Tuesday 2 July 2013

Begging bowl broken but no problem


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2325

ڪشڪول ڀڄي پيو ته ڇا ٿيو
سرور بلوچ
توهان جي اڪائونٽ ۾ ايترا پئسا ئي ناهن، جڏهن مون اي ٽي ايم مشين تي اهو مسيج پڙهيو ته سوچڻ لڳس ته ڪجهه ڏينهن اڳ ئي ته مون اڪائونٽ ۾ پئسا جمع ڪرايا هئا، آخر اُهي ڪيڏانهن ويا، پوءِ ياد آيو ته مان ڪجهه ڏينهن اڳ پئسا جمع ڪرائڻ بئنڪ ويس ته انهن جو ڪمپيوٽر خراب هو جنهن تي ڪيشيئر چيو پئسا ڏيئي وڃو جمع ڪري ڇڏيندس، باقي  رسيد پوءِ کڻي وڃجو، پر مون کي يادگيرو نه رهيو ان لاءِ رسيد کڻڻ نه ويس، سوچم شايد ڪيشيئر ڪٿي پئسا جمع ڪرائڻ وسري ته ويو آهي، بئنڪ جو وقت ختم ٿي ويو هو، ان ڪري اُتي ڪم ڪندڙ هڪ دوست کي فون ڪيم ته هن اڪائونٽ بيلنس چيڪ ڪري ٻڌايو ته اڪائونٽ ۾ پئسا جمع ٿي وياآهن، نيٽورڪ جو ڪو مسئلو آهي ان ڪري ڪجهه وقت لڳي ويندو. کيسي ڏانهن نهاريم ته هڪ سائو نوٽ پيل هو سو وڃي هڪ دڪان تي ڪجهه سامان خريد ڪري ۽ پئسا کپائي جيئن ئي گهر وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي چڙهيس ته پويان هڪ آواز آئي، 10 روپين جو سوال آهي، پوئتي نهاريم ته هڪ پنڻي بيٺي سدا هڻي رهي هئي، کيسو خالي هو، سو چيم معاف ڪر مائي، هن وري سدا هنئي هي ڀائي 10 روپيا ڏي سهڻي ڪنوار ملندئي ، مون هن ڏانهن نهاريندي دل ۾ چيو ته ڏهن روپين ۾ جي ڪنوار يا گهوٽ ملي ها ته ڏاج جي سُوران نياڻيون گهر نه ويٺيون هجن ها، موٽرسائيڪل کي ڪڪ هڻي وڃڻ لڳس ته پنڻي ٻانهن مان جهيلندي چيو موٽر سائيڪل تي چڙهين ٿو، ۽ تو وٽ 10 روپيا ناهن، پنڻي کي چتائيندي ڏسي چيم تون پنڻ ٿي گهرين يا مان تهنجو قرضي آهيان، هيڏانهن هوڏانهن نهاريم ته پنج کان وڌيڪ ننڍا ٻار ۽ عورتون پني رهي هيون، مون کي ياد پوي ٿوته ننڍي هوندي ڏسندا هئاسين ته جڏهن ڪو پنڻ وارو ايدو هو سندس هٿ ۾ ڪشتو (ڪشڪول) ضرور هوندو هو، لڳي ٿو موجوده وزير اعظم جي پراڻي حڪومتي دور جي بيان وارن ڏينهن ۾ پنڻن ڪشڪول ڀڃي ڇڏيا هئا،  ان ڪري هاڻ نظر نٿا اچن. نواز شريف 1997 ۾ ملڪ کي پرڏيهي قرضن مان جان ڇڏائڻ لاءِ قرض اُتارو ، ملڪ سنوارو جو نعرو هنيو ته ماڻهن گهڻائي پئسا ڏنا ، عورتن ته پنهنجا سونا زيور به ملڪ کي پرڏيهي قرض مان آجي ڪرائڻ لاءِ ڏنا،  قرض ته ٺهيو پر پئسا به الائي ڪيڏانهن ويا، نواز شريف جوش خطابت ۾ سدائين چوندو هو “هم ني ڪشڪول توڙ ديا هي”  هاڻ ڪنهن آڏو هٿ نه ٽنگينداسين، نواز شريف پنهنجن اڳين حڪومتي دورن ۾ قرض اُتارو ، ملڪ سنوارو ۽ ڪشڪول ٽوڙڻ جا نعرا هڻي وڏي رقم ته گڏ ڪئي، پر ان جو حساب ڪتاب ڪڏهن به سامهون نه آيو، سندس ان نعري تي ماڻهو اڄ به تنقيد ڪندا آهن ته “ نه قرض اُترا نه ملڪ سنورا ، بلڪه رائيونڊ سونرا ” ڪشڪول ٽوڙنڻ جي ڳالهه ڪندڙ نواز شريف اهو سوچيو ئي نه هو ته ايندڙ وقتن ۾ ڇا ٿيندو، نواز شريف ٽيهر وزيراعظم ته ٿي ويو پر ملڪ جون حالتون اهڙيون نه آهن، جو هو سولائي سان حڪومت هلائي سگهي،  ملڪ ۾ وڌندڙ دهشتگردي سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي ، سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ ماڻهن جي ٽارگٽ ڪنلگ ۽ شهر ۾ هڙتال ڪاروباري ماڻهن کي سخت پريشاني ۾ وجهي ڇڏيو آهي، هڪ پاسي ته هڙتالن جي ڪري اربين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي ته ٻي پاسي ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ پورهيت ۽ سندن گهر ڀاتي فاقه ڪشي جي صورتحال کي منهن ڏيندا آهن، ملڪ ۾ دهشتگردي سان گڏ بجلي جي لوڊشيڊنگ به ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آهي، روزانو 8 کان 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ هڪ پاسي عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ته ٻي پاسي ڪاروبار پڻ سخت متاثر ٿي رهيو آهي، اهڙن حالتن ۾ عام ماڻهن سان گڏ حڪومتي خزاني کي پڻ تمام گهڻو نقصان پهچي رهيو آهي، نئين حڪومت نئون بجٽ ته پيش ڪري ڇڏيو آهي، پر ان تي اڃان تائين عمل نه ڪرائي سگهيا آهن، سيلز ٽئڪس جي واپسي به حڪومت کي منجهائي ڇڏيو آهي، هڪ پاسي ملڪي صورتحال ته ٻئي پاسي پرڏيهي قرض حڪومت لاءِ وڏا چيلنج بڻجي ويا آهن. گذريل حڪومتي دورن ۾ آئي ايم ايف کان ورتل قرض نواز حڪومت کي ادا ڪرڻا آهن، ناڻي جي وزير اسحاق ڊار موجب پاڪستان 14 ارب کان وڌيڪ جو قرضي ٿي چڪو آهي ۽ ان قرض کي لاهڻ لاءِ حڪومت وڌيڪ قرض وٺڻ جي تياري ڪري رهي آهي، پاڪستان آئي ايم ايف کان 5 ارب ڊالر وٺڻ جي تياري ڪري رهي آهي، ان سلسلي پاڪستان جي نمائندگي ناڻي جو وزير اسحاق ڊار جڏهن ته آئي ايم ايف جي وفد جي اڳواڻي جيفري فرنڪ ڪندو،  پر حيرت جي ڳالهه آهي ته ناڻي وارو وزير قرضي هوندي به چوي پيو ته آئي ايم ايف جي شرطن تي قرض نه وٺنداسين، اسان جي شرطن تي قرض نه مليو ته واپس موٽي اينداسين، پر ڇا اهو ممڪن هوندو ته مقروض وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ پنهجون شرطون رکي سگهي، پاڪستان جون حالتون اهڙيون نه آهن جو نواز حڪومت پنهنجي شرط تي قرض وٺي سگهي، جڏهن ته آئي ايم ايف کان پراڻا قرض لاهڻ لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا ۽ ان صورت ۾ آئي ايم جون شرطون به مڃڻيون پونديون ، ۽ آئي ايم ايف جي شرطن تي هلندي حڪومت کي سبسڊي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا ، جنهن سان تيل ، گئس ، بجلي ۽ ٻين شين جي اگهن ۾ اضافو ڪرڻو پوندو، وقت وڏو بي رحم هوندو آهي، ڪشڪول ٽوڙڻ ۽ پرڏيهي قرض نه وٺڻ جا نعرا هڻدڙ اڄ پاڻ ان حالت تي پهچي ويا آهن، جو انهن کي حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ لاءِ قرض وٺڻو پئجي رهيو آهي، بس فرق ايترو آهي ته جيئن پنڻي فقيرياڻي منهنجي ٻانهن جهلندي چيو ته موٽر سائيڪل تي هلين ٿو ڏيڻ لاءِ ڏهه روپيا ناهن ۽ اڄ جي دور ۾ ڪنهن پنڻي وٽ ڪشڪول ناهي ، ساڳئي طريقي سان ناڻي جو وزير چوي ٿو اسان پنڻ لاءِ نپا وڃون،  قرض وٺڻ اسان جو حق آهي، سو اسحاق ڊار قرض ضرور وٺندو پر بنا ڪشڪول جي ، ڇو ته ڪشڪول نواز شريف ڀڃائي ڇڏيا هئا. 
imsbaloch@aol.com          

No comments:

Post a Comment