Sunday 8 September 2013

Rain, Flood And Sindh Govt Afforts


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2992


برسات : انتظامي اُپائن جو فقدان
سرور بلوچ
اڄڪلهه وري اخبارون برساتن جي خبرن سان ڀريون پيون آهن ، چوٿون سال آهي جو ملڪ جي ٻين صوبن وانگي سنڌ جا ماڻهو به برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ، برساتن بابت برساتن کان اڳ به هر اخبار ۾ ايڊيٽوريل ، ڪالم ضرور  ڇپندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي ڇو ته جيسين مسئلا آهن ان تي لکڻ جو سلسلو به هلندو رهندو ، اسان جي لکڻ سان ڪو فرق پئي ٿو يا نٿو پئي اهو هڪ الڳ بحث آهي ، پر جي ڪوفرق نه پوي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان لکڻ ڇڏي ڏيون ، ڪجهه ڏينهن اڳ مان هڪ دڪان تي سودو وٺڻ لاءِ ويس ته هڪ پوڙهو همراه به ڪجهه سامان وٺڻ آيو ته ايتري ۾ هڪ ٽي وي چينل جو رپورٽر به پنهنجي ڪيمرا ۽ لوگو سان گڏ پهچي ويو ، هن رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي بابت ماڻهن جا تاثرات پئي ورتا ، جڏهن دڪاندار سان ڳالهائڻ بعد ان پوڙهي همراه کان پڇيائين ته چاچا ڀلا رمضان جهڙي ڀلاري مهيني ۾ شيون ڇو مهانگيو ڪبيون آهن ، ته چاچي ان کي جواب ڏيڻ کان اڳ سوال ڪري ڇڏيو ته ابا ڀلا تنهنجي هن ڀرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو ڇا مهانگائي گهٽ ٿي ويندي ، هرو ڀرو پيو ٽيم وڃائين ، هن جواب ڏنو ته چاچا منهنجو ڪم آهي اوهان جي ڳالهه ڀري اڳتي پهچائڻ سو مان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان جي ٻيا نٿا ڪن ته ان مطلب اهو ناهي ته مان به نه ڪيان ، ان ڪري هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ته مسئلا ختم نه ته گهٽ ضرور ٿي سگهن ٿا ، برساتن جي نقصانن ۽ حڪومتي انتظامن بابت اڳ به لکي چڪو آهيان ، گذريل ٽن سالن کان سنڌ ما ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏن ڪري آيل تباهين کي  ڏسي رهيا آهن ، هن سال به برسات سبب وري ماڻهن کي پريشاني ڏسڻي پئجي رهي آهي ، جاني ۽ مالي نقصانن جي خبرن سان اخبارون ڀريون پيون آهن ،  هاڻوڪين برساتن وري تباهي مچائي ڇڏي آهي ، ڪو 15 ته وري ڪو 30 ۽ ڪٿي وري 40 ماڻهن جي مرڻ جون خبرون آهن ۽ زخمين جو انگ به سون ۾ آهي ،سوين ڪچا ۽ پڪا گهر به ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ، واهن ۾ پيل گهارن هزارين ايڪڙ تيار فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ، اخبارن جون خبرون ۽ ماڻهن جا اهنج ڏسي لڳي پيو ته اسان اڄ به اُتي ئي بيٺا آهيون جتي چار سال اڳ هئاسين نه ڪا بهتري آئي نه وري نظر اچي پيئي ،  اسان سڀ الله جي حوالي آهيون ، ڇوته اسان تي حڪمراني ڪندڙ الله جا بندا واهن جا بند مضبوط نه ڪرائي سگهيا عام ماڻهو کي ڇا مضبوط ڪندا ، جيئن ته رمضان جو مهينو آهي ۽ اڄڪلهه ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا تي پاڪستان ۾ رمضان تي ٿيندڙ ٽي وي پروگرام بحث هيٺ اچي ويا آهن ، ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسلام ۽ رمضان جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي ، اهو نه ته اسلام آهي نه وري رمضان هي سڀ پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ ڪيو پيو وڃي ، ساڳيا منظر وري اسان کي برسات ، ٻوڏن يا ٻين قدرتي آفتن وارن ڏينهن ۾ نظر ايندا آهن ، گذريل برساتن ۾ حڪومتن تي اهي به الزام لڳندا رهيا آهن ته حڪومت اهڙيون حالتون پيدا پئي ڪري جيئن وڌ کان وڌ امداد ملي سگهي ، امداد جو سامان يا ته ٻاهرين ملڪن مان گڏ ڪري آندو ويندو آهي يا وري ملڪ جا جيڪي علائقا قدرتي آفت کان محفوظ هوندا آهن اُتي ڪئمپون لڳائي سامان گڏ ڪري ، متاثر علائقن ۾ موڪلبو آهي ، اهو امدادي سامان گڏ ڪندڙن ڪيتري به جفاڪشي ڪري اهو گڏ ڪيو هجي پر جن علائقن ۾ اهو سامان سرڪاري انتظاميه حوالي ڪبو ته انهن لاءِ اهو مفت جو سامان هوندو آهي ، ان لاءِ اڪثر انهن کي احساس ئي نه هوندو آهي ته ان کي جلد متاثرن تائين پهچائجي ، جيئن ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ، قدرتي آفتن وارن ڏينهن ۾ جتي اسان کي روڊن تي ، سرڪاري جاين ۾ برسات يا ٻوڏ متاثر نظر ايندا آهن اُتي وري امدادي سامان ورهائڻ وارا به نظر ايندا آهن، گذريل برساتن ۾ به امدادي سامان ۾ خُرد بُرد ، پنهنجا نوازي جون خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن ، ان ڪري ئي سنڌ ۾ آيل 2010 جي ٻوڏ ۾ ٻاهرين ملڪن توڙي ملڪ مان وڏي امداد حڪومت کي ملي هئي پر ان جي صحيح ورهاست نه ٿيڻ ڪري ۽ حڪومتي انتظام نه هئڻ ڪري وري آيل برسات جي تباهي جي ڪري ان مقدار ۾ مدد نه ملي سگهي هئي ، جيتري ماڻهن کي ضرورت هئي ، برسات يا ٻوڏ دوران سڀ کان پهرين متاثرن کي ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ پهچائڻ ۽ پوءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ هوندو آهي ، پر اسان گذريل ٽن سالن ۾ اهو ڏٺو آهي ته اسان جي مقامي انتظاميه وٽ اها صلاحيت ئي ناهي ته هو ڪنهن اهڙي واقعي کي منهن ڏيئي سگهن ، ان جي نتيجي ۾ متاثر ۽ انهن جي آڙ ۾ ڪجهه ٻيا ماڻهو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺندا آهن ، مونکي چڱي ريت ياد آهي ته 2011 جي برساتن جي تباهين جي ڏينهن ۾ اسان کي خبر پئي ته ضلع ڪائونسل سانگهڙ ۾ برسات متاثرين امدادي سامان واري گدام کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن ۽ خيما ، چانور ۽ ٻي سامان جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ، اسان ڪجهه دوست جڏهن اُتي پهتا سين ته عجيب منظر لڳو پيو هو ضلع ڪائونسل جي مين گيٽ تي پوليس موبائل بيٺي هئي ۽ اندر ٻه سو کان وڌيڪ مرد ، عورتون ۽ ننڍا ٻار سامان کڻي وڃي رهيا هئا اُتي موجود چار يا پنج پوليس وارا لڪڻ سان ايئن هُش هُش ڪري رهيا هئا جيئن ٻڪرين کي پيا هڪلين ، ان وقت مونکي اها ڳالهه ذهن تي تري آئي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ، ان وقت سگها ۽ جوان چار چار خيما ، ڇهه ڇهه چانورن جون ٻوريون کڻي وڃي ڪرائي تي آندل رڪشا ۾ وجهي رهيا هئا ۽ اُتي موجود پيرسن ۽ جهوُر پوڙهيون اسان وانگرسامان ڦرجڻ جو لڪا ڏسي رهيون هنيون ، هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ هلندڙ هن آپريشن “ڪلين اپ” ۾ ماڻهن ان بلڊنگ ۾ ڪجهه نه ڇڏيو هو ، اُهي منظر ڏاڍا تڪليف ڏيندڙ هئا ته هڪ هڪ ماڻهو پنج پنج ڪٽا ، ٽي ٽي خيما کڻي وڃي رهيو هو ۽ ڪجهه اهڙا به هيا جيڪي خالي هٿين واپس وڃي رهيا هئا ، بعد ۾ پوليس ٻڌايو ته اصل ۾ ڪجهه ماڻهن برسات متاثرن مان فائدو وٺندي ڦرلٽ ڪئي آهي ، ڦرلٽ ڪرڻ وارا متاثر ڪونه هئا ، اسان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خيما ۽ سامان وڪامندي به ڏٺا ، امدادي سامان جي ڦرلٽ بعد انتظاميه کي اهو خطرو ٿي پيو ته متان سامان رستي مان ئي نه ڦرجي وڃي ان لاءِ پوليس موبائلون امدادي سامان آڻيندڙ گاڏين سان گڏ ايئين اينديون هيون ڄڻ ڳوڻين ۽ ڪٽن ۾ سامان نه پر خطرناڪ هٿيار هجن ، پوليس کي رستن تي بيهاريون ويندو هو ته سامان خير خيريت سان شهر تائين پهچي پوءِ هتان متاثر علائقن ڏانهن موڪلجي ، نيٺ پوءِ پوليس لائن ۾ امدادي سامان جون ٽرڪون بيهاري سياسي پارٽين کي ڪوٽه سسٽم تي اهو امدادي سامان ورهايو ويو جيئن گوڙ نه ٿئي ، دنيا ۾ ٻين جاين تي به اهڙا مسئلا ايندا آهن ، ٻوڏ برساتون سيلاب پر شايد اُتي اهڙا واقعا گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ، هڪ اين جي او جي دوست ٻڌايو ته چين يا جاپان ۾ جڏهن اسان کي سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ وڃڻو پيو ته اُتي هڪ شي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته جڏهن اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ اسٽال لڳايو ته اُتي جنهن ماڻهو کي جنهن شي جي ضرورت هئي رڳو اها پئي کنئي ۽ کاڌ پيت جون شيون به اوتريون جو هنن جي ضرورت هئي ، پر اسان وٽ وري ان جي ابتڙ آهي ، اسان ڏٺو ته جن ماڻهن کي هڪ تنظيم پاران سامان ڏنو ويو ۽ جڏهن ساڳئي جاءِ تي ڪنهن ٻي تنظيم جو وڃڻ ٿيندو آهي ۽ پڇا ڪرڻ تي اهو ئي جواب ملندو آهي ته اسان کي ڪجهه به ناهي مليو ، انهي ڪري اڪثر ڪٿي ماڻهو ٻه ياٽي دفعا امداد جو سامان وٺيو وڃن ۽ ڪن کي وري ڪجهه به نه ٿو ملي ، شايد ماڻهن کي اها پريشاني هجي ته متان سرڪار يا اين جي او وارا ڪجهه ڏينهن راشن ڏيئي پوءِ بند ڪري ڇڏين ان ڪري جيترو وڌيڪ گڏ ٿي سگهي ڪري وٺجي ، ڇو ته عوام کي به حڪمران ساريل آهن ، هاڻ وري برسات جي تباهه ڪاريون جاري آهن ۽ وري عوام کي ساڳين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، حڪومت برسات نٿي روڪي سگهي ان ڳالهه کي هڪ پاسي رکجي پر واهن جي بندن تي ته ڪم ٿيڻ گهرجي ، سم نالن جي کاٽي ته اوهان جي هٿ آهي ، برسات جو پاڻي ڪنهن شهر ۾بيهي پيو ان کي جلد کان جلد ڪڍڻ جا انتظام ته هئڻ گهرجن ، متاثرن جي مدد ته ٺيڪ نموني هئڻ گهرجي ۽ انهن جون ضرورتون ته پوريون ٿيڻ گهرجن ، ايمرجنسي لاڳو ته ٿي وڃي ٿي پر ان مطابق ڪم نٿو ٿئي ، اسان وٽ ايمرجنسي رڳو سرڪاري ميٽنگن تائين محدود ٿي ويئي آهي ، اسان چار سالن جي تباهي مان ڪو سبق سکڻ لاءِ تيار ناهيون ، هر سال ٻڏون ٿا ، مرون ٿا ، اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو پر اسان اُتي جا اُتي ئي آهيون . 
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment