Sunday 8 September 2013

Taliban Attack D.I Khan Jail

طالبان جا جيلن تي حملا ۽ حڪومتي انتظام
سرور بلوچ
تحريڪ طالبان پاڪستان پاران 2012 ۾ بنون جيل مان قيدين کي آزاد ڪرائڻ واري فلم ڏسي مون کي ان ڪري به حيرت نه ٿي آهي ته اها فلم ڀرڻ ۽ رليز ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي ته اوهان کي ٻڌائجي ته اسان اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ، جيڪو اسان ڪرڻ چاهيون ٿا ، انٽرنيٽ تي جاري ڪيل فلم 18 منٽ 47 سيڪنڊن جي آهي جنهن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته نه رڳو هٿيارن پر مڪمل اوزارن سان ليس ٿيل حملي آور آزاداڻي طريقي سان جيل جي بيرڪن جا تالا ٽوڙي قيدين کي ٻاهر ڪڍي رهيا آهن ، ان فلم ۾ اسان کي ڪٿي به نظر نٿو اچي ته حملي آورن کي اها پريشاني هجي ته اسان خلاف ڪا ڪاروائي ٿيندي يا اهڙي حملي بعد جيل ٻاهر ڪا وڏي نفري موجود هوندي جنهن سان اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو ، ان فلم ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته الله اڪبر جي نعرن سان تالا ٽوڙيندڙ ۽ الله اڪبر جي نعري سان سندن جواب ڏيندڙ ۽ بيرڪن مان ٻاهر نڪرندڙ قيدي پرسڪون نظر اچي رهيا آهن ، ۽ ان ۾ ڪوبه شق ناهي ۽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته دهشتگردن پاران ڪيل هر ڪارروائي ڪامياب وڃي ٿي ۽ اسان جي حڪومت وري طالبان جي  ڪارروائي بعد انهن جو پيڇو ڪرڻ بجاءِ انڪوائري ويهاري ان سڄي معاملي کي فائلن جي نظر ڪري وري ٻي حملي جي انتظار ۾ ويهي رهندا آهن ، ڊيرا سماعيل خان سينٽرل جيل تي حملو پهريون واقعو نه آهي ان کان اڳ اپريل 2012 تي به ساڳئي نموني تحريڪ طالبان پاڪستان بنون جيل تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ به گاڏين جي قافلي ۾ 2 سو 50 هٿيار بند طالبان بنون جيل تي حملو ڪري بيرڪن جا تالا ٽوڙي پنهنجي 3 سو 84 ساٿين کي ڇڏايو هو ، جنهن ۾ مشرف حملي ڪيس ۾ سزائي موت جو قيدي عدنان رشيد به شامل هو ، ان واقعي کانپوءِ ملڪ جي ڪيترن ئي جيلن کي حساس قرار ڏنو ويو هو  پر نئين ٿيل حملي کانپوءِ ائين لڳي پيو ته اهي جيل رڳو ڪاغذن ۾ حساس هئا. ۽ تازو تحريڪ طالبان پاران ڊيرا اسماعيل جيل تي ساڳئي طريقي سان حملو ڪيو ويو جنهن حملي ۾ به هو آزادي سان پنهنجا 240 کان وڌيڪ طالبان قيدي ڇڏائي فرار ٿي ويا ، اڳين حملي وانگر هن حملي ۾ به آزاد ٿيلن ۾ تحريڪ طالبان جا اهم اڳواڻ شامل آهن ، ٽي کان چار ڪلاڪن تائين هلندڙ ان ڪاروائي ۾ به طالبان کي ڪا خاص پريشاني نه ٿي هوندي ڇو ته جي طالبان سان ڪو وڏو مقابلو ٿيو هجي ها ته هو لائوڊاسپيڪر تي نالا پڪاري پنهنجا ساٿي ٻاهر ڪڍي نه وڃن ها ، حڪومت ڪٿي هُئي سڪيورٽي ادارن حملي وقت ۽ ان کانپوءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ۽ ڇاڪيو اهو ته نه اڳ ڪڏهن خبر پئجي سگهيو آهي نه وري اڳتي خبر لڳي سگهندي ، حڪومت رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي انوڪوائري ويهاري ڇڏي پر اها سڀني کي خبي آهي ته اهڙن انڪوائرين مان نه اڳ ڪجهه مليو نه اڳتي ڪجهه ورندو  ، بنون جيل حملي مان اسان ڪو سبق نه ورتو جنه ڪارڻ وري ايڏو وڏو حملو ٿي ويو ۽ اڃان تائين به ملڪ جي ٻين ڪجهه اهڙن جيلن جتي تحريڪ طالبان سا ساٿي قيد آهن انهن تي حملا ٿي سگهن ٿا ، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اڳوڻو وزير داخلا رحمان ملڪ ڪجهه عرصي جي وٿي کان پوءِ يا ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪنهن دهشتگدري حملي کانپوءِ ٽي وي تي اچي عجب ڪهاڻيون پيو ٻڌائيندو هو ، جڏهن به ڪو خاص ڏهاڙو ايندو هو ته اها خبر ضرور ايندي هئي ته سڪيورٽي ادارن جي ذريعن مان اطلاع مليا آهن ته فلاڻي شهر ۾ ڪجهه دهشتگرد داخل ٿي ويا آهن ، ڪڏهن وري انهن جو انگ ۽ ڍنگ به ٻڌايو ويندو هو ، وري جڏهن ڪو مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪنهن حملي جي ذميواري حڪومت تي هڻي سندن ناڪام پاليسن تي دانهيندو هو ته وري ساڳئي طريقي سان ان تي يا ان جي پارٽي جي ڪنهن وڏي اڳواڻ کي اشارو ڏيئي ڇڏبو هو ته توهان دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهيو پنهنجي حفاظت ڪيو ، دهشتگردي حملا ملڪ جي هر ڪنڊ ڪرڇ ۾ ٿي رهيا آهن ، جيڪي هاڻ سنڌ ۾ پڻ داخل ٿي ويا آهن تازو سکر ۾ جنهن نموني سان ڪاروائي ٿي ان مان هاڻ اهو چوڻ مشڪل نه آهي ته دهشتگرد ڪٿي ۽ ڪابه ڪاروائي ڪري سگهن ٿا ، پر هڪ ڳالهه جيڪا هميشه پريشان ڪندڙ رهي آهي ته اسان جي ملڪ جي بجٽ جو وڏو حصو جنهن سڪيورٽي جي نالي تي خرچ ٿئي ٿو اسان ان سڪيورٽي جي مسئلن کي ڪيترو بهتر ڪري سگهيا آهيون ، جڏهن اسان جي خفيه ادارن کي ڪجهه شدت پسند ، شر پسند يا دهشتگردن جي ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ سندن تعداد جي ڄاڻ ملي ٿي ته انهن کي روڪڻ ڇو مشڪل ٿي وڃي ٿو ، جڏهن اسان بجٽ جو وڏو حصو خرچ ڪرڻ باوجود انهن دهشتگردن کي قابو نٿا ڪري سگهون ، ته پوءِ عوامي بجٽ ۾ گهٽتائي ڪري اسان پنهنجي ملڪ ۾ شدت پسندي ۽ شر پسندن کي گهٽ ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ واڌاري جو سبب بڻجي رهيا آهيون ، ملڪ ۾ وڌندڙ بي روزگاري ، بجلي جو بحران ، مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ جيڪي گهرو پريشانين ۽ ٻين مسئلن ڪري خودڪشي نه ٿا ڪن سي وري ڪنهن اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي ٿا وڃن جيڪي انهن جو غلط استعمال ڪري پنهنجا ۽ ٻاهرين قوتن جا مقصد حاصل ڪري اسان جي ملڪ کي نقصان پهچائين ٿا ، اسان جي حڪومت سڀ ڪجهه خبر هوندي به بي وس نظر اچي رهي آهي ، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ فرقه واراڻا فساد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ، اسان جي حڪومت اڪثر دهشتگردي جي حملن ۾ خودڪش جو نالو استعمال ڪري پاڻ کي بي وس ۽ معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ، ڇو ته جيڪو پنهنجي پيٽ سان بم ٻڌي اچي هن کي ڪير ٿو روڪي سگهي ، اڪثر اهي ڳالهيون حڪومت پاران ٻڌڻ ۾ ملنديون آهن ، هڪ لمحي لاءِ رڳو ان تي يقين ڪجي ته اسان پنهنجو پاڻ ماري ٻين کي ماريندڙ کي کڻي نٿا روڪي سگهون پر اهو شخص آسمان مان ته نٿو لهي ، حملي آور هڪ پلاننگ تحت حملو ڪن ٿا ، هنن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا ، هو ڪيئن اهڙن خاص جڳهن تي پهچي وڃن ٿا ۽ ٻيا کوڙ اهڙا سوال آهن جن جي جواب ۾ گهڻو ڪجهه لڪيل آهي ، حڪومت جي ان ڳالهه ته خودڪش کي روڪڻ ممڪن نه آهي يا ڏکيو آهي ، ان تي ٿوري دير لاءِ اسان يقين ڪري به وٺون پر پاڪستان جي تاريخ  ۾ جيلن تي ٿيندڙ ٻه وڏا حملا ۽ اُهي به ڪامياب حملا حڪومت جي هر ڳالهه کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ کوڙ آهن ، ڇو ته جيل تي حملي ڪندڙ پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لاء اچن اُهي به سون جي تعداد ۾ ۽ ٽي چار ڪلاڪ جي ڪاروائي ڪري پنهنجا ماڻهو آزاد ڪري هليا ٿا وڃن پر ان دوران اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪٿي به نظر نٿا اچن ، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته 20 کا 25 گاڏيون ۾ سوار 1 سو 50 ماڻهو پهاڙن مان ڊيرا اسماعيل خان ۾ داخل ٿين ٿيا ، ڪنهن کي ان چُر پُر جي خبر نٿي لڳي ۽ ڪنهن شهر ۾ ٻه دهشتگرد داخل ٿين ٿا ته ان جي اڳواٽ خبر پئجي ٿي وڃي ،  بنون جيل تي ٿيندڙ ڪاروائي کان پوءِ ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڪنهن ٻي ڪاروائي ۽ طالبان جي اهڙي وڏي پئماني تي چُرپُر جي نظر داري رکڻ لازمي هو پر تازي ٿيل ڪاروائي مان اهڙي ڪا به شئي نظر نه آئي آهي . حڪومت کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته تحريڪ طالبان جي پهرين ڪاروائي جو بدلو ورتو وڃي ها يا انهن خلاف ڪا سخت ڪاروائي ڪجي ها ۽ ملڪ ۾ حفاظتي انتظان خاص ڪري جيلن جي سڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ها ته شايد اهڙو واقعو نه ٿي سگهي ها پر ٻيو دفعو جيل تي ٿيندڙ طالبان جي ڪاروائي هنن جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا آهن ، ۽ حڪومت پاران به ان ڪاروائي بعد ڪا وڏي جوابي ڪاروائي نظر نه آئي آهي ، ۽ نه ئي وري طالبان جي جيلن تي حملن بعد اسان کي ملڪ ۾ ٻين جيلن ۾ ڪي خاص قسم جا فول پروف انتظام به نظر نه اچي رهيا آهن ، تحريڪ طالبان پاڪستان جي بنون ۽ ڊيرا سماعيل خان جي جيلن تي ڪيل وڏن حملن ۽ پنهنجا 6 سو کان وڌيڪ ساٿي ڇڏائڻ بعد به ملڪ جي جيلن جي حفاظت لاءِ انتظام نه ڪيا  ته تحريڪ طالبان ڪجهه مهين جي پلاننگ بعد وري ڪنهن جيل تي حملو ڪري پنهنجا ساٿي ڇڏائڻ لاءِ پهچي ويندا ۽ اسان وري سندن روانگي تي جيل عملي ۽ ڪجهه آفيسرن کي مجرم ڄاڻائي خاموش ٿي ٻئي حملي جو انتظار ڪنداسين .  
imsbaloch@hotmail.com


No comments:

Post a Comment