Wednesday 11 September 2013

Pak-Taliban Talks

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3555
پاڪ طالبان مذاڪرات ۽ طالبان سوچ
سرور بلوچ
پاڪستان ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ ان جو عام عوام تي اثر ڪا ڳجهي ڳالهه نه آهي، اڳ جڏهن ڪو حادثو يا قتل ٿيندو هو ته ماڻهو ان تي ڪجهه پل لاءِ ضرور سوچيندا هئا، پر هاڻ ته هر پل ٿيندڙ انسان ۽ انسانيت جي قتل سوچڻ جي صلاحيت کي به قتل ڪري ڇڏيو آهي، وزير اعظم پاڪستان نواز شريف پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ ملڪ جي سڀني پارٽين شرڪت ڪئي ۽ طالبان سان ڳالهين بابت پنهنجون پنهنجون صلاحون ڏنيون، متحده ۽ عوامي نيشنل پارٽي پاران دهشتگردن سان ڳالهين جي مخالفت جي خبرون پڻ سامهون آيون آهن، انهن پارٽين جو چوڻ آهي ته عام شهرين ۽ معصوم ماڻهن کي ماريندڙن سان ڳالهيون ڪبيون ته انهن جا حوصلا وڌندا، جڏهن ته اي پي سي ۾ شامل سياسي پارٽين جي اڳواڻن دهشتگردن سان ان شرط تي ڳالهين جي حمايت ڪئي ته پاڪستان جي آئين، قانون ۽ حڪومتي عملداري کي قبول ڪري هٿيار اڇليندڙن سان ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ جيڪڏهن دهشتگرد ڳالهين جي ميز تي نه ٿا اچن ته پوءِ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڪانفرنس  ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته فاٽا ۾ فوج موڪلي وڏي غلطي ڪئي وئي آهي، اسان سڀني کي گڏجي ڊرون حملن جي حوالي سان سخت پيغام ڏيڻو پوندو. هن چيو ته دهشتگردن سان ڳالهيون ڪيون وڃن پر جيڪي ڳالهين جي ميز تي نه اچن انهن جي خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، جڏهن ته ان وچ ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت طالبان سان ڳالهيون چاهي ٿي ته هر ممڪن تعاون ڪنداسين، پر اسان کي پرائي جنگ مان جان ڇڏائڻي پوندي. حڪومت پاران گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ حڪومت ، سندن اتحادي پارٽين ۽ حزب اختلاف پڻ ڳالهين جي حمايت ته ڪئي آهي، پر سڀني جو گڏ اهو به چوڻ آهي ته اسان کي نه رڳو هاڻ آمريڪا پاران شروع ڪيل ان جنگ مان پاڻ کي الڳ ڪرڻو پوندو پر ان سان گڏ آمريڪا پاران ٿيندڙ ڊرون حملن بابت به ڪا سخت حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، اي پي سي ۾ ڳالهيون ته سڀني پارٽين سٺيون ڪيون پر هميشه ڳالهين ۾ ڪجهه ڏي ۽ ڪجهه وٺ واري پاليسي تي عمل پڻ ڪرڻو پوندو آهي، اسان جڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ وينداسين ته اسان کي پنهنجي دماغ ۾ اها ڳالهه به ويهارڻ گهرجي ته انهن جي مطالبا اسان ڪيتري حد تائين مڃي سگهون ٿا ۽ اسان جي هٿ ۾ ڪهڙيون شيون آهن جيڪي اسان انهن کي ڏيئي سگهون ٿا، هڪ ڳالهه سامهون ايندي رهي آهي ته جڏهن ان جنگ جو باني آمريڪا طالبان سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿو ته پوءِ اسان ڇو نٿا ڪري سگهون. اها ڳالهه ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي پر آمريڪا ۽ طالبان ۾ هلندڙ جنگ ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ طالبان يا ٻين دهشتگرد ڪاروائين ۾ گهڻو فرق آهي، آمريڪا طالبان سان ڳالهيون ڪري افغانستان مان پنهنجي عزت ڀري واپسي چاهي ٿي، پر اسان کي طالبان سان گڏ ان ملڪ ۾ ئي رهڻو آهي. پاڪستان ۾ هاڻ رڳو طالبان ئي دهشتگرد ڪاروائين ۾ ملوث نه آهي، پر هاڻ اسان جي ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي هاڻ گهڻ رخي ٿي ويئي آهي، طالبا هاڻ ڪنهن هڪ ڌڙي جو نالو نه رهيو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ پنهنجي يا پرائي جنگ دوران اسان جي ملڪ ۾ طالبان يا ڪجهه ٻين شر پسند ، شدت پسند يا دهشتگردن پاران ڪجهه اهڙيون ڪاروائيون به ڪيون ويون آهن، جنهن جو تعلق ڪنهن به طريقي سان آمريڪا جي جنگ يا انهن سان دشمني جي نتيجي ۾ نه ڪيون ويون آهن، خيبر پختون خواهه مان اسان کي اڪثر اهي خبرون ملنديون رهيون آهن ته طالبان اسڪولن خاص ڪري ڇوڪرين جي اسڪولن کي تباهه ڪرڻ ۾ ملوث آهن، جڏهن ته انهن علائقن ۾ ڪنهن به قسم جي سزا ۽ جزا به طالبان پنهنجي قانون مطابق ڏيندا آهن، طالبان سان ڳالهين جون ڳالهيون مختلف وقتن ۾ ٿينديون رهيون آهن، پر ان تي عمل نه ٿيڻ ڪري اُهي بي اثر ٿي ويون آهن، نئين آيل حڪومت وري طالبان سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن لاءِ سڀني پارٽين جي صلاح مشوري لاءِ اي پي سي پڻ گهرائي هئي، جنهن کان پوءِ حڪومتي ڌر طالبان ڳالهين لاءِ پُر اميد نظر اچي رهي آهي، پر ڪجهه خدشن ڏانهن به ڌيان ڏيڻ گهرجي ، ڇو ته طالبان ڌڙا اي پي سي ۾ شريڪ پارٽين کان وڌي وڃڻ ڪري ڳالهين ۾ ڪجهه رنڊڪون اچي سگهن ٿيون، حڪومتي اجلس ۽ ڪانفرنس کانپوءِ طالبان پڻ سرگرم ٿي ويئي آهي، اي پي سي جي جوب ۾ اهي خبرون به آهن ته طالبان پڻ ڪالعدم تحريڪ طالبان جي امير حڪيم الله محسود جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ 10 رڪني ڪميٽي جوڙي 10 مطالبا پڻ تيار ڪيا آهن، جنهن تحت گرفتار طالبان کي معافي ڏيئي کين آزادڪرڻ ، ڊرون حملن ۾ مارجي ويلن کي معاوضو ڏيڻ ، فوج جي قبائلي علائقن مان واپسي ۽ علائقي کي خاصه دار فورس ۽ لشڪر حوالي ڪرڻ سان گڏ شرعي عدالتن جي قيام جي ڳالهه پڻ سامهون آئي آهي، طالبان چاهي ٿي ته پاڪستان آمريڪا سان پنهنجو اتحاد ختم ڪري، ۽ سڄي علائقي کي سندن حوالي ڪري ته جيئن ان سڄي علائقي ۾ شرعي نظام ۽ عدالتون قائم ڪيون وڃن ، جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته طالبان انهن مطالبن لاءِ امام ڪعبه جي ضمانت پڻ گهري رهيا آهن، ڪالعدم تحريڪ طالبان پاران سامهون آيل انهن مطالبن جي جواب ۾ حڪومت ڪهڙو جواب ٿي ڏئي ۽ ڪهڙا مطالبا مڃي سگهي ٿي اهو به جلد سامهون اچي ويندو، پر حڪومت پاران ڪي مطالبا سامهون نه آيا آهن، جن مان اها خبر پئي سگهجي ته حڪومت ڪهڙي آڌار تي ڳالهيون ڪرڻ گهري ٿي، طالبان رڳو ڪا گروهه يا تنظيم نه پر هڪ سوچ آهي جنهن کي تبديل ڪرڻ شايد ايڏو آسان نه هوندو، طالبان جا ڪجهه ڌڙا پنهنجن اثر وارن علائقن ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي مخالفت به ڪن ٿا ۽ پاڪستان جي قانون ۽ آئين کان هٽي ڪري ماڻهن کي سزا ڏيڻ جو طريقه ڪار به پاڻ طئه ڪرڻ گهرن ٿا، جڏهن ته ڪجهه اهڙا ڌڙا به سامهون آيا آهن، جن جي نالي سان طالبان لڳايو ويو آهي، پر اُهي آمريڪا جي ڊرون حملن نه پر ملڪ ۾ مذهبي انتهاپسندي ۽ فرقه واراڻين سرگرمين ۾ ملوث آهن، حڪومت جتي وزيرستان جي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهي آهي اُتي اهڙن طالبان کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي جيڪي آمريڪي پالسي نه پر ٻين ملڪن جي آشيرواد سان ملڪ ۾ انتها پسندي پکيڙي رهيا آهن، جڏهن ته حڪومت وزيرستان جي ڪالعدم تحريڪ طالبان ۽ ٻين ڌڙن سان ڳالهين ۾ سندن ساٿين جي آزادي لاءِ ته قابل قبول جواب ڏيئي سگهن ٿا پر ڊرون حملن واري ڳالهه به حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻيل رهندي، ڇو ته آمريڪا ڳ به جواب ڏيئي چڪي آهي ته اسان پنهنجي دشمنن جي خاتمي تائين ڊرون حملا بند نه ڪنداسين، پر جي حڪومت جي دٻاءُ ۾ ڊرون حملن کي روڪي به ڇڏجي ته ڇا طالبان جا ٻيا مطالبا مڃڻ حڪومت لاءِ آسان هوندو؟ جنهن ۾ طالبان جي علائقن مان نه رڳو فوج جي مڪمل واپسي پر سڄي علائقي کي لشڪر حوالي ڪرڻ ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کان هٽي ڪري طالبان جي پسند مطابق ڪي عدالتون قائم ڪرڻ حڪومت ۽ پاڪستان جي عوام کي قابل قبول هوندو؟.  هتي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اي پي سي کانپوءِ طالبان ۽ حڪومتي ٽيم پاران عورتن جي حقن بابت ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، ڇو ته جنهن علائقن ۾ عورتن کي ووٽ ڏيڻ جي مخالفت ٿيندي رهي آهي، اُتي کين ٻيا ڪهڙا حق ملي سگهن ٿا. جڏهن ته ڇوڪرين جي تعليم بابت به طالبان کي پنهنجو موقف واضع ڪرڻ جي ضرورت آهي، حڪومت ۽ طالبان جي ڳالهين ۾ آمريڪا سان اتحاد ختم ڪرڻ ۽ ڊرون حملن بابت جيڪي به ڳالهيون ٿين، پر طالبان جي ان سوچ بابت ڪهڙي ڳالهه ٿيندي، جنهن خلاف انساني حقن جون تنظيمون ، تعليم دوست، عورتن جي حقن جا جاکوڙيندڙ ، آئيني ۽ قانوني ماهر هميشه پنهنجو آوزا اٿاريندا رهيا آهن. حڪومت کي طالبان مذاڪرات ۾ انهن جي مطالبن کي مڃڻ سان گڏ اهي ڳالهيون به سامهون رکڻ گهرجن ته حڪومت ۽ طالبان مذاڪرات جي نتيجي ۾ ايندڙ ڪنهن فيصلي مان عام ماڻهو يا طالبان جي اثر هيٺ رهندڙ علائقن جي رهواسين جا حق ته صلب نه ٿا ٿين، ڪٿي ايئن نه ٿئي ته مذاڪرات سان وقتي طور ته حڪومت فائدو حاصل ڪري وٺي، پر ان جا ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ خطرناڪ اثر سامهون اچي وڃن، ڳالهين ذريعي وقتي طور تي علائقي جي حالتن کي ته تبديل ڪري سگهجي ٿو پر جيستائين مسئلن جو ڪارڻ بڻنجندڙ طالبان سوچ ۾  تبديلي نٿي اچي، اهي مسئلا ڪجهه عرصي کانپوءِ وري سامهون اچي ويندا. پاڪستان حڪومت جي مذاڪرات ۾ ان وقت ئي اڳڀرائي ٿيندي جڏهن طالبان جي سوچ ۾ تبديلي ايندي.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment