Wednesday 18 September 2013

How to bring children to school

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3659

ٻارن کي سڪول ڏانهن ڪيئڻ آڻجي ؟
سرور بلوچ
صحت ۽ ٻيون سهولتون ته انتهائي ضروري آهن پر تعليم به هر ٻار جو بنيادي حق آهي، هر ٻار لاءِ اهڙا انتظام هئڻ گهرجن جيئن هو تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول وڃي سگهي، حڪومت پاران ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا وڃن ٿا، داخلا مهم جي سلسلي ۾ آگاهي ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، سيمينار منعقد ڪيا وڃن ٿا، پر انهن جو ايترو اثر نظر نٿو اچي، ۽ اهڙين حڪومتي قدمن سان ڪي وڏي تعداد ۾ ٻار اسڪول ڏانهن نٿا اچن، پاڪستان ۾ تعليم جو ريشو ايترو نه آهي جيترو اسان کي سرڪاري انگ اکرن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، مختلف انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 2.5 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ، جڏهن ته سنڌ ۾ پڻ 50 کان 70 سيڪڙو ٻار سڪول کان ٻاهر ٻڌايا وڃن ٿا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري انگ اکرن ۾ فرق ته ٿي سگهي ٿو پر هن وقت به ٻارن جي هڪ وڏي تعداد اسڪول کان ٻاهر آهي ، جيڪي ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن انهن ٻارن مان گهڻائي ڪنهن دڪان تي ڪم ڪار ڪن ٿا يا وري ڳوٺن ۾ مال چاريندي نظر ايندا آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ هاڻ ڪتابون مفت ملن ٿيون ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران ٿيلا ۽ ڪاپيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون، انهن سڀني سهولتن باوجود به ٻار اسڪول کان پري آهن. ٻارن جو اسڪول ۾ نه اچڻ جو هڪ سبب ته پڙهائي نه هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو پر ٻي پاسي ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ مائٽن جي لاپرواهي جو به وڏو هٿ آهي، ڇو ته جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهن جو 45 کان 55 سيڪڙو ته ڇوڪريون آهن جيڪي ٻاهر ڪم نٿيون ڪن ته انهن کي ڇو اسڪول نٿو موڪليو وڃي، ٻارن کي اسڪول ۾ واپس آڻڻ لاءِ معاشرتي طور جدوجهد جي ضرورت آهي، جڏهن ته حڪومت پڻ ڪجهه قدم کڻي ٻارن کي اسڪول آڻي سگهي ٿي، غربت جو سبب ڄاڻائي جيڪي مائٽ ٻارن کي اسڪول نٿا اماڻين انهن وٽ ان ڳالهه جو به ڪو جواب نه آهي ته ڇا پنجن سالن جو معصوم ٻار ڪو ڪم ڪار ڪري گهر هلائي سگهي ٿو، ڪنهن به دڪان يا ورڪشاپ يا ڪوبه ڪم ڪندڙ ٻار جيئن ته سکڻ جي مرحلي ۾ هوندو آهي ته کيس مزدوري نه پر 10 کان 30 روپيه خرچي ڏني ويندي آهي، ايترن پئسن سان نه ته ڪنهن گهر جي پُورت ٿي سگهندي آهي نه وري ايتري رقم آڻيندڙ ٻارڙو ان وقت گهر جو سهارو بڻيل هوندو آهي، پر ان سخت محنت ۽ مزدوري ۾ ٻار پنهنجو بچپن وساري هڪ عام انسان مان مشين بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته ٻارڙن کي مزدوري يا ڪم سکڻ لاءِ موڪليندڙ مائٽ اهو به ٻڌائيندا آهن ته ڇوڪرو پڙهي ته ڪونه ٿو، جي ڪم تي نه موڪلينداسين ته هرو برو ڪني صحبت ۾ اچي خراب ٿي ويندو، ان لاءِ کيس ڪم ڌنڌي سان لڳايون ٿا، ته جيئن ڪجهه سکي وٺي، ان مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ٻار پڙهائڻ يا نه پڙهائڻ مائٽن جي مرضي تي هوندو آهي، ۽ ان ۾ حڪومت جو ڪوبه عمل داخل نه هوندو آهي ان ڪري جيئن مائٽ کي وڻي ان طريقي سان هو ٻار کي نه پڙهڻ جي صورت ۾ ڪم تي موڪلين يا ويهاري ڇڏين کين ڪوبه پڇڻ ڪرڻ وارو نه آهي، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اسان اڪثر دڪانن يا ورڪشاپن تي جن ٻارن کي ڪم ڪندي ڏسندا آهيون انهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جي هوندي پر جي ان کان ڪجهه گهٽ هجي ته به پنج سالن جو ٻار ڪنهن به دڪان يا ورڪشاپ ۾ ڪم نه ڪندو آهي، ساڳئي طريقي سان ٻهراڙي ۾ به ڪنهن به ٻار کي پنجن سالن جي عمر ۾ مال چارڻ لاءِ نٿو اماڻيو وڃي، جڏهن ته ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي عمر ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿو، ان مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته غربت جي ڪارڻ نه پر ٻين سببن جي ڪري ئي ٻارن کي اسڪول نٿو ماڻيو وڃي، ٻارن کي اسڪول نه اماڻڻ جا سبب جيڪي به هجن پر حڪومت ڪجهه اهڙا قدم کڻي سگهي ٿي، جنهن سان ٻار جا مائٽ مجبور ٿي وڃن ته پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلين، جيئن ته ٻارن جا والدين ئي پنهنجي اولاد جا ڌڻي هوندا آهن ته انهن کي ڏنڊي جي زور تي مجبور نٿو ڪري سگهجي ته هو پنهنجي ٻارن کي اسڪول اماڻين ۽ نه وري اسان سيمينارن ۽ ريلين ذريعي ماڻهن جي ذهني سوچ کي تبديل ڪري سگهون ٿا، ٻارن کي اسڪول ڏانهن آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا اهو سوال اهم آهي ۽ ان تي حڪومت کي ضرور سوچڻ گهرجي پر منهنجي نظر ۾ ڪجهه اهڙا ڪم آهن جن سان اسان 100 سيڪڙو نه سهي پر ٻارن جي هڪ وڏي تعداد کي اسڪول ۾ آني سگهون ٿا، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڪجهه اهڙا قدم ضرور کنيا ويا آهن جن سان گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻا پيا آهن، نه رڳو شهرن پر هاڻ ته ٻهراڙين ۾ به ماڻهن پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن، ڇو ته غريبن کي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هر ماه معاوضو ۽ نوجوانن کي شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمنٽ پروگرام جي ذريعي هر ماه وظيفو ۽ سکيا ملي ٿي، ساڳئي طريقي سان ٻارن جي تعليم لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهجن ٿا، سڀ کان پهرين ته پنج سال کان مٿي هر ٻار لاءِ شناختي ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي، ان سان گڏصحت مرڪزن ۾ پڻ ان ڳالهه کي لازمي بڻايو وڃي ته هر پنج سال جي ٻار جو علاج لاءِ شناختي ڪارڊ جي شرط رکي وڃي، جيئن ٻارن جا شناختي ڪارڊ ٺهي سگهن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو وٺندڙن لاءِ به اهو لازمي ڪيو وڃي ته سندن هر ٻار جو شناختي ڪارڊ ٺهيل هجي، ان کانسواءِ کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ نه ملندا، جڏهن ته شناختي ڪارڊ ٺهرائيندڙ هر شخص کان ڪارڊ ٺهرائڻ وقت ئي سندس ٻارن بابت معلومات وٺي انهن جي داخلا ڪئي وڃي، جيئن ٻارن جي عمر ۽ سندن شناختي ڪارڊ بابت معلومات ملي سگهجي، ٻنين جي کاتن ، گهر ، پلاٽ ، دڪان يا ڪنهن به اهڙي قسم جي خريداري ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻارن جو عمل داخل لازمي رکيو وڃي ( عمل دخل مان مراد انهن جا نالا شامل ڪيا وڃن جيئن انهن جي شناختي ڪارڊ جا نمبر ملي سگهن ) جنهن سان پڻ ٻارن جي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي عمل واڌارو ايندو، مطلب ته هر سرڪاري ڪم ڪار ۾ ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته ٻارن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل هجن، جڏهن ته غير سرڪاري تنظيمن کي پڻ پابند بڻايو وڃي ته هو صحت ، تعليم ، پاپوليشن يا ڪنهن به قسم جي ڪم لاءِ ماڻهن کان سندن ٻارن جي شناختي ڪارڊن بابت نه رڳو پڇا ڪن پر انهن جي انٽري به لازمي رکي وڃي، مطلب ته حڪومت ۽ تعليم کاتي کي ڪنهن به طريقي سان هر پنج سالن کان مٿي جي ٻارن جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واري عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي پر ان ۾ هڪ شرط ضرور رکجي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائيندڙ ٻار سرڪاري يا غير سرڪاري اسڪول ۾ ضررو پڙهندو هجي، جڏهن هر سرڪاري ڪم ڪار ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ، غير سرڪاري يا حڪومت پاران ڏنل رليف سميت هر ڪم ۾ ٻارن جي شناختي ڪارڊن بابت پڇا ڪئي ويندي ته پوءِ هر ٻار جو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ماڻهن جي مجبوري ٿي پوندو ۽ جڏهن شناختي ڪارڊ ۾ ٻارن جو اسڪول ۾ پڙهڻ لازمي قرار ڏنو ويندو ته پوءِ اسان 100 سيڪڙو نه پر هڪ وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪولن ڏانهن آڻي سگهبو،  يقينن هي هڪ ٻن ڏينهن جو ڪم يا عمل نه آهي، پر پلاننگ جو مقصد ئي هوندو آهي، ايندڙ وقت لاءِ ڪيئن ڪم ڪجي ، ان لاءِ تعليم کاتي ۽ حڪومت جي انهن قدمن سان اڄ يا هن سال نه سهي پر ايندڙ وقت ۾ ڪنهن حد تائين نه رڳو ٻارن کي اسڪول آڻي سگهندا پر اهو عمل آدمشماري سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهندو.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment