Sunday 8 September 2013

Container Transactions


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3498


ڪنٽينرن وارو مامرو: حقيقت ڇا آهي ؟
سرور بلوچ
ڪراچي ۾ (Law and Order) جي حالت اها آهي ته نه ڪو (Law) قانون تي عمل ٿئي ٿو نه وري ڪٿي قانون نظر اچي ٿو، ٽيڪسي هلائيندڙ عام ماڻهو کي گولين جو کاڄ بڻايو وڃي ٿو ۽ ٽارگٽ ڪلر ۽ دهشتگرد هٿ ئي ڪونه ٿا اچن، ۽(Order)  حڪم ته ڪو مڃڻ لاءِ تيار ئي نه آهي، اڪثر حڪومت پاران جاري ڪيل حڪم رڳو ڪاغذن ۾ ئي رهجي وڃن ٿا، ان تي عمل ڪٿي به نٿو ٿئي، قانون جي بالادستي لاءِ ان کي سياست کان پاڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، تڏهن ئي امن امان جي صورتحال بهتري ڏانهن وڃي سگهي ٿي، سڄي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال اطمينان جوڳي نه آهي پر ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي، ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ هر حڪومت لاءِ هڪ چئلنج ئي رهيو آهي، ڪراچي مان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پارٽيون هڪ ٻئي تي الزام تراشيون ڪري پوائنٽ اسڪورنگ ئي ڪنديون رهيون آهن، پر ڪڏهن به سڀني گڏ ويهي پڪي ۽ پختي ارادي سان شهر جي امن امان بابت ڪي اسرائتا فيصلا نه ڪيا آهن، ڪراچي نه رڳو ملڪي پر بين الاقوامي طور تي پڻ وڏي اهميت جو حامل شهر آهي، پر ان شهر ۾ وڌندڙ بدامني نه رڳو ڪراچي جي رهندڙ ن پر سڄي سنڌ ۽ ملڪ جي ماڻهن لاءِ پريشانين جو سبب بڻجي رهيو آهي، ڪراچي ۾ جديد هٿيارن جو استعمال ۽ انهن جو ان شهر ۾ پهچڻ تي پڻ سوال اٿندا رهيا آهن، ته ڪراچي جهڙي شهر ۾ آخر ايتري وڏي تعداد ۾ هٿيار ڪٿان ۽ ڪهڙي رستن تان اچن ٿا ۽ سڪيورٽي ادارا ان کان بي خبر ڪيئن آهن، ڪراچي ۾ جاري بدامني ۽ ان ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيارن جي بحث دوران هڪ ڳالهه سامهون آئي هئي ته ڪراچي جي بندرگاهه مان وڏي تعداد ۾ هٿيار غائب ٿيا هئا ۽ اهي هٿيار نيٽو جي ڪنٽرين سوڌو غائب ٿيڻ جي ڳالهه سامهون آئي هئي، ٻن اڍائي سالن کان ان ڳالهه تي هميشه گوڙ ٿيندو رهيو هو ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ ٽارگٽ ڪلنگ يا تخريب ڪاري لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار اُهي آهن جيڪي نيٽو جي ڪنٽيرن مان چوري ٿيا بلڪه ڪنٽرينرن سوڌو لاپته ٿي ويا، پوليس جي اعلي عمدارن سميت رينجرز پاران پڻ اهڙيون ڳالهيون سامهون آيون هيون. جيئن ته ان وقت پورٽ اينڊ شپنگ جو وفاقي وزير بابر غوري هو ۽ ان جو تعلق متحده سان ته هميشه ان خلاف ئي الزام لڳندا رهيا هئا ته انهن ڪنٽينرن کي غائب ڪرڻ ۾ سندس هٿ آهي، متحده پاران ان ڳالهه جي ترديد پڻ ٿيندي رهي هئي، پر جڏهن ڪراچي بدامني ڪيس دوران ان معاملي تي بحث ٿيو ته ڪجهه وڌيڪ ڳالهيون سامهون اچڻ شروع ٿي ويون، ان کان اڳ ته اها ڳالهه ٿيندي رهي هئي ته نيٽو جا هزارن جي تعداد ۾ ڪنٽينر غائب ٿيا آهن، هر ماڻهو جي واتان جدا جدا انگ سامهون ايندا رهيا هئا، پر آخر وڃي اهو انگ 19 هزار ڪنٽينرن تي بيهي رهيو. ڪراچي جي بندرگاهه مان 19 هزار ڪنٽينر غائب ٿي ويا ۽ انهن ۾ نيٽو جا هٿيار يا ڪجهه ٻيو سامان هو، پر ان تي حڪومت ڪجهه به نه ڪيو رڳو هڪ ٻئي تي الزام هڻي پنج سال گذاري ويا، ۽ ان دوران آمريڪا ۽ نيٽو پڻ ان معاملي تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، پر اوچتو جڏهن ڪراچي بدامني ڪيس دوران 19 هزار ڪنٽينرن جي غائب ٿيڻ جي ڳالهه تي زور وڌو ويو ۽ انڪوائري جي ڳالهه ٿي ته آمريڪا به جاڳي اٿيو ۽ ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ويئي ته اسان جا ڪي به هٿيار سان ڀريل ڪنٽينر غائب ئي نه ٿيا آهن، امريڪي سفارت خاني پاران 19 هزار آمريڪي ۽ ايساف ڪنٽينر گم ٿيڻ واري دعوي کي رد ڪندي چيو ته “آمريڪا ۽ ايساف ڪراچي جي بندرگاهه مان هٿيار نه گهرايا آهن، بندرگاهه رڳو سفارتي ۽ فوجي سامان لاءِ استعمال ٿئي ٿي، جڏهن ته سامان گهرائڻ لاءِ ڪسٽمز کان لائسنسن يافته ڪيريئر گهرايا وڃن ٿا، آمريڪا ڪراچي مان ايندڙ ۽ ويندڙ سموري سامان جو حساب ڪتاب رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو” آمريڪي سفارت خاني جي هن بيان ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو ته اڳتي هلي سامهون ايندو، پر ان ڳالهه تي پڻ حيرت آهي ته آخر ان معاملي تي هيڏي وقت کان گوڙ هلندڙ هو پر آمريڪا ان وقت ڇو منظر تان غائب رهي، ۽ اهو بيان ڪنٽينر غائب ٿيڻ جي خبرون اچڻ وارن ڏينهن ۾ ڇو نه ڏنو ويو. آمريڪا جي تازي بيان ڪيترن ئي سوالن کي پڻ جنم ڏيئي ڇڏيو آهي، ڇو ته آمريڪا ۽ ايساف جا ڪنٽينر ۽ اُهي به هٿيارن سان ڀريل گم نه ٿيا ته ايترو عرصو ڇو بيان جاري نه ٿيو، ڇا ڪجهه لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڇو ته ڪنٽيرن جي غائب ٿيڻ ۽ انهن ۾ موجود هٿيارن جو ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ استعمال جون ڳالهيون پڻ سامهون آيون آهن، ۽ حڪومت پڻ ڪراچي ۽ بلوچستان ۾ ٻاهرين قوتن پاران امن امان کي خراب ڪرڻ جا الزام هڻندي رهي آهي ۽ انهن ٻاهرين قوتن جي قطار ۾ ڪنهن ڪنڊ پاسي کان ظاهري يا لڪيل آمريڪا جو نالو به ايندو رهيو آهي، ۽ جتي آمريڪا ڪنٽينرن جو حساب ڪتاب رکڻ جي صلاحيت جي ڳالهه ڪري ٿي ته اُتي اها ڳالهه به سمجهڻ کپي ته ڪجهه اهڙا ڪم ۽ ڪاروائيون به هونديون آهن، جنهن جو حساب ڪتاب قانون مطابق نه رکيو ويندو آهي، پر جي هڪ لمحي لاءِ آمريڪا جي ان بيان کي صحيح مڃي وٺجي ته پوءِ پاڪستان حڪومت جي ان بيان کي ڪيئن ڏسجي ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ تخريب ڪاري ، ٽارگٽ ڪلنگ ۽ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار آمريڪي ڪنٽينرن وارا آهن، اهي بيان نه رڳو حڪومت سندن مخالفن پر پوليس ۽ رينجرز پاران پڻ سامهون ايندا رهيا آهن، ان سڄي معاملي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏنو آهي ته آخر آمريڪا جا ڪنٽينر غائب ئي نه ٿيا آهن ته پوءِ 19 هزار جو انگ ڪٿان آيو ۽ ڪنهن ڏنو ، ۽ جي اهي ڪنٽينر آمريڪا ۽ ايساف جا نه هئا ته پوءِ ڪنهن جا هئا ۽ ڪراچي ۾ ڪنهن گهرايا هئا ، ۽ اُهي پوءِ ڪيڏانهن غائب ٿي ويا، ۽ انهن ۾ ڪهڙيون شيون هنيون. انهن سوالن جا جواب ملندا به الائي نه پر ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته آمريڪا جي ڪنٽينرن ۾ هٿيار ايندا ئي نه آهن ته پوءِ اهو بيان ڪيتري صداقت رکي ٿو ته ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار آمريڪي يا نيٽو جا هئا، ۽ اهي ڪنٽينرن مان نه آيا ته پوءِ ڪهڙن رستن تان ڪراچي تائين پهتا، انهن منجهيل سوالن جا جواب ٿي سگهي ٿو ته ڪراچي بدامني ڪيس ۾ سامهون اچي وڃن، ان سلسلي ۾ اها خبر پڻ سامهون آئي آهي ته سپريم ڪورٽ پاران ڪنٽينر غائب ٿيڻ لاءِ جوڙيل ڪميشن ايف بي آر کان رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن تحت ان ڪميشن ايف بي آر کان نه رڳو رڪارڊ پر ان عرصي دوران پورٽس ۽ ڪلڪٽريس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن ۾ مقرر آفيسرن جا تفصيل پڻ گهريا آهن. ڪراچي جي بندرگاهه مان هٿيارن سان ڀريل ڪنٽينر غائب ٿي ويا آمريڪا ان ڳالهه جي ترديد ڪري ڇڏي ته اسان جا ڪي به ڪنٽينر غائب نه ٿيا آهن ، ته پوءِ ڪراچي جي بندرگاهه مان غائب ٿيل ۽ هٿيارن سان ڀريل 19 هزار ڪنٽينر آخر ڪنهن جا هئا.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment