Friday 8 November 2013

Right to information and Common Man


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4425


ڄاڻ تائين رسائي جو حق ۽ عام ماڻهو
سرور بلوچ
مان صبح سوير گهران نڪري شهر ويس سوچيم ته اخبار جو ديدار ڪجي نيٽ اچانڪ بند ٿي ويئي ته ان ڪري ضروري هو ته سوير شهر وڃي اخبار ڏسجي ڇوته اخبار جو فرنٽ ، بيڪ ۽ ايڊيٽوريل پيج ڏسڻ کانسواءِ سڪون ئي نٿو اچي ، خير مان جڏهن اخبار جي اسٽال جي ويجهو پهتس ته سامهون دڪان واري ڪچري جي ڀريل ٿيلي سڌو اچي روڊ تي اڇلي ذري گهٽ بچي ويس همراه جو نشانو مڙيئي ٿورو ڪچو هو جي پاڙيسيري ملڪ جي ٽي وي ڊرامي آفس آفس واري اداڪار شُڪلا جهڙو نشانو هجي ها ته مون وارا ڪپڙا پورا هئا، دڪاندار جي اهڙي حرڪت تي مون وڃي ان کي عزت سان چيو سائين اوهان پنهنجي دڪان جي صفائي ڪري اهو ڪچرو روڊ تي اڇلائي ڇڏيو اوهان کي احساس آهي ته اوهان نه رڳو شهر پر ماحول کي به خراب ڪري رهيا آهيو ، هن ڀائي نه ڪئي هم نه ڪئي تم ڪُرسي تان اٿندي ابتو مون کان سوال ڪيائين تون ڪير آهين اهوسڀ پڇڻ وارو ڇا تون ميونسپل ايڊمنسٽريٽر آهين، يا بلديه جو ڪو آفيسر جو مون کان پڇين ٿو ، مون چيو ادا مان اوهان وانگر هڪ عام ماڻهو آهيان مون ڪا غلط ڳالهه نه ڪئي آهي ته جو اوهان کي ڪاوڙ لڳي آهي، دڪاندار ڪاوڙيل انداز ۾ چيو ته تون وڃي پنهنجو ڪم ڪر توکي ڪو به حق ناهي مونکان پڇڻ جو صفائي ڪرڻ وارا ڀنگي ڪٿي آهن ، اُهي پاڻ صفائي ڪندا تون وڃي اخبار پڙهه آفيسر ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر ، مان به ماٺ ڪري دڪان تان لهي وڃي اخبار پڙهي سوچيم چانهه جي چُسڪي هڻي پوءِ ٿو گهر وڃان هوٽل جي ڪُرسي تي ويهي جيڪي لڪا ڏٺم سي اوهان به روز ڏسندا هوندا ، بيري هوٽل جو ڪنو پاڻي ۽ گند ڪچرو گڏ ڪري وڃي روڊ وچ تي هاري پنهنجو فرض پورو ڪيو پر مان نه ڪڇيس ڇو ته جواب ساڳيو ئي ملي ها جيڪو دڪاندار ڏنو، اوهان ڀاڄي وٺڻ هليا وڃو يا ڪنهن ريزڪي جي دڪان تان سامان سڙو وٺو هُو ڪهڙي معيار جي شئي ڏيئي ٿو ۽ اگهه ڪيئن لڳائي ٿو اوهان ان بابت جڏهن ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اوهان کي ڪوبه خاطر خواهه جوب نه ملندو ، جي اوهان عام ماڻهو آهيو ۽ جنرل اسٽور تي هليا وڃو يا ميڊيل اسٽور تي شين جو معيار ۽ اگهن بابت پڇا ڪرڻ جي غلطي ڪندو ته دڪاندارن جي اڪثريت اوهان کي ٻه چار ڳالهيون ٻڌائي سامان واپس وٺي ڇڏيندي، شهر ۾ صفائي ڇو نٿي ٿئي بليديه ۾ لڳل سون جي تعداد ۾ صفائي ڪرڻ وارو عملو اوهان کي رڳو ڪنهن وي وي آئي پي چر پُر وقت نظر ايندي يا ڪنهن ناظم ، ايم اين اي يا وري ايم پي جي بنگلي جي صفائي تي مامور هوندي پر اوهان کي ان بابت ڪابه ڄاڻ نه ملندي ۽ جي اوهان عام ماڻهو آهيو ته ڀلي پڇڻ جي غلطي ڪري ڏسي سگهوٿا، شهرن جو کنڊر ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪارڻ ڪنهن کان لڪيل نه آهن ضلعن ۾ سالانه اربين روپين جا بجٽ اچن ٿا پر اوهان کي اڪثر شهرن ۾ نه ته روڊ رستن جي سهولت ملندي نه وري پيئڻ جو پاڻي ، چند منٽن جي تفريح لاءِ پارڪ نه هوندو ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ميدان نه لڀندا، پر جڏهن اوهان کي اها خبر پوي ته هر سال روڊ رستن ، پارڪن ، پيئڻ جي پاڻي ، پاڻي جي نيڪال ، شهرن جي صفائي تي الڳ الڳ فنڊ مختص ڪجي ٿو ته اواهان حيران ٿيندا ته انهي رقم جو رڳواڌ به خرچ ٿئي ته گهڻي تبديلي اچي سگهي ٿي پر ايئن نٿو ٿئي ، ان جي ٻين گھڻن سببن سان هڪ اهم سبب اها به آهي ته ماڻهن کي ڪڏهن به اها ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته اسان جو فنڊ ڪٿي ۽ ڪيترو خرچ ٿئي ٿو، هڪ عام ماڻهو کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آسمان تان تارا ٽوڙڻ کان گهٽ سولو نه آهي، حڪومتون هڪ پاسي ته ڄاڻ تائين رسائي جي حق بابت ڳالهيون ڪري قانون جوڙين ٿيون پر ان جي ابتڙ انهن کان جڏهن ڪنهن قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته سندن رنگ ۽ رويو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو، دنيا ۾ جتي ٻين انساني حقن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اُتي ڄاڻ تائين رسائي کي به انسان جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آهي، اڄوڪي دنيا اندر 1946 ع اهو تسليم ڪيو ويو هو ته ڄاڻ تائين رسائي انسان جو بنيادي حق آهي ان بابت گڏيل قومن هڪ قرارداد (1) 59 رستي ٻڌايو ته “ ڄاڻ تائين پهچ هڪ بنيادي انساني حق بلڪه سمورن حقن تي پيڙهه جو پٿر آهي” ان کان علاوه 1996 واري سماجي ۽ سياسي حقن واري دستاويز ۾ به ان حق کي واضع طور تي بيان ڪيو ويو آهي،
پاڪستان اندر 2002 ۾ Freedom Of Information  نالي آرڊيننس آندو ويو ان کانپوءِ 2013 ۾ ايڪٽ جي صورت ۾ اڳيان آيو، هاڻ ان کي قومي اسمبلي ۽ سينٽ مان پاس ٿي قانون جي شڪل اختيار ڪرڻي آهي، پاڪستان جي 1973ع واري آئين ۾ سيڪشن 7 ( ارڙهين ترميم) ايڪٽ 2010 ( 2010 جو ڏهون نمبر ) واري نئين شق 19 (A)  شامل ڪري، هر شهري جي ڄاڻ تائين رسائي واري بنيادي حق کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته “ قانون جي لاڳو ڪيل ضابطي ۽ مناسب حدبندين ۾ رهندي ، عوامي اهميت جي ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي”
خيبرپختون خواهه واري حڪومت RTI (Right to information) لاڳو ڪرڻ ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ وارو صوبائي قانون پاس ڪيو آهي، پر اڃان پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون سوچ ويچار ڪرڻ ۾ لڳل آهن، سنڌ اندر  Sindh Freedom Of Information Act 2006  موجود آهي ، ساڳئي طريقي ٻين صوبن ۾ پڻ ايڪٽ ۽ آرڊيننس موجود آهن پر انهن جي نئين سر جوڙ جڪ جي ضرورت اڃان موجود آهي،
پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي وارو قانون مختلف مرحلن مان گذريو آهي ۽ هينئر “ پاڪستان ڄاڻ تائين رسائي جو ايڪٽ 2013 ” پارليامنٽ ۾ منظوري لاءِ پيل آهي اهو ايڪٽ عوامي دستاويز ( Public Documents ) ۽ رڪارڊ تائين رسائي لاءِ بڻايو ويو آهي ، ان ايڪٽ جو بنيادي مقصد آهي ته شهرين جي عوامي رڪارڊ ۽ دستاويز تائين رسائي کي يقيني بڻايو وڃي ، ايڪٽ ۾ ڄاڻايل تفصيل پٽاندر ان کي “ پاڪستان ڄاڻ تائين رسائي ايڪٽ 2013 ” سڏيو ويندو ۽ ان جو دائرو وفاقي حڪومت جي ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل خودمختيار ادارن ۽ وفاقي حڪومت هيٺ ڪم ڪندڙ ڪارپوريشنن تائين هوندو ، پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق کي ڪڏهن به گهربل اهميت نه ڏني ويئي آهي، ان ڪري ئي هن وقت تائين ان سلسلي ۾ ڪيل قانونسازي کي اثرائتي نموني عمل درآمد ڪرائڻ اڃان به مسئلو بڻيل آهي، ڪجهه قوتون شايد اهو نٿيون چاهين ته عام ماڻهن کي ڄاڻ تائين پهچ ڏجي ڇو ته جڏهن عام ماڻهو کي ڄاڻ تائين رسائي ملندي ته انهن ماڻهن جا اُهي سڀ رستا بند ٿي ويندا جتان هو پنهنجي ڪاري ڌن کي وڌائڻ ۾ سرگرم هوندا آهن، ڄاڻ تائين پهچ کي جڏهن حقيقي نموني نافذ ڪيو ويو ته ملڪ جي جڙن ۾ ويٺل رشوت خوري ۽ بدعنواني کي روڪي سگهجي ٿو، اهو حق سماجي احتساب جهڙي بيحد ضروري عمل جي سگهه کي اُڀاري ٿو پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان اولهه جي ملڪن کي ڏسون ته هتي ادارا صحيح نموني ڪم ڪري رهيا آهن، اُتي اعلي طرز حڪمراني جو ڪوبه مسئلو نه آهي، انهن ملڪن ۾ سماجي احتساب ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي حق کي قانوني تحفظ مليل آهي، ڄاڻ تائين پهچ جو حق به ٻين سماجي حقن وانگي اهم آهي پر ان بابت شهرين ۾ جاڳرتا جي تمام گهڻي ضرورت آهي ، عام ماڻهو کي نه ته ان قانون بابت ڄاڻ حاصل آهي نه وري هو ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت سوچي ٿو، ڄاڻ تائين رسائي جي حق بابت ڄاڻ مختلف طريقن سان ڏيئي سگهجي ٿي ان ۾ سماجي تنظيم به اهن ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
سماجي تنظيم آڪسفيم جي بي ( OXFAM GB)  جي تعاون سان سافڪو ( SAFWCO )  شروعاتي طور تي سنڌ جي ٻن ضلعن دادو ۽ سانگهڙ ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق ( Right To Information )  تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد هڪ عام شهري پاران انجي معاشي سماجي حقن حقن جي ڄاڻ ، ان لاءِ تنظيم ڪاري ۽ سماجي تبديلي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ آهي ، هونئن به جيسين عام ماڻهو يا شهري پنهنجي حقن لاءِ پاڻ آواز بلند نه ڪندو اوستائين ڪنهن اداري يا تنظيم جو ڪم ڪڏهن به اُهي مقصد نه ماڻي سگهندو جنهن سان عام ماڻهو جي ڀلائي وابسطه هجي ،
ڄاڻ تائين رسائي جو حق سماجي احتساب جهڙي بي حد ضروري عمل جهڙي سگهه کي اُڀاري ٿو ۽ انهي طرح سماجي احتساب جي بهتر صورتحال بهتر طرز حڪمراني ( Good Governance )  کي جنم ڏيندي آهي ، جنهن سان ادار بهتر ڪارگردگي ڏيکاري سگهندا، شهري ڄاڻ تائين رسائي جي حق جي اهميت کي سمجهندي پنهنجي طور متحرڪ ڪردار ادا ڪن ته سندن هي حق رڳو دستاويزي ڪاغذن تائين محدود نه رهندي پر اهو عملي صورت وٺي سماجي احتساب جي ڏس ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو ادارن جو سماجي احتساب سان اعلي طرز حڪمراني ( Good Governance )  وارو معاملو سڌي ريت ڳنڍيل آهي،
سماجي تنظيم سافڪو (SAFWCO)  ۽ آڪسفيم جي بي (OXFAM GB)  ڄاڻ تائين رسائي جو حق بابت ضلع ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ ڪوٺايل پنهنجي گڏيل پروگرام ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق ۽ ان تي عمل ڪرڻ بابت مختلف قسمن جي ڄاڻ ڏني ان موقعي تي سافڪو جي بانيڪار سليمان جي ابڙو جو چوڻ هو ته ڄاڻ تائين رسائي جو قانون پاڪستان ۾ ٺهڻ وڃي رهيو آهي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي ڄاڻ تائين رسائي لاءِ قانون جڙيل آهن انهن کي نظر ۾ رکندي اسين سمجهي سگهون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ به ان طريقي سان قانون جڙندو جنهن جا نقطا ڪجهه هن ريت ٿي سگهن ٿا ،
1.      اهو قانون صوبائي توڙي وفاقي ادارن تي لاڳو ٿيندو
2.      سڀني شهرين کي قانون جي واضع ڪيل طريقيقار جي حساب سان ڄاڻ تائين رسائي جو حق حاصل هوندو
3.   ان قانون تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ انفرميشن آفيسر مقرر ڪيا ويندا، جن کي پنهنجو پورو اسٽاف پورو ڏنو ويندو، انهن مٿان اهڙي ذميواري هوندي ته اُهي ڄاڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستن جو ڪلاءُ ڪن.
4.      ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مخصوص في مقرر هوندي ۽ ها ڄاڻ جي نوعيت کي اڳيان رکي ورتي ويندي .
5.       ڪابه درخواست 30 ڏينهن ۾ اڪلائي ويندي.
6.      جيڪڏهن انفرميشن آفيسر ڪنهن به درخواست کي رد ڪري ٿو ته ان لاءِ اهو جوڳو سبب ڄاڻائيندو.
7.   درخواست رد ٿيڻ جي صورت ۾ ، درخواست ڪندڙ ڪنهن مرڪزي باڊي وٽ پٽيشن داخل ڪري سگهندو، جيڪا قانون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ مقرر ڪئي ويندي.
8.   عوامي (Public)  اختياريون هر سال عوامي دلچسپي وارا دستاويز ۽ ڄاڻ ڇپائي پڌري ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ جون پابند هونديو.
9.      گورننس جا ٽيئي مک ٿنڀ مقننه، انتظاميه ۽ عدليه خاص دائري ۾ رهندي ڄاڻ فراهم ڪندا .
10.  ويهه 20 سال پوئتي تائين ڪنهن به قسم جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهبي.
11.  درخواست ڪندڙ کي اهو اختيار هوندو ته هو پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ٽئين ڌر کي نمائندي طور مقرر ڪندو.
12. امڪان آهي ته صوبائي سطح تي ڪا ڪميشن قائم ڪئي وڃي ، اها ڪميشن ڄاڻ جي رسائي جي سموري معاملي ۾ دخل ڏيڻ ۽ سڄي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ ذميوار هوندي،
13. جيڪڏهن ڪنهن شهري کي ڪا تڪليف هوندي اهو سڌي ريت ڪميشن وٽ پٽيشن داخل ڪري سگهندو، ڪميشن جو فيصلو آخري هوندو پر ان هوندي به عدالتن سان رجوع ڪري سگهبو.
پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي جو قانون جڙي رهيو آهي ۽ جلد جُڙي به ويندو پر ڪٿي ان سان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل اينٽي ڪرپشڻ جهڙُو حشر ته نه ٿيندو ان ڳالهه تي به ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي ، قانون ۽ ادارا ٺهڻ ته سُٺي ڳالهه آهي پر جيسين انهن ادارن ۾ ايمانداري ۽ مخلصي نه هوندي ڪجهه به نه ورندو هڪ عام ماڻهو لاءِ ان قانون جي وروڪڙن مان گذري انصاف وٺڻ ايڏو آسان نه آهي ڇو ته ان قانون پٽاندر هڪ عام ماڻهو پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ جو خواهشمند هوندو پر جن ايم اين ايز ، ناظمن ، آفيسرن ٺيڪا کڻي روڊ ، رستا ، گليون ۽ گٽر ٺاهڻ جا ڪم پنهنجن مائٽن جي فرضي نالي تي وٺي مال ڪمايو هوندو انهن جي سامهون هڪ عام ماڻهو جي ڪهڙي همت ٿيندي ، اسان قانون سان گڏ پنهنجي نظام کي بهتر بنائڻ جي ڳالهه به ضرور ڪيون ، جڏهن ڪنهن به شهر ۾ ٿيندڙ هر ڪم ، روڊ ، رستا ، پارڪ ، پيئڻ جو پاڻي ، گٽر لائنن ۽ بلديه يا ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن آفيسن ۾ استعمال ٿيندڙ فنڊ ، گاڏين مطلب ته هر ڪم جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ويب سائيٽن تي رکيو وڃي ته پوءِ شايد ڄاڻ تائين رسائي هر ماڻهو جي هٿن ۾ بنا ڪنهن مشڪلن جي ممڪن ٿي سگهندو ، باقي اسان هڪ ادارو جوڙي ان ۾ وري ڪجهه ماڻهن جي ڀرتي ڪري ڄاڻ تائين رسائي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان مان لاڀ تڏهن ملندو جڏهن ان ۾ مخلصي هجي ۽ ان سان گڏ عام ماڻهن ۾ خوداعتمادي ۽ ان قانون بابت مڪمل ڄاڻ هجي. ڇو ته جيستائين اهو عام ماڻهو گڏجي جدوجهد نه ڪندو ان کي فائدو نه ملندو پر جڏهن گهڻا ماڻهو هڪ هڪ ئي ڳالهه کي ورجائيدا رهندا ته اڳيان ان کي جواب ڏيڻ لازمي بڻجي ويندو، ڄاڻ تائين رسائي واري قانون سان رڳو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن نه پر هر ان ڪم بابت ڄاڻ ملي سگهبي جنهن سان اوهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي لاڳپيل آهيو پر ان لاءِ ضروري آهي ته عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪجي ۽ ان قانون کي ايترو آسان ۽ شفاف بڻايو وڃي جو ڪوبه ماڻهو بنا ڪنهن خوف و خطر جي پنهنجي ڄاڻ حاصل ڪري تڏهن وڃي ان قانون جو فائدو عام ماڻهو کي ملي سگهندو
imsbaloch@hotmail.com


US Drone Attack And Pak Talks


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4345

آمريڪي ڊرون حملو ۽ پاڪ طالبان ڳالهيون
سرور بلوچ
آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجي دهشت کي قائم رکڻ لاءِ جنهن نموني سان ڪاروائيون ڪري رهي آهي ان مان دنيا جو ڪو به ملڪ خوش نه آهي پر شايد آمريڪا جي بي لغام گهوڙي کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي ، وڏيون وڏيون تقريرن ڪرڻ سان جي آمريڪا رُڪي وڃي ها ته پوءِ شايد دنيا جو امن هن حالت تائين نه پهچي ها، آمريڪا هميشه پنهنجي مفاد جي جنگ وڙهي آهي ۽ ان جنگ ۾ دنيا جي ملڪن کي استعمال ڪري پوءِ وري انهن خلاف پڻ جنگ جوٽي آهي، عراق کي مدد ڏيئي ايران سان وڙهائڻ ۽ پوءِ وري عراق تي حملو ڪري آمريڪا اهو ثابت ڪيو آهي ته هُن آڏو  ذاتي مفاد کان وڌيڪ ٻي ڪابه شي نه آهي، سويت يونين خلاف شروع ڪيل جنگ ۾ آمريڪا افغانستان ۾ پاڪستان کي جنهن نموني ڦاسائي پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ان جا نتيجا اسان اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون ، آمريڪا جن طالبان کي وڏي مدد ڏيئي روس خلاف استعمال ڪيو وري انهن ئي کي دهشتگرد ڪوٺي افغانستان تي ڪاهه ڪئي، ۽ وري به ان سڄي حملي جو نقصان پاڪستان کي به ڀرڻو پيو ، ان جنگ دوران لکين افغان پناهه گير پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ پکڙجي ويا جن کي هاڻي سڃاڻي به نٿو سگهجي ته اهي پاڪستاني آهن يا افغاني پاڪستان ۾ دهشتگردي جي شروعات ان افغان جنگ سان ٿي جنهن ۾ آمريڪا ته محفوظ رهيو پر پاڪستان پنهنجي ملڪ جو سڪون ئي برباد ڪري ڇڏيو، آمريڪا افغان جنگ ۾ وڏي رقم برباد ڪرڻ بعد جڏهن اُتان نڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان به ساڳئي طريقي پنهنجي ملڪ جي امن خاطر انهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي مان بيزار ٿي نيٺ وڃي طالبان سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته مٿان وري آمريڪا ڊرون حملو ڪري سڄو ماحول ئي مٽائي ڇڏيو آهي، ميران شاهه ويجهو ڊانڊي درپه خيل ۾ ڪيل آمريڪا جي تازي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراه حڪيم الله محسود پنهنجي ڪجهه اهم ڪمانڊرن ، گارڊ ، خاص معاون ۽ 25 ساٿين سميت مارجي ويو آهي، ان حملي ۾ ڪير ڪير مارجي ويو آهي ان بابت تفصيل اڃان مڪمل نه مليا آهن جيڪي شايد جلد اچي ويندا پر حڪيم الله محسود جي مارجڻ جي مختلف هنڌان تصديق ٿي رهي آهي، ان خبر سان پاڪستان ۽ طالبان جون ڳالهيون ته رڪجي ويون آهن پر ان حملي جا اثر شايد تمام گهڻا ڀوائتا اچي سگهن ٿا ، آمريڪا ته شايدطالبان جي امڪاني ڪاروائين ۽ حملن ۾ محفوظ رهي پر وري به ٻَلي جو ٻڪرو پاڪستاني عوام کي ئي بڻڻو پوندو ، آمريڪا هڪ پاسي ته پنهنجي جان ڇڏائڻ ۽ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ  افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ رستو ٺاهي رهي آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ طالبان تي حملا ڪري نه رڳو پاڪستان جي سرحدن جي ڀنڃڪڙي ڪري رهي آهي پر ان حلمن سان پاڪستان جي حالتن تي اثر انداز ٿي شديد مشڪلاتن ۽ انهن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، پاڪستان ڊرون حملن خلاف هر ان فورم تي دانهيون آهي جتان هن سمهجيو ته اسان سان انصاف ٿيندو پر آمريڪا هن وقت دنيا جي ڪنهن به اداري ، تنظيم ۽ ملڪ جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿو ڏسجي ان ڪري ئي هنن ڊرون حملن کي روڪڻ کان انڪار ڪيو آهي، ۽ اهو عمل آمريڪا پاران پهريون دفعو نه ٿيو آهي آمريڪا ان وقت ضرور ڊرون حملو ڪيو آهي جڏهن حڪومت طالبان سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي ، ۽ اهڙن حملن سبب اُهي ڳالهيون عارضي طور رڪجي ويون آهن ، پر تحريڪ طالبان جي سربراهه تي حملي شايد طالبان جو رويو ضرور تبديل ڪري ڇڏيو آهي ، پاڪستان جي سياسي حلقن ۾ اهو بحث پڻ شروع ٿي ويو آهي ته آخر ڪهڙي طريقي سان هاڻ طالبان سان ڳالهيون ڪري سگهجن ٿيون ، طالبان جي ڪيترن ئي ڌڙن کي گڏ کڻي هلندڙ حڪيم الله محسود جي مارجڻ بعد ته اهي ڳالهيون نه رڳو رُڪجي ويون آهن پر شايد هاڻ ويجهڙ ۾ طالبان سان ڳالهين جو امڪان به نظر نٿو اچي، طالبان جا ڪيترائي ڌڙا حڪومت سان ڳالهين لاءِ راضي به نه هئا ، جنهن جو اندازو اسان پشاور ۾ ٿيندڙ گرجا گهر حملي ۽ ماريڪٽ ۾ٿيندڙ حملي مان لڳائي سگهون ٿا جنهن جي باري ۾ تحريڪ طالبان چيو ته اهي اسان جي تنظيم يا ان جي ڪنهن به ذيلي تنظيم نه ڪيا آهن، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته تحريڪ طالبان سان گڏ ڪجهه ٻيا به اهڙا ڌڙا آهن جيڪي نه رڳو طاقتور پر وڏي حملن جي منصوبه بندي پڻ ڪري رهيا آهن، ان دوران تحريڪ طالبان جهڙي وڏي ڌڙي سان ڪامياب ڳالهيون شايد ڪنهن بهتري جو سبب بڻجي سگهيا ٿي پر آمريڪا شايد پاڪستان ۾ امن ۽ طالبان سان ڳالهين لاءِ خوش نه آهي ، ڇو ته ان حملي وقت طالبان وفد ڳالهين جي سلسلي ۾ اُتي وڃي رهي هئي ۽ پاڪستان حڪومت پڻ پنهنجي وفد کي اماڻڻ جي تياري ۾ هئي پر اهو حملو ڪري آمريڪا اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان پر امن هجي اهو آمريڪا لاءِ قابل قبول نه آهي، ضروري نه آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون سو فيصد ڪامياب ٿين ها يا انهن ڳالهين سان ملڪ ۾ مڪمل امن اچي وڃي ها ، پر گهٽ ۾ گهٽ ان موقعي تي آمريڪا پاران ان شخص تي حملو ڪرڻ جيڪو ڳالهين جو مُک هجي ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ته آمريڪا پاڪستان کي انهي حالت ۾ ڏسڻ چاهي ٿي ڇو ته پُرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان ٻين ڪيترن ئي ملڪن وانگر آمريڪا کي به قبول نه آهي.  
imsbaloch@hotmail.com


Special Communications Organization,


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4250


شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن
سرور بلوچ
دنيا ۾ وقت سان گڏ تبديليون اينديون رهنديون آهن، دنيا جا ڪيترائي ملڪ هڪ کان ٻن ۽ وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، اهڙي ورهاست بعد ڪجهه ملڪن ته ان ورهاست کي دل سان قبول ڪيو پر ڪجهه ملڪن جي وچ ۾ تلخيون به وڌيون آهن، اهڙي ورهاست سبب آيل تلخيون تڪرارن جي شڪل ۾ تبديل ٿيون آهن. دنيا ۾ جتي ملڪ آپسي تڪرارن سبب نه رڳو معاشي طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي جنگين ڪري ماڻهن جي حياتين کي پڻ شديد خطرا لاحق ٿي رهيا آهن، دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي اها حالت بڻجي ويئي آهي جو دنيا ۾ 78 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن ، جن مان وڏو انگ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جو آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ 58 سيڪڙو گهراڻا غذائي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هن شديد انساني الميي باوجود اسان کي اڪثر ملڪ پاڻ ۾ وڙهندي نظر اچن ٿا، پر انهن جنگين ۽ مشڪلن باوجود ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ اهڙيون تنظيمون پڻ جوڙيون ويون آهن جيڪي هڪ ٻئي کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، دنيا جي مختلف ملڪن جي وچ ۾ جڙيل اهڙين تنظيمن سان اُهي ملڪ پنهنجا ڪاروباري ، سياسي ، سماجي معاملا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، دنيا ۾ جنگن ۽ ان سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻين مسئلن کان بچڻ لاءِ 25 اپريل 1945 کان 26 جون 1945 تائين سان فرانسسڪو آمريڪا ۾ پنجاهه ملڪن جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هنن هڪ بين الاقوامي تنظيم جوڙن لاءِ غور و فڪر شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 آڪٽوبر 1945 تي يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي،  50 ملڪن جي گڏيل ڪوشش سان قائم ڪيل انهي تنظيم ۾ دنيا جا 192 ملڪ شامل ٿي ويا آهن، ساڳئي طريقي سان ڪاروباري هڪجهڙائي رکندڙ ملڪن به اهڙيون تنظيمون جوڙيون جنهن سان سندن ڪاروبار کي هٿي ملي دنيا ۾ تيل جي انتهائي اهميت آهي ، 1960 ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن (OPEC)  نالي هڪ تنظين ٺاهي جنهن ۾ ايران ، عراق ، ڪويت ، سعودي عرب ۽ وينزويلا بنيادي ممبر هئا ۽ پوءِ ان ۾ ٻيا ملڪ به گڏجندا ويا ، ساڳئي طريقي سان دنيا ۾ مختلف اهڙيون تنظيمون جوڙيون ويون آهن، جن سان ملڪ هڪ ٻئي جي معاملن کي نه رڳو سمهجن پر ان جي مدد به ڪن ٿا، پاڪستان جيڪو هن وقت اندروني ۽ بيروني خطرن ۾ گهريل آهي، پر ان هوندي به پاڪستان پاڙيسيري ملڪن سان گڏجي سارڪ نالي هڪ تنظيم جوڙي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي مسئلا هڪ ئي پليٽ فارم تان سامهون آڻي سگهجن ٿا، دنيا ۾ هن وقت چين ڪاروباري ۽ معاشي لحاظ کان تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چين نه رڳو پاڪستان جو دوست ملڪ آهي پر هر خوشي ۽ ڏُک جي معاملي ۾ ساٿ پڻ نڀائيندو رهيو آهي، 1991 ۾ جڏهن سويت يونين ٽُٽي ۽ 15 نوان ملڪ وجود ۾ آيا ته اهڙا گهڻائي مسئلا هئا جيڪي انهن نئين وجود ۾ آيل ملڪن جي وچ ۾ موجود هئا ۽ جيڪي حل طلب هئا، پاڙيسيري ملڪن ۾ سرحدي معاملن سان گڏ ڪيترائي اهڙا مسئلا هوندا آهن جيڪي گڏجي ويهي حل ڪرڻ انتهائي ضروروي بڻجي ويندو آهي، انهي سلسلي ۾ 26 اپريل 1996 ۾ چين جي شهر شنگهائي ۾ پنجن ملڪن چين ، روس قازڪستان، تاجڪستان ، ڪرگزستان سرحدن تي فوجي معاملن لاءِ شنگهائي فائيو نالي تنظيم جي ڇتري هيٺ گڏ ٿيا، ان تنظيم جي 24 اپريل 1997 واري پروگرام دوران سرحدي علائقن ۾ فوج ۾ گهٽتائي جي هڪ معاهدي تي صحيح پڻ ٿي، ان تنظيم ۾ ازبڪستان جي شامل ٿيڻ بعد 15 جون 2001 ۾ شنگهائي ڪواپريشن آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي، ان تنظيم جي ٺاهڻ جو ڪارڻ رڪن ملڪن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ پاڙيسيري تعلقات کي مظبوط ڪرڻ هو، ان تنظيم جي ٺهڻ سان رڪن ۽ پاڙيسيري ملڪن ۾ نه رڳو سرحدي معاملن ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پر شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي چارٽر آف ڊڪليريشن موجب ان تنظيم جا بنيادي مقصد آهن ته پاڙيسيري ۽ رڪن ملڪن ۾ سرحدي معاملن ، اعتماد ۽ دوستي کي مضبوط ڪجي،  سياسي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ، تجارت ۽ معيشت کي هٿي ڏيارڻ ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ هڪ ٻي جي سهائتا ڪرڻ ، تعليم ، صحت جهڙن بنيادي معاملن ، ثقافت ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن ۽  انيڪ مسئلن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکجي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن نه رڳو پنهنجي جوڙيل چارٽر تي عمل ڪرڻ پر اقوام متحده جي چارٽر موجب هڪ ٻئي ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري ۽ گهرومعاملن ۾ داخل انداز نه ٿيڻ، ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ جهڙن معاملن تي پڻ عمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيل آهي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي ڇهن ممبر ملڪن چين ، روُس ، ازبڪستان ، تاجڪستان ، قازڪستان ۽ ڪرگزستان کان علاوه پاڪستان ، ڀارت ، افغانستان ، ايران ، منگوليا کي مبصر ملڪن طور شامل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته بيلاروس ، ترڪي ۽ سري لنڪا ڊائيلاگ پارٽنر طور ان تنظيم جو حصو آهن، SCO  نه رڳو پنهنجي ممبر ملڪن پر خاص طور تي افغانستان ۽ پاڪستان جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي ڏيکاريندو رهيو آهي، خاص طور تي افغانستان مان 2014 ۾ نيٽو فوجن جي واپسي بعد شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي ويندو، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ مان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي نقصان پهچي رهيو آهي پر ان سان خطي ۾ پڻ منفي اثر پئجي رهيا آهن، پاڪستان پرائي جنگ ۾ پاڻ کي ڦاسائي ته ڇڏيو پر اربين . کربين ڊالرن ۽ انساني زندگين جي نقصان باوجود پاڪستان جي حالت ۾ ڪابهتري نظر نٿي اچي ساڳئي نموني افغانستان جون حالتون به روز خرابي ڏانهن ئي وڃي رهيون آهن، اهڙي صورت ۾ جڏهن آمريڪا پنهنجي مفاد خاطر ٻنهي ملڪن ۾ جهيڙي جو سبب بڻيل آهي اُتي وري پاڙيسيري ملڪن ۽ اُتي جي تنظيمن جو ڪردار انتهائي اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، انهي سلسلي ۾ شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن پاڪستان ۽ افغانستان جي آپسي معاملن ۾ دلچسپي وٺندي انهن کي حل ڪرائڻ جون ڪوششون وٺي رهي آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ۽ ان تنظيم جا ٻيا مبصر ملڪ پر اميد آهن ته انهن کي جلد SCO  جي ممبر شپ ملندي ۽ ان سان نه رڳو پاڙيسيري ملڪن جي سرحدي معاملن ۾ بهتري ايندي پر ان سان ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهبي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جتي پاڙيسيري ملڪن لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم طور اڀري رهيو آهي ، اُتي ان تنظيم سان آمريڪا ۽ نيٽو پاڻ کي ڪجهه پريشان محسوس ڪري رهي آهي، دنيا جي اٺن مان چار ايٽمي طاقتن روُس ، چين ، پاڪستان ۽ ڀارت جو هڪ تنظيم جي پليٽ فارم تي گڏٿيڻ انهن جي پريشاني جو سبب بڻيل آهي، دنيا جي ٻن وڏن طاقتن چين ۽ روُس جي ڪوششن سان جڙيل تنظيم نه رڳو ايشيا جي ملڪن پر دنيا جي انتهائي اهم ملڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ تيزي سان ڪامياب ٿي رهي آهي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي اهميت جو سبب اهو به آهي ته ان تنظيم جا رڪن ملڪ قدرتي وسيلن ۽ جاگرفيائي لحاظ کان اهڙي مقام تي آهن جو مغرب ان کان ڪنهن به صورت انڪاري نٿي ٿي سگهي، ان تنظيم جي ملڪن جي ڪُل ايراضي ٽيهه ڪروڙ چورس ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ پکيڙ رکندڙ آهي جڏهن ته انهن ملڪن جي آبادي 1.5 بلين ماڻهن تي مشتمل آهي ، SCO  جا ممبر ملڪ دنيا جو پنجاهه سيڪڙو گئس ۽ ويهه سيڪڙو تيل پڻ پيدا ڪن ٿا، سويت يونين جي ٽٽڻ بعد آمريڪا پاڻ کي دنيا ۾ سڀ کان وڏو ۽ اڪيلو ملڪ سمجهي رهيو هو، سويت يونين جي زوال جو سبب بڻيل آمريڪا ڪنهن طريقي سان چين خلاف به سازشن ۾ مصروف رهيو آهي، پر جڏهن SCO  تنظيم جوڙي انهن ملڪن آپسي تڪرارن ۽ اندروني جهيڙن لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙن جو اعلان ڪيو ته دشمن ملڪن کي شديد مايوسي کي منهن ڏسڻو پيو، روُس ان تنظيم کي سيڪيروٽي ۽ سلامتي جي اک سان ڏسي رهيو آهي جڏهن ته چين ان سان گڏ اقتصادي ، سماجي ۽ ثقافتي مقصدن جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ، نائن اليون کانپوءِ ان تنظيم جي اهميت اڃان به وڌيڪ ٿيڻ لڳي ۽ ان ۾ پاڪستان ، افغانستان ، ايران ۽ ڀارت جي مبصر طور شامل ٿيڻ سان اهو بلاڪ تمام مظبوط ٿي رهيو آهي، جيئن ته هاڻوڪين ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ شٽ ڊائون مان اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي آهي ته مغرف قدرتي وسيلن ۽ افرادي قوت جي گهٽتائي ڪري تيزي سان زوال ڏانهن وڃي رهي آهي ان صورت ۾ دنيا جو مستقبل ايشيا جي هٿن ۾ وڃڻ ۾ هاڻ گهڻو وقت نه رهيو آهي ، اهڙي صورت ۾ ايشيا جي ملڪن جو شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ گڏ ٿيڻ سان نه رڳو انهن ملڪن جي حالتن ۾ بهتري ايندي پر جنهن مغرب پنهجن مقصدن لاءِ ايشيا جو امن تباهه ڪيو آهي ، اُهي هاڻ ايشيا سامهون جهڪڻ تي مجبور ٿي ويندا.
imsbaloch@hotmail.com

Island of Gwadar and public expectations

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4201

گوادر جو ٻيٽ ۽ عوامي اميدون
سرور بلوچ
ملڪي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ايئن ٿيو هجي ته عوام ڪنهن به حڪومت مان خوش هجن پر پوءِ به جڏهن به ڪنهن حڪومت جو مدو پورو يا زوري پورو ڪيو ويندو هو ته مٺائيون ورهائي نين ايندڙڻ جي تعريفن جا پُل ٻڌجڻ شروع ٿي ويندا هُئا، ملڪي تاريخ جي ورقن ۾ گهڻو عرصو ته آمرن ڏنڊي جي زور تي حڪومتون ڪيون آهن ۽ جمهوري حڪومتن کي سدائين اها ئي شڪايت رهي آهي ته اسان کي مُدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو هو نه ته کير جون نديون وهائي ڇڏيون ها، هر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي سگهي ها، هر ٻار اسڪول ۾ هجي ها، پڙهائي ۾ اسان دنيا کي پوئتي ڇڏي وڃون ها، اسان وٽ ڪو بيروزگار نه هجي ها، گهُرڻ وارا هٿ ڏيڻ وارا بڻجي وڃن ها ، هاري خوشحال هجن ها ، مُلڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيون ها، هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موٽر وي جهڙا روڊ ٺهي وڃن ها پر ڇو ته اسان کي مُدو پورو ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو ته ڇا ڪجي اسان عوام جي اميدن تي لهڻ لاءِ تيار هئاسين ته جمهوريت جي پُٺي تي وار ڪري آمرن اچي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻي سڀ اميدون ختم ڪري ڇڏيون، اهي ڳالهيون هر ويندڙ حڪومت ڪندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري رهڻ جي اميد پڻ جاري آهي، پر مشرف جي دور ۾ هٿرادو چئجي يا عوامي پر هڪ حڪومت پنهنجو مدو پيو ڪيو ان دوران وزير اعظم ضرور مٽيا ۽ ڪابينا ۾ رد بدل پڻ ٿيندي رهي پر پارليمنٽ پنهنجو مدو پورو ڪيو، پر عوامي مسئلا اُتي جو اُتي ئي رهيا ، ان بعد جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجون سڀ رنجشون وساري سڀني سان گڏ ويهي چارٽر آف ڊيموڪريسي جوڙي گڏجي جدوجهد جو اعلان ڪيو ته عوام وري هڪ نئين اميدن سان گڏ سوچڻ شروع ڪيو، محترمه جڏهن پاڪستان اچڻ جو پڪو پهه ڪيو ته کيس روڪڻ جون ڪوششون پڻ ٿينديون رهيون پر هن ڪنهن به خطري جي پرواهه نه ڪندي ملڪ اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 18 آڪٽوبر تي سندس واپسي واري ڏينهن هڪ عوامي سمنڊ سندس انتظار ۾ موجود هئي جنهن کي ڏسي ۽ پنهنجي ڌرتي تي پير رکڻ وقت محترمه پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي ، عوام جي اميدن جو سمنڊ ان وقت پنهنجي مستقبل جا خواب ڏسي رهي هئي پر انهن خوابن کي ٽورڻ جا به فُل پروف بندوبست ٿيل هئا ، 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪارساز ۾ ٿيل ڌماڪي عوام جي اميدن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو ، پر محترمه ان حملي باوجود عوام ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ پاڻ ٻاهر نڪري انهن جي اميدن کي وري جاڳائي ڇڏيو، پر شايد ڪجهه ماڻهن کي اهو قبول نه هو نيٺ ڪراچي ڌماڪي جي 40 ڏينهن بعد 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ هڪ جلسي مان واپسي تي وري هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ويئي ۽ عوام جي اميدون به ڄڻ ختم ٿي ويون ، بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ملڪ ۾ اهڙي ته افرا تفري مچي جو ماڻهن سمهجيو هاڻ وري ملڪ ٽُٽڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي ، پر پيپلز پارٽي جي قيادت ان موقعي تي ماڻهن کي حوصلو ڏنو ۽ چيو ته عوام کي پنهنجي سموري ڪاوڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيئي لاهڻ گهرجي، ڇو ته پيپلز پارٽي جو نعرو آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، ان موقعي تي چونڊن جي تاريخ اڳتي پوئتي ٿيندي رهي، 8 جنوري 2008 تي چونڊون ٿيڻيون هنيون پر محترمه جي شهادت بعد انهن کي ملتوي ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو پر پيلپز پارٽي چونڊون ڪينسل نه ڪرڻ جو چيو جنهن بعد 18 جنوري 2008 تي چونڊُون ٿيون جنهن ۾ عوام هيڏي وڏي صدمي باوجود چونڊن ۾ نه رڳو حصو ورتو پر پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيئي ايوان تائين پهچايو، عوام بينظير ڀٽو جي وڇوڙي واري صدمي مان ٻاهر نه نڪتي هئي پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ بعد انهن ۾ اها اميد وري جاڳي پيئي ته هاڻي شهيد راڻي جا ڪيل سمورا واعدا نه سهي پر ڪنهن حد تائين ضرور پورا ٿيندا، پيپلز پارٽي هڪ جمهوري انداز ۾ حڪومت ۾ آئي ۽ 5 سال پنهنجو مدو به پورو ڪيو، انهن پنجن سالن ۾ نه ته عوام کي اٽو ملي سگهيو نه وري گهر جڏهن ته لٽا ته اڳ به ڦاٽل هئا ۽ اڄ به ڦاٽل آهن، سندن حڪومتي پنجن سالن ۾ عوام مسلسل مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو رهيو، ٻوڏن ۾ عوام شديد مشڪلن کي منهن ڏنو ، نه روڊ ٺهيا نه رستا ، عوام ڪنهن کي ٻي ڏيڻ ته ٺهيو پر وٺڻ واري لڪير کان به هيٺ تائين پهچي ويئي، اسان جي ملڪ ۾ ٻاهرين ملڪ جي امدادي فنڊ کانسواءِ نه ته هاڻي صحت مرڪز هلي سگهي ٿو نه وري تعليم ، اسان جي هر ڪم ۾ ٻاهرين ملڪن جو فنڊ شامل ٿي ويو آهي، ٻاهرين ملڪن جي قرض سبب هر پاڪستاني قرضي بڻجي ويو آهي، ادارا تباهه آهن ۽ سندن بهتري جي ڪابه راهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي، مشرف ويندي ويندي بجلي جو جيڪو بحران ڇڏي ويو اهو پيپلز پارٽي جي پنج سالا حڪومت ختم نه ڪري سگهي، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا خواب ڏيکاريا ويا ۽ اها بجلي پاڙيسيري ملڪن کي ڏيڻ جا پڻ بندوبست ٿيڻ لڳا پر ڦري گهري وري به اسان اُتي جا اُتي بيٺل آهيون نه ڪوئلو نڪتو نه وري ان ڪوئلي مان ڪا بجلي ٺهي، نه شمسي توانائي عام ڪري سگهياسين نه وري پاڻي تي بجلي جا ڪي وڏا منصوبا سامهون آيا، بس ماڻهن کي لوڊشيڊنگ جي هڪ اهڙي عذاب ۾ ڦاسايو ويو جو هاڻ هر گهر ۽ دڪان لاءِ جرنيٽر جو استعمال ضروري بڻجي ويو ، اسان جي ملڪ ۾ نه ته اڳ ڪڏهن ڪنهن ڪم کي پلاننگ تحت شروع ڪيو ويو آهي نه وري اڳتي ڪي اهڙا بندوبست نظر اچن ٿا پاڪستان ۾ گئس تي گاڏيون هلائڻ جو جيڪو تجربو ڪيو ويو ان جي مستقبل بابت ڪا به پلاننگ نه ڪئي ويئي نتيجو اهو نڪتو ته هاڻ هفتي ۾ ٽي ڏينهن گئس نه آهي ۽ جڏهن گئس ملي ٿي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل نظر اچن ٿيون، مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي ۽ روزگار جا ذريعا گهٽ ٿيندا پيا وڃن، پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي حڪومت به عوامي مسئلن کي حل ڪري نه سگهي ۽ عوام پاران سدائين شڪايتن جا انبار لڳندا رهيا، پيپلز پارٽي پنهنجي جمهوري حڪومت جا پنج سال ته پورا ڪيا پر انهن پنجن سالن ۾ عوام جون اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، اپوزيشن هميشه چوندي رهي ته جي حڪومت مخلص هجي ته اهي مسئلا ڪجهه مهينن ۾ حل ٿي سگهن ٿا ماڻهن کي هر سهولت ملي سگهي تي ملڪي سڀ کان وڏو بحران بجلي ته ڪجهه مهينن ۾ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو ، پيپلز پارٽي جي پنج سال مڪمل ڪرڻ بعد 11 مئي 2013 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ملڪ ۾ صوبائي سطح تي ڪنهن به هڪ پارٽي جي حڪومت نه ٺهي سگهي پنجاب نواز ليگ جي حصي ۾ جڏهن ته سنڌ مان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ۽ خيبر پختون خواه تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيئي پهرين ڀيري اقتدار ۾ آندو ، وفاقي سطح تي نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ماڻهن جي اميدن جو هڪ نئون مرڪز پڻ بڻجي ويئي، حزب اختلاف ۾ ڪجهه مهينن ۾ ملڪي مسئلن جي حل جو دعويدار نواز ليگ جي ڪومت جي اچڻ سان عوام ۾ وري اها اميد جاڳي پيئي ته هاڻي اسان جو ملڪ ايشين ٽائيگر ضرور بڻجي ويندو ، بجلي جو بحران پ پ حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري آهي ته نواز شريف حڪومت بهتر پالسيسون جوڙي ان کي ضرور حل ڪندو ، ملڪ ۾ هر هنڌ موٽر وي جهڙا روڊ ٺهندا ، بي روزگاري ختم ٿي ويندو ، گئس جو مسئلو به حل ٿي ويندو، پر عوام جون اميدون  گوادر جي ان ٻيٽ وانگر آهن جيڪو هاڻ وري سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي ، پاڪستان جي عوام پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پنهنجي خوشحالي جي اميدن تي زنده آهي هر نئين حڪومت جي ايندي هو سمجهن ٿا ته هاڻ ڪجهه بهتر ٿيندو پر هر ڀيري کين مايوسي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي، نه ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشينڊنگ گهٽ ٿي سگهي آهي نه وري ايندڙ ڪجهه مهينن بلڪه ڪجهه سالن ۾ ڪا اهڙي اميد آهي، جڏهن ته گئس جو بحران پڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ بي روزگاري ۽ مهانگائي جو جن ته ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي هٿ نه آيو آهي ، تيل ۽ بجلي جا اگهه گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن ۽ روزگار جا ذريعا گهٽ ٿي رهيا آهن، گوادر جو ٻيٽ ته عارضي آهي جيڪو ڪيترن ڏهاڪن کانپوءِ ظاهر ٿيو هو ۽ هاڻ ٻڌڻ شروع ٿي ويو آهي پر عوامي اميدن جو ٻيٽ ته هر نئين ايندڙ حڪومت جي اچڻ وقت اڀري ٿو ۽ ڪجهه عرصي بعد وري ٻُڏيو وڃي.
imsbaloch@hotmail.com

International Standers And Pakistan


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4105


بين الاقوامي معيار ۽ پاڪستان
سرور بلوچ
دنيا جا اڪثر ملڪ تيز ترين ترقي سان گڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن جي معيار زندگي جي بهتري لاءِ انهن جي صحت ، تعليم ، کاڌ خوراڪ لاءِ پڻ بهتر انتظام پڻ ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي معيار کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇو ته بهتر کاڌ خوراڪ سان ئي انسان جي صحت بهتر ٿئي ٿي ۽ هو ڪيترن ئي بيمارين کان پڻ محفوظ رهي ٿي، اسان وٽ هڪ پاسي ته بين الاقوامي معيار جي ڳالهه ڪجي ٿي پر ٻئي پاسي اسان پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪم جي معيار کي ڏسون ته اسان دنيا جي ملڪن کان گهڻو ئي پوئتي آهيون ، منهنجو ڪجهه سال اڳ ايران وڃڻ ٿيو ته اُتي ڏسڻ ۾ آيو ته کاڌي پيتي جون اڪثر شيون پيڪنگ جي صورت ۾ ملن ٿيون، چڻا ، مٽر ۽ ٻين ڀاڄين کان وٺي ، مڇي ، گوشت ، کير کان وٺي لسي تائين پيڪ حالت ۾ ملي رهي هئي، جڏهن ته صحت جي حوالي سان اسان وٽ مليريا ايتري ته معمولي بيماري سمجهي وڃي ٿي جو جنهن کي  ٿورڙو به بخار آيو بنا ڊاڪٽر جي مشوري جي پاڻ ئي اسٽور تان مليريا جون گوريون وٺي کائي ڇڏيندو آهي، يا پوءِ مليريا هوندي به ٻيون دوائون کائي آخر وڃي ڪنهن اسپتال ۾ بستر ڀيڙو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ايران ۾ مون ڏٺو ته مليريا ۾ ورتل جي نه رڳو ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي پر ان کي صحت کاتي جو هڪ ملازم هڪ ڏينهن جي گوري کارائي وري ٻي ڏينهن جو ڊوز پاڻ اچي کارائيندا آهن متان هو ڪورس اڌ ۾ نه ڇڏي ڏي، دنيا ۾ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ ، رهائش يا سهولتن لاءِ تيار ٿيندڙ سامان ، اليڪٽرونڪ شين کان وٺي هر ڪم ڪار ۽ شئي لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا ويا جيڪي انهن کي چڪاس ڪري ان جي معياري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهن، ساڳئي طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ به ان لاءِ ادرا قائم ڪيل آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ منافع خوري ، ٺڳي ، ملاوٽ ايترو ته هيٺ تائين ۽ پنهجون جڙون مضبوط ڪري ويئي آهي جو هاڻ انهن ماڻهن کي انساني صحت ۽ زندگي کان وڌيڪ پنهنجو منافعو عزيز آهي، اسان جي ملڪ ۾ اُهي سڀ قانون موجود آهن جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ موجود آهن، پر انهن تي هڪ ته عمل نٿو ٿئي ٻيو اسان جو معاشرو به انهن جي عمل ٿيڻ يا نه ٿيڻ کان پاڻ کي بي خبر رکيو ويٺي آهي، پاڻي انسان جي انتهائي اهم ضرورت آهي ، صاف پاڻِي جي نالي تي اسان وٽ بوتلن ۾ عجيب و غريب نالن سان آيل نون ڪمپنين جي ڪنهن کي ڄاڻ نه آهي، ڪجهه نالي وارن ڪمپنين کانسواءِ سون جي تعداد ۾ اهڙيون ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ، جن جي ڪوالٽي جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي ته ڇا هو واقعي صاف ۽ بين الاقوامي معيار جي مطابق پاڻي ڏيئي رهيون آهن يا ڪنهن نلڪي تان ڀريل پاڻي بوتلن ۾ بند ڪري نوٽ گڏ ڪري رهيون آهن، کاڌ خوراج جي معاملي ۾ ته اسان وٽ ڪوبه معيار نظر نٿو اچي ، جڏهن ته پيڪنگ جي نالي تي کاڌي پيتي جون جيڪي شيون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون انهن جي معيار بابت اسان اڪثر ٽي وي تي هلندڙ ڇاپه مار ٽيمن جون رپورٽون ڏسندا رهندا آهيون ته اُهي ڪهڙي نموني ۽ ڪيتري ملاوٽ بعد پيڪ ٿي اسان وٽ پهچن ٿيون، اسان جڏهن اهڙن رپورٽن ۾ ڏسون ٿا ته کير ۾ پاڻي استعمال ٿئي ٿو ته اهو يقينن خراب عمل آهي ڇو ته جڏهن پئسا کير جا ورتا وڃن ٿا ته ان ۾ ملاوٽ ڇو ڪئي وڃي پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڳاڙهين مرچن ۾ سرن جو ٻورو ، چانهه جي پٽي ڪاٺ جو ٻورو ملائڻ جون رپورٽون پڻ سامهون اچن ٿيون، جيڪو انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، اسان جي ملڪ ۾ اها حالت آهي ته کائڻ پيئڻ جون شيون ته روڊن جي پاسن تي مٽي ۽ ڌوڙ ۾ وڪامجي رهيون آهن ۽ روڊن ۽ مٽي تي هلڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جوتن جا دڪان سينٽرلي ايئرڪنڊيشن ٺهيل آهن، اسان وٽ جسم تي ڍڪڻ لاءِ ملندڙ ڪپڙن جون ته وڏيون وڏيون مارڪيٽون جڙي ويون آهن ، پر ان جسم کي صحت مند ۽ زنده رکندڙ پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون انتهائي ناقص ۽ ڏينهون ڏينهن پنهنجو معيار وڃائي رهيون آهن، اسان وٽ تفريح جي نالي تي هوٽل ڪلچر ۽ فاسٽ فوڊ جو رجحان پڻ تيزي سان وڌي رهيو آهي، خاص ڪري شهرن ۾ ماڻهن جو لاڙو گهر ۾ ٺهيل صاف سٿري ماني کان وڌيڪ شهرن ۾ رستن جي ڪنارن تي ٺهيل فاسٽ فوڊ ، برگر يا اهڙين شين ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڪجهه وڏين کاڌي جي دڪانن يا هوٽلن کانسواءِ اسان جڏهن رستن تي ٺهيل هوٽلن يا فاسٽ فوڊ جي دڪانن جي معيار جي ڳالهه ڪيون ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ ۾ جڏهن اهو ڏيکاريو ويو ته شادي هالن ۾ جيڪو کاڌو ٿالن يا ديڳن ۾ بچي ويندو آهي ، اهو ڪجهه هوٽلن ۾ سپلائي ٿيندو آهي جنهن کي گرم ڪري ماڻهن کي کارايو ويندو آهي، جڏهن اسان جي معاشري جا اُهي ماڻهو جيڪي بيشڪ پئسن تي پر پوءِ به ماڻهن کي رزق ڏيڻ جو ذريعو بڻايا ويا آهن، اُهي ماڻهو جڏهن انهن شين جا پنهنجي مرضي جا اگهه وٺن باوجود اهڙيون حرڪتون ڪن ته پوءِ کين سزائون به اهڙيون ئي ڏيڻ گهرجن،  پاڪستان دنيا ۾ رڳو ائٽمي طاقت مان ئي نٿو سڃاتو وڃي،  پر اسان جو ملڪ ڦٽي ، ڪڻڪ ، چانور ۾ به دنيا جي ڪترن ئي ملڪن کان اڳتي آهي، پاڪستان پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُهي سڀ شيون ڏيئي سگهي ٿي جيڪي دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن مان وڏو ناڻو ڏيئي گهرائيندا آهن، پر اسان وٽ سرمائيدار اسان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شين کي نه رڳو ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري ۽ غير قانوني اسٽاڪ ڪري وڏو منافعو ڪمائيندا آهن ۽ وري اهي ئي سڀ شيون وري اسان وٽ مهانگي اگهه ۾ وڪامبيون آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي تجورين کي ڀرڻ لاءِ نه رڳو شين ۾ ملاوٽ ڪري اسان جي ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا ، پر اُهي اسان جي ملڪ جي عام ماڻهن جي زندگين سان پڻ کيڏي رهيا هوندا آهن، انساني صحت ۾ کاڌ پيت جو انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي، صاف ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي استعمال سان ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، حڪومت ته ان سلسلي ۾ قانون جوڙيا آهن پر رڳو حڪومت نه هر ماڻهو کي ان بابت ڪم ڪرڻو پوندو، شهرن ۾ روڊن جي پاسي تي ٺهندڙ پڪوڙا ، سموسا ، جيلبيون ، چاٽ ، ڇولا اسان جي صحت لاءِ ڪنهن به صورت فائدي مند نه آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جو طريقو ۽ روڊن جي پاسن تي ڌوڙ ۽ مٽي تي وڪامجڻ جو طريقو انتهائي غير معياري هوندو آهي پر جڏهن ماڻهو ان شرط تي انهن شين جو استعمال بند ڪن ته ۽ اهو مطالبو ڪن ته اهي شيون معيار جي مطابق ڪنهن صاف سٿري جاءِ يا دڪان ۾ فروخت ڪيون وڃن ته ضرور فرق پوندو ، ڇو ته جڏهن اسان مان هر ماڻهو غير معياري شين بابت آواز اٿاريندو ۽ انهن شين جي خريداري گهٽ ڪنداسين جيڪي اسان جي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، ته پوءِ اُهي منافع خور پاڻ ئي مجبور ٿيندا ۽ هو پنهنجي معيار کي بهتر ڪندا.
imsbaloch@hotmail.com

Wednesday 16 October 2013

Happiness of eid and Awaran's sorrow

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4090

عيد جون خوشيون ۽ آواران جا ڏک
سرور بلوچ
هڪ پاسي ملڪ ۾ عيد جون خوشيون ملهائيون پيون وڃن، مارڪيٽن ۾ عيد جون خريداريون هلندڙ آهن، ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ لاءِ مهانگا قرباني جا جانور خريد ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي بوچستان جي مڪران بيلٽ وارن علائقن ۾ آيل زلزلي سبب متاثر ٿيل ماڻهو ڏکن جي داستان بڻيل آهن، هن وقت وقت نه ته انهن کي عيد جي خوشيون ياد آهن نه وري قرباني، بلوچستان جتان جا ماڻهن صدائين پاڻ کي نظر انداز ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن، انهن سان 24 سيپٽمبر تي آيل زلزلي بعد صوبائي ۽ وفاقي حڪومت مدد جي نالي تي پاڻ ته ڪجهه نه ڪيو پر متاثرن جي مدد لاءِ  ٻين ماڻهن ۽ تنظيمن کي انهن جي مدد کان روڪيو ويو، سندن اهو عمل بلوچستان جي تاريخ ۾ ضرور ياد ڪيو ويندو، ماڻهن جي ياداشت ايڏي ڪمزور نه آهي جو هو 2005 ۾ آيل زلزلي کي وساري ڇڏين ۽ ان وقت حڪومتي قدم ۽ امدادي مهم به وسارڻ جوڳي نه آهي ، پر جڏهن بلوچستان ۾ زلزلو آيو ته نه حڪومت نظر آئي نه سندن امدادي مهم ، هڪ پاسي  ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ آيل زلزلي ۾ متاثر ٿيلن لاءِ نه رڳو بين الاقوامي مدد لاءِ اپيلون ڪيون ويون هنيون پر انهن ٻاهرين ملڪن مان مدد لاءِ آيل وفدن کي ڀرپور طريقي سان سپورٽ ڪري انهن علائقن تائين رسائي پڻ ڏني ويئي هئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي بعد اڻپورين حڪومتي قدمن سبب علائقي واسي شديد مشڪلن ۾ ڦاٿل آهن، مٿان وري حڪومت ٻاهرين ملڪن جي خدشن باجود انهن کي آواران ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪي ڇڏيو آهي، وزير اعلي بلوچستان مدد جي اپيلون ڪندي نظر اچي ٿو ۽ وفاق وري مدد لاءِ پهتل تنظيمن کي اهو چئي واپس ڪري ٿو ته اسان اپيل نه ڪئي اسان پاڻهي منهن ڏينداسين اوهان واپسي جي ٽڪيٽ ڪرايو، ڪجهه ڏينهن اڳ صحت جي حوالي سان ڪم ڪندڙ بين الاقوامي تنظيم ميڊيسنز سانز فرنٽيئر ، ڊاڪٽر وڌآئوٽ بارڊر
 (Doctor Without Border/MSF) پڻ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته اسان جي ٽيم بلوچستان جي زلزلي متاثر ماڻهن لاءِ صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي، جنهن ۾ اسان صحت جي سهولتن سان گڏ صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو هو پر روزانه رابطي باوجود حڪومت اسان کي انهن علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني، جڏهن ته حڪومت گڏيل قومن کي پڻ زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪيو، گڏيل قومن جي ادارن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن(WHO)، يونيسيف (Unicef)۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP)جڏهن راشن ۽ دوائون کڻي پهتا ته کين به زلزلي متاثر علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي جنهن ڪري مشن ختم ڪيو ويو، حڪومت پاران بلوچستان جي ماڻهن سان اهڙي غير انساني فعل کي ڪنهن به نموني مناسب نٿو چئي سگهجي، هيومن رائٽس آف پاڪستان (HRCP)  جي پڌري ڪيل رپورٽ ۾ پڻ بلوچستان جي زلزلي متاثر جي مدد نه ٿيڻ کي افسوس ناڪ ڪوٺيو ويوآهي، بلوچستان جي عوام جتي اڳ پاڪستان حڪومت کان ناراض آهي اهڙي موقعي زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪڻ واري اهڙي عمل سان نه رڳو بلوچ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي پر اهو عمل نفرتن جي واڌاري جو سبب پڻ بڻجندو،  بلوچستان جي علائقي آواران ۽ مشڪي ۾ جڏهن ڪجهه صحت ٽيمون ويون ته انهن کي انهن علائقن ۾ زخمين سان گڏ انهن مريضن جي گهڻائي نظر آئي جيڪي ذهني دٻاءُ جو شڪار هيون، ۽ انهن ۾ اڪثريت عورتن جي هئي، جن جا پُٽ ۽ ڌيئرون ان موتمار زلزي سبب فوت ٿي ويا هُئا، بلوچستان زلزلي متاثر علائقن ۾ آواران ۽ مشڪي جون عورتون پنهنجي نوجوان پُٽن يا نياڻين جي فوت ٿيڻ ڪري شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، جن کي هن وقت بخار جي گوري ۽ شربت کان وڌيڪ ڪنهن اسپليشسٽ جي ضرورت آهي جيڪو سندن ذهني پريشاني کي سمجهي ۽ ان جو علاج ڪري، بلوچستان قدرتي وسائل کان مالا مال هوندي به سدائين بنيادي سهولتن کان محروم ئي رهيو آهي، بلوچستان سان ٿيندڙ ناانصافيون به وقت سان شديد ۽ ڏکوئيندڙ بڻجي رهيون، هڪ پاسي ته کاڌ خواراڪ جي کوٽ ته ٻئي پاسي مختلف بيمارين ۾ ورتل بلوچستان جي زلزلي متاثرن جي حڪومت پاران واهر نه ٿيڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. بلوچستان سان سدائين ناانصافيون ڪندڙن هن زلزلي دوران به وسان نه گهٽايو انهن پاڻ ته ڪا مدد نه ڪئي پر ٻاهرين ملڪن جي تنظيمن کي پڻ مدد کان روڪي بلوچستان جي عوام سان  ناانصافي جي هلندڙ ان سلسلي کي پڻ جاري رکيو، بلوچستان کي نظر انداز ڪرڻ ۾ حڪومتي ادارن  سان گڏ ان ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي جن ڪڏهن به بلوچستان جي مسئلن کي اهميت ئي نه ڏني آهي، ملڪي ميڊيا کان اوجهل رهندڙ بلوچستان جا اُهي علائقا جن ۾ ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن، ۽ گذريل مهيني زلزلي بعد اُهي کنڊر بڻجي ويا آهن پر انهن علائقن کي ڪجهه ڏينهن جي ڪوريج کانپوءِ حڪومت وانگر ميڊيا به وساري ڇڏيو آهي، اڄڪلهه ميڊيا تي رڳو مال پڙين جون رپورٽون ئي ڇانيل آهن، ٽي وي چئنل مارڪيٽن ۾ عيد لاءِ شاپنگ ڪندڙ ماڻهن تي ڪلاڪن جون رپورٽون ته جوڙين ٿا پر انهن وٽ بلوچستان جي انهن متاثرن لاءِ ڪجهه منٽ به نه آهن جو عيد تي بي يارومددگار کُلي آسمان هيٺ ويٺلن جا درد ڏيکاري سگهي، ميڊيا وٽ ڍڳن ، ٻڪرن جي ڪيٽ واڪ لاءِ ته گهڻو ئي وقت آهي پر زلزلي سبب دٻجي ويلن ۽ زخمي ٿيل انهن متاثرن جي رپورٽن لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي، ميڊيا ڪنهن جي ڀلي بُري نه پر پنهنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏيندي آهي، ۽ عيد جي موقعي تي بلوچستان جي دردن جي خريدار کان شايد عيد شاپنگ ۽ مال پڙين جي رپورٽن جا خريدار گهڻا آهن ان ڪري ميڊيا هاڻ درد نه پر خوشيون وڪڻي پنهنجو ڪاروباري فرض نڀائي رهي آهي، ميڊيا وانگر حڪومت جي نظرن کان به اوجهل بلوچستان ۽ زلزلي متاثر آواران ۽ مشڪي جا ماڻهو پنهنجي عيد جي خوشيون ته وساري ويٺا آهن پر انهن کان پنهنجي وڃڙي ويلن جو ڏک وساري به نٿو وسري. نه وسارڻ جهڙي ان ڏک کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حڪومتي قدم آهن جن انساني حقن جي لتاڙ جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، بلوچستان جي حالتن کان خوفزده حڪومت پاڻ ته ڪا مدد ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ۽ ڪنهن ٻي کي ان ڪري انهن علائقن ۾ رسائي نٿي ڏي متان سندن پت وائکي ٿي وڃي، پر حقيقتون ڪڏهن به لڪي نه سگهنديون آهن، بلوچستان جي زلزلي متاثر جي مدد نه ڪرڻ ۽ ٻين کي به انهن جي مدد کان روڪڻ وارو قدم بلوچستان جي زلزلي متاثرن جي تڪليفن ۽ ڏکن ۾ اضافي جو سبب بڻيو آهي، بلوچستان سان وفاق جو اڍنگو رويو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي پر گهٽ ۾ گهٽ عيد تي مڊل ڪلاس ۽ مڪران بيلٽ سان تعلق رکندڙ وزيراعلي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي گهرجي ته انهن متاثرن سان وڃي عيد گذاري ته جيئن هو عيد جي خوشين ۾ آواران جي ماڻهن جا ڏک به محسوس ڪري سگهي.
imsbaloch@hotmail.com

Yes i am Bhoro Bheel

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4050

ها مان ڀورو ڀيل آهيان
سرور بلوچ
اسان جي گهرن سامنهون خيراج مينگهواڙ ۽ ڪجهه ٻين مينگهواڙن جا ڪجهه گهر هئا جيڪي اڄ به موجود آهن، مونکي چڱي ريت ياد آهي، جڏهن مان ننڍو هئس ته خيراج جي گهرواري اسان جي گهر ايندي هئي، ۽ اسان به سندس گهر وينداهئاسين ، پر جڏهن هولي يا ڏياري ايندي هئي ته مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ اصغر بلوچ سڄو سڄو ڏينهن سندس گهر ۾ سندس پُٽن سان گڏ اهي ڏڻ ملهائيندا هئاسين، ڏياري جا ڏيئا ٻارڻ کان وٺي هولي ۾ رنگ هارڻ ۽ انهن تهوارن تي ڦٽاڪا ڦاڻڻ ۾ ايئن گڏ هوندا هئاسين ڄڻ اها اسان جي عيد هجي، ۽ اسان کي پنهنجي عيد وانگر انهن ڏڻن جي اچڻ جو پڻ بي صبري سان انتظار رهندو هو، خيراج جي گهر واري اسان کي ايڏو ڀانئيندي هئي جو جڏهن پنهنجن پُٽن لاءِ ڦٽاڪا ۽ ٻيو سامان وٺندي هئي ته اسان ٻنهي ڀائرن لاءِ به اهو سڀ ڪجهه وٺندي هئي، انهن ڏينهن ۾ اسان جو کائڻ پيئڻ به سندن گهر ۾ ئي هوندو هو، ۽ جڏهن گهڻي دير اُتي رهن بعد اُتي ئي سمهي رهندا هئاسين ته بابا يا وڏو ڀاءُ اچي اسان کي گهر وٺي ايندو هو، ۽ اسان جي عيدن وارن ڏينهن ۾ سندس پُٽ چتر لال ۽ رائچند وري اسان سان گڏ نوان ڪپڙا پائي راند ڪندا هئا، پر وقت گذرڻ سان گڏ اُهي سڀ خوشيون ڄڻ وقت جي تيز گاڏي هيٺيان لتاڙجي ويون آهن، هاڻ ته رڳو ايم ايم ايس جي ذريعي دوستن کي هولي ۽ ڏياري مبارڪ جا ميسج ڪري ويهي رهندا آهيون، جڏهن ته اسان جي نئين نسل رڳو اسڪول ، ٽيوشن ۽ ڪمپيوٽر تي ويهي اهڙن خوشين جي ڏينهن کي ملهائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، هڪ پاسي ته وقت جي ستم ظريفي اسان کان اُهي خوشيون ڦري ورتيون آهن ته ٻي پاسي ملڪ ۾ گهر ڪري ويل ۽ سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ انتهاپسندي پڻ انهن خوشين کان دور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ سندرا ٻڌي ويٺي آهي، اسان کي اسان جي ملڪ ۾ ته اڳ به مذهبي انتهاپسندي موجود هئي پر هاڻ سنڌ ۾ پڻ اهي ماڻهو سرگرم ٿي رهيا آهن، تازوئي جنهن نموني سان پنڱريو جو واقعو پيش آيو ان واقعي نه رڳو اسان سنڌواسين پر سڄي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، پنڱريو جي تاريخي قبرستان مان هڪ سنڌ جي اصلوڪي رهواسي جو لاش رڳو ان ڪري ٻاهر ڪڍي ان جي تذليل ڪئي ويئي ته ان جو نالو ڀورو ڀيل هو، اسان جي مذهب ۾ ته انسانيت کي وڏي اهميت آهي، جڏهن ته لاشن جي بي حرمتي ڪرڻ کي ڏوهه چيو ويو آهي، پر پنڱريو ۾ ڪجهه ذهني مريضن جيڪا حرڪت ڪئي ان سان سنڌ واسين کي وڏو ڌڪ رسيو آهي، زمين الله جي آهي ۽ مرڻ کانپوءِ سڀني کي حساب ڪتاب به ان وٽ ڏيڻو آهي، جڏهن منهنجو الله ۽ ڀوري ڀيل جو ڀگهوان ساڳيو ئي آهي ته پوءِ الله جي ان زمين ۾ کيس دفن ٿيڻ جو اختيار ڇو نه آهي، ۽ اهي ذهني مريض رڳو ايترو ته ٻڌائين ته ڪنهن لاش کي اهڙي طرح گهلي ۽ کلي آسمان هيٺ اڇلائڻ ڪهڙي انسانيت آهي، ڀور ڀيل ته مري ويو پر پنهنجي موت سان گڏ سڄي سنڌ کي انهن انتهاپسند ۽ ذهني مريضن خلاف جاڳائي ويو آهي، جنهن نموني سان سنڌ واسين سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جنهن نموني سندي وال تي مسلمان هوندي به پاڻ کي ڀيل لکيو ۽ پنهنجي تصوير جي جاءِ تي ڀوري ڀيل جو ڦوٽو هنيو ان جو مثال به سنڌ کانسواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي،  هڪ فيس بُڪ دوست مشتاق راڄپر جي وال تي هڪ تصور سان گڏ “ ها مان ڀيل ، ڪولهي ، دراوڙ ، منگهواڙ ،دلت ، اڇوت آهيان، پر دهشتگرد ، پاگل انتها پسند ناهيان. دراوڙ مشتاق ڪولهي ” جهڙا لفظ پڙهيا ته ڏاڍي خوشي سان گڏ انهن پاڳل انتهاپسندن ۽ ذهني مريضن جي ڪڌي ڪم تي افسوس به ٿيو ته انهن جي حرڪت اڄ سنڌ واسين کي ڏاڍو رنجيده ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ واسين ۽ قوم پرستن جنهن نموني ڀوري ڀيل واري واقعي تي نه رڳو افسوس جو اظهار ڪيو پر ان خلاف جنهن منظم نموني تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ويئي آهي، ته ڪجهه ذهني مريضن جي ڪري سنڌ واسي پنهنجي سنڌيت نه ڇڏيندا، اڄ سڄي سنڌ ڀورو ڀيل ٿي ويئي آهي، سنڌ واسي ڪنهن مذهب ، فرقي يا ذات پات جي نه پر سنڌيت جي جدوجهد ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي اهو سنڌي ڳالهائي يا مارواڙي ، بلوچي ڳالهائي يا سرائڪي، چاهي ڪو شخص سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪلهي تي ويڙهيندو هجي يا پوءِ پٽڪو ۽ بلوچي چبٽ پائيندو هجي يا ته پوءِ ڌوتي ٻڌندو هجي، ۽ ڪو شخص پنهنجي ضرورتن لاءِ ياالله مدد ڪر چوندو هجي يا پوءِ يا علي مشڪل ڪُشا جي صدا بلند ڪندو هجي ، يا پوءِ پنهنجي منو ڪامنا لاءِ جئي بجرنگ بلي  يا  سب ڪا مالڪ ايڪ چوندو هجي اُهو سڀ کان پهرين سنڌي آهي ، ۽ سنڌ جي هر شئي تي ان جو به اوترو ئي حق ۽ اختيار آهي جيترو ڪنهن ٻي جو آهي، اها ڳالهه چڱي ريت چٽي آهي ته جيڪو سنڌ ۾ آهي سو سنڌ جو آهي، ان کي ڪير به سنڌ کان جدا نٿو ڪري سگهي ، سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي جو سنڌ جي زمين تي اوترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻي جو آهي، پر سنڌ جي ان صوفي مزاج جنهن ۾ صرف ۽ صرف محبت ، امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪجي ٿي ان خلاف سازشون ته اڳ کان جاري هيون، پر ڀوري ڀيل وارو واقعو اسان لاءِ ڪنهن وارننگ کان گهٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو غير مسلم تي حملن کي ٺيڪ سمجهندا هجن تن جا ڪارندا سنڌ ۾ پهچي ويا آهن، انهن تي اک رکڻ جي ضروري ٿي ويوآهي، ڀورو ڀيل ته پنهنجي موت کان پوءِ سنڌ کي گڏ ڪري ويو پر اڄ تائين ان واقعي خلاف اسان جي سرڪار پاران ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي، اڄان تائين اُهي ڪردار پڪڙ ۾ نه آيا آهن، ڀوري ڀيل وارو واقعو نه ته اچانڪ ٿيو نه وري اهو اتفاقي واقعو آهي، مان جڏهن هوش محمد منگي سان هڪ وڪيل دوست سنيل ڪمار وٽ ڪنهن ڪم سان وياسين ته اُتي به ڀوري ڀيل جو ذڪر هلي رهيو هو، اُتي خبر پيئي ته اهو واقعو اتفاقي نه آهي، ان علائقي ۾ اهڙو ماحول گهڻو اڳ کان جڙي رهيو هو، جنهن کان اُتي جي انتظاميه شايد خبر هوندي به بي خبر هئي، پر شايد ڀوري ڀيل جي لاش نه رڳو ان سڄي ماحول کي وائکو ڪيو آهي، پر اُهي سازشي ماڻهو به ظاهر ڪري ڇڏيا آهن جن پنهنجي مقصدن خاطر اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو، ان سڄي واقعي جا اثر ايندڙ وقتن ۾ ڪهڙا نڪرندا ان بابت به گهڻو سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪندڙ انهن ماڻهن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي جن سنڌ جي سيني تي وار ڪري کيس زخمي ڪري وڌو آهي، پنڱريو واقعي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، ته جيئن انهن ذهني مريضن کي اهو ٻڌائجي ته ڀورو ڀيل، ڀيل ته پوءِ پر پهرين هُو سنڌي هو ۽ ڪنهن به سنڌي سان اهڙي ذيادتي ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي جنهن کي سنڌ امڙ جي هنج مان ايئن ڇڪي ٻاهر ڪڌي ڦٽو ڪيو وڃي، پنڱريو واقعي بعد هر سنڌي پاڻ کي ڀيل چوائي نه رڳو فخر محسوس ڪري پيو پر سموري سنڌ انهن انتهاپسندن ۽ ذهني مريصن جي منهن تي چماٽ به وهائي ڪڍي آهي جن سمجهيو ته ان حرڪت سان انهن ڪو وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي،  ان سڄي واقعي کي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ سوشل ميڊيا کي پڻ ڪريڊٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان مان اها ڳالهه به واضع ٿي ويئي آهي، ته اسان ڪنهن به شي مان منفي ۽ مثبت فائدا وٺي سگهون ٿا، ڪير ڇا ٿو ڪري اهو ان جو پنهنجو ذهن ۽ ڪم آهي. سنڌي اخبارن ، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا جي ٿورن سان اڄ ڀوري ڀيل جي آتما کي شانتي ضرور ملي هوندي ته منهنجي لاش جي تذليل ڪندڙ اڄ لڪڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن، اهو رڳو ۽ رڳو سنڌ سان محبت ۽ سنڌيت جو ئي نتيجو آهي ته اڄ هر سنڌي هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته “ ها مان ڀورو ڀيل آهيان ” ۽ جڏهن هر سنڌي ڀورو ڀيل معني ڀورو سنڌي ٿي وڃي ته پوءِ ڪنهن کي به ٻيهر اهڙي جرئت نه ٿيندي.
imsbaloch@hotmail.com

Sunday 6 October 2013

Concerns After Pak-Taliban Talks

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3954

طالبان سان ڳالهين کانپوءِ جا خدشا
سرور بلوچ
تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان شاهد الله شاهد جو هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته “ ا سان جي ڪنهن به تنظيم پشاور جي گرجا گهر  تي حملو ته نه ڪيو آهي پر اهو حملو شريعت جي مطابق هو ” طالبان جي ترجمان جي ان بيان نه رڳو پاڪستان پر دنيا  ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ هر سمجهه رکندڙ ماڻهو کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر طالبان ڪهڙي شريعت جي ڳالهه ڪن ٿا، اسلام ته ننڍن سان پيار، وڏن جو احترام ، پاڙي وارن سان سٺي سلوڪ ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ ۽ امن پسند مذهب آهي پر چند مفاد پرست ان جو ڪهڙو روپ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي مقصد خاطر بي گناهن جو خون وهائي رهيا هجن، انهن جي واتان شريعت جي ڳالهه نامناسب آهي، اسلام نه رڳو مسلمان پر انسانيت جو درس ڏنو آهي، اسلام امن جو دين آهي، ۽ اسلام ان اسلامي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن چاهي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب ، فرقي ، رنگ ۽ نسل سان هجي انهن جي جان ومال ، عزت ۽ آبرو جي حفاظت جي ضمانت ڏي ٿو، جڏهن ته هڪ اسلامي رياست ۾ رهندڙ غير مسلم ۽ اقليت جي جان و مال ۽ عزت جي حفاظت هر مسلمان پر خاص طور تي حڪومت تي فرض آهي، ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ غير مسلم شهرين کي به اُهي حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن مسلمان کي حاصل آهن، پشاور ۾ قائم عيسائين جي قديم گرجا گهر تي حملي ڪندڙ طالبان هجن يا ڪي ٻيا پر انهن جي ان عمل کي طالبان بيشڪ شريعت جي مطابق چون پر ملڪ ۾ رهندڙ هڪ وڏي اڪثريت سندن ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇو ته اها ڳالهه واضع ۽ چِٽي آهي ته الله تعالي رب المسلمين نه پر رب العالمين آهي، هُو ڪنهن هڪ قوم ،فرقي ۽ علائقي نه پر پوري ڪائنات جو رب آهي، خالق ڪائنات جيڪي نعمتون خلقيون آهن، اُهي به دنيا جي هر انسان لاءِ آهن، هوا ، روشني ، سردي ، گرمي رڳو مسلمانن لاءِ نه پر دنيا تي رهندڙ هر انسان ، جانور ، ٻوٽن ، جهنگلي جيوت يا سمنڊ ۾ رهندڙ جاندارن لاءِ به آهن، اسلامي معاشري ۾ غير مسلمن کي برابر جا حق آهن پر انهن تي عمل ڪرڻ جي پڻ سختي سان تاڪيد ڪيل آهي، غير مسلم جي حقن بابت حديثن ۾ گهڻو ڪجهه لکيل آهي، 622 عيسوي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا ته اُتي پهرين مسلم رياست جي قيام جو آغاز ٿيو ته پاڻ سڳورن ان جو يقين ڏياريو ته هن رياست م رهندڙ مسلمان ۽ غير مسلم هم آهنگي ، ڀائيڇاري سان رهي سگهندا، ان وقت مديني ۾ يهودي به وڏي تعداد ۾ آباد هئا، نبي ڪريم مسلمانن ۽ مديني ۾ رهندڙ يهودين جي وچ ۾ هڪ معاهدو پڻ تجويز ڪيو، جنهن کي ميثاق مدينه چيو وڃي ٿو ، مسلم اسڪالر ۽ مورخين ان کي عمومي طور تي پهريون تحرير ٿيل رياستي آئين پڻ تسليم ڪن ٿا، ان آئين ۾ مسلم رياست ۾ رهندڙ غير مسلم جا حق بيان ڪيل آهن، جنهن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريم بنا مت ڀيد ۽ مذهب جي فرق جي مسلم رياست ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن ۾ ڀائيچاري کي قائم رکيو، مدينه منوره ۾ قائم اسلامي رياست جيڪا آهستي آهستي پوري خطي ۾ پکڙجي ويئي ته ان وقت مسلمان چاهين ها ته ڏنڊي جي زور تي ماڻهن کي اسلام ۾ آڻي يا پنهنجي علائقن مان بي دخل ڪري سگهن ها، پر جيئن ته اسلام نه ڏنڊي جي زور تي پکڙيو آهي نه وري اسلام بي گناهه کي رڳو ان ڪري مارڻ جي اجازت ڏي ٿو ته هو ڪنهن ٻي مذهب يا فرقي سان تعلق رکي ٿو، اسلام ۽ شريعت جي نالي جو استعمال ڪندڙن شايد اسلام کان واقف ئي ناهن، غير مسلم جي حقن جو تحفظ جنهن انداز ۾ عهد رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم ۽ عهد خلفائي راشدين ۾ ٿيل آهي ان جي مثال سڄي انساني تاريخ ۾ نٿي ملي، ۽ ان بابت حديثن ۾ واضع طور بيان ٿيل آهي ته حضور اڪرم ۽ خلفائي راشدين جي دور ۾ غير مسلم شهرين جي جان و مال ، عزت ۽ آبرو جي حفاظت جا ڪهڙا انتظام هئا،
عهد نبوي ۾ اهلِ نجران سان ٿيل معاهدو مذهبي تحفظ ۽ آزادي ۽ سندن حقن جي وضاحت ڪري ٿو، امام ابو عبيد قاسم بن سلام،امام حميد بن زنجويه،ابن سعد ۽ بلازري روايت ڪن ٿا ته ان معاهدي ۾ حضور اڪرم تحريري فرمان جاري ڪيو ته “الله تعالي ۽ اُن جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم اهلِ نجران ۽ سندن ساٿين لاءِ سندن خون ، سندن جانورن ، مذهب ، زمينن، انهن جي راهب ۽ پادرين ،موجود ۽ غير موجود ماڻهن، سندن مال ۽ قافلن ۽ مذهبي عبادتگاهن وغيره جا ضامن ۽ ذمه دار آهن، هُو جنهن دين ۾ آهن انهن کي سندن دين مان نه ڦرايو ويندو، سندن حقن ۽ سندن عبادگاهن جي حقن ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي ، نه وري ڪنهن راهب ، پادري يا سردار نه وري ڪنهن عبادگاه جي خادم ڀل ان جو عهدو ننڍو هجي يا وڏو کيس نه هٽايو ويندو، انهن کي ڪنهن به قسم جو خوف ۽ خطرو نه هوندو.“ جيئن ته اسلامي رياست ۾ هڪ غير مسلم کي به اوترائي حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن مسلمان کي حاصل آهن، ان حقن ۾ پهريون حق جيڪو اسلامي حڪومت ۽ معاشري پاران ڏنل آهي، اُهو حقِ حفاظت آهي، جيڪو انهن کي هر قسم جي اندروني ۽ ٻاهرين ظلم ۽ ذيادتي خلاف حاصل هوندو، جيئن هو مڪمل طور تي امن ۽ سڪون جي زندگي گذارين،
حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن حجته الوداع جي خطبي ۾ پڻ سڄي نسل انساني کي عزت ، جان ۽ مال جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي،
ڪنهن به مذهب جي مڃيندڙ کي ناحق قتل ڪرڻ ، سندس مال لُٽڻ ، سندس عزت تي حملو ڪرڻ ۽ سندس تذليل ڪرڻ کي حرام ڪوٺيو ويو آهي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته اسلامي رياست ۾ آباد غير مسلم شهري کي قتل ڪرڻ حرام آهي، ۽ ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي ته هو ڪنهن غير مسلم شهري کي قتل ڪري، نه رڳو غير مسلم پر ڪنهن به انسان کي ناحق قتل ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل آهي،
ان بابت نه رڳو حديثن پر آخري ڪتاب قرآن مجيد ۾ ارشاد باري تعالي آهي ته “ جنهن شخص بنا قصاص جي يا زمين ۾ فساد (ڦهلائڻ جي سزا) جي ( بغير ، ناحق ) قتل ڪيو ته ان ( معاشري ) جي سڀني ماڻهن جو قتل ڪيو (المائدة، 5 : 32)
اسلام ۾ نه رڳو غير مسلم جي قتل کان منع ٿيل آهي پر ناحق ڪنهن غير مسلم کي قتل ڪندڙ لاءِ جنت حرام ڪئي ويئي آهي،
حضرت ابوبڪر رضي الله تعالي عنه بيان ڪن ٿا ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو ته“ جيڪو ڪنهن غير مسلم شهري ( معاهد) کي ناحق قتل ڪري ٿو الله تعالي ان تي جنت حرام ڪري ڇڏيندو.” ان حديث ۾ معاهد جو لفظ استمال ڪيل آهي جنهن جو مطلب آهي ته اهڙو شخص جيڪو اسلامي رياست جو رهندڙ هجي يا اهڙي قوم يا گروهه جو ماڻهو جنهن اسلامي رياست سان امن جو معاهدو ڪيو هجي، اڄوڪي جديد دور ۾ ڪنهن به مسلم رياست جو رهندڙ ڪو به شخص ڪنهن به مذهب يا فرقي سان تعلق رکندڙ هجي ۽ هو رياست جي قانون ۽ آئين تي عمل ڪري ان کي مڃيندو هجي اهو ان معاهدي جي زمري ۾ اچن ٿا، جيئن پاڪستان ۾ رهندڙ غير مسلم پاڪستان جي آئين کي مڃين ٿا ۽ پاڪستان جا باقائده شهري ۽ رجسٽر ووٽر آهن، ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مسلم اڪثريت وانگر مڃن ٿا ته هو (معاهد) آهن، جنهن جو ذڪر مٿي حديث ۾ ٿيل آهي.
 ان ڳالهه کان نه رڳو مسلمان پر غير مسلم به واقف آهن ته اسلام امن جو دين آهي، اسلام هميشه جبر ، ناحق قتل ، فساد جهڙن ڪمن کان روڪيو آهي، ناحق ڪنهن انسان جي قتل خاص طور تي غير مسلم جي قتل بابت تمام گهڻيون حديثون موجود آهن، جڏهن ته قرآن مجيد ۾ پڻ ناحق ڪنهن به انسان جي قتل کي سڄي معاشري جو قتل چيو ويو آهي ،
پشاور ۾ گرجا گهر تي ٿيل حملو ڪهڙي شريعت موجب ڪيو ويو ان بابت ته طالبان جي ترجمان جي وضاحت سامهون نه آئي آهي، پر اسلام ۾ ڪنهن به هڪ انسان خاص ڪري غير مسلم جي قتل جي منع ڪئي ويئي آهي، جنهن جي باري ۾ طالبان قرآن ۽ حديثن جو مطالعو ڪري سگهن ٿا.
 هڪ پل لاءِ اسان رڳو اهو سوچيون ته اُهي ماڻهون اسان کي شريعت جي باري ۾ ٻڌائي رهيا آهن جيڪي غير مسلم ته ٺهيو پر مسلمانن جي عبادگاهن تي حملا ڪن ٿا ، شهرن ۾ ڌماڪا ڪري سوين ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب ۽ ڏوهه جي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿا.
اسلام هميشه امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن جا مديني منوره ۾ غير مسلمن سان ڪيل معاهده ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسلام بين المذاهب هم آهنگي (Interfaith harmony)  جي ڳالهه ڪري ٿي .
 حڪومت وٽ شايد ڳالهين کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي، اسلام ۽ شريعت جي نالي تي ماڻهن کي ماريندڙن سان ڳالهيون ته ضرور ڪيون وڃن پر جنهن نموني طالبان جي ترجمان جو بيان سامهون آيو آهي ان کان پوءِ ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته طالبان جي اثر هيٺ رهندڙ انهن علائقن ۾ رهندڙ غير مسلم غير محفوظ بڻجي ويندا، ۽ انهن دهشتگردن جي ڳالهه مڃي وٺڻ کان پوءِ ڇا طالبان رڳو  انهن علائقن تائين محدود رهندا، ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته پنهنجي ڪاميابي کي ڏسي اِهي طالبا ٽولا ٻين علائقن جو پڻ رخ ڪن، ڇو ته شاهد الله شاهد اهو پڻ چيو آهي ته فحال اسان جو آفيس کولڻ جو ارادو نه آهي پر اسين ڪراچي ، اسلام آباد ، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ موجود آهيون، ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي مقصد لاءِ ماڻهن کي مارين ٿا ۽ ڪنهن اهڙي عمل کي شرعي ڪوٺين ٿا جنهن جي باري ۾ حديثن ۾ واضع لکيل هجي ته اهو عمل خراب ۽ ڏوهه آهي، ته اهڙا گروهه اڳتي هلي نه رڳو اسلام پر انسانيت لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا.
imbaloch@hotmail.com

Tuesday 1 October 2013

Pak-Taliban Talks And Office

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3875

طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس ڪٿي کولجي..؟
سرور بلوچ
طالبان سان ڳالهيون ڪجن يا جنگ ، کين معافي ڏجي يا سزائون ، ڳالهين لاءِ ڪهڙيون شرطون رکبيون ۽ ڪهڙيون مڃبيون، اڃان اهو مٿي جو سور لٿو ئي ڪونهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صاحب کي آمريڪي اسٽائل ۽ افغاني طالبان وارو فارمولو ياد اچي ويو آهي، سندس پاڪستاني طالبان کي به آفس کولڻ ڏني وڃي وارو بيان سامهون اچي ويو آهي، پر خان صاحب سندس حڪومتي صوبي پشاور ۾  ٿيندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ تازن حملن مان ناخوش ٿيندي گڏوگڏ اهو بيان به ڏيئي ڇڏيو آهي ته طالبان جا 30 گروپ آهن، آخر ڪنهن سان ڳالهايون ڪجن، سندس خيال آهي ته جنگ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، خان صاحب جي اهڙن بيانن تي طالبان پاران پڻ اهو بيان سامهون آيو آهي ته عمران خان خيالي پُلاءُ پچائي رهيو آهي، پر هڪ سوال هر ماڻهو جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي ته ڇا طالبان ڳالهين لاءِ راضي آهي؟ ۽ ڇا تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري ملڪ ۾ مڪمل امن ڪرائي سگهبو، پر ان سوال جو جواب اڃان تائين رڳو اخباري بيانن ۽ ٽي رپورٽن تائين محدود آهي، ڇو ته اسان کي سرزمين تي اهڙو ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي، منهنجو مطلب هر گز اهو نه آهي ته ڪي پاڪستان حڪومت ۽ طالبان جي ڳالهين کي سئون سڌو ٽي وي چينلن تي ڏيکاريو وڃي، پر ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي جي ڪاروائين مان ڪنهن به صورت اهو نظر نٿو اچي ته ڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ۽ نه وري خفيا ۽ لڪ ڇُپ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو ڪو اثر سامهون اچي رهيو آهي، پشاور ۾ عيسائين جي گرجا گهر ۾ ٿيندڙ 2 بم ڌماڪن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پشاور ۾ ٿيندڙ ان سانحي سبب سڄي ملڪ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي ويئي، ان واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا پڻ ڪيا ويا، ۽ مختلف هنڌان اهي خبرون پڻ آيون پي ته طالبان سان ڳالهين ۾ ڪجهه نه ورندو، اهڙين ڪاروائين مان سندن سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر حڪومت صبر جو مظاهرو ڪندي ظاهري طور تي اهڙو ڪوبه بيان نه ڏنو جنهن مان اهو لڳي ته بس هاڻ ڳالهيون ٿيڻ ممڪن نه آهن، حڪومتي پارٽي پاران ان واقعي جي ٻئي ڏينهن سڌ سما واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو هڪ بيان سامهون آيو ته “طالبان سان ڳالهين لاءِ هر طريقو اختيار ڪنداسين، دهشتگردي کي ڳالهين سان نه ڳنڍيو وڃي، دهشتگردي اڳ به ٿيندي هئي.” پر اها ڳالهه به سامهون رکڻ گهرجي ته جي ڳالهين هوندي اهڙا واقعا ٿيندا رهن ۽ جي اها دهشتگردي ڳالهين کان پوءِ به جاري رهي ته پوءِ سائين جن ۽ حڪومت وٽ ڪهڙو جواب هوندو ان ڳالهه تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ساڳئي ڏينهن هڪ ٻئي خبر جيڪا وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران سامهون آئي ته “پشاور جي واقعي تي دهشتگردن هڪ ٻئي کي مبارڪون ناهن ڏنيون.” سندس چواڻي ته “اڪثر واقعن ۾ دهشتگرد خوشي ملهائي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن، پر هن واقعي بعد اسان اهڙو ڪو فون ٽريس ناهي ڪيو.” وزير موصوف فرمائين ٿا ته “دهشتگردن جا مقصد ڪي ٻيا آهن پر نشانو عام شهري بڻجن ٿا” وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي حيرت سان گڏ افسوس به ٿئي ٿو ته دهشتگردي جي واقعن بعد جڏهن دهشتگرد هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪن ٿا، تڏهن ته اوهان فون ٽريس ڪري وٺو ٿا ته پوءِ واقعن کان اڳ ڇو اهڙا فون ٽريس نٿا ٿين، ۽ اوهان اهو ڪهڙي بنياد تي چئو ٿا ته دهشتگردن جا مقصد ٻيا آهن پر ڀولي ۾ نشانو وري عام شهري بڻجي وڃن ٿا، گڏوگڏ سائين جن اهو به ٻڌائين ته ڇا پشاور جي چرچ ۾ ڪا آمريڪي خاص گڏجاڻي ۽ طالبان تي ڪنهن حملي جي منصوبا بندي ڪئي پئي وئي جو انهن تي حملو ٿيو آخر پشاور جي چرچ ۾ دهشتگردن ڪهڙي مقصد سان حملو ڪيو، ان باري ۾ به ٿوري وضاحت ڪري ڇڏيو هاته بهتر ٿئي ها، پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي بعد تحريڪ طالبان به سامهون اچي بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته ان حملي ۾ اسان جي آشيرواد هيٺ هلندڙ ڪنهن به ذيلي تنظيم جو جو هٿ نه آهي، واقعي جي ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ خانگي ٽي وي موجب تحريڪ طالبان جي ترجمان شاهد الله شاهد جو بيان سامهون آيو ته “ان حملي جي ذميواري جندالله نالي تنظيم قبولي آهي، جنهن سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي، اسان جي هڪ ذيلي تنظيم جند الحفصه آهي جنهن ذميواري قبول نه ڪئي آهي، ان ڪري ان حملي جو الزام اسان مٿان نه مڙهيو وڃي” تحريڪ طالبان جي ان بيان کان پوءِ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي ته آخر امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن، دهشتگردي جي سڀ کان وڏين واقعن جي ذميواري قبوليندڙ تحريڪ طالبان هن ايڏي وڏي واقعي ۾ ملوث ۽ سندس ڪا ذيلي تنظيم شامل نه آهي ته پوءِ اها وري ڪهڙي تنظيم آهي جنهن هيڏي وڏي ڪارروائي ڪئي، اڃان ان ڪاروائي جا زخم ڀريا ئي نه هئا ته پشاور وري ڌماڪن مان گونججي ويو، پشاور ۾ سول سيڪريٽيريٽ جا ملازم پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري وڃي رهيا هئا ته سندن بس اندر ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 2 عورتن سميت 19 کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ 40 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا، اڃان ان واقعي جو درد گهٽيو ئي نه هو وري هڪ دردناڪ حملو پشاور جي مشهور قصه خواني بازار ۾ ٿيو جتي پڻ 41 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 80کان وڌيڪ  ماڻهو  زخمي ٿي پيا، ان واقعي ۾ هڪ اهڙي بدنصيب خاندان جا 18 ماڻهو به مارجي ويا جيڪي پنهنجي مائٽن کي ڪنهن شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ ۽ شادي جي خريداري ڪرڻ لاءِ شب قدر کان پشاور پهتا هئا، جتي ساڻن اهو حادثو پيش آيو، شادي جي خوشين واري گهر ۾ ماتم جو سبب بڻجندڙ طالبان جا مقصد سمجهه کان ٻاهر آهن، عيسائين جي گرجا گهر تي حملي ۾ کڻي تحريڪ طالبان ملوث نه هجي پر ملڪ ۾ ٿيندڙ ٻين ڪيترن ئي واقعن جي  هنن ذميواري قبولي اهو ثابت ڪيو ته هُو ڳالهيون بندوق جي زور تي ڪرڻ چاهين ٿا،  نيويارڪ ۾ آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان  چيو ته ڳالهين جي آڇ طالبان طرفان ڪئي وئي حڪومت سڀني سان اتفاق بعد ان جو مثبت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت واضح ڪري چڪي آهي ته دهشتگردي قبول ناهي ۽ هاڻي طالبان جي جواب جو انتظار آهي جيڪڏهن ڳالهين لاءِ تيار ٿين ٿا ته هٿيار ڦٽا ڪري آئين جي پوئيواري ڪرڻي پوندي، سندس اهڙي بيان تي ناراض ٿيل طالبان چوي ٿي ته اسان بندوق سان گڏ ڳالهيون ڪنداسين، اسان کي وزير اعظم تي اعتماد ناهي ۽ اسان پاڪستان جي آئين کي مڃون ئي ڪونه ٿا ته ان تحت ڳالهيون ڪيئن ڪيون، طالبان انتهائي فخريا انداز ۾ اهي بيان ڏيئي رهيا آهن ته اسان اڳ کان وڌيڪ مظبوط آهيون، ڪاروائي ٿي ته مقابلو ڪنداسين، ڳالهين لاءِ سندن ساڳيا شرط آهن جيڪي اڳ به سامهون آيا آهن، ڊرون حملا بند ڪرايو، سمورن طالبان قيدين کي آزادڪيو، اسان جي اثر هيٺ هلندڙ علائقا اسان جي حوالي ڪيو، انهن علائقن ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون نه پر طالبان جي مرضي مطابق جوڙيل قانون هلايو ويندو، ڊرون حملن يا نواز شريف جي ان بيان جي جواب ۾ طالبان معصوم شهرين تي حملا ڪرڻ ۽ عام شهرين کي مارڻ پويان پنهنجي دهشت قائم ڪرڻ کانسواءِ طالبان جو ٻيو ڪوبه مقصد نه نظر نٿو اچي، اسان هڪ پل لاءِ انهن سڀني واقعن کي درگذر ڪري تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري به وٺون ته ڇا ان سان ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگري رڪجي ويندي، گرجا گهر تي حملي ڪوئٽه ۾ هزاره برادري تي ٿيندڙ حملن ۽ ٻين ڪيترن ئي حملن ۾ اهڙن تنظيمن جا نالا سامهون آيا آهن، جن جو تحريڪ طالبان سان واسطو نه آهي، جي ايئن آهي ته پوءِ عمران خان واري ڳالهه وانگر آخر ڪنهن ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن ته جيئن ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهجي، حڪومت کڻي نه چاهيندي به تحريڪ طالبان ۽ سندس اثر هيٺ هلندڙ تنظيمين جا مطالبا مڃي به وٺي، پر مذهب ۽ فرقي جي نالي تي ٿيندڙ حملن کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهندو، ان لاءِ وري ڪنهن سان ڳالهاهيون ڪبيون، جيئين ته تحريڪ انصاف طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس کولڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، عمران خان جي ڳالهه ته طالبان کي آفس کولي ڏجي ته جيئن ڳالهيون ٿي سگهن ، پر خان صاحب اها ڳالهه نه ٻڌائي ته آفس کولجي ته پوءِ ڪٿي، افغاني طالبان ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ دوحه قطر ۾ پنهنجي آفس کولي ڇڏي پر هاڻ پاڪستاني طالبان کي ڪٿي آفس کولڻ گهرجي، ڇو ته پاڪستان جي ڪنهن وڏي شهر ۾ جي آفس کوليو ويو ته هنن جي نه رڳو نگراني ٿيندي پر سندن رابطن ۽ ڪاروائين تي به نظر رکڻ آسان ٿيندو، جيڪا ڳالهه طالبان به چڱي ريت ڄاڻي ٿي،  پر جي پاڪستان ۾ طالبان آفس نٿو کُلي ته پوءِ پاڪستاني طالبان ۽ پاڪستاني حڪومت لاءِ آخر ڪهڙو ملڪ هوندو جيڪو کين رڳو آفس کولڻ ڏي ۽ سندس ڳالهين ۾ به مدد ڪري، اسان پنهنجن پاڙيسيري ملڪن ۾ ڏسون ته رڳو مسلمان ملڪ رڳو ايران آهي پر لڳي نه ٿو ته هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن آفس جي اجازت ڏين، باقي مسمانن ۾ ڪجهه عرب ملڪ آهن جيڪي شايد هاڪاري ۾ جواب ڏين، جن ۾ قطر به ٿي سگهي ٿو ڇو ته قطر ۾ اڳ به افغان طالبان جي آفس کليل آهي شايد ٻي جي اجازت به ملي وڃي،  ٻين مسلمان ملڪن ۾ سعودي عرب به اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڪستان حڪومت جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، پر اهو اڃان فيصلو ئي نه ٿي سگهيو آهي ته طالبان کي ڳالهين لاءِ آفيس کولڻ گهرجي به يا نه پر جي طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس کلي به وڃي ته ڇا ان ۾ مان ڪا تڪڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته اڃان افغان طالبان واري قطر جي آفس مان به ڪا خاص اميد نظر نه آئي آهي. پر وري به جي خان صاحب جي خواهش آهي ته پاڪستاني طالبان ۽ حڪومت ڳالهين لاءِ آفيس کولي ته پوءِ ان تي غور ڪرڻ گهرجي ته اها آفيس ڪٿي کولڻ گهرجي.
imsbaloch@hotmail.com