Sunday 8 September 2013

Wars and their impact on children


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3392


جنگون ۽ انهن جا ٻارڙن تي پوندڙ اثر
سرور بلوچ
عظيم (Great)  لفظ ڪنهن سٺي ڪم لاءِ استعمال ڪبو آهي ، جيئن عظيم قومي اڳواڻ ، عظيم عورت ، عظيم ڪارنامو وغيره وغيره ، پر مونکي اڄ تائين اها ڳالهه سمجهه نه آئي آهي ، ته عظيم لفظ جي انگريزي يا ڪنهن ٻي ٻولي ۾ ڪابه معني هجي پر اسان سنڌي يا اردو ۾ ان لفظ کي ڪنهن جي چڱائي بيان ڪرڻ يا تعريف لاءِ استعمال ڪندا آهيون، پر اسان اڄ به ڪتابن ۽  لکڻين  هڪ جملو پهرين جنگ عظيم يا ٻي جنگ عظيم آساني سان ڳولي ۽ پڙهي سگهو ٿا ، مان اهو سوچي ٿوري دير لاءِ مُنجهي ضرور ويندو آهيان ته ڇا ڪا جنگ به عظيم ٿي سگهي ٿي ، ماڻهن کي مارڻ ڪو ڪارمانو ٿي سگهي ٿو ، ڪجهه ڏينهن يا مهينن تائين هلندڙ جنگ ۽ ان جا ڪيترن ئي سالن تائين نڪرندڙ ڀيانڪ نتيجن جا ڪارڻ بڻجندڙ ماڻهو تعريف جي لائق ٿي سگهن ٿا، انسانن جو حال ، مستقبل ، معيشت کي تباهه ڪندڙ جنگ، انسانن جي قتل وغارت وارو عمل ۽ ٻارڙن تي پوندڙ ان جو اثر ڪڏهن به عظيم نٿو ٿي سگهي ، جنگ ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي ، هميشه وڏي جاني ۽ مالي نقصان واري جنگ کانپوءِ ڳالهين جي ميز تي ويهي فيصلي ذريعي مسئلن کي حل ڪبو آهي ، ڇو ته اسان جي سامهون ڪافي اهڙا مثال موجود آهن ته جنگ يا بارود ذريعي ڪڏهن به امن قائم نه ٿيو آهي ، افغانستان تي ٿيندڙ جنگي ڪاروائيون ۽ حملا اسان وساري نٿا سگهون ڇوته اڄ تائين افغانستان تي حملي جي نتيجي امن نه آيو آهي ، افغان جنگ جي ڪري ڪيترائي خاندان دربدري واري زندگي گهاري رهيا آهن ، ۽ ڪيترائي ٻارڙا پاڪستان ۾ قائم ڪيل ڪئمپن ۾ صحت ، تعليم جي بنيادي سهولتن کان پري ۽ شهرن ۾ ڪاغذ چونڊڻ ۽ ڪچري جي ڍير تان ڪنا ميوا کائي کائي پيٽ جي باهه وسائيندي نظر ايندا آهن، ساڳئي نموني عرب ملڪن ۾ تبديلي جي نالي تي ٿيندڙ خانه جنگي به ڪي فائدا ته نه ڏنا آهن ، پر نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ به مشڪل آهي ، امن بندوق سان اچي ها ته عراق هن وقت پر امن علائقو هجي ها ، اُتي ماڻهو ڌماڪن ۾ نه مرن ها ، ماڻهو بک ۽ بدحالي جو شڪار نه ٿين ها ، تبديلي جي نالي تي عراق ۾ جيڪا تبديلي آئي ان ماڻهن جي زندگي ۾ بهتر تبديلي نه آندي ۽ تازو مصر ۾ ايندڙ انقلاب ۽ وري ان مٿان فوجي ڪاروائي به عام ماڻهن کي پريشانين کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏيئي سگهيو ، جنگ ڪنهن فائدي لاءِ وڙهي پئي وڃي يا ان پٺيان ڪي ٻيا هٿ ۽ مقصد آهن ، ان سڀني شين کان بي خبر اهي ننڍڙا ٻارڙا پنهنجي زندگي ۽ آئندي لاءِ پريشان آهن ، جيڪي جنگي جنون جي ور چڙهي ويا آهن ، مختلف ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ جنگن يا ملڪ ۾ اندورني گهرو ويڙهه جي نتيجي ۾ سڀ کان وڌيڪ ننڍا ٻار متاثر ٿين ٿا ، جن به ملڪن ۾ جنگون لڳيون آهن ته اُتي وڏي تعداد ۾ ٻارڙا متاثر ٿيا آهن ، ٻارڙن جو نه رڳو مستقبل تباهه ٿئي ٿو پر اڪثر ٻارڙا پنهجيون حياتيون به وڃائي ويهن ٿا ، جنگن جي نتيجي ۾ ڪئمپن ۾ زندگي گهاريندڙ خاندانن جي ٻارن جون زندگيون داءُ تي لڳل هونديون آهن ، جنگن جي نتيجي پنهنجن گهرن کان نڪري پنهنجي ملڪ يا ٻين ملڪن ۾ مهاجر ڪئمپن ۾ رهندڙ خاندانن ۾ وڏن جي مقابلي ۾ ٻارڙا تمام جلدي موسمي اثرن ۽ کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي جي ڪري مختلف بيمارين جي ور چڙهي وڃن ٿا ، افغانستان ۾ وڏي عرصي کان هلندڙ خانه جنگي ۽ ٻاهرين قوتن جي حملي جي نتيجي ۾ به ٻارڙن وڌيڪ ڀوڳيو آهي ، اقوام متحده موجب “افغان جنگ ۾ شهرين جي مارجڻ ۾ اضافو ٿيو آهي ، رپورٽ موجب ان ۾ عورتن ۽ ٻارن جو تعداد وڌيڪ آهي ، هلندڙ سال ۾ عورتن جي مارجڻ جي انگ ۾ 61 سيڪڙو ۽ ٻارڙن جي مارجڻ جي انگ ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.”  ساڳئي طريقي عرب ملڪن ۾ پڻ ٻارڙا شديد مشڪلات ۾ آهن ، عراق جنگ دوران پڻ گلڙن جهڙن ٻارڙن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو ، ۽ لکن جي تعداد ۾ ٻارڙا انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ دربدر ٿيا ، اڃان تائين عراق ۾ امن امان جي صورتحال اطمنان جوڳي نه آهي ، هن وقت سڄي دنيا جون نظرون هڪ ٻي عرب ملڪ شام ڏانهن آهن ، جنهن تي امريڪا حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهي آهي ، اڳ مختلف ملڪن تي حملي جي نتيجن کان با خبر هوندي به امريڪا شام تي حملي جي رٿا بندي ڪئي آهي، ٻين ملڪن ۾ اهڙين جنگن جي نتيجي ۾ ماڻهن جون حياتيون خاص ڪري معصوم ٻارڙن جون حياتيون وڃائيندڙ جنگ ڪڏهن به فائدو نه ڏيئي سگهيو آهي ، شام يا دنيا جي ٻين ملڪن ۾ اقتدار لاءِ ٿيندڙ جنگ ڪندڙ حڪمران يا سندن مخالف انهن عام ماڻهن ۽ خاص طور تي ٻارڙڻ کي ڇو وساري ويهندا آهن ، جنهن جي مستقبل جي نالي تي ڪيل جنگ انهن جي زندگيون ئي کسي وٺندي آهي ، شام ۾ هلندڙ گهرو ويڙهه سان آيل تباهي کي ڪنهن به ريت جائز نٿو قرار ڏيئي سگهجي ، حڪومتي قدم هجن يا سندن مخالفن جون ڪاروائيون ٻنهي ڌرين کي ان ڳالهه بابت ضرور سوچڻو پوندو ته جنگ جا نتيجا ٻين عرب ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ويا آهن ، حڪومتن جا تختا اونڌا ڪرڻ سان يا حڪومت پاران ماڻهن جي ڳالهه نه مڃڻ سان نقصان وري به عام ماڻهن کي ڀوڳڻو پوندو آهي ، شام ۾ ٿيندڙ خانه جنگي ۾ به سڀ کان وڌيڪ مسئلن ۾ ٻارڙا ئي ڦاٿل آهن ، اقوام متحده موجب “ شام ۾ ٿيندڙ گهرو ويڙهه جي نتيجي ۾ ڀڄي نڪتل ٻارڙن جو انگ 10 لک کان وڌيڪ آهي ، جن جون عمرون 11 سال جي ويجهو آهي ۽ جيڪي جنگ جي خوف کان ڀڄي ويا آهن ۽ اڪثر پنهنجن عزيزن کان وڇڙي ويا آهن ، جڏهن ته شام جنگ ۾ 20 لک کان وڌيڪ ٻارڙا سڌي يا اڻ سڌي طرح متاثر ٿيا آهن ، جنگ سبب متاثر ٿيل خاندانن ۽ ٻارڙن جو وڏو انگ شام جي پاڙيسيري ملڪ اردن جي ڪئمپن ۾ پناهه وٺي ويٺل آهن ، اردن ۾ ٽي وڏا ڪئمپ آهن ، جن ۾ لکن جي تعداد ۾ شام مان آيل پناهه گير ترسيل آهن ، جڏهن ته اردن ۽ ٻين پاڙيسيري ملڪن ۽ علائقن ۾ قائم ڪئمپن ۾ لکين شامي پناهه گير آيل آهن جڏهن ته انهن ۾ 50 سيڪڙو تعداد ٻارڙن جي ٻڌائي ويئي آهي، سماجي تنظيم سيو دي چلڊرن جي نمائندي هڪ ريڊيو انٽريو ۾ اردن جي ڪئمپن ۾ رهندڙ ٻارڙن بابت ٻڌايو ته“ 10 لک ٻارڙا ڪئمپن ۾ ترسيل آهي جيڪي شديد ذهني ۽ نفسياتي دٻاءُ جو شڪار آهن ، اُهي ٻارڙا پنهنجي سامهون ٿيل ڌماڪن ۽ قتل وغارت سبب شديد ذهني انتشار جو شڪار ٿيل آهن ، ڪئمپ ۾ ترسيل 8 کان 9 سالن جي ٻار کي جڏهن ڊرائينگ ٺاهڻ لاءِ ڏبو آهي، ته اُهي پني تي پنهنجي گهر جي تصوير يا ڪنهن دريا جي تصوير سان گڏ مئل ماڻهن ، سر ڪٽيل لاش يا ڪنهن همراهه کي هٿ ۾ بندوق جهليل ڏيکاريندآ هن ، ان مان آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ٻارڙن جو ذهن ڪهڙي پاسي ڏانهن وڃي رهيو آهي.”
جنگ جا نقصان انيڪ ۽ فائدا نه هئڻ جي برابر آهن ، ان ڳالهه جي سڀني کي چڱي ريت ڄاڻ آهي ، پر ان هوندي به دنيا ۾ اڃان تائين جنگ مان ئي مسئلن جي حل کي ڳولهڻ جو سلسلو جاري آهي ، جنگ سبب مستقبل کي اونداهين ڏانهن ڌڪيندڙ قوتون اهو ڇو ويساري رهيون آهن ته انهن پاران شروع ڪيل ان جنگ جا اثر ايندڙ نسل ۾ منتقل ٿيندا ۽ پوءِ اردن جي ڪئمپن ۾ رهندڙ شامي ٻارڙن ۽ ٻين ملڪن ۾ جنگ سبب ساڳئي ذهني انتشار جا شڪار معصوم پنهنجن ذهنن ۾ نقش ٿيل بارود جي ڌماڪن ، پنهجن عزيزن جي موت جي منظرن کي مٽائي نه سگهيا ته ان جا اثر ايندڙ وقت ۾ ڪهڙا نڪرندا. جنگي جنون جي ور چڙهيل ٻارڙن جي ذهنن تان جنگ جي ڀيانڪ منظرن کي نه مٽايو ويو ته ايندڙ وقت شايد اڃان به خطرناڪ ۽ مشڪل ٿي ويندو.
imsbaloch@hotmail.com   

No comments:

Post a Comment