Wednesday 5 February 2014

Imran Khan And Taliban

عمران  خان  ۽ طالبان
سرور بلوچ
جتي اڄ سوشل ميڊيا کان وٺي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سنڌ فيسٽيول تي بحث ٿي رهيو آهي اُتي وري هڪ ٻي خبر به انتهائي اهم آهي جيڪا پڻ ميڊيا ۾ رپورٽ ٿي آهي ته طالبان ۽ حڪومت جي ڳالهين لاءِ طالبان پاران ڪجهه نالا پڻ سامهون آيا آهن ، رڳو نالا نه پر انهن جا فوٽو پڻ ميڊيا تي اچي ويا آهن ، انهن نالن  ۽ تصويرن ۾ هڪ تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان به آهي ، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان ۾ عام ماڻهن کي اهڙو ته منجهايو ويو آهي جو انهن کي هاڻ بي روزگاري ، بک بدحالي ، صحت ، تعليم ۽ بنيادي ضرورتن کان به وڏو مسئلو دهشتگردي ۽ امن امان لڳي رهيو آهي ۽ ڪجهه ته سمجهن ٿا ته طالبان سان ڳالهين بعد شايد امن به اچي وڃي ، طالبان ۽ حڪومتي ڳالهين لاءِ اڃان ڪميٽيون ٺهن پيون پوءِ وري فائنل به ٿينديون ، پر اڄ وري منهنجي نظر هڪ وڊيو تي پيئي جيڪا هڪ چئنل تي هلي رهي هُئي جنهن ۾  مولانه عبدلعزيز هڪ چينل تي طالبان ۽ حڪومتي مذاڪرات تي ڳالهائي رهيو هو ، مونکي سندس ڳالهيون ٻڌي حيرت ٿي ته هن کي به ٻين ڪيترن ئي ماڻهن وانگر سنڌ فيسٽيول تي اعتراض هُئا ، هن جو چوڻ هو ته حڪومتي رويا درست نه آهن اُن کي نه رڳو حڪومتي روين پر سنڌ فيسٽيول تي پڻ اعتراض هُئا هن ته اهو به چئي ڇڏيو ته سنڌ فيسٽيول جي نالي تي جيڪو به ٿيو اهو درست نه هو ، سنڌ فيسٽيول ۾ جيڪو ڏيکاريو ويو اهو به غلط هو اهڙن روين جي ڪري مذاڪرات ڪيئن ٿي سگهندا ، سنڌ فيسٽيول ۽ طالبان ڳالهين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي اهو ته مونکي سمجهه نه آيو باقي رهي ڳالهه سنڌ فيسٽيول جي ته ان تي سوشل ميڊيا ۽ اخبارن ، چئنلن تي گهڻوئي بحث ٿي چڪو آهي اهو اسلسلو هلندڙ اهي ۽ فيسٽيول ختم ٿيڻ کان پوءِ به پيو هلندو ، اڳ ته جهيڙو هو ته سنڌ فيسٽيول جي تقريب موئن جي دڙي تي ڪجي يا نه ان بابت سوشل ميڊيا تي جنهن کي جيڪو وڻيو سو لکيو ويو ، ڪجهه اخبارن ته اوستائين وسان نه گهٽايو جيسين سندن فرنٽ ۽ بيڪ پيچ تي ساڳئي پروگرام جا اشتهار نه هُئا ۽ جڏهن اشتهار مليا ته ساڳين وري بلاول ڀٽو زرداري جي تعريفن سان گڏ موئن جي دڙي جي تاريخ کي پڻ جاڳائي ڇڏيو ، موئن جي دڙي تي اها تقريب ٿيڻ گهربي هُئي يا نه ان تقريب جو رٿيل پروگرام مناسب هو يا وري غير مناسب ان ڳالهين کي هڪ پاسي رکي هڪ ڳالهه ته ضرور مڃڻي پوندي بلاول اڄ جي دور جي سياست ۾ آسان حريف نه آهي ، موروثي سياست ئي سهي پر ٻين مُلڪي توڙي پاڙيسير ملڪن جي وڏين پارٽين جي نوجوانن ۾ اها ڳالهه نظر نٿي ، نوجوانن جي پارٽي سڏائيندڙ تحريڪ انصاف لاءِ پڻ اهو مشهور آهي ته هُو سوشل ميڊيا ۾ ڏاڍا تيز آهن خاص ڪري ڪجهه اينڪر اهي رڙيون ضرور ڪندي نظر آيا آهن ته جڏهن به عمران خان خلاف ڪو پروگرام ڪندا آهيون ته سوشل ميڊيا ۾ اسان خلاف وڏي باهه ٻاربي آهي ، نه رڳو تنقيد پر سندس پارٽي جا نوجوان گارين تي پڻ لهي ايندا آهن ، ان ۾ ڪوبه شق ناهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ ان ۾ ٿيندڙ ترقي هاڻ گهڻو ڪجهه آسان ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪنهن ليڊر جي هڪ ٽيوٽ به اخبار جي سُپر ليڊ بڻجي وڃي ٿي ، خاص ڪري بلاول ڀٽو جا ٽيوٽ اوهان جي سامهون آهن، بلاول ڀٽو پاران عمران خان ۽ طالبان تي تنقيد ٿيندي رهي آهي انهن تنقيدن سان شايد عمران خان جي صحت تي ڪو خاص اثر نه پوي پر طالبان پاران عمران خان جو نالو پنهنجي ڪميٽي ۾ ڏيڻ سان فرق ضرور پيو آهي ، عمران خان طالبان لاءِ نرم گوشو رکي ٿو اهي ڳالهيون ته مختلف وقتن تي سامهون آيون آهن ، پر عمران خان تحريڪ انصاف کي نوجوانن جي پارٽي سڏي ٿو ۽ نئون پاڪستان جوڙڻ گهُري ٿو ، پرڇا پاڪستان جي نوجوان نسل کي اهو قبول هوندو ته عمران خان طالبان جي پارٽي بڻجي حڪومت سان مذاڪرات ڪري ، عمران خان پنهنجي ٽيوٽ ۾ اهو پيغام ته ڏيئي ڇڏيو آهي ته مان ان ڪميٽي ۾ شامل نٿو ٿي سگهان طالبان کي پنهنجي صفن مان ماڻهن جي چونڊڪرڻي پوندي ، ٻي پاسي وري سندس وڏي مخالف مولانه فضل الرحمان کي وري عمران خان جي ان ڪميٽي ۾ رهڻ سان وڏو اعتراض آهي ، عمران خان طالبان جي ڪميٽي ۾ ويهي حڪومت سان ڳالهيون ڪري يا وري حڪومتي پاسي بيهي طالبان سان ڳالهيون ڪري يا وري ٻنهي پاسن جي ٿيندڙ ڳالهين تي تبصرا ڪري پر اڃان تائين عام ماڻهو ان ڳالهه تي پريشان آهي ته آخر  ڳالهيون ڇا تي ٿينديون ، ڇا طالبان رڳو ڊرون حملن تي خفا آهي ، ڇا ڊرون حملن جي بند ٿيڻ سان طالبان خاموش ٿي پنهجن پنهجن مدرسن ۾ وڃي ٻار پڙاهائيندا ، بندوقون کپائي انهن مان مدرسي اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن لاءِ ڪتاب ، قلم ۽ ڪاپيون وٺندا ، يا پوليو جا ڦڙا پياريندڙ ٻارن تائين پهچ لاءِ ٽيمن کي سهولتون مهيا ڪندا ، يا وري پاڪستان جي قانون مڃيندي ۽ عدالتن جو احترام ڪندي پاڻ کي آزاد ٽرائيل لاءِ پيش ڪندا، اهڙو ڪجهه به ٿيندي مونکي نظر نٿو اچي ، طالبان هاڻ رڳو آمريڪا بهادر جي ذيادتين خلاف جنگ نه پيو وڙهي ، جنهن طالبان کي نياڻين جي تعليم تي اعتراض هجن ، جيڪي پوليو جي ڦڙن کي نسلن جي روڪڻ جو عمل سمجهندا هجن ، جيڪا طالبان تنظيم معصوم ٻارڙن ۽ ٻارڙين کي خود ڪُش بمبار جوڙيندي هجي ، جنهن طالبان کي ماڻهن جي ڏاڙهي نه رکڻ تي اعتراض هجن ، جيڪا طالبان پنهنجي مرضي جو قانون چاهيندي هجي ، بيشڪ هوُ ان قانون کي اسلامي چوندا هجن پر اسلامي قانون اسان کي ٻين اسلامي مُلڪن ۾ نظر اچي جيڪو طالبان جي قانون جهڙو نه آهي، ته پوءِ طالبان سان ٿيندڙ ڳالهين جي شروعات ڇا سان ڪبي عمران خان خان بيشڪ ان ڪميٽي ۾ شامل ٿئي يا نه هئي پر طالبان پاران عمران خان جو نالو سامهون آڻي ان جي مخالفن کي ڳالهائڻ جو موقعو ضرور ڏيئي ڇڏيو آهي ، پر جي عمران خان کي خيبرپختوان خواهه مان اڳتي نڪري مُلڪي پارٽي بڻڻي آهي ته پوءِ ان کي پنهنجي پارٽي ۽ مُلڪ جي نوجوانن ۽ عام ماڻهن جي ڳالهين تي به ٿورو سوچڻو پوندو ڇو ته جي عمران خان ۽ طالبان جون ڳالهيون جيڪي اڃان شروع ته نه ٿيون آهن ، جي شروع ٿيون ۽ طالبان ڊرون حملن سان گڏ ، نياڻين جي تعليم ، پوليو جا ڦڙا پيارڻ ، پنهنجي مرضي جو اسلامي قانون ۽ هاڻ ته سنڌ فيسٽيول ۽ ثفاقت ، ميڊيا تي سندن خلاف ڳالهائڻ جهڙا مسئلا سامهون آندا جيڪي حڪومت لاءِ مڃڻ ممڪن نه ٿيا ته پوءِ هوُ ڇا ڪندو ۽ ان وٽ طالبان جي حمايت لاءِ ڪهڙو جواز ۽ جواب هوندو.

imsbaloch@hotmail.com