي ذخيرن کي وفاق ۽ صوبن جو برابر حق تسليم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن صوبائي خودمختياري ۽ 18هين آئيني ترميم جي ڳالهه ڪجي ٿي ته پوءِ ان تي عمل ڪرائڻ به ضروري بڻجي وڃي ٿو پر ائين لڳي رهيو آهي ته ترميم ته ٿي پر صوبن کي نالي ماتر خودمختياري ملي جي ائين نه هجي ها ته پوءِ قدرتي وسيلن جا مالڪ سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه تيل، گئس ۽ قدرتي وسيلن جي ورڇ ۾ وفاق کان برابري جي گهُر نه ڪن ها.

تيل يا گئس جو ٺيڪو ڪهڙي ڪمپني کي ڪهڙين شرطن تي ڏيڻو آهي ان جو فيصلو وفاق ئي ڪندو رهيو آهي. صوبن کي رڳو اطلاع ئي ڏنا ويا آهن پر جڏهن صوبائي خودمختياري جي ڳالهه ڪجي ٿي ته هاڻ صوبن کي ان سڄي ۾ عمل نه رڳو شامل ڪرڻ پر اهم فرق سمجهي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ جي عوام هميشه ٻڌندي رهي آهي ته سنڌ ملڪي پيداوار جو 70 سيڪڙو گئس ۽ 60 سيڪڙو تيل پيدا ڪندڙ صوبو آهي پر جڏهن سنڌ جي حالت ڏسجي ته اهو سڀ هڪ خواب ئي نظر اچي ٿو، جتي 70 کان 75 سيڪڙو وسيلا ٻاهريون ڪمپنيون کڻي وڃن ۽ باقي بچيل 25 سيڪڙو مان وفاق ۽ صوبو به پلجي ته پوءِ مقامي ماڻهن لاءِ ته اُميدون ۽ آسرا ئي بچن ٿا جيڪي 66 سالن کان ملندا رهيا آهن. ڏوهه تيل ڪڍندڙ ڪمپنين کي ڏجي يا انهن کي جيڪي اهڙا معاهدا ڪري قدرتي وسيلن کي نيلام ڪري رهيا آهن.

imsbaloch@hotmail.com

Seller of Poverty


مفلسيءَ جي سوداگري
ٽن ڪلاڪن جي ڊگهي تقريري مقابلي منهنجي مٿي ۾ سوُر وجهي ڇڏيو هو. هر هڪ مقرر ميڙاڪي ۾ ويٺل ماڻهن کي دنيا جهان جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قانون ۽ ان تي عمل بابت؛ جڏهن ته پٺتي پيل ملڪن ۾ قانون جي لتاڙ بابت ٿيندڙ ڳالهيون هيٺ ويٺلن مان اڪثريت جي سمجهه کان ٻاهر هيون. اُها اڪثريت ٻهراڙي مان آيل ۽ گهرداري ڪندڙ عورتن جي هُئي جن کي ٻن ويلن جي ماني کانسواءِ ٻي ڳالهه هونئن به گهٽ وڻندي آهي. اسٽيج تي جوشيليون تقريرون جاري هيون پر هيٺ ويٺلن مان اڪثريت جي چهري تي بيزاري جا آثار صاف نظر اچي رهيا هُئا. اڃان آخري مقرر کي خيالن جي اظهار لاءِ سڏڻ باقي هو ته منهنجي ڪُرسي پويان هڪ ٻارڙي جو آواز آيو ”امان بک لڳي آهي، تو چيو هو دعوت تي هلون پيا ماني ڪٿي آهي؟“ ماءُ کيس آهستي سان چيو، ”ٿورو صبر ڪر پُٽ مونکي ڪهڙي خبر هُئي ته چانور ٿالهيءَ لاءِ هيڏيون تقريڙون به ٻڌڻيون پونديون.“

آخري مقرر جي تقرير ختم ٿيندي ئي اسٽيج تان آواز آيو ته پنهنجي جاين تي ويٺا هجو، اوهان لاءِ لنچ باڪس تيار آهن. ڪُرسي تي ويٺلن کي لنچ باڪس ڏنا ويا ۽ پوءِ آهستي آهستي هال ۾ ٿيندڙ ڪجهه دير اڳ وارو شور گهٽجڻ شروع ٿي ويو هو. مون هال کان ٻاهر نڪرندي جيڪي لقاءَ ڏٺا، اُهي اسان جي ملڪ ۾ روزانو ٿيندڙ سوين پروگرامن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڄاڻ رسائڻ، پنهنجي ڳالهه کي ماڻهن تائين پهچائڻ يا تربيت لاءِ ٿيندڙ انهن پروگرامن جي ختم ٿيڻ تي هڪ مهذب طريقي سان ماني جو انتظام ڪيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن وري اهڙا پروگرام بدنظمي سبب ياد رهجي ويندا آهن. مون ٻارڙن ۽ عورتن کي زمين تي هيٺ ويٺي چانور کائيندي ڏٺو. ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ان پروگرام ۾ ويٺل انهن عورتن سان گڏ آيل ٻارڙن کي ماني کائيندي ڏسي سمجهي پئي سگهيس ته بک انهن کي بي حال ڪري ڇڏيو هو. ٿورو اڳتي نڪتس ته پريس ڪلب جي مين گيٽ ڀرسان ٻه ننڍا ٻارڙا پڻ دڪيءَ تي ويهي چانور کائي رهيا هُئا. مان جيئن ئي ڪيمرا ڪڍي سندن فوٽو ڪڍڻ پئي گهريو ته هُو جيڪو گرهه کڻي وات ۾ وجهي رهيو هو، سندس هٿ اُتي ئي بيهي رهيو. مون اهو ئي سوچيو ته اهو فوٽو اخبار ۾ لڳي ويندو ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي اچي ويندو ۽ پوءِ وڏا ڪمنٽس ايندا، هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي دانشوري ڏيکاريندو، پر جڏهن ان ٻارڙي پنهنجو هٿ روڪي مون ڏانهن نهاريو ته سندس پتڪڙا هٿ ۽ معصوم چهرو ڏسي منهنجي همت ئي نه ٿي، جو سندس فوٽو اخبار ۾ موڪليان يا وري سوشل ميڊيا تي رکي سگهان. سندس رُڪيل هٿ منهنجي هڪڙي مسڪراهٽ سبب وات ڏانهن وڌيو ۽ هن وري آرام سان کائڻ شروع ڪري ڇڏيو.

مون مسڪراهٽ ذريعي ان شرمندگي کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪا اُن وقت مان محسوس ڪري رهيو هئس، پر اڪثر ايئن نه ٿيندو آهي. ان وقت ڪيمرا جي هڪ ڪلڪ ۽ چند سيڪنڊن جي فلم ان سڄي معاملي کي اهم خبر يا بريڪنگ نيوز ڪري ڇڏي ها، پر ان بريڪنگ نيوز جو مقصد ان ٻار جي بدحالي پيش ڪري ان کي رليف ڏيڻ نه پر رڳو پنهنجي مشهوري هجي ها. اسان جي مُلڪ ۾ جتي صحافين ۽ ليکڪن کي ضابطه اخلاق سکڻ جا مشورا ڏنا وڃن ٿا، اُتي ريٽنگ جي چڪر ۾ ڊوڙندڙ چئنل مالڪن کي به سمجهائڻ جي ضرورت آهي، جن ان شعبي کي رڳو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ ته تيزي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شعبي ۾ اهڙا ماڻهو داخل ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ئي ڪنهن ڪاروبار ۾ هوندي پنهنجي ان ڪاروبار کي سهارو ڏيڻ لاءِ اخبارون / ٽي وي چئنل کولي رهيا آهن، جيئن کين مختلف طريقن سان رليف ملي سگهي ۽ ان ۾ اڪثريت وري اهڙن ماڻهن جي آهي جن جو ان شعبي سان پري پري تائين ڪو تعلق ئي نه رهيو آهي. جڏهن ته انهن نون ماڻهن کي ڏسندي پُراڻا ۽ تجربو رکندڙ به سوچڻ تي مجبور آهن. ان ڪري عزت، احترام ۽ اخلاق کي هڪ پاسي رکي هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي اهڙي ڊوڙ شروع ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪامياب ڪوبه ٿي وڃي پر سندن ان ڪاميابي مان انهن عام ماڻهن کي ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿيندو جن جي غم کي فوڪس ڪري فقط ويوئرشپ وڌائي وڃي ٿي.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ روزانو ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جن کي بريڪنگ نيوز يا اهم خبر ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو پر اسان کي اُتي اهڙي حالت نظر نه ايندي جيڪا اسان وٽ آهي، اسان وٽ هر اُها خبر اهم بڻجي ويندي آهي جنهن سان ان اداري کي ريٽنگ جي مد ۾ ڪو فائدو پهچي. مون کي عورت اڳواڻ جو سعد رفيق کان موبائل نمبر گهرڻ واري خبر کي نه رڳو اهميت ڏيڻ پر فرنٽ پيج تي ڇاپڻ تي ان ڪري به حيرت نه ٿي ته اهڙا ڪارناما اسان اڪثر ڏسندا رهيا آهيون. طاهر القادري جي ڌرڻي ۾ ان جي هر هڪ انداز ۽ سوُپ پيئڻ تائين براهه راست ڏيکارڻ کان وٺي اسلام آباد جي اهم شاهراهه تي ٻه هٿيار کڻي نڪتل سڪندر واري ڪهاڻي ۽ ان موقعي تي حڪومتي ادران کي هڪ پاسي ڪري براهه راست کيس فون تي آن لائن وٺڻ وارا واقعا ايترا پُراڻا ناهن جو وساري ڇڏجن ۽ ايندڙ وقتن ۾ شايد ان کان به وڌيڪ اهڙن غير اهم واقعن کي اهميت ڏيئي پنهنجي ڪاروبار کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن سان عام ماڻهو کي ڪوبه سروڪار نه هوندو پر ان باوجود هنن کي اُهو سڀ بريڪنگ نيوز جي نالي تي ڏيکاريو ويندو.

imsbaloch@hotmail.com

Why Compare Sind And Balochistan in Local Bodies Election


مڪاني چونڊن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڀيٽا ڇو ؟
بلوچستان جون حالتون بهتري ڏانهن وڃن ها ته نيشل پارٽي جي قائم مقام صدر ۽ سينيٽر حاصل بزنجو جو اهو بيان سامهون نه اچي ها ته اسان کي اقتدار ته مليو آهي پر اختيار نه مليا آهن، اختيار هجن ها ته اسان جون مائرون ۽ ڀينرون روڊن تي نه هجن ها. بلوچستان جون حالتون بهتري ڏانهن ويندي نظر اچن ها ته لاپته بڻيل ماڻهن جا وارث اڙانگا پنڌ ۽ بک هڙتالون ڪندي نظر نه اچن ها. اهڙين حالتن باوجود بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿيڻ ۽ ان کي قبول ڪرڻ ۽ چونڊون وقت سر ڪرائڻ بلوچستان حڪومت جو ڪارنامو ضرور چئي سگهجي ٿو.
بلوچستان جون حالتون ڏسي اهو چوڻ تمام ڏکيو هو ته بلدياتي چونڊون اهڙي انداز ۾ ٿي سگهنديون پر 7 ڊسمبر جي ڏنل تاريخ تي نه رڳو بلوچستان ۾ چونڊون ٿيون پر انهن چونڊن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ واقعن کانسواءِ ڪوبه وڏو واقعو رپورٽ نه ٿيو، جڏهن ته پاڪستان جي باقي ٽن صوبن جون حالتون بلوچستان کان بهتر آهن. ڇوته بلوچستان ۾ جتي قوم پرست پارٽيون چونڊن ۾ حصو وٺي رهيون آهن اُتي وري ڪجهه ڌريون نه رڳو چونڊن جي مخالفت ڪري رهيون آهن پر چونڊن دوران بلوچ اڪثريتي علائقن ۾ هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو هو. بلوچستان جي بلدياتي چونڊن جي انگ اکرن مان آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هُتي حالتون ڪهڙيون هيون! بلوچستان جي ٽوٽل 7 هزار 1 سئو 90 سيٽن تي چونڊ ٿيڻي هُئي پر رڳو 4 هزار 1 سو 68 سيٽن تي چونڊ ٿي سگهي. ڇو ته 2 هزار 5 سو کان وڌيڪ اميدوارن جي اڪثريت ان ڪري بنا مقابلي ڪامياب ٿي جو سندن سامهون اميدوار ئي نه بيٺا هُئا، جڏهن ته بلوچستان جي آوارن، ڪيچ ۽ هرنائي ضلعن سميت ڪجهه ٻين علائقن جتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو، اُتي 5 سو کان وڌيڪ تڪن تي ڪوبه اميدوار ئي نه بيٺو، جنهن ڪري اُنهن هنڌن تي چونڊ ئي نه ٿي سگهي هُئي.
 بلوچستان ۾ خراب حالتن جي باوجود چونڊون ٿيڻ مان اها ڳالهه ته واضح ٿي ويئي ته حالتون ڪهڙيون به هجن ڪو ڪم ڪرڻو آهي ته پوءِ ان ۾ دير نه ڪجي. هونئن به چوندا آهن ته اڄ جو ڪم سڀاڻ تي نه ڇڏڻ گهرجي پر سنڌ صوبي ۾ اڃان به حڪومتي ڌر چونڊ ڪرائڻ جي موڊ ۾ نظر نٿي اچي، پر هڪ ئي وقت اهو چوڻ ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته چونڊون مارچ ۾ ڪرايون وڃن ته وري ساڳئي وقت اهو بيان ڏيڻ ته اليڪشن ڪميشن چونڊ شيڊول جاري ڪيو ته عمل ڪبو واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڪابينا جي اجلاس مان ڪجهه ڳالهيون سامهون آيون آهن ته سنڌ حڪومت جو چوڻ آهي ته بلوچستان وانگر تڙ تڪڙ ۾ اليڪشن نٿا ڪرائڻ چاهيون، جتي ڪيترن ئي تڪن تي چونڊ نه ٿي ۽ ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي عملو ۽ سامان ئي نه پهتو هو، اسان چاهيون ٿا ته صاف ۽ شفاف چونڊون ٿين ۽ ڪابه مس مينجمنٽ نه ٿئي. ٿي سگهي ٿو ته پيپلز پارٽي جو مؤقف هنن جي نظر ۾ درست هجي پر 18 جنوري ۽ مارچ ۾ ڪيترو فرق آهي جو پيپلز پارٽي جي صوبائي حڪومت اهڙا قدم کڻندي ته جيئن بلدياتي چونڊون صاف، شفاف ۽ سڀني ڌرين لاءِ قابل قبول بڻجي وڃن، پاڪستان ۾ چونڊن جي تاريخ گواهه آهي ته ڪڏهن به سڀني ڌرين پاران چونڊن کي صاف ۽ شفاف هئڻ جو سرٽيفڪيٽ نه مليو آهي. سنڌ حڪومت چونڊن ۾ دير جو سبب بهتر انتظام ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ بلوچستان جو مثال ڏي ٿي ته پوءِ بلوچستان جي حالتن جو ذڪر به ٿيڻ گهرجي. بلوچستان هن وقت هڪ ٽياڪڙي تي بيٺو آهي، جتي هڪ پاسي ته پختون بيلٽ آهي جيڪا بلوچ اڪثريتي علائقن کان ڄڻ الڳ ٿلڳ بيٺل آهي، ٻي پاسي اُهي قوم پرست ڌريون آهن جيڪي جمهوري انداز ۾ ۽ چونڊن ذريعي بلوچستان جي مسئلن کي حل ڪرائڻ چاهين ٿيون، جڏهن ته ٽين پاسي اهي ڌريون آهن جيڪي اڳ پاڻ به جمهوري حڪومتن جو حصو هئڻ کانپوءِ مزاحمت جي رستي تي نڪري پيون آهن ۽ انهن پاران چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان پڻ ڪيو ويو هو. ان ڪري بلوچستان جو مثال ڏيڻ ڪنهن به ريت مناسب نٿو لڳي، پر بلوچستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي کي ڏسجي ته هتي حالتون ان کان مختلف نظر اينديون، جڏهن چونڊن ۾ مس مينجمنٽ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته گذريل جرنل اليڪشن ۽ ننڍي چونڊن ۾ پڻ اهڙيون شڪايتون سامهون آيون ته ڪٿي چونڊ عمل جو سامان ۽ عملو نه پهچڻ ڪري دير سان شروع ٿي ڪجهه تڪن تي چونڊ نه ٿي سگهي هُئي. پيپلز پارٽي چاهي ٿي ته چونڊون مارچ ۾ ڪرايون وڃن، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جو مؤقف آهي ته چونڊون ان ڪري 18 جنوري تي ٿيڻ گهرجن جو صوبائي حڪومتن پاڻ سپريم ڪورٽ کي درخواست ڏني جنهن تحت 18 جنوري تي چونڊون جي تاريخ ڏني ويئي، هاڻ وري نئين تاريخ ڇا لاءِ گهُري پيئي وڃي. ڇا پيپلز پارٽي پنهنجي ڳالهه مڃائڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي يا پوءِ اليڪشن ڪميشن جي ڏنل تاريخ تي چونڊون ٿين ٿيون، ته هڪ ٻن ڏينهن ۾ خبر پئجي ويندي پر جي چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪرائڻي آهي ته ان لاءِ پيپلز پارٽي کي ڪجهه ٻيا سبب به ڳولڻا پوندا، ڇو ته مڪاني چونڊن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي ڀيٽا ان ڪري به نٿي ڪري سگهجي جو سنڌ ۽ بلوچستان جي زميني حالتن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي .
imsbaloch@hotmail.com

Local Bodies Election And Nexus


بلدياتي چونڊون ۽ ڳٺ جوڙ
بلدياتي چونڊن جو اصل مقصد ته حڪومتي ڪارونهوار يا اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪري عوام مان ئي نمائندا چونڊي سندن ئي ڳوٺن، يونين ڪائونسلن ۽ سندن ئي گهرن مان ڪامياب ٿيل ماڻهن کي ڪنهن حد تائين اختيار ڏيئي انهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي پر اسان وٽ جيئن ته حڪمران ۽ وڏيون پارٽيون چونديون رهيون آهن ته جمهوريت کي گهڻو وقت نه ڏيڻ ڪري اُهي نتيجا نه مليا آهن جيڪي جمهوريت مان ماڻهن کي ملڻ گهرجن، ساڳيو حال وري بلدياتي يا اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪرڻ واري نظام جو آهي، هن ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ناهي ته جمهوري حڪومتن ڪڏهن به بلدياتي نظام آڻڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري آهي ۽ آمرن وري ان نظام کي پنهنجي مقصدن خاطر استعمال ڪيو آهي، پيپلز پارٽي گذريل پنجن سالن ۾ نه ته چونڊون ڪرايون نه وري نواز ليگ جي هاڻوڪي حڪومت عدالت جي فيصلن کان اڳ ڪنهن اهڙي موڊ ۾ هُئي. اڳ ته رڳو بلدياتي چونڊ مسئلو بڻيل هُئي ته اهي ڪرائجن يا نه، هاڻ وري انهن جي تاريخ ڄڻ ته وڏو مسئلو بڻجي ويئي آهي. ٿي سگهي ٿو ان جو هڪ مقصد چيف جسٽس افتخار چوڌري جي وڃڻ جو انتظار به هجي پر نئين ايندڙ چيف جسٽس مان نواز ليگ جي مرڪزي حڪومت يا پيپلز پارٽي کي آئين ۽ قانون کان هٽي ڪنهن فيصلي جي اُميد رکڻ بيوقوفي هوندي. سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جي تاريخ ته رڳو سرڪاري ڌر لاءِ ڏچو لڳي رهي آهي، جنهن ڪري انهن پاران چونڊن جي تاريخ کي اڳتي ڪرڻ لاءِ ننهن چوٽي جا زور لڳايا پيا وڃن، جڏهن ته ٻيون پارٽيون چاهين پيون ته وقت سر چونڊون ٿين، سنڌ سرڪار ڪجهه به سوچي پر اليڪشن ڪميشن ڪنهن به ريت چونڊن کي اڃان وڌيڪ دير سان ڪرائڻ جي موڊ ۾ نٿي ڏسجي. هڪ پاسي بلوچستان بلدياتي چونڊن جي مليل تاريخ جي نه رڳو هام ڀري پر پنهنجو ڪم پڻ مڪمل ڪري ويٺي آهي پر ٻي پاسي سنڌ حڪومت روز نوان مسئلا ڄاڻائي بلدياتي چونڊن کي اڳتي ڌڪڻ جي ڪوشش ۾ لڳي پئي آهي، جيتري محنت پيپلز پارٽي پاران چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪرڻ ۾ ڪئي پيئي وڃي اوتري چونڊن جي تيارين تي ڪجي ها ته هيستائين ڪم گهڻو ئي اڳتي ڌڪجي وڃي ها، سنڌ سرڪار جي محنت ڄڻ ته رائگان ٿي ويئي آهي ڇو ته اليڪشن ڪميشن تاريخ نه وڌائڻ جو اشارو ڪري ڇڏيو آهي. بلدياتي چونڊن جي تاريخ سامهون اچڻ کانپوءِ اسان کي هڪ ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته جي تڙ تڪڙ ۾ بلدياتي چونڊون ڪرايون ويون ته ان سان جمهوريت کي نقصان رسندو، بلدياتي چونڊن سان جمهوريت کي ڪهڙو نقصان رسندو ان جو درست جواب اُهي ماڻهو ئي ٻڌائي سگهندا جيڪي اهي بيان ڏيندي نظر اچن ٿا پر هڪ ڳالهه واضح نظر اچي رهي آهي ته سرڪار ڌر چونڊن جي تاريخ اڳتي ڪرڻ مان وڌ کان وڌ ٻين پارٽين جي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي ڪراچي ۽ ڪجهه ٻين شهري سيٽن کي ڇڏي سڄي سنڌ مان ڪلين سوئيپ ڪرڻ جو موڊ ٺاهي ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ۽ نواز ليگ، پيپلز پارٽي لاءِ ڪنهن به قسم جو مسئلو پيدا ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهن، جڏهن ته ٿر جي علائقن ۾ ارباب گروپ ۽ ڪجهه ضلعن ۾ فنڪشنل مسلسم ليگ پيپلز پارٽي لاءِ ٽف ٽائم ڏيڻ جي پوزيشن ۾ آهن پر پيپلز پارٽي جنهن نموني سان سنڌ ۾ فنڪشنل مسلم ليگ کي نقصان پهچائي رهي آهي، ان مان ايئن لڳي رهيو آهي ته سرڪاري ڌر بلدياتي چونڊن ۾ تاخير سان اڃان به گهڻن ئي ماڻهن کي پاڻ سان ملائي سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن جو نقشو ئي مٽائڻ جو پروگرام تيار ڪري رهي آهي. هڪ پاسي ته پيپلز پارٽي سنڌ جي مختلف ضلعن مان فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳوڻن ايم پي ايز ۽ ناظمن کي پاڻ سان ملائي رهي آهي ته وري ٻي پاسي فنڪشنل مسلم ليگ ڪٿي به نظر نه اچي رهي آهي. گذريل جنرل اليڪشن بعد کپرو جي تڪ تي ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ جنهن طريقي سان پيپلز پارٽي جي شازيه مري ڪامياب ٿي ته ايئن لڳي رهيو هو فنڪشنل مسلسم ليگ گهٽ ۾ گهٽ مقامي قيادت جي حد تائين پارٽي اندر ڪا وڏي تبديلي ڪري سگهي ٿي ۽ ان سيٽ جي وڃڻ بعد پارٽي کي ٻيهر منظم ڪرڻ لاءِ ڪي تڪڙا اُپاءَ پڻ وٺي سگهي ٿي پر اهڙو ڪجهه به نه ٿيو، نه ته مقامي قيادت اندر ڪا تبديلي آئي نه وري پارٽي جي مورال کي بلند ڪرڻ لاءِ ڪي اُپاءَ نظر آيا، ۽ هاڻ اهو وقت اچي ويو آهي جو فنڪشنل مسلم ليگ سان ڪيترائي سال ڏکيا ۽ سُکيا ڏينهن گذاريندڙ سندس ساٿ ڇڏي پيپلز پارٽي جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي رهيا آهن. گهٽ وقت ۾ ٿيندڙ ايڏي تڪڙي ڦير جتي فنڪشنل مسلم ليگ کي ته شديد ڌڪ رسايو آهي اُتي وري پيپلز پارٽي جي انهن جيالن کي پڻ چوٽ رسي هوندي جيڪي نظرياتي ۽ سياسي اختلافن جي ڪري چونڊن ۾ جن خلاف نعرا هڻندا هُئا سي وري اڄ انهن ماڻهن جي ريلين ۾ جهنڊا کڻي بيٺل ڏسجن ٿا، پيپلز پارٽي جهڙي طريقي سان گذريل حڪومت جا پنج سال مفاهمت جي نالي ڪيا ان دوران پنهنجي ووٽرن ۽ جيالن جي راءِ کانسواءِ جنهن طريقي سان ڪراچي ۾ متحده ۽ سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ سان مفاهمت جي نالي تي حڪومت ۾ ڀائيواري ڏني ان سان انهن جيالن کي ضرور ڌڪ رسيو هوندو، جيڪي 11 سال ان انتظار ۾ هُئا ته ڪڏهن سندن حڪومت ايندي ۽ سندن مسئلا حل ٿيندا پر جڏهن حڪومت آئي ته ساڳيا ماڻهو ساڳين سيٽن تي نظر آيا جن جي وڃڻ جو انهن 11 سال انتظار ڪيو، ۽ هاڻ وري پيپلز پارٽي جنهن نموني سان فنڪشنل مسلم ليگ، ارباب گروپ ۽ ڪجهه ٻين پارٽين جا ماڻهو پاڻ سان ملائي رهي آهي تڏهن کين انهن جيالن جو به ضرور سوچڻ گهرجي جن مشرف حڪومت جي يارنهن سالن کي انهن ماڻهن سٺو ۽ پيپلز پارٽي حڪومت جي گذريل 5 سال انهن ئي ماڻهن سان گڏ گذاريو جيڪي نه رڳو سياسي پر نظرياتي طور تي پڻ سندن سخت مخالف رهيا آهن، ۽ ان ڳالهه تي پڻ سوچڻ گهرجي ته ڏهاڪن کان پارٽين ۾ رهندڙ ۽ سخت نظرياتي اختلاف رکندڙ ماڻهن ڇا واقعي پنهنجا نظريا مٽائي ڇڏيا آهن يا هن ردوبدل جو اصل مقصد رڳو بلدياتي چونڊن ۾ پنهنجو حصو وٺڻ آهي.
 بلدياتي چونڊن ۾ ٿيندڙ تيزي سان ردوبدل مان ته ايئن لڳي رهيو آهي ته اهي ماڻهو نظريات ۽ سياسي اختلافن کي هڪ پاسي ڪري بلدياتي چونڊن ۾ رڳو پنهنجي مفاد خاطر شامل ٿي رهيا آهن، ڇو ته مشرف دور ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ جنهن طريقي سان موٽر سائيڪل تي هلندڙ ناظم ڪارن، ويگو ۽ وڏين وڏين گاڏين تي هلي رهيا آهن ۽ ننڍن گهرن ۾ رهندڙ بنگلن ۾ شفٽ ٿي ويا هُئا انهن کي ڏسي گهڻا ئي ماڻهو پنهنجي مستقبل جا نقشا جوڙي رهيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

Baloch's Peaceful Reaction

بلوچن جو رديمل به پرامن
اسان وٽ هميشه اهو دستور رهيو آهي جيڪي پارٽيون حزب اختلاف ۾ هونديون آهن يا وري اسمبلين کان ٻاهر هونديون آهن ته اُهي ملڪي مسئلن تي سهر انگيز گفتگو سان گڏ انهن کي حل ڪرڻ جون تجويزون ۽ سندن حڪومت اچڻ تي اُهي مسئلا حل ڪرڻ جون ڳالهيون ڪنديون رهنديون آهن،  موجوده وزير اعظم نواز شريف هجي يا بلوچستان جو وزير اعلي ڊاڪٽر عبدالمالڪ انهن پيپلز پارٽي جي حڪومتي ڏينهن ۾ بلوچستان جي مسئلي،  لاپته ماڻهن ۽ چچريل لاش ملڻ واري معاملي تي ڪافي بيان ڏنا آهن، ۽ نواز ليگ جي سربراهه نواز شريف ته ان وقت بلوچستان جي بزرگ قومپرستن ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪري بلوچستان جي مسئلي تي ڳالهيون ڪرڻ ۽ کين چونڊن ۾ بيهي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪوششون پڻ ورتيون هيون، ان موقعي تي ڪٿان کيس هاڪاري ته وري ڪٿان هاڪاري موٽ نه ملي هئي،  اڳوڻي صدر آصف زرداري به ڪُرسي سنڀاليندي ئي بلوچن سان ٿيندڙ زيادتين تي کانئن معافي گهُري هُئي، پر سندس اُن معافي کانپوءِ به بلوچستان جا نه ته مسئلا حل ٿيا نه وري ڪي لاپته ماڻهن جي واقعن ۾ ڪا گهٽتائي آئي ۽ نه وري چچريل لاش ملڻ جو سلسلو بند ٿيو، پيپلز پارٽي ته ريڙهي سيڙهي پنهنجا پنج سال پُورا ڪيا،  پر نواز شريف به اقتدار ۾ اچي ڪي اهڙا اُپا ءُ نه ورتا جنهن سان چئي سگهجي ته بلوچستان جو مسئلو بهتري ڏانهن وڃي رهيو آهي. لاپته ماڻهن جا وارث ڪوئٽه کان پيدل مارچ ڪري ڪراچي پريس ڪلب ته پهچي ويا پر وفاقي يا بلوچستان جي صوبائي حڪومت کين آٿت يا يقين دهاني ڪرڻ لاءِ ڪٿي به نظر نه آئي،  27 ڏينهن جون ڏکيائيون سهي 7 سو ڪلو ميٽر کان وڌيڪ جو ڊگهو سفر ڪري ڪراچي پهچندڙ لانگ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهرين مارچ آهي جنهن ۾ معصوم ٻار، نياڻيون ۽ بزرگ ڪنهن وطن ڪارڊ، نوڪري يا امداد لاءِ نه پر پنهجن پيارن جي باحفاظت واپسي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن،  ڏهه سالن جي ٻار کان وٺي 70 سالا بزرگ تائين شريڪ ماڻهن جي ان مارچ سڀ سختيون سٺيون پر ڪنهن کي نقصان پهچائي بغير پنهنجو تاريخي لانگ مارچ مڪمل ڪيو،  ڪراچي ۾ لانگ مارچ پهچڻ تي سنڌ جي قوم پرستن ۽ ڪراچي ۾ رهندڙ خاص ڪري لياري جي بلوچ آبادي سندن شاندار آڌرڀاءُ ڪيو، لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪندڙ وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جي وائس چيئرمين ماما قدير بلوچ موجب ڪوئٽه کان ڪراچي تائين جي لانگ مارچ ۾ مقامي بلوچن مدد ڪئي ۽ سنڌ جا قوم پرست پڻ سندن رابطي ۾ رهيا پر حڪومتي،  حزب اختلاف يا ڪنهن به سياسي پارٽي ساڻن رابطو نه ڪيو. ڪراچي پهچڻ تي بلوچ لاپته ماڻهن جي وارثن پاران لڳايل ڪئمپ ۾ سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي آمد جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پر اُهي پارٽيون يا اڳواڻ ميڊيا جي ڪيمرائن سامهون تقريرون ته ڪري وٺن ٿا پر هُو لاپته ماڻهن جي وارثن کي مسئلي جي حل بابت ٺلا دلاسا به نٿا ڏيئي سگهن ڇو ته شايد اهو مسئلو حل ڪرائڻ هنن جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي. بلوچستان جو مسئلو حل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه پر ڪا پارٽي بلوچستان جي مسئلي تي کُلي ڳالهائڻ جو حوصلو به نه ٿي رکي، بلوچستان مان هزارين ماڻهو لاپته بڻيل آهن سوين لاپته ماڻهن جا چچريل لاش مليا آهن، هزراين لاپته ماڻهن جا لکين گهرڀاتي ۽ مٽ مائٽ وڏين مشڪلن کي منهن ڏيئي رهيا آهن. ماڻهو ڊرون حملن ذريعي ماريا وڃن يا کين لاپته ڪري چچريل لاش اُڇلايا وڃن ٻنهي صورتن ۾ انهن جي پيارن جي زندگي عذاب بڻجي ويندي آهي،  بلوچستان جي لاپته ماڻهن جا وارث سدائين هڪ ئي ڳالهه ڪندا رهيا آهن ۽ اڄ به سندن هڪ ئي مطالبو آهي ته اسان جي ڀائرن، بابا يا پُٽ ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کين عدالت ۾ پيش ڪيو ڏوهه ثابت ٿئي ته ڀل کين سزا ڏيو پر گهٽ ۾ گهٽ قانون موجب سزا ڏيو، اهڙي طرح ڪيترائي سال تشدد ڪري ۽ پوءِ سندن لاش نه اُڇلايا وڃن، وارثن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪندڙ بلوچستان واسين جون اُميدون آهسته آهسته ختم ٿي رهيون آهن پر اڃان انهن صبر جو دامن هٿن مان ناهي ڇڏيو،  بلوچستان مسئلي ۽ ماڻهن جي گُم ٿيڻ باجود اسان کي اهڙيون ڪاروائيون نظر نٿيون اچن جهڙيون خيبر پخنون خواهه ۾ ٿيون آهن. اسان کي خيبرپختون خواهه ۾ خود ڪُش حملن ۾ عورتن جي موجودگي جون شاهديون پڻ مليون آهن جڏهن ته نوجوان پڻ خودڪش حملا ڪري عام ماڻهن کي ماريندي ڏٺا ويا آهن،  انهن حملن جو سبب هميشه رد عمل ڄاڻايو ويو آهي،  اها ڳالهه سامهون ايندي رهي آهي ته امريڪي ڊرون حملن يا ٻين ڪاروائين سبب جن ماڻهن جا گهر تباهه ٿين يا سندن خاندان مارجي وڃي ته ان جي رد عمل ۾ اهي نوجوان طالبان سان شامل ٿين ٿا ۽ پوءِ اُنهن کي اهڙين ڪارروائين لاءِ تيار ڪجي ٿو ۽ استعمال ڪجي ٿو،  جڏهن به ڪٿر خودڪش حملو ٿيندو هو ته اڪثر اها ڳالهه مختلف پاسن مان ٻڌڻ لاءِ ملندي هُئي ته خودڪش حملن کي روڪڻ کان اڳ انهن جي سببن کي روڪيو وڃي جنهن سبب اِهي نوجوان يا عورتون اهڙيون ڪارروائيون ڪرڻ لاءِ مجبور ٿين ٿا،  انهن ڪارروائين جو وڏو سبب ڊرون حملن کي ڪوٺيو وڃي ٿو ۽ ان خلاف وڏا احتجاج پڻ ٿين ٿا هاڻ ته خان صاحب انهن حملن کي بند ڪرڻ نيٽو سپلائي بند ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع ڪري ڇڏي آهي، پر سائين جن کي بلوچستان مسئلي لاپته ماڻهن جي معاملي تي اهڙي جدوجهد ڪرڻ جو خيال ئي نٿو اچي، هڪ ڳالهه سوچڻ ضروري آهي ته جي طالبان پاران استعمال ٿيندڙ نوجوان يا عورتن پاران حملا ڪرڻ رد عمل آهي انهن جي گهر ڀاتين کي مارڻ جو ته پوءِ سلام آهي انهن بلوچ نياڻين ۽ بزرگن کي جن جي گهرن تي حملا به ٿيا، گهر ڌڻي اغوا به ٿيا، سندن چچريل لاش به مليا ۽ اڃان تائين هزارين ماڻهو لاپته آهن پر سندن وارثن مان اڪثر بک هڙتالون ڪندي ۽ احتجاج ڪندي نظر اچن ٿا انهن مان ڪنهن به عام ماڻهو کي نشانو نه بڻايو،  ڪنهن به خوڪش جيڪٽ پائي عام ماڻهن تي حملو ناهي ڪيو،  معصوم ٻارن، نوجوانن ۽ عورتن پاڻ ته ڏک سٺا ڪشالا ڪڍيا صبر ڪيو پر ڪنهن ٻي کي نقصان نه پهچايو،  10 سالا مُراد ۽ سندس ڀيڻون پنهنجي پڙهائي ڇڏي 7 سئو ڪلوميٽر کان وڌيڪ پنڌ ڪري پنهنجا پير ته زخمي ڪيا پر ڪنهن ٻي کي پريشان نه ڪيو،  فرزانه پنهنجي ڀاءُ لاءِ اڙانگو پنڌ ڪري پنهنجا پير لڦون ڪري انهن تي پٽي ته ٻڌي پر پنهنجي سيني تي بارودي جيڪٽ نه ٻڌي، ماما قدير پنهنجي پُٽ جي لاش کي دفن ڪري هٿيار نه کنيا پر لاپته ماڻهن جي آزادي لاءِ الم کنيو، بلوچ لاپته ماڻهن جا وارث گذريل ڪيترن ئي سالن کان پُرامن احتجاج تي رستي تي هلي رهيا آهن،  انهن کي حڪومت يا ڪنهن ٻي اداري مان ڪا خاص اُميد نه آهي،  هنن پوءِ به صبُر ڪري پر امن احتجاج جو رستو اختيار ڪيو آهي، سلام آهي انهن جي صبُر کي جنهن پاڻ ته ڏک سٺا پر ٻين جي ڏکن جو ڪارڻ نه بڻيا آهن. گم ڪيل بلوچن جي وارثن جي لانگ مارچ مان ثابت ٿيو ته سندن ردعمل به پرامن آهي.
 imsbaloch@hotmail.com

Wound of Separation and Long March

جدائي جا زخم ۽ لانگ مارچ
زخم مختلف قسمن جا ٿين ٿا پر هر زخم جي پويان ڪا ڪهاڻي ضرور لِڪل هوندي آهي، ڪي ماڻهو روڊ حادثن ۾ زخمي ٿين ٿا ته وري ڪي آپسي جهيڙن سبب ڌڪجي پون ٿا ۽ ڪي وري پنهنجي پاڻ کي زخمي ڪري وٺن ٿا پر انهن مان هر هڪ کي ڏسجي ته سندن پويان ڪو سبب يا قصو ضرور هوندو آهي، روڊن حادثن جي زخمين جي سبب ڳولبا ته خبر پوندي ته تيز رفتاري، بريڪ فيل ٿيڻ يا اوورٽيڪنگ ڪرڻ سبب حادثو ٿيل هوندو پر ضروري ناهي ته هر حادثي پٺيان ساڳيا سبب هجن پر اڪثر اسان کي اهي ئي سبب ملن ٿا، جڏهن ته آپسي جهيڙي سبب زخمي ٿيلن پٺيان به ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون هونديون آهن، جڏهن ته ڪن ظاهري ۽ لڪيل سببن ڪري ماڻهو پاڻ کي زخمي ڪري وجهن ٿا، زخم جو سور ۽ نشان ڪجهه عرصي ۾ ته مٽجي ويندا پر انهن مان اڪثر زخمن پويان ڪهاڻيون وساري نه وسربيون آهن، بلوچستان به اهڙن زخمن جي ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي، پر تازو ڪوئٽه کان ڪراچي تائين نڪتل لانگ مارچ انهن زخمن جي پويان وارين ڪهاڻين ۽ زخمن کي وري جاڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي سدائين اهو چئي تانو ڏنو ويندو آهي ته اوهان وٽ عورتن کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي، عورتن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي وغيره وغيره، پر ڏٺو وڃي ته اهڙا واقعا ضرور ٿين ٿا پر اُنهن واقعن خلاف آواز به اُٿاريا وڃن ٿا ۽ اهڙن واقعن جي نندا به ڪجي ٿي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترون ئي اهڙيون عورتون موجود آهن جيڪي مشڪل وقت ۾ ڪنهن اوٽ ۾ نه پر پنهنجن  سان گڏ بيٺيون هونديون آهن، ان جا ڪيترائي مثال ۽ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، بلوچستان جنهن هر دور ۾ مشڪلن کي منهن ڏنو آهي، ڀل پوءِ اُهي دور آمرن جا هجن يا جمهوريت جا سدائين پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ تي کين گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، بلوچستان جا زخم ڀرجڻ جي ڳالهيون ته هر حڪومت ڪيون آهن، پر اڪثر انهن زخمن تي لوڻ ئي ٻرڪيو ويو آهي، زخمي بلوچستان ۾ هن وقت جتي ٻيا مسئلا موجود آهن اُتي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پڻ سنگين ٿي ويو آهي، ۽ انهن لاپته ڪيل ماڻهن جا وارث سدائين ان اُميد سان احتجاج ڪندا رهيا آهن ته ڪٿان ڪا خبر ملي پوندي، بلوچستان جي لاپته ماڻهن جا وارث گهڻي عرصي کان احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ ڪوئٽه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئٽه مان نڪتل لانگ مارچ ڪراچي پهچي ويو آهي. ان اڙانگهي پنڌ سبب ماما قدير ۽ بلوچ نياڻين جا پير زخمي ٿي پيا آهن پر انهن ظاهري زخمن پٺيان جيڪي زخم آهن انهن جو درد ۽ پيڙاهه ان ظاهري زخمن کان گهڻي ئي اذيت ناڪ آهي. بلوچستان مان 18 هزار ماڻهو لاپتا ڄاڻايا ويا آهن،  جڏهن ته  6 سو جي لڳ ڀڳ لاپته ڄاڻايل ماڻهن جا چچريل لاش اُڇلايا ويا آهن. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان گم ڪيل ماڻهو پنهنجي گهر جو سهارو بڻيل هئا، ڪنهن گهر مان ڪو پيءُ يا پُٽ يا ڪنهن جو ڀاءُ گم ٿيل آهي جيڪي پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ واحد سهارو هُئا،  ڀاءُ ۽ پيءُ جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڀيڻ جي تحفظ ۽ ٻارن جي سار سنڀال ۾ ڪا به قصر نه ڇڏجي پر جڏهن اُهو سهارو جيڪو ان گهر ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ هجي ۽ اوچتو ايئن گم ٿي وڃي ته پوءِ ان جو درد تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
هر انسان کي هڪ ڏينهن هن فاني دنيا کي ڇڏڻو آهي، ڪنهن ماڻهو جي موت کي ته ڪجهه عرصي ۾ وساري سگهجي ٿو پر گم ٿيڻ جو پيڙا شايد وسارڻ جهڙي نه آهي. بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پاران ڪيل لانگ مارچ ۾ هڪ ڏهن سالن جو ٻارڙو حيدر پڻ شامل آهي جنهن جي پيءُ رمضان بلوچ کي ان جي سامهون کنڀيو ويو هو، ان عمر ۾ جتي هن کي ڪتاب هٿ ۾ ڪري اسڪول وڃڻ گهرجي پر هو ان ٽرالي کي ڌڪي ڪراچي پهتو آهي، جنهن ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جو سامان، اسپيڪر ۽ ان جي سامهون هڪ بورڊ ٽنگيل آهي، جنهن تي انگريزي ۾ لکيل آهي ”(UNO) يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري معاملي تي پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪري“. ان لانگ مارچ ۾ سندس ٻه ڀينرون به شامل آهن، جيڪي پڻ پنهنجي پيءُ جي باحفاظت بازيابي جي اُميد سان ان لانگ مارچ ۾ شامل ٿيون آهن. ان مارچ ۾ هڪ ڇوڪري سمي بلوچ به شامل آهي جيڪا پڻ پنهنجي پيءِ ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي بازيابي لاءِ ڪشالا ڪڍي ڪراچي پهتي آهي، جڏهن ته ان مارچ جي اڳواڻي ڪندي ماما قدير بلوچ ته پنهنجي گم ٿيل پُٽ جي چچريل لاش کي دفنائي ان اُميد سان اڳواڻي ڪري رهيو آهي ته من ڪو اهڙو ڪرشمو ٿي پوي ۽ سڀ بلوچ نوجوان آزاد ٿي گهر موٽي اچن، ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد جا پير ان مارچ زخمي ضرور ڪيا آهن پر اِهي زخم ان جدائي جي زخم جي سامهون  ڪجهه نه آهن جيڪي هو ۽ سندن گهر ڀاتي ذاڪر مجيد جي گم ٿيڻ کان وٺي سهي رهيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

Days Of Saving And Relaxation

بچت ۽ سڪون وارا ڏينهن
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مون کي اها ذميواري  ڏني ويئي ته گهر لاءِ سامان تون وٺندين ۽ جڏهن به مان جنرل اسٽور يا ريزڪي جي دڪان تي سامان وٺڻ ويندو هئس ته گيهه، چانهه جي پتي، مصالحن ۽ ٻين شين جي دٻن جي ڪنڊ پاسن کي جاچي پوءِ اُها شي وٺندو هئس. هڪ ڏينهن جڏهن دڪان تي سامان وٺڻ ويس ته دڪاندار اهو چئي ٻي ڪمپني جو گيهه ڏنو ته جيڪو توهان وٺندا آهيو اڄ اهو گيهه ختم ٿي ويو آهي. مون ان دٻي کي غور سان جاچي ڏٺو ۽ اُهو وٺڻ کان انڪار ڪندي اسٽاڪ مان وڃي هڪ ٻئي ڪمپني جو گيهه کڻي آيس. دڪاندار پڇيو ته سائين اوهان ڀلا سامان جي دٻن جا ڪُنڊ پاسا جاچي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ ٿا پڙهو يا ڪو ٻيو مسئلو آهي، مون اوهان کي سٺو گيهه سمجهي ڏنو اوهان وري ٻيو ڇو کڻي آيؤ؟
مون چيو ادا مان سامان جا ڪنڊ پاسا جاچي اهو ڏسندو آهيان ته اهو سامان ڪٿان جو ٺهيل آهي، جيڪا شي سنڌ جي ٺهيل آهي ان جي ٽيڪس مان فائدو اسان جي صوبي کي ملي، ان ڪري مان اُها شي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. دڪاندار جواب ۾ چيو ته سائين تمام سٺو پر مزو ته تڏهن اچي ها جو اهو ٽيڪس ۽ ٻين مدن ۾ حڪومت کي ملندڙ فائدو ۽ بچت عوام تائين پهچي ها.
ڳالهه آئي وئي ٿي ويئي، مان به ٻين ڪمن ۾ قابو ٿي سامان وٺڻ وارو ڪم ننڍي ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو. هاڻ خبر ناهي ٽيڪس واري بچت ڪنهن کي ملي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته اصل فائدو هر لحاظ کان سرمائيدار کي ئي پهچي ٿو ۽ جڏهن ان سرمائيدار جي فائدي ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته هاءِ گهوڙا به شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪنهن به موقعي تي حڪومت کي ٽئڪس گڏ ڪرڻ ۾ مشڪل اچي ٿي ۽ ٽئڪس ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته به هر پاسي کان رڙيون مچي وڃن ٿيون. حڪومت ٽئڪس جي مد ۾  جيترو ناڻو گڏ ڪري ٿي ان جو فائدو عوام تائين ڪيترو پهچي ٿو اهو ته سڀئي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ پئسا گڏ ڪرڻ جو سڀ کان آسان هدف عام ماڻهو ئي هوندا آهن، ٻاهرين ملڪن جو قرض لاهڻو هجي يا حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ ۾ مسئلا هجن سڀ کان سولو شڪار عوام ئي هجي ٿو، پوءِ ڀلي انهن کي ٽئڪس جي مد ۾ ڦاسائجي يا وري شيون مهانگيون ڪري سندن کل لاهجي پر ڪنهن به صورت ۾ سڀ کان پهريون وار عام ماڻهو تي ڪجي ٿو، حڪومت سدائين قرض ۾ ڦاتل رهڻ جي ڳالهه ڪندي رهي ٿي پر سنديون شاهه خرچيون گهٽائڻ جي رڳو ڳالهه ته ڪبي پر ان تي عمل نٿو ٿئي، وزير، مشير، صلاحڪار، وري صلاحڪارن جا صلاحڪار وري انهن جا پرسنل اسسٽنٽ ۽ وري انهن پرسنل اسسٽنٽن جا اسسٽنٽ هڪ اهڙي چين ٺهي پيئي آهي جو کٽڻ ۽ ٽُٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ وري انهن سڀني عهدن پٽاندر کين مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون، پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته انهن عهدن ۽ عهديدارن مان عوام کي ڪوبه فائدو نه رسندو آهي. حڪومت مفاهمت جي نالي ته اهو سڀ ڪندي رهي آهي، جنهن جو نقصان وري به عوام کي رسندو آهي. حڪومت کي جڏهن به نقصان پهچي ٿو ان جو وڏو ڪارڻ عوام ۽ عام ماڻهو نه پر ڪجهه ٻيا عنصر هجن ٿا, جيئن اسان ملڪ جي ڪجهه وڏن مسئلن بجلي، گئس ۽ ٽرين، جهاز کي ئي ڏسون ته ڇا انهن جي تباهي جو ڪارڻ عام ماڻهو آهي يا ڪجهه ٻيا عنصر؟
بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جو ذميوار عام ماڻهو نه آهي، بجلي چوري جو سڀ کان وڏو سبب واپڊا پاڻ آهي جيڪا ان تي ڪنٽرول ان ڪري به نٿي ڪري جو سندن گاڏو ان تي ئي هلي ٿو. ملڪ ۾ ڪيترو گئس پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو ڪيتري عرصي تائين ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪري ملڪ ۾ سي اين جي متعارف ڪرائي ويئي، جنهن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ ڪروڙين روپين جي وڏي سرمائيداري ڪندڙن اربين روپيا ٺاهيا ۽ هاڻ اها حالت بڻجي ويئي آهي جو گهرن جو چلهو ٻارڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ٽرين اهڙي بيٺي جو هاڻ ان مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟ ان بابت غور ويچار هلندڙ آهن. ملڪي ايئر لائن خساري ۾ هلي رهي آهي. ٽرين هلي ئي نٿي، ايس آر ٽي سي هٿ وٺي تباهه ڪئي ويئي ۽ اُهي ساڳيون ايس آر ٽي سي واريون بسون ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پرائيويٽ ماڻهو هلائي رهيا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نالي تي وڏيون وڏيون ڌريون سامهون اچي ويون آهن ۽ سرڪاري ٽرين تي ٿيندڙ مال برداري کان وٺي مسافر بردار ٽرينون ۽ بسون بند ٿي ويون آهن.
بجلي چوري ۽ لائن لاسز مان حڪومت کي نقصان رسي ٿو ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن پر ان نقصان جو پورائو وري عام ماڻهو ڇو ڪن، ان بابت حڪومت خاموش نظر اچي ٿي. عوام کي ڪيترو به نقصان رسي ان جو داد فرياد ڪٿي به نٿو ٻڌو وڃي پر جي ڪنهن سرمائيدار يا حڪومتي خزاني کي ٿورو به نقصان پهچي ٿو ته هر چئنل تي خبرون اچي وڃن ٿيون، جيئن محرم الحرام دوران منهنجي نظر هڪ خبر تي پيئي. محرم الحرام ۾ دهشتگردي کان بچڻ لاءِ حڪومت ٻن ڏينهن تائين ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند رکيا هُئا، موبائل جي بندش سان جتي ماڻهن کي پريشاني ٿي، اُتي وري ماڻهن جي ذهني ڪيفيت ۾ پڻ تبديلي نظر آئي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ نظر آيو ته موبائل کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ضرور ڏجي، ڇو ته ان سان ذهني سڪون ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي، موبائل بند هئڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي يا نه ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته جن ماڻهن جا موبائل بند هئا اُهي ڏاڍا سڪون ۾ هئا، جنهن کان به پُڇا ڪجي اهوئي جواب ملندو ته اهي ڏينهن ڏاڍا سڪُون وارا هئا. خاص ڪري ٻچڙيوال ماڻهو. هڪ دوست ٻڌايو ته موبائل جي بندش سان ڏاڍو سُڪون آيو، موبائل آن هجي ها ته گهران 10 فون اچي وڃن ها، ڪٿين آهين، ڇا پيو ڪرين، هي شي وٺي اچجان، هُو شي وٺي اچجان. اڄ موبائل بند معنيٰ ٽينشن به ختم.  نائين ڏهين محرم دوران جتي عام ماڻهو موبائل بند ٿيڻ سبب ڪجهه پريشان هُئا پر گهڻا خوش به هئا. موبائل بندش وارن ڏينهن ۾ هڪ خبر سامهون آئي ته رڳو ٻه ڏينهن جي موبائل بند ٿيڻ سان حڪومت ۽ موبائل ڪمپنين کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، پر ڪٿي به اهو لکيل نه هو ته اُهي ڪروڙين روپيا هُئا ڪنهن جا؟ يا اُها رقم ڪنهن جي کيسي مان نڪري انهن موبائل ڪمپنين کي ملي ها، ان عام ماڻهو جو ذڪر ڪٿي به نه هوندو آهي، جيڪو اهي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو.
روزانو پاڪستان جي عوام رڳو موبائل فون جي ايس ايم ايس پيڪيج، انٽرنيٽ پيڪيج، ڪال پيڪيج ۽ ٻين گهڻن ئي پيڪيجن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو ۽ جڏهن ٻن ڏينهن تائين موبائل بند رهي ته جتي حڪومت ۽ ڪمپنين جي ڪروڙين روپين جي نقصان جي ڳالهه ڪجي ٿي اُتي اها به ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته انهن ٻن ڏينهن ۾ عام ماڻهن جا ڪروڙين روپيا بچيا آهن، اهي ڪروڙين روپيا نقصان رڳو ڪجهه ماڻهن جا ٿيا هوندا پر بچت ملڪ جي سمورن ماڻهن جي ٿي آهي، ته انهن ٻن ڏينهن جتي ماڻهن کي ذهني سُڪون ڏنو، اُتي ماڻهن جا ڪروڙين روپيا به ته بچيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

Mama Qadeer and March in Winter


ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ
ماما قدير يا مسنگ پرسن انڪل جي نالي سان سڃاتو ويندڙ قدير بلوچ پنهنجي زندگي جي
 آرام جا ڏينهن سخت موسمن ۾ بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ لڳايل ڪئمپن ۾ گذاري رهيو آهي. 2009ع ۾ پنهنجي پُٽ جي لاپتا ٿيڻ بعد ڪٿان به خاطر خواهه آسرو نه ملڻ بعد هن پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ تنظيم ”وائس فار بلوچ مسنگ پرسن“ جوڙي جدوجهد جو آغاز ته ڪيو پر کيس اها خبر نه هئي ته پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچن جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي لڳايل ان اُميدن واري ڪئمپ کيس اڃان گهڻا ڏک ڏيڻ واري آهي. ماما قدير بلوچ عرف مسنگ پرسن انڪل جو پُٽ عبدالجليل ريڪي 13 فيبروري 2009ع ۾ ڪوئيٽا جي سرياب روڊ مان لاپتا ٿي ويو هو، جيڪو ڪنهن نجي بئنڪ ۾ ملازم هو، پر ڪجهه عرصو نوڪري ڪري پوءِ ان نوڪري کي خيرآباد ڪري جمهوري وطن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ۽ اڪبر بگٽي جي شهادت بعد سندس پوٽي براهمداغ بگٽي جي پارٽي بلوچ ريپبلڪن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو. پنهنجي پُٽ جي بازيابي لاءِ قدير بلوچ هر ان در اڳيان دانهيو جتان کيس اها اُميد هئي ته سندس پُٽ جي آزادي جو پروانو ملي سگهي ٿو پر هر پاسي کان ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو، جڏهن هن پاڻ کي ۽ انهي مرحلي مان گذرندڙ انهن بلوچ عورتن کي ڏٺو جيڪي پڻ پنهنجي لاپتا ڀائرن، مڙسن، پُٽن ۽ پيئن لاءِ در در ڀٽڪي رهيون هيون ته ان نه صرف پنهنجو پر انهن سڀني جو حوصلو وڌائي هڪ نئين جدوجهد جو رستو ڪڍيو ۽ لاپتا ماڻهن جي وارثن سان گڏجي پنهنجي پُٽ ۽ ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپون لڳائيندو رهيو، پر سندس شروع ڪيل جدوجهد جي ٽن سالن بعد خميس جو اهو ڏينهن سندس ان جدوجهد کي ٽوڙڻ ۽ کيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي سمجهيو ويو هو جڏهن کيس ڪوئيٽا پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺي اهو اطلاع ڏنو ويو ته بلوچستان ۽ ايران جي سرحدي علائقي مند ۾ ٻه چچريل لاش هٿ آيا آهن، جن مان هڪ سندس پُٽ عبدالجيل ريڪي جهڙو لڳي رهيو آهي، هڪ پل لاءِ ته هن پنهنجي اکين کي بند ڪري سوچيو اهو ڪوڙ هجي ته بهتر آ پر ٻئي لمحي هن همت ڪري پنهنجي ڪجهه ساٿين کي مند موڪلي پڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جن تربت جي اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ ڪري کيس اهو اطلاع ڏنو ته سندس پُٽ آزاد ته ضرور ٿيو آهي پر رڳو هڪڙي قيد نه پر زندگي جي سمورين سختين ۽ مشڪلن جي قيد مان به هميشه هميشه لاءِ آزاد ٿي ويو آهي.
 قدير بلوچ پنهنجي پوٽي ۽ عبدالجليل ريڪي جي پُٽ کي پنهنجي بابا جي باري ۾ پڇڻ تي هميشه اهو چئي ماٺ ڪرائيندو هو ته سندس پيءُ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل آهي پر جڏهن سندس لاش گهر پهتو ته قدير بلوچ وٽ ڪي لفظ نه هئا جو پنهنجي پوٽي کان ڪجهه لڪائي سگهي. قدير بلوچ جي پُٽ جي لاش ملڻ بعد ماڻهن سمجهيو ته هاڻ هو گهر ويهي رهندو ۽ سندس پُٽ وانگر لاپتا ماڻهن جي بازيابي واري جدوجهد به دم ٽوڙي ويندي پر ماما قدير پنهنجي پُٽ جي چچريل لاش ملڻ بعد به گهر ويهي نه سگهيو ۽ پنهنجي ان احتجاج کي جاري رکيو. بلوچ فار وائس مسنگ پرسن موجب 2002ع کان هيل تائين 18 هزار ماڻهو لاپتا ٿيا آهن، جڏهن ته 2010ع کانپوءِ چچريل لاشون ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جو انگ پڻ 590 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪندي ماما قدير عرف مسنگ پرسن انڪل کي چار سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ان احتجاجي ڪئمپ ۾ ساڻس گڏ بلوچستان جي لاپتا ٿيلن جون وارث عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن مان اڪثر ان اُميد ۾ آهن ته سندن لاپتا ٿيل پيءُ، پُٽ، ڀاءُ ۽ ٻيا وارث بازياب ٿي ويندا پر اڃان تائين کين ڪٿان به ڪي اُميد جا ڪِرڻا نظر نه پيا اچن. مسلسل احتجاج ڪندڙ ماما قدير بلوچ هاڻ پنهنجي پُٽ نه پر ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ انهن لاپتا ماڻهن جي وارث عورتن سان گڏجي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
 27 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا مان نڪتل ان لانگ مارچ ۾ ماما قدير سان گڏ ان اُميد سان عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن ته شايد اهو رستو ڪنهن منزل ڏانهن پهچائي ڇڏي. ڪوئيٽا کان ڪراچي جو 700 ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ لاءِ نڪتل ان مارچ کي روزانو صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين پنڌ هلڻو آهي، پر هاڻ سخت سردي سندن انهن جي وقت کي ته تبديل ڪري ڇڏيو هوندو پر سندن حوصلا اڃان تائين پست نه ڪري سگهي آهي. اڄ 16 ڏينهن جو سفر ڪرڻ بعد به کين اڃان 250 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ جو پنڌ ڪرڻو آهي. بلوچستان جي تاريخ بلڪه پاڪستان جي تاريخ ۾ به پهريون ڀيرو ايتري عرصي تائين هلندڙ اها پهرين جدوجهد آهي، جيڪا پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جون محروميون به موسم جي شدت سان گڏ وڌنديون ئي رهيون آهن. آواران جي زلزلي متاثرن سان ٿيندڙ ويڌن به ڪنهن کان لڪل نه آهي. وزيراعظم پاڪستان ضروري وقت مان وڏي مشڪل سان ڪجهه پل ڪڍي زلزلي متاثر علائقن ۾ پهتو پر فضائي دورو ڪري ان سڄي علائقي کي ڏسي افسوس ڪندي سياسي بيان ڏئي ڇڏيو ته آواران کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو، پر شايد ان وقت آواران کي ڪنهن ماڊل ضلعي کان وڌيڪ خيمن، ڪمبل ۽ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي. ڇو ته سندن ماڊل ضلعي ۾ شايد وقت لڳي پر بلوچستان جي سخت سردي ايتري مهلت نه ڏيندي جو معصوم ٻارڙن کي ماڊل ضلعي جي انتظار ۾ ويهاري سگهجي. بلوچستان جي سخت سردي جتي آواران جي زلزلي متاثرن کي سندن محروميون احساس ڏياري رهيون آهن ته ساڳئي پل ان لانگ مارچ ڪندڙن کي پڻ اهو احساس ڏياري رهيون آهن ته اوهان جون محروميون ايتري سولائي سان ختم نه ٿينديون. ماما قدير بلوچ پاران شروع ڪيل بازيابي مارچ سردي ۾ اضافي سان گڏ پنهنجي منزل ڪراچي ڏانهن وڌي رهيو آهي. ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين جو رستو به بلوچستان جي انهن گهرن وانگر سنسان ۽ ويران آهي، جن جا پيارا وڏي عرصي کان لاپتا بڻجي ويا آهن. پري پري تائين پهاڙ ۽ ويراني جي ان رستي جو سفر آهسته آهسته پنهنجي منزل جي ويجهو ته پڄي رهيو آهي پر ٻئي پاسي اها منزل کين پنهنجي گهرن ۽ پيارن کان اوترو ئي پري کڻي وڃي رهي آهي. ان لانگ مارچ ۾ شامل عورتن سان گڏ لاپتا ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد به شامل آهي، جنهن کي به ماما قدير وانگر پاڪستان جي آزاد چوائيندڙ ميڊيا مان اها شڪايت آهي ته ڪنهن هڪ ننڍي خبر تي سڄو ڏينهن لائيو ڏيکاريندڙ ان ميڊيا کي انهن عورتن جو 700 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ اڙانگو پنڌ نظر ئي نٿو اچي. سندن سور ۽ ڏک شايد انهن لاءِ بي معنيٰ آهن ۽ سندن آواز پاڪستان جي عام ماڻهن ۽ دنيا آڏو پهچائڻ شايد انهن جي آزادي واري ڪوڙ جو راز نه کولي ڇڏي. اسان جي ميڊيا بادشاهه آهي، اگر چاهي ته صبح جو سوير پنهنجي صحت کي بهتر بنائڻ لاءِ نڪرندڙ واڪ جي خبر سمجهي ئي ان مارچ جي ڪوريج ڪري ڇڏي، جيڪا ان سياري جي ڏينهن ۾ هڪ پوڙهو ۽ ڪجهه عورتون 700 ڪلو ميٽر تائين ڪري رهيون آهن، پر ائين نه ڪڏهن اڳ ٿيو آهي نه وري ايندڙ وقتن ۾ اها اُميد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ميڊيا آزاد ضرور آهي پر رڳو پنهنجي مطلب لاءِ متان عوام اهو سمجهي ته اسان لاءِ آزاد آهي. هونئن به جتي چونڊيل نمائندن ۽ ميڊيا لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريندڙ حڪيم الله محسود جي مارجڻ تي ڏک ٿئي اُتي ان لانگ مارچ جي ڪهڙي اهميت آهي. اها ڳالهه هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي ٿو ته ڪوئيٽا مان نڪتل لانگ مارچ جو اڙانگو پنڌ ۽ چند عورتون، ٻارڙا ان اُميد سان هلي رهيون آهن ته من ڪا ڪهل پوي ۽ اسان جي گهرن جون رونقون وري موٽي اچن ۽ اسان ان منزل تي پهچي وڃون جنهن جو خواب اکين ۾ سجايو ويٺيون آهيون، پر ان منزل مان به ماما قدير وانگر فرزانه مجيد کي به ڪا اميد نه آهي، پر ان هوندي به هُو انهن عورتن کي حوصلو ڏئي ان جدوجهد ۾ شامل رکيون ويٺيون آهن ته جيئن هو ايندڙ مشڪلن کي منهن ڏيڻ جهڙيون بڻجي وڃن. ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي پهچي ويندو ۽ ٿي سگهي ته پريس ڪلب آڏو سندس آجيان به ڪئي وڃي پر ڪير به کين اها اُميد نه ڏئي سگهندو ته اوهان جي ان مارچ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
imsbaloch@hotmail.com