Sunday 8 September 2013

Kafan Main Werheal Eid

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3045

ڪفن ۾ ويڙهيل عيد
سرور بلوچ
12 سالن جي پرويز ماءُ سان ضد ڪري پنهنجي پسند جا ڪپڙا ۽ جوتا ورتا هئا، عيد جا نوان ڪپڙا ڏسندي هن ماءُ کي چيو هو ته بابا کي چئو منهنجي لاءِ نوان نوٽ ضرور کڻي اچي عيد جي ڏينهن مان ٻارن سان گڏ گهمندس، جهولن تي چڙهندس، چاٽ ۽ آئس ڪريم کائيندس، جوس پيئندس ڏاڍو مزو ايندو، لياري جي ننڍن وڏن، پوڙهن پڪن کان پڇا ڪجي ته اُهي ڪهڙيون ٻه شيون آهن جن سان اوهان کي وڌ کان وڌ چاهه آهي، ته جواب اهو ئي هوندو هڪ ته فٽبال ٻيو ڀٽو، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته لياري جا رهواسي فٽبال ۽ شهيد ڀٽو جا شيدائي آهن، ڪهڙيون به حالتون هجن پر انهن جي محبت ۾ ڪمي نٿي اچي، پرويز عيد کان ٻه ڏينهن ماءُ کان اجازت وٺندي چيو ته امان اڄ رات چاڪيواڙا ۾ فٽبال جو مئچ آهي مان به ويندس، ماءُ چيو پٽ رات جو دير تائين مئچ هلندو تون نه وڃ ننڊ اچي ويندئي ڇڏ ضد کي، پر پرويز جو جنون هن کي رهڻ نه ڏنو ماءُ جي اک لڳندي ئي هن فٽبال مئچ ڏسڻ لاءِ نڪري ويو، رات دير سان هڪ وڏي ڌماڪي سان پرويز جي ماءُ جي اک کُلي ته هن جي زبان مان بي اختيار نڪتو يا الله خير ڪجان، ٿوري دير ۾ جڏهن کيس اطلاع مليو ته اوهان جي پرويز جو ساهه پرواز ڪري ويو آهي ته هو بي هوش ٿي ويئي، لياري ڌماڪي ۾ 12 کان 17 سالن جي معصوم ٻارڙن جو وڌيڪ انگ موت جي منهن ۾ هليا ويو هو، لياري ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ 8 ٻارن سميت 17 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو پڻ زخمي ٿي پيا. جڏهن ته مارجي ويلن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ ٽيم جا 3 رانديگر 15 سالن جو عبدالخليل، 13 سالن جو ابراهيم، 12 سالن جو باسط سميت 12 سالن جو پرويز، 16 سالن جو شهاب، 15 سالن جو واسق، 16 سالن جو غلام علي، 25 سالن جو جنيد ولد اڪبر، شعيب، حاجي طارق، نواز، ياسر ۽ ٻيا شامل آهن جڏهن ته زخمين قمر، حامد، فيضان، خالد، وهاب، عذيب، رضوان، حنيف، عامر، علي، عبدالله، وحيد، سلطان، خالد، ذوالفقار، بلال، دانش، بشير احمد ۽ ٻيا شامل آهن، عيد لاءِ جتي مائٽ پنهنجي ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا خريد ڪري رهيا هئا، اُتي لياري جي پرويز ۽ ٻين ٻارن جا پيءِ پنهنجي ٻارن لاءِ ڪفن خريدڻ لاءِ مارڪيٽ ويل هئا، عيد واري ڏينهن مائرون پنهنجن ٻارن کي نوان ڪپڙا پارائي تيل ڦليل ڪري نماز لاءِ تيار ڪري رهيون هيون ته ٻي پاسي پرويز جي ماءِ پنهنجي پُٽ جي ڪپڙن تي هٿ ڦيري الائي ڪهڙن خيالن ۾ گُم هئي، لياري حملي جي ٻي ڏينهن ڪوئٽه ۾ پوليس لائن ۾ جڏهن هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ايس ايڇ او محب الله جي جنازي نماز ادا ڪئي پئي ويئي ته هڪ خودڪش حملو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي آءِ جي آپريشن فياض احمد اي ٽي ايف ۽ بلوچستان ڪانسٽيبلري جوانن  سميت  30 ڄڻا مارجي  ويا، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، ان ڌماڪي نه رڳو 30 کان وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون کسيون، پر ڪيترن ئي گهرن ۾ عيد جي تيارين کي ماتم ۾ تبديل ڪري سندن زندگيون به اجاڙي ڇڏيون، شايد اڃان به دهشتگردن کي چين نه پئي مليو جو عيد واري ڏينهن ڪوئٽه جي جامع مسجد فاروقيه ۾ عيد نماز پڙهي نڪرندڙ مٿان فائرنگ ڪري 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي ابدي ننڊ سمهاريو ويو ان واقعي ۾ 15 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي به ٿيا، جڏهن ته اسلام آباد ۾ بارهه ڪهو جي امام بارگاهه ۾ به  هڪ خودڪش حملي جي ارادي سان آيل دهشتگرد کي گارڊ فائرنگ ڪري ماري وڌو ۽ ڌماڪي جي ناڪامي سبب ڪيترن ئي ماڻهن جون زندگيون بچي ويون، ان حملي ۾ دهشتگرد جي فائرنگ ٻه سيڪيورٽي گارڊ پڻ زخمي ٿي ويا هئا، پاڪستان ۾ محرم الحرام، عيد ميلادالنبي، عيدن ۽ ٻين خاص ڏهاڙن تي دهشتگدري جا وقعا ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته ان کانسواءِ به ڏهاڪن کان اسان جو ملڪ ان دهشتگردي ۾ ائين ڦاٿل آهي جو جان ڇڏائڻ مشڪل ٿي پيئي آهي، عام ماڻهن کي نشانو بڻائيندڙ ڪهڙي ثواب خاطر اهي ڪري رهيا آهن، اهو ته هو پاڻ ئي ڄاڻن ٿا پر عام ماڻهن کي نشانو بڻائي سندن خوشين کي ماتم ۾ تبديل ڪندڙ عيد جي ڏينهن به ڪفن ۾ لاشون موڪليندڙ فرقي، مذهب، يا سياسي طور ڪنهن به پارٽي جا هجن پر شايد اُهي انسان نه آهن،  پاڪستاني حڪومتن ٻين جي ڀلي خاطر يا پنهنجي مطلب لاءِ جنهن جنگ ۾ پير پاتا ان جا اثر عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگردي جا واقعا ڀارت ۽ پاڪستان جي الڳ ٿيڻ بعد شروع ٿيا هئا، پر انهن جي شدت جي تعداد گهٽ هئي، ڪو هڪ اڌ واقعو ٿيندو هو، جنهن جو الزام انڊيا تي لڳندو هو، ۽ ساڳئي طرح جڏهن ڀارت ۾ ڪو واقعو ٿيندو هو، ته ان جو الزام وري پاڪستان تي مڙهيو ويندو هو، پر ڊسمبر 1979 تي جڏهن روس افغانستان تي پنهجون فوجون لاٿيون، ته افغاني مجاهدين انهن خلاف جنگ شروع ڪئي، ته امريڪا جيڪو روس کي ڪنهن به طريقي روس کي طاقتور قوت ٿي اُڀرڻ نه پئي ڏسڻ چاهيو، ان مجاهدين جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي، ان جو مقصد اسلام جي محبت نه پر پنهجا مفاد هئا، ان جنگ ۾ پاڪستان کي به شامل ڪيو ويو، ۽ پاڪستان ۽ هتي جي مذهبي جماعتن به روس خلاف جنگ ۾ پنهنجو قردار ادا ڪيو، پر جڏهن فيبروري 1989 ۾ روس افغانستان مان مڪمل طور نڪري ويئي ته امريڪا به پنهنجا هٿ ڇڪي ڇڏيا، روس جي ٽٽڻ ۾ ان جنگ کي به اهم سمجهيو وڃي ٿو، پوءِ اهڪ وقت آيو ته امريڪا جي مدد سان هڪ طاقت بڻنجندڙ مجاهدين دشتگرد سڏجڻ لڳا، ڪجهه سالن بعد 1996 تي طالبان جي اڳواڻ ملا عمر پنهنجي طالبان ساٿين سان ڪابل تي قبضو ڪيو، ۽ 2000 تائين طالبان افغانستان جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ علائقي تي پنهنجي حڪومت قائم ڪري اسلامي حڪومت قائم ڪري ڇڏي، مڪمل اسلامي حڪومت ڪنهن به صورت امريڪا لاءِ قابل قبول نه هو، پر هو موقعي جي تلاش ۾ هئا، جڏهن سيپٽمبر 2001 ۾ امريڪا جي ورلڊ ٽريڊ سينٽر، ۽ اهم دفائي مرڪز پينٽاگون تي جهاز ٽڪرائي حملا ڪيا ويا ته ان ۾ القائدا جي شامل ٿيڻ جي خبرن ۽ القائده جي جي اهم اڳواڻڻ جي افغانستان ۾ موجودگي تي امريڪا، افغان حڪومت کي اهي اڳواڻ پنهنجي حوالي ڪرڻ لاءِ زور ڀرڻ شروع ڪيو، پر افغانستان جي انڪار تي افغانستان تي حملو ڪري سندس حڪومت جو خاتمو ڪيو، طالبان خلاف ان جنگ ۾ پاڪستان جي شامل ٿيڻ پاڪستان ۾ هڪ نئين جنگ جي شروعات ٿي، جيڪا کڻڻ جو نالو نه پئي وٺي، هاڻ پاڪستان جي حڪمرانن کي به سوچڻو پوندو ته اڳ ٿيل غلطين سبب جيڪو عام ماڻهو ڀوڳي رهيو آهي ان مان ڪيئن جند ڇڏائجي،  اسان جي ملڪ ۾ دهشتگردي هاڻ گهڻ رخي ٿي ويئي آهي جنهن ۾ سياسي بنيادن، قبضا مافيا۽ ڏهڪاءُ پکيڙڻ لاءِ ٿيندڙ  ٽارگٽ ڪلنگ، ڀتي لاءِ ماڻهن جو قتل، مذهبي انتهاپسندي شامل آهن، پر طالبان جا حملا انهن سڀني کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ بڻيل آهن، عام ماڻهو گهڻو ڪجهه سوچڻ بعد به سمجهي نه پيو سگهي ته اها جنگ جنهن جي ۽ ڪنهن لاءِ وڙهي پيئي وڃي، اگر طالبان انهن حملن جو سبب امريڪا جي پاڪستان ۾ مداخلت ڊرون حملن کي قرار ڏين پيون تن ان جي بدلي ۾ عام ماڻهن کي ڇو ٿو نشانو بڻايو وڃي، طالبان يا ٻين قوتون عام ماڻهن ۽ خاص ڏهاڙن تي مائرن جو جهوليون ڇو اجاڙي رهيا آهن، لياري جا معصوم ٻارڙا هجن ، يا ڪوئٽه ۾ بم ڌماڪي ۾ مارجي ويل پوليس اهلڪار يا وري عيد ڏهاڙي تي نماز پڙهي نڪرندڙ ڪوئٽه واسي انهن جي زندگي انهن جي گهرڀاتين لاءِ عيد ئي هئي ۽ ڪفن ۾ ويڙهيل انهن جي عيد انهن کان سڀ خوشيون وساري ڇڏيون آهن، حڪومت جا اقدام نه ته اڳ ڪڏهن ڪارگر ثابت ٿيا آهن نه وري اڳ ٿيندي نظر اچن ٿا، پر حملي ڪندڙن کي بس التجا ئي ڪري سگهجي ٿي ته جيڪو اوهان تي حملا ڪري ان سان وڙهو باقي اوهان جي جهاد ۽ جنت وڃڻ جي خواهش انهن معصوم ٻارڙن، ۽ بي گناهه ماريلن جي موت سان ڪڏهن به پوري نه ٿيندي، بي گناهن جي هر هڪ قتل جو اوهان کي حساب ڏيڻو پوندو، ڪفن ۾ ويڙهي موڪليل عيد ۽ مائرن جو آهون اوهان جو پيڇو ڪڏهن به نه ڇڏينديون.
imsbaloch@hotmail.com


No comments:

Post a Comment