Tuesday 2 July 2013

Indian Movies And Pakistan Finance Misnter


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2252

ڀارتي فلم ۽ پاڪستاني وزير خزانا
سرور بلوچ
 ويٺي ويٺي خيال آيو ڇونه ڪا فلم ڏسجي پاڪستاني فلمون ته پنهنجو معيار برقرار نه رکي سگهيون آهن، ۽ جڏهن کان پاڙيسيري ملڪ ڀارت جون فلمون پاڪستان جي سينما گهرن ۾ لڳڻ شروع ٿيون آهن ته پاڪستاني فلمون ٺهڻ بند نه ته گهٽ ضرور ٿيون آهن، فلم ڏسڻ لاءِ هڪ  ويب سائيٽ کوليم ته هڪ نئين فلم اينيمي “ENEMMY” تي نظر پئي، سوچيم اها فلم ڏسڻ گهرجي، سڄي فلم ڏسڻ کانپوءِ قلم کڻڻ مجبوري نه پر ضروري ٿي پيو، ڇو ته هن فلم جي ڪهاڻي ۾ حڪومتي ڌر جي اڳواڻ جو ڪردار اد ڪندڙ  کي ڏسي اسان واري حڪومتي ڌر جي اڳوڻ ۽ وزير خزانه اسحاق ڊار جي ياد اچي ويئي، پر هن فلم ۾ رقم گڏ ڪرڻ لاءِ ڀتي ۽ انڊر ورڊ جو استعمال ٿيو آهي، مان فلم جي ڪردار جي اسحاق ڊار سان ڀيٽڻ جي ڪوشش نه پيو ڪيان پر حالتُن ۾ هڪجهڙائي ضرور آهي، فلم جي شروعات ڪجهه هن ريت هئي ته هڪ شخص ڪنهن اوچي بلڊنگ تي بيٺي چوڻ لڳندو آهي ته “ اب هماري پاس ڪوئي راستا نهين هي، ان وچ ۾ هڪ همراه مٿي تان پگهر اگهڻ لڳندو آهي، بيٺل همراه جو ٻيو جملو هوندو آهي، سب ڪو پئسا دينا پڙي گا ” هو اڳتي چوندو آهي ته هر بلڊر کي 150 روپيا في اسڪوائر فٽ جي حساب سان پئسا ڏيڻا آهن، ته ساڳئي بلڊنگ جي ڇت تي ويٺل ٻيا بلڊرز رڙ ڪندي چوندا آهن، اڳ ئي ڪاروبا گهٽ آهي، مٿان وري هيڏي وڏي رقم ڪٿان ڏينداسين، ته اتي ويٺل هڪ بلڊر چوڻ لڳندو آهي “وڙي سائين ڇا اڳ ڪڏهن بلڊرن بار پنهنجي مٿي تي کنيو آهي، جو هاڻي کڻنداسين، اسان وري 300 روپيا في اسڪوائر فٽ وڌائي ڇڏينداسين” هن فلم ۾ ڏيکاريل آهي ته هڪ حڪومتي ڌر جو اڳواڻ ايندڙ چونڊن لاءِ پئسا گڏ ڪندو آهي، ۽ هو پنج سو ڪروڙن ڏيڻ لاءِ بلڊر لابي کي چوندو آهي، بلڊر وري اهي پئسا خريدارن کان وصول ڪندا آهن، جڏهن گڏ ڪيل پنج سو ڪروڙ روپيا هڪ وين ذريعي اُن اڳواڻ ڏانهن کڻي وڃي رهيا هوندا آهن، ته چار ماڻهو اها رقم ڦر ڪري وٺندا آهن، ان واقعي کان پوءِ حڪومتي ڌر جي اڳواڻ جون وايون بتال ٿي وينديون آهن، فلم جي آخر ۾ خبر پوندي آهي ته اهي پئسا پوليس آفيسرن لالچ ۾ اچي پاڻ ڦر ڪيا آهن، پر جيئن اڪثر فلمن جي آخر ۾ “ هيپي اينڊنگ ” ٿيندي آهي، ساڳئي طريقي سان هن فلم ۾ اهي پئسا سرڪاري خزاني حوالي ڪبا آهن، ميڊيا تي پنج سو ڪروڙ هٿ اچڻ ۽ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائڻ جون خبرون ٻڌي حڪومتي ڌر جي اڳواڻ جا هٿ مٿي تي اچي ويندا آهن، هو سوچيندو آهي ته هاڻ اليڪشن ڪيئن وڙهبي، اليڪشن ۾ استعمال ٿيندڙ گردشي ، بي گردشي ۽ ٻين خرچن لاءِ هيڏي وڏي رقم ٻيهر ڪٿان ايندي، هُو ڪجهه دير سوچڻ بعد پنهنجي سيڪريٽري کي چوندو آهي “ تمباڪو لابي ڪو فون ڪرو ، مجهي فرائي ڊي ( جمع ) تڪ سات سو ڪروڙ چاهئي ” هن فلم کي ڏسي مان سوچيان پيو ته پاڪستان جي وزير خزانه ۽ حڪومت 850 ارب گردشي قرضن جي گردش ۾ ڦاٿل هئڻ باوجود اگست تائين گردشي قرض لاهڻ جي دعوا ته ڪري ٿو، پر جي ڪنهن سبب ڪري هڪ سيڪڙو سيلز ٽئڪس واري فيصلي تي عمل نه ڪرائي سگهيو ته پوءِ هُو ٻي ڪهڙي لابي ڏانهن منهن ڪندو، ۽ اهو خسارو ڪٿان پورو ڪندو،  وزير خزانه اسحاق ڊار بجٽ پيش ڪندي چوي ٿو ته “ بجٽ خسارو ، گردشي قرضن ۽ گذريل حڪومت جا اضافي خرچن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان وٽ رڳو ٻه آپشن آهن، هڪ ته نوان نوٽ ڇاپيون، جيڪو فيصلو به دانشمنداڻو نه هوندو، ٻيو ته سيلز ٽيڪس ۾ واڌ ڪيون.” حڪومت سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ڪرڻ بعد سيلز ٽئڪس 16 سيڪڙو مان وڌي 17 سيڪڙو ٿيندو، سيلز ٽئڪس جي واڌاري تي مخالف ڌر ۽ ڪجهه واپاري حلقن مخالفت ڪئي آهي، مخالف ڌر ۽ واپارين جو چوڻ اهي ته سيلز ٽيڪس جي واڌاري سان  شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو، ۽ ان اضافي جو اثر سئون سڌو غريب، پورهيت ۽ عام ماڻهو کي پوندو، سيلز ٽيڪس جي واڌاري سان مهنگائي جو طوفان ايندو. سيلز ٽيڪس جي واڌاري تي هڪ پاسي مخالف ڌر ۽ ڪجهه واپاري ڌريون اعتراض واري رهيون آهن، ته وري ٻي پاسي وري سپريم ڪورٽ پڻ جنرل سيلز ٽيڪس ۾ هڪ سيڪڙي جي واڌ کي قلعدم قرار ڏيئي ڇڏيو آهي، جمعي تي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ جنرل سيلز ٽيڪس ۽ پيٽروليم جي اگهن ۾ اضافي تي ورتل پاڻمرادي نوٽس ڪيس جو پنجن صفحن تي ٻڌل مختصر فيصلي ۾ چيو آهي ته جي ايس ٽي ۾ 13 جون تي ڪيل هڪ سيڪڙو اضافو غير آئيني آهي ، حڪومت پارليمنٽ جي منظوري کانسواءِ ڪوبه ٽيڪس نٿي وٺي سگهي، جڏهن ته اسحاق ڊار سيلز ٽيڪس واپس وٺڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿو “اسان عارضي طور سيلز ٽئڪس واڌاري جي عمل کي روڪيو آهي، پر اسان وٽ  سيلز ٽئڪس ۾ واڌ کانسواءِ ٻيو ڪو مناسب حل نه آهي، ان فيصلي تي عمل ڪبو اسحاق ڊار چوي ٿو سيلز ٽيڪس 16 سيڪڙو ڪرڻ جو چيو ويو آهي، سيلز ٽئڪس جو فيصلو واپس وٺون ٿا ته ان سان 50 ارب روپين جي کوٽ ٿيندي ، 50 ارب روپيا گڏ ڪرڻ جو ڪو ٻيو ذريعو ٻڌايو وڃي ته سيلز ٽيڪس واپس 16 سيڪڙو تي آڻينداسين.” هو وڌيڪ چوي ٿو ته “اسان تي 14 ارب کان وڌيڪ قرض آهي، اسان کي ايندڙ سال لاءِ 3 ارب ڊالر قرض وٺڻ لاءِ آئي ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو، پر آئي ايم ايف پاران عوام جي خلاف ڪنهن به شرط کي قبول نه ڪيو ويندو.”  هاڻ ڏسجي ته ڪهڙي طريقي سان اسان قرض ڏيڻ واري جي شرط کي هڪ پاسي ڪري پنهنجن شرطن تي قرض وٺي سگهنداسين. سيلز ٽيڪس جي وصولي کي عارضي طور روڪڻ جو اعلان ته سامهون اچي ويو آهي، پر بجٽ خسارو ۽ ٻيا خرچ گهٽائڻ لاءِ اسحاق ڊار جوننڊون حرام ٿي ويون آهن.  حڪومت بجٽ خساري کي پورو ڪرڻ ۽ حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ لاءِ جي ايس ٽي جو سهارو ورتو، جنهن کي به ڪورٽ سڳوري غير آئيني قرار ڏيئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي قرضن، بجلي بحران، تيل جي قيمتن ۽ حڪومتي خرچ وزير خزانه کي ايڏو ته منجهائي ڇڏيو آهي، جو ڪشڪول ٽوڙن جي ڳالهه ڪندڙ ڪشڪول کڻڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. وزير خزانا شايد ڪجهه بار گهٽائڻ لاءِ سڀ کان آسان هدف موبائل فون استعمال ڪندڙ ڏانهن وڌڻ شروع ڪيو آهي موبائل فون جنهن تي اڳ ئي ڪارڊ لوڊ ڪرڻ تي ٽئڪس ، هر منٽ جي ڪال ڪرڻ تي ٽئڪس ادا ڪرڻ کانپوءِ موبائل استعمال ڪندڙ کي سو روپين مان اڌ مس ملندا آهن، هاڻ وري وزير خزانه ود هولڊ ٽيڪس 10 مان وڌائي 15 سيڪڙو ڪيو آهي، جنهن سان هاڻ 100 روپين تي 30 کان 35 روپيا ٽئڪس ڪٽجي ويندو، 100 لوڊ ڪرائڻ تي 65 روپيا ملندا. ۽ وري هر ڪال تي لڳل ٽيڪس ان کان علاوه هوندو، پر ان ٽيڪس سان به حڪومت سيلز ٽئڪس جي مد ۾ ملندڙ رقم جيترا پئسا گڏ نه ڪري سگهندي. ڀارتي فلم “اينيمي”  جي ڪردار ته هڪڙا پئسا هٿن مان وڃڻ کانپوءِ پنهنجو اليڪشن جو خرچ گڏ ڪرڻ لاءِ تمباڪو لابي ڏانهن رخ ڪيو. پر هاڻ ڏسجي ته پاڪستاني وزير خزانه اسحاق ڊار ڪهڙو لاحئه عمل جوڙيندو ۽ سيلز ٽيڪس نه وٺڻ جي صورت ۾ ڪهڙي لابي ڏانهن رخ ڪندو.
imsbaloch@aol.com

No comments:

Post a Comment