Sunday 8 September 2013

Karachi Situation and MQM Demands


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3334


ڪراچي جون حالتون ۽ متحده جو مطالبو
سرور بلوچ
ڪراچي جون حالتون خراب ٿيڻ پويان گهڻائي سبب آهن ، ۽ انهن سببن جي حڪومت کي به ڄاڻ آهي ، پر سياسي حڪومتون سياسي سببن ڪري ڪارروائي کان لنوائين ٿيون ، ڪراچي روشنين جي شهر مان بدامني ، قتل وغارت ، ڌماڪن جو شهر بڻجي ويو آهي ، سڪيورٽي ادارا ڪراچي جي حالتن جا ذميوار ڀتا مافيا ، پلاٽن تي قبضا ، سياسي طاقت جو مظاهرو ، منشيات ، ڀنگ لاءِ اغوا ۽ ٻين ڪيترن ئي ظاهري ۽ لڪيل قوتن کي ڄاڻائيندا آهن ، ڪراچي ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ڏينهن هوندو جڏهن ڪنهن گهر ۾ ماتم نه ٿيندو هجي ، هڪ ڏينهن اندر ڪيترن ئي ماڻهن کي بي گناهه ابدي ننڊ سمهاريو وڃي ٿو ، ڪراچي ۾ ٿيندڙ ڪاروائين ۽ بدامني جا الزام  سڀ کان وڏي پارٽي سڏائيندڙ متحده تي پڻ لڳندا رهيا آهن ، ۽ ساڳئي طريقي سان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي پڻ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين انهن الزامن ۾ گهريل رهيا آهن ، ڪراچي جون حالتون 1992 کان اڳ به ڪي خاص بهتر نه هنيون ، ۽ انهن ڏينهن ۾ ٿيندڙ ڪاروائي تي متحده کي جيڪي خدشا ۽ شڪايتون هنيون تن جي باري ۾ هو مختلف فورمن تي دانهيندا به رهيا آهن ، تازو متحده سربراهه الطاف حسين وري ملڪ ۾ پنهنجي تقرير سان هڪ نئين بحث کي ڇيڙي ڇڏيو آهي ، الطاف حسين جيڪو 1992 ۾ فوج جي ڪراچي ۾ ٿيل آپريشن جي نه رڳو سخت مخالفت ڪئي پر سڪيورٽي ادارن مٿان قانون کان مٿاهان قدم کڻي سندن ساٿين کي قتل ۽ گم ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون پڻ ڪندو رهيو آهي ، پر اچانڪ هن جي تازي تقرير ۾ جڏهن هن چيو ته ڪراچي کي فوج حوالي ڪيو وڃي ته ان ڳالهه تي سياسي جماعتن نه رڳو تنقيد ڪئي پر اسيمبلي اندر پڻ سخت رد عمل جو مظاهرو ڪيو ويو، پيپلز پارٽي ، نواز ليگ ، تحريڪ انصاف ان مطالبي کي هڪ وڏي سياسي غلطي ڪوٺيو آهي ، متحده جي ان مطالبي جي ڪنهن به وڏي سياسي پارٽي حمايت نه ڪئي آهي ، ان جو ڪارڻ اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ڪنهن به صورت ۾ ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جي ڳالهه نه رڳو غير سياسي پر غير جمهوري آهي ، جنهن جي جواب ۾ متحده اڳواڻ فاروق ستا چيو ته اسان کي خبر آهي ته اهو مطالبو غير جمهوري ۽ غير سياسي آهي پر حالتن جي ڪري اسان اهڙو مطالبو ڪيون ٿا موصوف پنهنجي ڳالهه کي وزنائتو بنائڻ لاءِ آئين جا آرٽيڪل پڻ ٻڌائي ڇڏيا ، متحده جي سربراهه الطاف حسين پڻ لنڊن مان ڪيل پنهنجي مطالبي ۾ آرٽيڪل ۽ آئين مطابق ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جا دليل ڏيندي چيو ته جيڪو ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جي مخالفت ڪري رهيا آهن انهن کي آئين جو مطالعو ڪرڻ گهرجي ته جڏهن حالتون جمهوري حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي وڃن ته پوءِ فوج کي گهرائي سگهجي ٿو، پنهنجي ڳالهه کي اڃان به وزنائتو ثابت ڪرڻ لاءِ متحده ڪراچي جي واپارين سان گڏجي هڪ احتجاجي ريلي پڻ ڪڍي جتان واپارين جي ڪلهي تي بندوق رکي ڪراچي ۾ فوج گهرجي واري گولي هلائي ويئي، ڪراچي جا واپاري ڪهڙي خوف سبب ايئن ڪرڻ تي مجبور ٿيا اها ته سڀني کي چڱي ريت خبر آهي ، ڪراچي ۾ واپاري جنهن عذاب ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ۽ جنهن نموني سندن ڪاروبار کي خطرا لاحق آهن انهن وٽ ٻيو ڪو چارو به نه آهي ته هو ڪنهن کي انڪار ڪري سگهن ، هونئن به چوندا آهن ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ، ڪراچي ۾ فوج جي مطالبي تي سياسي پارٽيون خفا آهن ته آخر متحده سياسي پارٽي سڏائي غير سياسي ۽ غير جمهوري مطالبو ڇوڪري رهي آهي ، جڏهن ته ڪراچي جون حالتون 2013 جي چونڊن کان پوءِ نه پر گهڻو اڳ کان خراب آهن ، متحده گذريل مشرف دور کان وٺي حڪومت ۾ رهي آهي ، ان وقت به ڪراچي جون حالتون ساڳيون هنيون جيڪي اڄ آهن ، پر ان وقت جڏهن متحده حڪومتي بئنچن تي ويٺي هئي تڏهن کين ڪراچي جون حالتون ۽ انهن جي حل بابت ڇو خيال نه آيو، اها ڳالهه متحده جي ان مطالبي کان وڌيڪ وزنائتي آهي ، متحده جي حالت هن وقت تمام گهڻي خراب ان ڪري به ٿي ويئي آهي ته هڪ پاسي سندن سربراهه کي لنڊن ۾ پنهنجي ئي پارٽي جي هڪ باغي اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي قتل ڪيس جي جاچ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ٻيو ڪراچي مان ويندڙ هڪ وڏي رقم جو حساب ڪتاب پڻ ڏيڻو آهي ، ڪراچي مان ايتري وڏي رقم اُها به هڪ غريبن جي پارٽي اڳواڻ کي ڪنهن ڏنا اهو سوال پاڪستان سان گڏ برطانيه لاءِ به اهم بڻجي ويو آهي ، چندي جي نالي يا ڪنهن ٻين ذريعن مان گڏ ڪيل اها رقم سامهون اچڻ ۽ سندن سربارهه خلاف ڪارروائي کان پوءِ متحده ۾ وڏي هلچل مچي ويئي هئي ، ڪراچي ۾ متحده جي نالي تي ورتل چندي جي نالي تي ڀتي جي متحده نه رڳو انڪار ڪئي پر انهن ڪاروائين ۾ شامل پنهنجن ڪارڪنن کي پارٽي مان پڻ ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ، متحده جي سربراهه پاران ڏنل هاڻوڪي مطالبي مان ته ايئن لڳي رهيو آهي ته واقعي متحده ڪراچي ۾ چندي ۽ ٻي مد ۾ رقم گڏ ڪندڙ سيل بند ڪري ڇڏيا آهن ، ان ڪري ئي متحده ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ، پر عجب ڳالهه وري سامهون آئي آهي ته الطاف حسين ڪراچي ۾ فوج گهرائڻ جو مطالبو ته ڪيو آهي پر سندس چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ فوج ضرور اچي پر 1992 وانگر آپريشن نه ٿيڻ گهرجي ڇوته 1992 ۾ رڳو متحده کي نشانو بڻايو ويو هو ، مطلب ته سندس چوڻ آهي ته هن ڀيري متحده کي ڇڏي ٻين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ، حيرت ته ان ڳالهه جي آهي ته ڪراچي جي سڀ کان وڏي پارٽي سڏائيندڙ ۽ ڪراچي جي سڀني کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ متحده کي ڇڏي باقي ڪنهن خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي ، ڪراچي ۾ بدامني ، ڀتا مافيا ، اغوا ۽ دهشتگردي خلاف مختلف فورمن تان آواز اٿندا رهيا آهن ، پر ان لاءِ ڪڏهن به هڪ طرفي ڪاروائي جي ڳالهه نه ٿي آهي ، اگر متحده جي سربراهه کي ڪراچي جو امن ايترو ئي پيارو آهي ته هن کي ٻين وانگر پهرين مان ” واري فارمولي تي ڳالهائڻ گهرجي ۽ پهرين پنهنجي علائقن مان هٿيار ڦٽا ڪرڻ ۽ ڪارروائي جو اعلان ڪرڻ گهرجي باقي رڳو پاڻ کي معصوم ۽ ٻين کي قاتل چوڻ سان ڪڏهن به ڪراچي جو امن امان بحال نه ٿيندو جيستائين سڀئي پارٽيون  پنهنجا مفاد هڪ پاسي رکي ، پنهنجن پارٽين مان هٿيار بند ٽولا ختم ڪري سامهون نه آيا ، ڪراچي جو امن بحال نه ٿيندو .
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment