Sunday 15 September 2013

Karachi operation and MQM's Trouble

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3620

ڪراچي آپريشن ۽ متحده جي پريشاني
سرور بلوچ
ڪراچي جي حالتن تي اسمبلي جي اجلاسن ۽ ٻاهر هاءِ گهوڙا ڪندڙ پارٽين ۾ سڀ کان اڳيان متحده رهي آهي ، ۽ هميشه ڪراچي جي حالتن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي ذميوار حڪومت کي ڪوٺيندي رهي آهي ، پر جڏهن پاڻ حڪومتي بئنچن تي هوندي آهي ته انهن جو وريو مختلف هوندو آهي ، سمجهون ٿا اهائي ته سياسيت آهي ، پر ان سياست ۾ رياست کي ٽوڙڻ جي سوچ ڏاڍي ڳري ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، متحده قومي موومنٽ ڪراچي ۾ امن امان جي حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي کين سخت مخالفت جو سامهون ڪرڻو پيو، جنهن بعد سڀني پارٽين اهو فيصلو ڪيو ته پوليس ۽ رينجرز کي مڪمل اختيار ڏئي ٽارگٽڊ آپريشن ڪيا وڃن، حڪومتي احڪامن بعد رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون شروع ڪيون ۽ مختلف علائقن مان گرفتاريون ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جون دعوائون پڻ سامهون اچي رهيون آهن، سڪيورٽي ادارا ڪاروائي دوران اها ڳالهه به ڪندا رهيا آهن ، سياسي پارٽين ۾ موجود هٿيار بند به ڪنهن حد تائين ڪراچي جي بدامني ۾ ملوث آهن، جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته هاڻ ڪجهه ٻيون قوتون پڻ ان شهر ۾ داخل ٿي ڪاروائيون ڪري رهيون آهن، رينجرز پاران ڪراچي ۾ ٽارگٽڊ آپريشن هلندڙ آهي ، رينجرز جڏهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪندو متحده جي اثر وارن علائقن ۾ داخل ٿي ته وري متحده پاران هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويئي آهي، پر اها هاءِ گهوڙا ان وقت پُرتشدد ٿي ويئي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي نديم هاشمي کي ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو ، ان واقعي جي خبر ايندي ئي مڇريل ماڻهن نه رڳو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪندي شهر کي بند ڪرايو پر بسون ، رڪشا ۽ موٽر سائيڪلن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ هٿيارن جي زور تي دڪانون بند ڪرايون ويون، ۽ متحده جي اڳواڻن پاران بيان پڻ اچڻ شروع ٿي ويا ، متحده اڳواڻ حيدر عباس پنهنجي علائقن ۾ ٽارگٽڊ آپريشن کان پوءِ چوڻ لڳو ته آپريشن سياسي رنگ اختيار ڪري رهيو آهي، بابر غوري پڻ گهرو وزير کي فون ڪري آپريشن کي سياسي رنگ ڏيڻ جا خدشا ظاهر ڪرڻ شروع ٿي ويو، ان ئي دوران متحده سربراهه الطاف حسين جو بيان پڻ اچي ويو ته متحده خلاف 1992 ع جهڙو آپريشن ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪارڪن رياستي ظلم ۽  بربريت سهڻ لاءِ ذهني طور تيار رهن، جڏهن ته سنڌ جي 11 سالن تائين رهندڙ گورنر جي استعيفي ڏيڻ جي خبر پڻ سامهون آئي آهي پر گهرو وزير پاران ساڻس رابطي جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن، آپريشن بابت سندس تحفظات دور ڪرڻ جي ڳالهيون پڻ گردش ڪري رهيون آهن، متحده ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ سڄي ڪراچي ۾ بنا ڪنهن فرق جي آپريشن جي مخالفت ڇو ڪري رهي آهي ، متحده جي اثر وارن علائقن ۾ آپريشن ٿيڻ بعد آپريشن کي شڪي ۽ سياسي ٿيڻ جا بيان ڇو ڏنا پيا وڃن، ڪراچي ۾ آپريشن جي ڳالهه ڪندڙ متحده هاڻ ڪهڙي پريشاني ۾ وٺجي ويئي آهي ، متحده جي اهڙن بيانن مان اها ڳالهه ته واضع ٿي رهي آهي ته متحده رڳو انهن علائقن ۾ ڪاروائي ڪرائڻ گهري ٿي جتي سندس مخالف رهندڙ هجن ، متحده ڪراچي ۾ امن نه پر پنهنجا مخالف ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن چاهي ٿي جيڪو ڪنهن به صورت ممڪن ٿيندي نظر نٿو اچي، متحده پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سڏائي ٿي ۽ چوي ٿي ته اسان وٽ ڪا به هٿياربند ونگ نه آهي ته پوءِ هنن کي پنهنجن علائقن ۾ آپريشن ٿيڻ تي ايڏي ڳڻتي ڇو آهي ، متحده جو ايم پي اي بيگناهه آهي ته پوءِ پريشاني ڇا جي آهي ۽ ڪنهن ايم پي اي جي گرفتاري تي شهرن ۾ هڙتال ڪرائي گاڏيون ساڙڻ ڪنهن سياسي ۽ جمهوري پارٽي جو وڙ ته نه آهي، لياري مان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي جي  ايم اين اي شاجهان بلوچ به ته پوليس هراست مان اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويو هو ، هو به چوي ٿو ته مان بيگناهه آهيان مون تي ڪوڙا ڪيس آهن پر سندس ڪارڪنن سندس گرفتاري تي اهڙي ڪاروائي نه ڪئي جهڙي متحده ڪري پنهنجي پت وائکي ڪئي آهي، جڏهن عدالتون موجود آهن ۽ ڪو بيگناهه آهي ته پوءِ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪراچي جي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ آپريشن کي ڪنهن هڪ علائقي نه پر هر علائقي ۽ گهر گهر تائين وسيع ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان آپريشن جو ڪو به فائدو نه ملندو، حڪومت کي به آپريشن کي سياسي متڀيد کان مٿاهون ٿي نه رڳو جاري پر تيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جيئين جيئن متحده جي علائقن ۾ آپريشن ٿيندو ، انهن پاران هاءِ گهوڙا به شروع ٿي ويندي ۽ جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته نام نهاد ميڊيا انهن جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ حڪومت جي ڪنهن به درست فيصلي کي متحده ميڊيا جي ذريعي نوڙي مان نانگ ٺاهي حڪومت خلاف استعمال ڪندي، ان جو اشارو الطاف حسين جي نئين صوبي جي بيان مان اچي چڪو آهي، جيئن انهن جي علائقن ۾ آپريشن ۾ تيزي ايندي ۽ انهن علائقن مان گرفتاريون ۽ هٿيار برآمد ٿيندا ته نئين صوبي جو شوشو به تيزي سان سامهون ايندو، ان لاءِ حڪومت کي تيار رهڻ گهرجي، ۽ بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ ۽ مفاهمت جي آپريشن جي تيز ڪرڻ گهرجي ، باقي رهي ڳالهه نون صوبن جي ته رڳو متحده  نه پر ڪجهه سازشي عنصر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا، جيڪي پاڻ ته مٽي ۾ دفن ٿي ويا پر سندس خواب پورو نه ٿي سگهيو ، اڄ به سنڌ جا سپوت اهڙي هر خواب ۽ سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن ، متحده جي سربراه نون صوبن ٺاهڻ جو بيان ته ڏنو پر جڏهن سنڌ جي جوڌن پنهنجو آواز اٿاريو ته ترديد سامهون آئي ته اسان سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ته جڏهن به سنڌي هڪ آواز ٿيا آهن، مخالفن ۽ سنڌ دشمنن کي ناڪامي ۽ شڪست کانسواءِ ڪجهه به نه وريو آهي، ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ هان جڏهن سندن علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته متحده پريشاني نظر اچي رهي آهي، ۽ نون صوبن جو بيان ڏيئي ڪنهن طريقي سان ڪراچي آپريشن تان ڏيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر جي متحده هڪ سياسي پارٽي آهي ته ان کي ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگٽڊ آپريشن مان پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جي هو سچا آهن ته سچ ڪڏهن به لڪي نٿو سگهي.
imsbaloch@hotmail.com  

No comments:

Post a Comment