Tuesday 16 July 2013

Noise pollution and diseases


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2638


شور جو گدلاڻ بيمارين جو سبب
سرور بلوچ
آواز قدرت جي هڪ نعمت آهي سُريلي آواز انسان کي پرسڪون بڻائي ڇڏيندي آهي، پر جڏهن اهو آواز هڪ حد کان وڌي وڃي ته شور بڻجي ويندي آهي، ماحول سان ٿيندڙ هٿ چراند جو وڏو سبب انسان پاڻ آهي ۽ ان جو نقصان به انسان کي ئي ڀوڳڻو پوندو آهي، گدلاڻ رڳو ماحولياتي ۽ پاڻي جي نه هوندي آهي پر شور جي گدلاڻ به هڪ وڏي مصيبت آهي، ترقي جي نالي تي وڏين وڏين ڪارخانن ، انڊسٽرين ۽ روڊن تي ڊوڙندڙ گاڏين جو دونهون جتي ماحول جي گدلاڻ جو هڪ سبب بڻجي رهيا آهن،  اُتي اهي شور جي گدلاڻ ۾ پڻ اضافو ڪري رهيا آهن ، اڻوڻدڙ ۽ پريشان ڪندڙ آواز کي شور چئبو آهي، شور مختلف سببن مان اسان تائين پهچي ٿو جيئن جهاز جو شور ، ڪارخانن جو شور ، گاڏين ۽ انهن ۾ لڳل پريشر هارنن جو شور، بي هنگم ۽ وڏي آواز ۾ موسيقي جو شور ( جيڪا توهان کي نه چاهيندي به ٻُڌڻي پوي ) ، واڍن وٽ استعمال ٿيندڙ اوزارن جو شور ، ڊرل مشين جو شور سڀني کان اهم آهن ، شور جي آلودگي نفسيات ، صحت ۽ روين تي اثر انداز ٿئي ٿي ۽ شور نفسياتي صحت کي نقصان پهچائي بيمارين جيئن  ڊپريشن ، چڙچڙوپن ، ننڊ نه اچڻ ، هاءِ بلڊپريشر ۽ ٻڌڻ جي صلاحيت جي گهٽجڻ جو سبب بڻجي ٿو،   نفسياتي بيمارين ۾ شور جو به اهم ڪردار آهي، ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ ۾ ترقي پذير ۽ پٺتي پيل ملڪن ۾ شور جي گدلاڻ جا سبب به گهڻائي آهن، خاص ڪري پاڪستان ۾ ته عام ماڻهو سان گڏ شور صبح گهران ڪم لاءِ نڪرڻ کان وٺي ويندي رات جو سمهڻ تائين ايئن پويان لڳل هوندو آهي، جيئن اهو زندگي جو هڪ اهم جز هجي، خاص ڪري ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو ان کان تمام گهڻو متاثر ٿين ٿا، ڪپهه ٽاڻڻ جي ڪارخاني  ( ڪاٽن فيڪٽري ) ، ڪپڙن جي فيڪٽرين ، گهريلو استعمال جون شيون ٺاهيندڙ ڪارخانن ۽ بين انيڪ ڪارخانن جي ۾سينن  ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت صبح 6 وڳي کان 8 تائين ڊيوٽي تي ايند آهن ، ۽ ڪم جي حساب سان ڪڏهن 8 ۽ ڪڏهن 12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڏيندا آهن ، انهن جو سڄو ڏينهن مشينن جي شور ۾ گذرندو آهي ۽ ان وقت شور ايڏو ته شديد هوندو آهي جو پاسي ۾ بيٺل ٻئي همراه جو ڳالهائڻ به ٻڌڻ ۾ نه ايندو آهي، اڪثر مشينن ۾ ڪم ڪندڙ ٻڌائين ٿا ته شروع شروع ۾ ته مٿي ۾ تمام گهڻوسور ٿيندو هو ۽ رات جو سمهڻ مهل به ڪنن ۾ شور جو آواز گونجندو هو پر آهستي آهستي شور جا عادي ٿي ويا آهيون،  ملڪ ۾ ڪپهه ٽاڻڻ جا سون جي تعداد ۾ ڪارخانا موجود آهن، ۽ اڃان وڌيڪ ٺهڻ وڃي رهيا آهن،  هڪ ڪارخاني ۾ ٽوٽل ڪم ڪندڙ مڪينيڪل اسٽاف ۽ مزدورن جو تعداد 1 سو کان 5 سو ۽ ڪنهن جاءِ تي ان کان به وڌيڪ هوندوآهي، جنهن مان اڪثر ماڻهو مشينن ۾ ڪم ڪندا آهن اُهي شور جي بلڪل ويجهو هوندا آهن، ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ لکين ماڻهو سڌو سنئون شور ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ جڏهن ته ان کان ٻيڻا مزدور ۽ پورهيت جيڪي ڪارخانن جي مشينن ۾ ڪم نه ڪندي به شور سان متاثر ٿي رهيا هوندا آهن، جڏهن ته ڪارخانن جي آس پاس جي آبادي جا ماڻهو پڻ ان شور سان متاثر ٿي رهيا هوندا آهن،  پاڪستان ۾ ڪجهه سالن ۾ هڪ نئين شور جو اضافو ٿيو آهي جيڪو اڳ تمام گهٽ پر هاڻ هر گهر ، دڪانن ۽ ڪاروباري مرڪزن جي ضرورت بڻجي ويئي آهي، پاڪستانين کي 24 ڪلاڪن مان 8 کان 12 وري ڪڏهن ڪڏهن ڪڏهن ته 16 کان 20 ڪلاڪن تائين ان شور ۾ رهڻو پوندو آهي، اهو جرنيٽر جو شور آهي جيڪو پئسن سان گڏ ذهني پريشاني جو سبب به بڻجي رهيو آهي، ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ جتي ٻيو گهڻو نقصان پهچايو آهي اتي ان شور جي گدلاڻ جو هڪ ٻيو سبب به پيدا ڪري ڇڏيو آهي، ان کان علاوه گاڏين جي شور ۽ خاص ڪري گاڏين ۾ لڳايل پريشر هارنن به شور جي گدلاڻ ۾ اضافو ڪيو آهي، شهري  علائقن ۾ رهندڙ ماڻهو ٽريفڪ جي شور مان سخت متاثر ٿين ٿا جڏهن ته ايئرپورٽ جي پاسن ۾ ٺهيل آبادين جا ماڻهو جهازن جي شور سبب سخت پريشاني کي منهن ڏين ٿا، موسيقي روح جي غذا ضرور آهي پر موسيقي جو آواز جڏهن پريشان ڪندڙ ٿي وڃي ۽ ان ماڻهو جيڪو نه چاهيندي به ان شور کي ٻڌي ان لاءِ ته موسيقي روح جي غذا نه پر سزا بڻجي ويندي آهي، who   شور جون حدون مقرر ڪيون آهن، شور جي ماپي کي ڊيسي بل چئبوآهي، عالمي اداره صحت موجب رهائشي علائقن ۾ 45 ، ڪمرشل علائقن ۾ 55 ۽ صنعتي علائقن ۾ 65 ڊيسي بل تائين شور هئڻ گهرجي، جڏهن ته اهو پڻ چيوويو آهي ته انسان  70 ڊيسي بل کان گهٽ شور برداشت ڪري سگهي ٿو پر جڏهن اهو شور  ان کان وڌيڪ ٿئي ۽ مسلسل هجي ته اهو تڪليف ڏيندڙ ٿي وڃي ٿو،  ۽ ان کي ڪنن لاءِ خطرو سمجهبو آهي، ڇو ته شور کي اسان ڪنن ذريعي ٻڌندا آهيون ته اهو سڌو اثر اسان جي ڪنن تي ڪري ٿو، جنهن سان ٻڌڻ جي صلاحيت شديد متاثر ٿئي ٿي ۽ ان سان گڏوگڏ مسلسل شور سبب ٻيون به ڪيتريون ئي بيماريون ٿين ٿيون، جيئن چرچڙو پن يا ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ اچڻ ، بلڊ پريشر ، ذهني دٻاءِ ، ڊپريشن ، نفسياتي منجهارا ۽ ٻين انيڪ بيمارين ۾ شور جو به گهڻو عمل دخل آهي ، هڪ اندازي موجب دنيا ۾ 120 ملين ماڻهن جي ٻڌڻ جي صلاحيت متاثر آهي، جڏهن ته يورپ جي اڌ آبادي شور جي ماحول گزاري ٿي جيڪي شور جي گدلاڻ سبب سڪون جي ننڊ به نٿا ڪري سگهن ، شور جي گدلاڻ لاءِ مختلف ملڪن ۾ قانون سازي ٿيندي رهي آهي جيئن امريڪا ۾ شور ڪنٽرول ڪوڊ ، 1972 (وفاقي) نيويارڪ شور ڪنٽرول ڪوڊ 1972 ، شڪاگو شور ڪنٽرول ريگيوليشن 1971 ، ساڳئي طرح پاڪستان ۾ به پاڪستان انوائرمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي 1983 ۾ قانون جوڙيو، ماحول ۾ شور جو گدلاڻ منجهارن جو سبب آهي ان کان بچا لاءِ پايسيون ته جڙيون آهن پر انهن تي عمل نه هئڻ جي برابر آهي، شور جي گدلاڻ تي خاص توجهه پڻ نٿي ڏني وڃي، نه ئي وري ماڻهن کي شور بابت ۽ ان کان بچاءُ لاءِ ڪاڄاڻ ڏني وڃي ٿي، سڄي دنيا شور جي گدلاڻ سان متاثر ٿي رهي آهي، پر ان لاءِ ڪي به جوڳا اپاءُ نظر نٿااچن ،اهو ئي ڪارڻ آهي ته شور جي گدلاڻ ۾ روز اضافو ٿي رهيو آهي،
 17 جولاءِ 2013 تي روزاني عبرت ۾ ڇپيو .

No comments:

Post a Comment