Sunday 8 September 2013

Media Ethics And Rating War


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3162

ريٽنگ جي جنگ ، عام عوام تنگ

سرور بلوچ

اسلام آباد ۾ 5 کان 6 ڪلاڪ تائين هلندڙ براهراست فلم پاڪستاني ميڊيا جو ڪو پهريون ڪارنامو نه هو ، اهڙا ڪارناما اسان کي هر ٻئي ڏينهن ڏسڻ لاءِ ملن ٿا ، ميڊيا کي ملڪ جو ڇوٿون ٿنڀ سڏيو وڃي ٿو ، ۽ اڄ جي دور م اهو ٿنڀ ٻين سڀني کان وڌيڪ طاقتور بڻجي رهيو آهي ، مشرف دور ۾ ميڊيا تمام تيزي سان سامهون آئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي ڪجهه سالن اندر پاڪستان ۾ چئنلن جون قطارون لڳي ويون ، جن ۾ نيوز چئنل به وڏي تعداد ۾ سامهون آيا ۽ اڃان اهو سلسلو جاري آهي ، پر انهن کي ضابطا اخلاق تي عمل ڪرائڻ لاءِ ڪي به اپاءُ نظر نه آيا ، جنهن  جي ڪارڻ هاڻ ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ ملڪي حڪومتن لاءِ هڪ چئلنج بڻجي ويو آهي ، حڪومتي ضابطا اخلاق کان هٽي ڪري جيڪي ادارن پاڻ ويهي ضابطا اخلاق جوڙيا آهن ، انهن تي به عمل ڏسڻ ۾ نٿو اچي ، نيوز چئنل پنهنجي ڏسندڙڻ کي خبر پهچائڻ جو ذريعو آهن ، اڳ جڏهن رڳو سرڪاري چئنل هوندو هو ته خبرون ايڏيون جلد ۽ تيز نه ملنديون هيون ۽ اخبار جيئن ته ٻئي ڏينهن ايندي هئي ، ان لاءِ بروقت خبر جو ڪو به تاثر نه هو ، جنهن ڪري نجي خبرن جا چئنل اچڻ سان ماڻهن کي بروقت خبر پهچائڻ جو عمل شروع ٿيو ، پر ان ۾ ڏسندڙ جي خواهش مطابق نه پر پنهنجي مرضي موجب تبديليون ٿينديون رهيون ، بروقت خبر يا لائيو دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ڏيکاريا وڃن ٿا پر ان جا به ڪي معيار مقرر آهن ، ۽ دنيا جي وڏن ملڪن ۾ ضابطا اخلاق جو به خاص خيال رکيو وڃي ٿو ، پر اسان جي ملڪ ۾ ان جي ابتڙ ٿي رهيو آهي ، اسان جي ميڊيا کي اڃان تائين خبر ئي نه آهي ته سندن ڪم ڪهڙو آهي ، شايد ئي دنيا ۾ ايئن ٿيندو هجي ته ڪنهن به چئنل جو رپورٽر يا اينڪر پرسن بنا ڪنهن اجازت جي پنهنجي مرضي موجب ڪنهن به گهر ، دڪان ، آفس ۾ گهڙي پنهنجي رڪارڊنگ شروع ڪري ڇڏيندو آهي يا ڇڏيندي آهي ، اسان جي خبرن وارن چئنلن ۾ اهو روز جو معمول آهي ، اڪثر جاين تي پوليس وانگر ڇاپا هنيا وڃن ٿا ۽ ان وقت مائڪ هٿ ۾ کنيل رپورٽر جو رويو به عجب هوندو آهي ، ڪنهن ڪنهن وقت ايئن محسوس ٿيندو آهي، ته ڄڻ هٿ ۾ کنيل مائيڪ اڳين ماڻهو کي وهائي ڪڍندو، اسان جي ميڊيا ۾ براهراست نشريات جي هڪ اهڙي جنگ شروع ٿي ويئي آهي ، جو هاڻ وڏي يا اهم خبر جي اهميت ئي ڄڻ مري ويئي آهي، دنيا ۾ ٻين ملڪن ۾ شايد ئي ڪو اهڙو موقعو ايندو آهي جڏهن ڪنهن خبر کي بريڪنگ خبر ۽ براهراست هلايو ويندو آهي، پر اسان وٽ سياسي پارٽين جي ليڊر کان وٺي ڪنهن چرئي جي عجيب حرڪتن تائين هر خبر براهراست ٿي ويئي آهي، اسان جي ملڪ ۾ ميڊيا جي ادارن ۾ پڻ هڪ جنگ شروع ٿي ويئي آهي جنهن کي ريٽنگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، ريٽنگ اهڙو ماپو آهي جنهن سان اهو پتو لڳايو ويندو آهي ته اُن وقت ڪيترا ماڻهو ان چئنل جي نشريات ڏسي رهيا آهن يا گذريل هفتي يا مهيني ڪيترن ماڻهن چئنل جي نشريات ڏٺي، ۽ انهن ادارن کي ان ريٽنگ موجب ئي اشتهار پڻ ڏنا ويندا آهن، ريٽنگ جي جنگ جي ڪري چئنل ضابطا اخلاق کان پوئتي هٽي رهيا آهن، مذهب ، ثقافت ، اخلاقي روايات ، احترام ۽ عزت کي ريٽنگ نه رڳو پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي، پر ان ريٽنگ جي چڪر ۾ ملڪي معاملا به خطري ۾ پئجي رهيا آهن، ڪهڙي وقت ۽ ڪهڙي طريقي سان نشريات کي براهراست ڪرڻ جي ضرورت آهي ان ڳالهه جو ڪڏهن به خيال نٿو رکيو وڃي، ۽ نه ئي وري ان ڳالهه تي ڪڏهن ڌيان ڏنو وڃي ٿو ته ماڻهن کي ڇا ڏيکارڻو آهي ۽ ان جا اثر ڏسندڙن ۽ سندن ٻارن تي ڇا پئي سگهجن ٿا، مون کي مونکي چڱي ريت ياد آهي جڏهن مناوا پوليس تي حملو ٿيو ته ان وقت به مختلف چئنل ان سڄي عمل کي براهراست ڏيکاري رهيا هئا، پر ان وقت حيرت ٿي ته ميڊيا اهو سڄو عمل ڏيکاري رهيو هو جيڪو پوليس کي خفيه طرقي سان ڪرڻوهو ميڊيا پوليس جي هرپلاننگ کي سڄي دنيا آڏو ڏيکاري رهيو هو پوليس ڪٿي سيڙهي لڳائي رهي آهي ڪهڙي پاسي مان وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهي هر پل ۽ هر حرڪت ماڻهن جي سامهون هئي، جنهن ڪري پوليس کي تمام گهڻيون ڏکيائيون پيش آيون، ۽ اهو سلسلو ايئن ئي جاري آهي تازو اسلام آباد جو واقعو به عجب واقعو هو ، ٻن هٿيارن سان اسلام آباد ۾ اسلامي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ نون چونڊن لاءِ نڪتل سڪندر شايد پاڙيسيري ملڪ جي فلم پيپلي لائيو ڏٺي يا نه پر جنهن به ڏٺي هي ان لاءِ اسلام آباد ۾ پنج ڪلاڪ کان وڌيڪ هلندڙ پيپلي پارٽ ٽو کان گهٽ نه هئي ، پيپلي لائيو فلم ۾ سنتوش کي قرباني جو ٻڪرو بڻائي گهر وارا ان جي موت مان ڪي مقصد حاصل ڪرڻ پئي چاهيا ان کي ميڊيا هڪ اهم خبر ڪري پيش ڪري رهي هئي، ان ۾ ڏيکاريو ويو ته ڪيئن ميڊيا ڪنهن خبر کي يا ماڻهو جي موت کي به پنهنجي مقصد ۽ هڪ ٻئي چئنل کان اڳتي نڪرڻ لاءِ استعمال ڪندي آهي، ان فلم جي ڪردار کي ويهڻ، کائڻ پيئڻ کان وٺي جهنگ ويندي به ڏيکاريو وڃي ٿو، ۽ ساڳئي ڪهاڻي اسان کي اسلام آباد ۾ نظر آئي سڪندر ڪنهن به مقصد سان آيو هجي پر ان کي جنهن نموني ميڊيا ۾ جاءِ ڏني ويئي ان سان هن کي وڌ کان وڌ اُتي رهڻ جو موقعو مليو، سڪندر ۽ سندس گهر واري جا فون نمبر هٿ ڪري ميڊيا جنهن نموني سان هنن سان ڳالهائي ۽ سندس مسئلا معملوم ڪري ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي هئي ان مان ايئن لڳي رهيو ته هاڻ پوليس کي گهر وڃڻ کپي، سڪندر کي پڻ فون تي شايد ماڻهو سندس بهادري ۽ ميڊيا ۾ سندس ڪوريج جي باري ۾ ٻڌائي رهيا هئا، جنهن مان ان کي به وڌ کان وڌ اسڪرين تي رهڻ جي خواهش وڌي رهي هئي، پر ان وچ ۾ زمرد خان اچي سڄو ڊرامو ئي ڦٽائي ڇڏيو، ان ڇهن ڪلاڪن ۾ هر ان عمل کي ڏيکاريو ويو ان ڳالهه کان هٽي ڪري ته ڇا  عام عوام اهو ڏسڻ چاهين يا نه، ساڳئي ميڊيا جنهن زمرد خان کي هيرو ڪري پيش ڪري رهيا هئا انهن ڪجهه پل اندر کيس احمق ۽ زيرو ڪري ڇڏيو، ۽ ڪو چئنل هن جي تعريف ته ڪو وري سندس عمل کي بيوقوفي ڄاڻائي رهيو هو، پر جيئن ته ميڊيا ۾ ريٽنگ جي جنگ لڳل هئي ان لاءِ هر چئنل هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ لاءِ پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري رهي هئي، ميڊيا جي ريٽنگ جي ڪري شايد ڪجهه دير ۾ ٿيندڙ ڪاروائي کي پنج ڪلاڪ کان وڌيڪ لڳي ويا، ميڊيا جي ان عمل تي رڳو حڪومت، عام ماڻهن پر ميڊيا جي ماڻهن پڻ تنقيد ڪئي، ان نشريات ۾ جڏهن پوليس ميڊيا کي براهراست نشريات روڪڻ ۽ سڪندر خلاف ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ته ميڊيا ۽ پوليس وچ ۾ ڏند چڪ به ٿي ڇو ته ميڊيا ڪنهن به صورت ريٽنگ ۾ پوئي هٽڻ نه پئي چاهيو، اهو به نظر آيو جڏهن پوليس چئني پاسن کان شاميانا لڳائيا ته ميڊيا بلڊنگن يا گاڏين جي ڇتن تي چڙهي نشريات جاري رکي، خبرن جي چئنلن ريٽنگ ۾ تفريحي چئنلن کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ ميڊيا ريٽنگ جي جنگ ۾ ڪنهن به صورت پوئتي هٽن لاءِ تيار نه آهي، ۽ نه وري لڳي رهيو آهي ته ضابطا اخلاقن تي ڪو عمل ٿيندو، ڇو ته ميڊيا رڳو هاڻ براهراست نشريات تائين نه پر حڪومت ٺاهڻ ۽ ڊراهڻ جو ڪردار ، پوليس وانگر ڇاپا مار ڪاروائيون، مذهبي ڏهاڙن رمضان المبارڪ ، ربيع الاول ، عيد کي به ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، ميڊيا ريٽنگ جي جنگ ۾ ان عام ماڻهو کي وساري ڇڏيو آهي جيڪو انهن جي ان عمل مان تنگ لڳي پيئي آهي .
imsbaloch@hotmail.com




No comments:

Post a Comment