Friday 27 September 2013

Insensitive society and callous attitude of Government

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3799

بي حس معاشرو ۽ بي حس حڪومتون
سرور بلوچ
جنهن ملڪ جي اسمبلي اجلاس ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ته زلزلي تي ايوان ۾ بي حسي آهي ته پوءِ هن ملڪ ۽ عوام جو الله ئي مالڪ آهي ، ساڳئي اجلاس ۾ زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن لاءِ مختص ڪيل فنڊن ۾ گهوٻين جون ڳالهيون به سامهون آيون آهن ، مخصوص ماڻهن جي نالي تي اهي پئسا ڪرپشن جي نظر ٿيا جيڪي ٻوڏ ۽ زلزلي متاثرن لاءِ آيل هئا، ته پوءِ سائين ڪيو ڪاروائي اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي ، پر جڏهن معاشرو ، اسمبلي ۽ حڪومتون بي حس هجن ته پوءِ ڪنهن آڏو دانهجي، بلوچستان جي پسماندي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته سدائين زلزلن، برساتن ۽ سيلابن جي عذاب مان گذرندڙ مقامي ماڻهو پنهنجن پيارن جون زندگيون بچائڻ کان به لاچار آهن، ڇو ته بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن، قدرتي وسيلن کان مالا مال هوندي به بلوچستان جا ماڻهو سدائين پنهنجن ڏکن ۽ سورن جي روداد بيان ڪندا رهيا آهن، انتظاميه جي بي حسي ته پنهنجي جاءِ تي پر ميڊيا لاءِ به شايد بلوچستان جي آوارن واري علائقي ۾ ماڻهن جي مارجڻ واري خبر کان وڌيڪ ته گوادر ويجهو سمنڊ مان نڪتل اهو جزيرو هو، جنهن کي هيڊ لائن طور پيش ڪرڻ شايد انهن لاءِ ماڻهن جي موت کان وڌيڪ فائدي وارو آهي، ڇو ته ماڻهو ته روز ڪيترائي مرن ٿا، پر اهو جزيرو شايد پنجاهه سالن کان پوءِ ظاهر ٿيو آهي، ميڊيا کي بيشڪ عوام جي آواز پهچائڻ جو ذريعو چئبو هجي پر جڏهن هن ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪئي ته پوءِ ان ۾ ماڻهن جو احساس ختم ۽ ڪمائي جا نوان طريقا ڳولڻ جي ڊوڙ شروع ٿي ويئي، بي حسي رڳو ميڊيا تائين محدود نه آهي، پر هتي ته سڄو معاشرو ئي بي حس بڻجي رهيو آهي، اسان حڪومتن تي ڏوهه ته ڏيون ٿا پر حڪومتن ۾ ويٺل ماڻهو نه ته ڪا ٻي مخلوق آهن نه وري هو اسان کا جدا آهن، اسان جي معاشري مان نڪتل اُهي ماڻهو اڄ اسان مٿان حڪومت ڪري رهيا آهن، جڏهن معاشرو ئي بي حس ٿي وڃي ته اُتي حڪومتن مان ڪا اميد ڪرڻ بي وقوفي کان گهٽ نه آهي، مان ڪراچي مان ڪوچ ذريعي سانگهڙ اچي رهيو هئس ته ان ڏينهن صدر کان ٿورو اڳتي گاڏيون بيٺل ڏسي ۽ ٽي وي چيئنلن جون ڊي ايس اين جي ( لائيو گاڏيون ) ڏسي پهرين ته ائين لڳو شايد ڪو وڏو واقعو ٿيو آهي، جنهن ڪري رستو بند آهي ، اڃان ان بابت سوچي ئي رهيو هئس ته پر اسان جي ڪوچ واري ڊرائيور نه هم ڪئي نه تُم گاڏي ورائي ٻي روڊ تي هلڻ لڳو، هن بي حس هڪ پل لاءِ به اهو نه سوچيو ته ان جي اهڙي حرڪت سان ايندڙ گاڏين جو نه رڳو رستو رڪندو پر ٽريفڪ شديد جام ٿي سگهي ٿو ۽ ان هڪ پل لاءِ اهو به نه سوچيو ته ڪنهن ڳڙٻڙ جي صورت ۾ سندس ڪوچ ۾ ويٺل ماڻهن جو ڇا ٿيندو، ڪوچ اڃان ٿورو اڳتي مس وڌي ته سامهون ايندڙ هڪ ڪار کي ٽڪر لڳندي لڳندي بچي ۽ سامهون ڪار وارو همراه بند شيشن ۾ هٿ لوڏي ڪجهه چئي رهيو هو، سندس هٿ لوڏڻ ۽ چهري تي سندس ڪاوڙ مان اهو واضع هو ته هو گاريون ڏيئي رهيو هو، ڪار واري کي شديد ڪاوڙ ۾ ڏسي سندس پاسي سيٽ تي ويٺل هڪ عورت ( شايد سندس گهر واري هجيس ) سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس سمجهائي رهي هئي ته ڪنهن ڪنهن سان جهيڙو ڪنداسين هن بس جي پويان سوين گاڏيون غلط رستو وٺيو پيون اچن، جڏهن ٿورو اڳتي نڪتاسين ته ڏسڻ ۾ آيو ته ڪجهه عورتون ۽ مرد پشاور واقعي خلاف احتجاج ڪري رهيون هنيون جنهن ڪري روڊ بند هو، پشاور جو واقعو ڪنهن ڪيو ڇو ڪيو ۽ اُهي هٿ ڪڏهن سامهون به ايندا يا نه اهو ته چوڻ ته وقت کان اڳ آهي پر طالبان گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي ڇڏيو آهي ته اسان جي ڪنهن به ٽولي اهو حملو نه ڪيو آهي، جيئن ته اسان ماڻهن جي بي حسي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون،  پشاور واقعي بابت ڪنهن دوست سان ڳالهه ڪري رهيو هوس ته هن بنا دير جواب ڏنو يار هتي روز مسلمان پيا مرن اڄ گرجا گهر تي حملو ٿي ويو ته ميڊيا ۽ ماڻهن ممڻ مچائي ڇڏيو آهي، اهي واقعا ته روز جو معمول آهن ، هن ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي، ان شخص جي بي حسي ڏسي مان وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهيس، قصور هن شخص جو به نه هو اسان جو سڄو معاشرو ئي اهڙن واقعن کي روز روز ڏسي هاڻ انهن ۾ احساس جو مادو ختم ٿي ويو آهي، تازو بلوچستان ۾ آيل زلزلي سبب 360 کان وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي آهن، بلوچستان جي ماڻهن سان به حسي وارو رويو گذريل سٺ سالن کان روا رکيو ويو آهي، ان جي ذميوار وقافي ۽ صوبائي حڪومتون هجن يا مقامي قيادتون پر بلوچستان جي اڪثر علائقن جا عام ماڻهو ان بي حس رويي سبب شديد ناراض ۽ ڏکايل آهن، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب ڪنهن به قدرتي آفت جي سلسلي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ۽ متاثرن تائين امداد پهچڻ سدائين هڪ ڏکيو مرحلو رهيو آهي، ڇو ته بلوچستان جي اڪثر ڏورانهن علائن ۾ روڊ رستن جي سهولتون موجود ئي ناهن ، اسان کي ڪٿي ته 2 ، 3 يا 4 لائنن جا هاءِ وي ۽ موٽر وي ته نظر اچن ٿيون ۽ ڪٿي ته ڪنهن هڪ وڏيري ، ڀوتار يا چوڌري کي خوش رکڻ لاءِ سندس اوطاق تائين ته روڊ ٺاهيو وڃي ٿو پر جيڪي اصل حقدار ۽ ضرورتمند آهن تن کي ان بنيادي سهولت کان به محروم رکبو آهي، ملڪ ۾ هڪ پاسي ته ليپ ٽاپ ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر ٻئي پاسي بلوچستان جهڙو مالا صوبو انهن ڪچن ، پٿر ۽ مٽي جي ٺهيل گهرن تي مشتمل آهي جتي ڪنهن به قدرتي آفت جي سلسلي ۾ علائقي واسين پاران جوڙايل اهي پناهه گاهون ئي سندن موت جو سامان بڻجي وڃن ٿيون، گذريل سٺن سالن ۾ بلوچستان جي ساحل ۽ وسائل مان فائدو وٺندڙ حڪومتن بلوچستان کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ جون دعوائون ته ڪيون پر اڳ آيل برساتن ۽ سيلابن جڏهن ته هاڻوڪي زلزلي انهن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، بلوچستان جي ستن ضلعن گوادر ، تربت ، خضدار ، ڪيچ ، آواران ، پنجگور ۽ چاغي ۾ زلزلي تباهي مچائي آهي، پر زلزلي سڀ کان وڌيڪ آواران ضلعي ۾ تباهي آندي آهي، آواران کي 11 نومبر 1992 ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو،  جيڪو هن وقت کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، 21 هزار 6 سو 30 اسڪوائر ڪلو ميٽر تي پکڙيل آواران ۾ هن وقت هر پاسي پٽ پيل جايون، کلي آسمان هيٺ ويٺل عورتون ۽ ٻارڙا ۽ هر پاسي پنهنجن پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي ماتم ڪري رهيون آهن ، 1995 جي انگ اکرن موجب 1 لک 69 هزار 4 سو 32 جي آبادي جي اڪثريت پنهن پيارن جي لاشن کي دفنائڻ ۽ ڪي وري پنهنجن لاپته ٿيل عزيزن جي لاشن کي پٽ پيل گهرن مان ڪڍڻ ۾ لڳل آهن،  بلوچستان ۾ آيل زلزلي سبب 360 فوتين ۾ هڪ ئي خاندان جا ٻه يا ٽي ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته هڪڙي خاندان جا 18 ماڻهو هن حادثي سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته زلزلي سبب سوين ماڻهو زخمي آهن، هزارين ماڻهو شديد خوف واري ماحول ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، آواران جتي روڊ رستا ته ٺهيو پر سڄي ضلعي ۾  صحت جي بهتر سهولت ميسر ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو موجود نه آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته زخمين کي ڪراچي آندو پيو وڃي، زلزلا ، برساتون ، سيلاب ته قدرتي آفتون آهن، انهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي پر بهتر رهائشي سهولتون ، صحت جا انتظام، روڊ رستن جي سهولتن سبب گهٽ ۾ گهٽ متاثرن جي واهر ته ڪري سگهجي ٿي، پر اسان کي ملڪ جي ٻين علائقن وانگر بوچستان ۾ به ڪجهه نظر نه آيو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ شايد اهڙو زلزلو اچي ها ته صوبائي يا وفاقي حڪومتون يڪدم سامهون اچن ها، پر افسوس ته بلوچستان جو وزير اعلي لنڊن جي دوري تي ويل آهي، 6 ڪلاڪ ۾  بلوچستان پهچڻ وارو سفر سائين جن ٻن ڏينهن تائين نه ڪري سگهيو آهي، بلوچستان ۾ نه ته ڪابينا آهي ته وري ڪا صوبائي مشينري جيڪا هن ايڏي وڏي سانحي کي منهن ڏيئي سگهي، سرڪاري مشينري ضرور پنهجي ڪم تي لڳل آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هن وقت بلوچستان جي زلزلي متاثر علائقي تربت ۾ جنم وٺندڙ مڊل ڪلاس مان تعلق رکندڙ وزير اعلي کي پنهنجن علائقي واسين سان گڏ هجڻ گهرجي ها، هن وقت وزير اعلي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ لاءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو دورو ۽ ڪنهن خاص تقريب يا ميٽنگ کان اهم سندس عوام آهي، جتي هن جنم ورتو ۽ جنهن ماڻهن جي ووٽن سان هُو وزير اعلي بڻيو آهي، پر شايد حڪومت جو نشو سائين جن کي سڀ  ڪجهه ڀُلائي ڇڏيو آهي ۽ حڪومتي ڪُرسي جي نشي کيس به بي حس بڻائي ڇڏيو آهي،
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment