Tuesday 1 October 2013

Pak-Taliban Talks And Office

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3875

طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس ڪٿي کولجي..؟
سرور بلوچ
طالبان سان ڳالهيون ڪجن يا جنگ ، کين معافي ڏجي يا سزائون ، ڳالهين لاءِ ڪهڙيون شرطون رکبيون ۽ ڪهڙيون مڃبيون، اڃان اهو مٿي جو سور لٿو ئي ڪونهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان صاحب کي آمريڪي اسٽائل ۽ افغاني طالبان وارو فارمولو ياد اچي ويو آهي، سندس پاڪستاني طالبان کي به آفس کولڻ ڏني وڃي وارو بيان سامهون اچي ويو آهي، پر خان صاحب سندس حڪومتي صوبي پشاور ۾  ٿيندڙ هڪ ٻئي پٺيان ٿيندڙ تازن حملن مان ناخوش ٿيندي گڏوگڏ اهو بيان به ڏيئي ڇڏيو آهي ته طالبان جا 30 گروپ آهن، آخر ڪنهن سان ڳالهايون ڪجن، سندس خيال آهي ته جنگ جو رستو اختيار ڪرڻو پوندو، خان صاحب جي اهڙن بيانن تي طالبان پاران پڻ اهو بيان سامهون آيو آهي ته عمران خان خيالي پُلاءُ پچائي رهيو آهي، پر هڪ سوال هر ماڻهو جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي ته ڇا طالبان ڳالهين لاءِ راضي آهي؟ ۽ ڇا تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري ملڪ ۾ مڪمل امن ڪرائي سگهبو، پر ان سوال جو جواب اڃان تائين رڳو اخباري بيانن ۽ ٽي رپورٽن تائين محدود آهي، ڇو ته اسان کي سرزمين تي اهڙو ڪجهه نظر نه اچي رهيو آهي، منهنجو مطلب هر گز اهو نه آهي ته ڪي پاڪستان حڪومت ۽ طالبان جي ڳالهين کي سئون سڌو ٽي وي چينلن تي ڏيکاريو وڃي، پر ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي جي ڪاروائين مان ڪنهن به صورت اهو نظر نٿو اچي ته ڪي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ۽ نه وري خفيا ۽ لڪ ڇُپ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو ڪو اثر سامهون اچي رهيو آهي، پشاور ۾ عيسائين جي گرجا گهر ۾ ٿيندڙ 2 بم ڌماڪن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سوڌو 80 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا هئا، ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، پشاور ۾ ٿيندڙ ان سانحي سبب سڄي ملڪ ۾ ڏک جي لهر ڇائنجي ويئي، ان واقعي خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا پڻ ڪيا ويا، ۽ مختلف هنڌان اهي خبرون پڻ آيون پي ته طالبان سان ڳالهين ۾ ڪجهه نه ورندو، اهڙين ڪاروائين مان سندن سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، پر حڪومت صبر جو مظاهرو ڪندي ظاهري طور تي اهڙو ڪوبه بيان نه ڏنو جنهن مان اهو لڳي ته بس هاڻ ڳالهيون ٿيڻ ممڪن نه آهن، حڪومتي پارٽي پاران ان واقعي جي ٻئي ڏينهن سڌ سما واري وفاقي وزير پرويز رشيد جو هڪ بيان سامهون آيو ته “طالبان سان ڳالهين لاءِ هر طريقو اختيار ڪنداسين، دهشتگردي کي ڳالهين سان نه ڳنڍيو وڃي، دهشتگردي اڳ به ٿيندي هئي.” پر اها ڳالهه به سامهون رکڻ گهرجي ته جي ڳالهين هوندي اهڙا واقعا ٿيندا رهن ۽ جي اها دهشتگردي ڳالهين کان پوءِ به جاري رهي ته پوءِ سائين جن ۽ حڪومت وٽ ڪهڙو جواب هوندو ان ڳالهه تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ساڳئي ڏينهن هڪ ٻئي خبر جيڪا وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران سامهون آئي ته “پشاور جي واقعي تي دهشتگردن هڪ ٻئي کي مبارڪون ناهن ڏنيون.” سندس چواڻي ته “اڪثر واقعن ۾ دهشتگرد خوشي ملهائي هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيندا آهن، پر هن واقعي بعد اسان اهڙو ڪو فون ٽريس ناهي ڪيو.” وزير موصوف فرمائين ٿا ته “دهشتگردن جا مقصد ڪي ٻيا آهن پر نشانو عام شهري بڻجن ٿا” وفاقي گهرو وزير جي اهڙي بيان تي حيرت سان گڏ افسوس به ٿئي ٿو ته دهشتگردي جي واقعن بعد جڏهن دهشتگرد هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لاءِ فون ڪن ٿا، تڏهن ته اوهان فون ٽريس ڪري وٺو ٿا ته پوءِ واقعن کان اڳ ڇو اهڙا فون ٽريس نٿا ٿين، ۽ اوهان اهو ڪهڙي بنياد تي چئو ٿا ته دهشتگردن جا مقصد ٻيا آهن پر ڀولي ۾ نشانو وري عام شهري بڻجي وڃن ٿا، گڏوگڏ سائين جن اهو به ٻڌائين ته ڇا پشاور جي چرچ ۾ ڪا آمريڪي خاص گڏجاڻي ۽ طالبان تي ڪنهن حملي جي منصوبا بندي ڪئي پئي وئي جو انهن تي حملو ٿيو آخر پشاور جي چرچ ۾ دهشتگردن ڪهڙي مقصد سان حملو ڪيو، ان باري ۾ به ٿوري وضاحت ڪري ڇڏيو هاته بهتر ٿئي ها، پشاور ۾ ٿيل دهشتگردي جي واقعي بعد تحريڪ طالبان به سامهون اچي بيان ڏئي ڇڏيو آهي ته ان حملي ۾ اسان جي آشيرواد هيٺ هلندڙ ڪنهن به ذيلي تنظيم جو جو هٿ نه آهي، واقعي جي ٽن ڏينهن کان پوءِ هڪ خانگي ٽي وي موجب تحريڪ طالبان جي ترجمان شاهد الله شاهد جو بيان سامهون آيو ته “ان حملي جي ذميواري جندالله نالي تنظيم قبولي آهي، جنهن سان اسان جو ڪوبه واسطو ناهي، اسان جي هڪ ذيلي تنظيم جند الحفصه آهي جنهن ذميواري قبول نه ڪئي آهي، ان ڪري ان حملي جو الزام اسان مٿان نه مڙهيو وڃي” تحريڪ طالبان جي ان بيان کان پوءِ ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ٿي وڃي ٿي ته آخر امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن، دهشتگردي جي سڀ کان وڏين واقعن جي ذميواري قبوليندڙ تحريڪ طالبان هن ايڏي وڏي واقعي ۾ ملوث ۽ سندس ڪا ذيلي تنظيم شامل نه آهي ته پوءِ اها وري ڪهڙي تنظيم آهي جنهن هيڏي وڏي ڪارروائي ڪئي، اڃان ان ڪاروائي جا زخم ڀريا ئي نه هئا ته پشاور وري ڌماڪن مان گونججي ويو، پشاور ۾ سول سيڪريٽيريٽ جا ملازم پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪري وڃي رهيا هئا ته سندن بس اندر ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 2 عورتن سميت 19 کان وڌيڪ مارجي ويا ۽ 40 ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا پڻ اطلاع مليا، اڃان ان واقعي جو درد گهٽيو ئي نه هو وري هڪ دردناڪ حملو پشاور جي مشهور قصه خواني بازار ۾ ٿيو جتي پڻ 41 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻارڙن ۽ عورتن سميت 80کان وڌيڪ  ماڻهو  زخمي ٿي پيا، ان واقعي ۾ هڪ اهڙي بدنصيب خاندان جا 18 ماڻهو به مارجي ويا جيڪي پنهنجي مائٽن کي ڪنهن شادي جي دعوت ڏيڻ لاءِ ۽ شادي جي خريداري ڪرڻ لاءِ شب قدر کان پشاور پهتا هئا، جتي ساڻن اهو حادثو پيش آيو، شادي جي خوشين واري گهر ۾ ماتم جو سبب بڻجندڙ طالبان جا مقصد سمجهه کان ٻاهر آهن، عيسائين جي گرجا گهر تي حملي ۾ کڻي تحريڪ طالبان ملوث نه هجي پر ملڪ ۾ ٿيندڙ ٻين ڪيترن ئي واقعن جي  هنن ذميواري قبولي اهو ثابت ڪيو ته هُو ڳالهيون بندوق جي زور تي ڪرڻ چاهين ٿا،  نيويارڪ ۾ آمريڪي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم پاڪستان  چيو ته ڳالهين جي آڇ طالبان طرفان ڪئي وئي حڪومت سڀني سان اتفاق بعد ان جو مثبت جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت واضح ڪري چڪي آهي ته دهشتگردي قبول ناهي ۽ هاڻي طالبان جي جواب جو انتظار آهي جيڪڏهن ڳالهين لاءِ تيار ٿين ٿا ته هٿيار ڦٽا ڪري آئين جي پوئيواري ڪرڻي پوندي، سندس اهڙي بيان تي ناراض ٿيل طالبان چوي ٿي ته اسان بندوق سان گڏ ڳالهيون ڪنداسين، اسان کي وزير اعظم تي اعتماد ناهي ۽ اسان پاڪستان جي آئين کي مڃون ئي ڪونه ٿا ته ان تحت ڳالهيون ڪيئن ڪيون، طالبان انتهائي فخريا انداز ۾ اهي بيان ڏيئي رهيا آهن ته اسان اڳ کان وڌيڪ مظبوط آهيون، ڪاروائي ٿي ته مقابلو ڪنداسين، ڳالهين لاءِ سندن ساڳيا شرط آهن جيڪي اڳ به سامهون آيا آهن، ڊرون حملا بند ڪرايو، سمورن طالبان قيدين کي آزادڪيو، اسان جي اثر هيٺ هلندڙ علائقا اسان جي حوالي ڪيو، انهن علائقن ۾ پاڪستان جي آئين ۽ قانون نه پر طالبان جي مرضي مطابق جوڙيل قانون هلايو ويندو، ڊرون حملن يا نواز شريف جي ان بيان جي جواب ۾ طالبان معصوم شهرين تي حملا ڪرڻ ۽ عام شهرين کي مارڻ پويان پنهنجي دهشت قائم ڪرڻ کانسواءِ طالبان جو ٻيو ڪوبه مقصد نه نظر نٿو اچي، اسان هڪ پل لاءِ انهن سڀني واقعن کي درگذر ڪري تحريڪ طالبان سان ڳالهيون ڪري به وٺون ته ڇا ان سان ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگري رڪجي ويندي، گرجا گهر تي حملي ڪوئٽه ۾ هزاره برادري تي ٿيندڙ حملن ۽ ٻين ڪيترن ئي حملن ۾ اهڙن تنظيمن جا نالا سامهون آيا آهن، جن جو تحريڪ طالبان سان واسطو نه آهي، جي ايئن آهي ته پوءِ عمران خان واري ڳالهه وانگر آخر ڪنهن ڪنهن سان ڳالهيون ڪجن ته جيئن ملڪ ۾ امن امان قائم ڪري سگهجي، حڪومت کڻي نه چاهيندي به تحريڪ طالبان ۽ سندس اثر هيٺ هلندڙ تنظيمين جا مطالبا مڃي به وٺي، پر مذهب ۽ فرقي جي نالي تي ٿيندڙ حملن کي ڪيئن منهن ڏيئي سگهندو، ان لاءِ وري ڪنهن سان ڳالهاهيون ڪبيون، جيئين ته تحريڪ انصاف طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس کولڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، عمران خان جي ڳالهه ته طالبان کي آفس کولي ڏجي ته جيئن ڳالهيون ٿي سگهن ، پر خان صاحب اها ڳالهه نه ٻڌائي ته آفس کولجي ته پوءِ ڪٿي، افغاني طالبان ته آمريڪا سان ڳالهين لاءِ دوحه قطر ۾ پنهنجي آفس کولي ڇڏي پر هاڻ پاڪستاني طالبان کي ڪٿي آفس کولڻ گهرجي، ڇو ته پاڪستان جي ڪنهن وڏي شهر ۾ جي آفس کوليو ويو ته هنن جي نه رڳو نگراني ٿيندي پر سندن رابطن ۽ ڪاروائين تي به نظر رکڻ آسان ٿيندو، جيڪا ڳالهه طالبان به چڱي ريت ڄاڻي ٿي،  پر جي پاڪستان ۾ طالبان آفس نٿو کُلي ته پوءِ پاڪستاني طالبان ۽ پاڪستاني حڪومت لاءِ آخر ڪهڙو ملڪ هوندو جيڪو کين رڳو آفس کولڻ ڏي ۽ سندس ڳالهين ۾ به مدد ڪري، اسان پنهنجن پاڙيسيري ملڪن ۾ ڏسون ته رڳو مسلمان ملڪ رڳو ايران آهي پر لڳي نه ٿو ته هو پنهنجي ملڪ ۾ اهڙي ڪنهن آفس جي اجازت ڏين، باقي مسمانن ۾ ڪجهه عرب ملڪ آهن جيڪي شايد هاڪاري ۾ جواب ڏين، جن ۾ قطر به ٿي سگهي ٿو ڇو ته قطر ۾ اڳ به افغان طالبان جي آفس کليل آهي شايد ٻي جي اجازت به ملي وڃي،  ٻين مسلمان ملڪن ۾ سعودي عرب به اهڙو ملڪ آهي جيڪو پاڪستان حڪومت جي ڪا مدد ڪري سگهي ٿو، پر اهو اڃان فيصلو ئي نه ٿي سگهيو آهي ته طالبان کي ڳالهين لاءِ آفيس کولڻ گهرجي به يا نه پر جي طالبان سان ڳالهين لاءِ آفس کلي به وڃي ته ڇا ان ۾ مان ڪا تڪڙي اميد ڪري سگهجي ٿي، ڇو ته اڃان افغان طالبان واري قطر جي آفس مان به ڪا خاص اميد نظر نه آئي آهي. پر وري به جي خان صاحب جي خواهش آهي ته پاڪستاني طالبان ۽ حڪومت ڳالهين لاءِ آفيس کولي ته پوءِ ان تي غور ڪرڻ گهرجي ته اها آفيس ڪٿي کولڻ گهرجي.
imsbaloch@hotmail.com

1 comment:

  1. Sarwar Sain.... Congrates... well written... May God Success you...

    ReplyDelete