Wednesday 16 October 2013

Yes i am Bhoro Bheel

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4050

ها مان ڀورو ڀيل آهيان
سرور بلوچ
اسان جي گهرن سامنهون خيراج مينگهواڙ ۽ ڪجهه ٻين مينگهواڙن جا ڪجهه گهر هئا جيڪي اڄ به موجود آهن، مونکي چڱي ريت ياد آهي، جڏهن مان ننڍو هئس ته خيراج جي گهرواري اسان جي گهر ايندي هئي، ۽ اسان به سندس گهر وينداهئاسين ، پر جڏهن هولي يا ڏياري ايندي هئي ته مان ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ اصغر بلوچ سڄو سڄو ڏينهن سندس گهر ۾ سندس پُٽن سان گڏ اهي ڏڻ ملهائيندا هئاسين، ڏياري جا ڏيئا ٻارڻ کان وٺي هولي ۾ رنگ هارڻ ۽ انهن تهوارن تي ڦٽاڪا ڦاڻڻ ۾ ايئن گڏ هوندا هئاسين ڄڻ اها اسان جي عيد هجي، ۽ اسان کي پنهنجي عيد وانگر انهن ڏڻن جي اچڻ جو پڻ بي صبري سان انتظار رهندو هو، خيراج جي گهر واري اسان کي ايڏو ڀانئيندي هئي جو جڏهن پنهنجن پُٽن لاءِ ڦٽاڪا ۽ ٻيو سامان وٺندي هئي ته اسان ٻنهي ڀائرن لاءِ به اهو سڀ ڪجهه وٺندي هئي، انهن ڏينهن ۾ اسان جو کائڻ پيئڻ به سندن گهر ۾ ئي هوندو هو، ۽ جڏهن گهڻي دير اُتي رهن بعد اُتي ئي سمهي رهندا هئاسين ته بابا يا وڏو ڀاءُ اچي اسان کي گهر وٺي ايندو هو، ۽ اسان جي عيدن وارن ڏينهن ۾ سندس پُٽ چتر لال ۽ رائچند وري اسان سان گڏ نوان ڪپڙا پائي راند ڪندا هئا، پر وقت گذرڻ سان گڏ اُهي سڀ خوشيون ڄڻ وقت جي تيز گاڏي هيٺيان لتاڙجي ويون آهن، هاڻ ته رڳو ايم ايم ايس جي ذريعي دوستن کي هولي ۽ ڏياري مبارڪ جا ميسج ڪري ويهي رهندا آهيون، جڏهن ته اسان جي نئين نسل رڳو اسڪول ، ٽيوشن ۽ ڪمپيوٽر تي ويهي اهڙن خوشين جي ڏينهن کي ملهائڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، هڪ پاسي ته وقت جي ستم ظريفي اسان کان اُهي خوشيون ڦري ورتيون آهن ته ٻي پاسي ملڪ ۾ گهر ڪري ويل ۽ سنڌ ۾ تيزي سان پکڙجندڙ انتهاپسندي پڻ انهن خوشين کان دور ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ۾ سندرا ٻڌي ويٺي آهي، اسان کي اسان جي ملڪ ۾ ته اڳ به مذهبي انتهاپسندي موجود هئي پر هاڻ سنڌ ۾ پڻ اهي ماڻهو سرگرم ٿي رهيا آهن، تازوئي جنهن نموني سان پنڱريو جو واقعو پيش آيو ان واقعي نه رڳو اسان سنڌواسين پر سڄي انسانيت جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، پنڱريو جي تاريخي قبرستان مان هڪ سنڌ جي اصلوڪي رهواسي جو لاش رڳو ان ڪري ٻاهر ڪڍي ان جي تذليل ڪئي ويئي ته ان جو نالو ڀورو ڀيل هو، اسان جي مذهب ۾ ته انسانيت کي وڏي اهميت آهي، جڏهن ته لاشن جي بي حرمتي ڪرڻ کي ڏوهه چيو ويو آهي، پر پنڱريو ۾ ڪجهه ذهني مريضن جيڪا حرڪت ڪئي ان سان سنڌ واسين کي وڏو ڌڪ رسيو آهي، زمين الله جي آهي ۽ مرڻ کانپوءِ سڀني کي حساب ڪتاب به ان وٽ ڏيڻو آهي، جڏهن منهنجو الله ۽ ڀوري ڀيل جو ڀگهوان ساڳيو ئي آهي ته پوءِ الله جي ان زمين ۾ کيس دفن ٿيڻ جو اختيار ڇو نه آهي، ۽ اهي ذهني مريض رڳو ايترو ته ٻڌائين ته ڪنهن لاش کي اهڙي طرح گهلي ۽ کلي آسمان هيٺ اڇلائڻ ڪهڙي انسانيت آهي، ڀور ڀيل ته مري ويو پر پنهنجي موت سان گڏ سڄي سنڌ کي انهن انتهاپسند ۽ ذهني مريضن خلاف جاڳائي ويو آهي، جنهن نموني سان سنڌ واسين سوشل ميڊيا تي ان واقعي جي مذمت ڪئي ۽ جنهن نموني سندي وال تي مسلمان هوندي به پاڻ کي ڀيل لکيو ۽ پنهنجي تصوير جي جاءِ تي ڀوري ڀيل جو ڦوٽو هنيو ان جو مثال به سنڌ کانسواءِ دنيا ۾ ڪٿي به نٿو ملي،  هڪ فيس بُڪ دوست مشتاق راڄپر جي وال تي هڪ تصور سان گڏ “ ها مان ڀيل ، ڪولهي ، دراوڙ ، منگهواڙ ،دلت ، اڇوت آهيان، پر دهشتگرد ، پاگل انتها پسند ناهيان. دراوڙ مشتاق ڪولهي ” جهڙا لفظ پڙهيا ته ڏاڍي خوشي سان گڏ انهن پاڳل انتهاپسندن ۽ ذهني مريضن جي ڪڌي ڪم تي افسوس به ٿيو ته انهن جي حرڪت اڄ سنڌ واسين کي ڏاڍو رنجيده ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ واسين ۽ قوم پرستن جنهن نموني ڀوري ڀيل واري واقعي تي نه رڳو افسوس جو اظهار ڪيو پر ان خلاف جنهن منظم نموني تحريڪ جو آغاز ڪيو آهي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ويئي آهي، ته ڪجهه ذهني مريضن جي ڪري سنڌ واسي پنهنجي سنڌيت نه ڇڏيندا، اڄ سڄي سنڌ ڀورو ڀيل ٿي ويئي آهي، سنڌ واسي ڪنهن مذهب ، فرقي يا ذات پات جي نه پر سنڌيت جي جدوجهد ڪري رهيا آهن، سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو چاهي اهو سنڌي ڳالهائي يا مارواڙي ، بلوچي ڳالهائي يا سرائڪي، چاهي ڪو شخص سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ ڪلهي تي ويڙهيندو هجي يا پوءِ پٽڪو ۽ بلوچي چبٽ پائيندو هجي يا ته پوءِ ڌوتي ٻڌندو هجي، ۽ ڪو شخص پنهنجي ضرورتن لاءِ ياالله مدد ڪر چوندو هجي يا پوءِ يا علي مشڪل ڪُشا جي صدا بلند ڪندو هجي ، يا پوءِ پنهنجي منو ڪامنا لاءِ جئي بجرنگ بلي  يا  سب ڪا مالڪ ايڪ چوندو هجي اُهو سڀ کان پهرين سنڌي آهي ، ۽ سنڌ جي هر شئي تي ان جو به اوترو ئي حق ۽ اختيار آهي جيترو ڪنهن ٻي جو آهي، اها ڳالهه چڱي ريت چٽي آهي ته جيڪو سنڌ ۾ آهي سو سنڌ جو آهي، ان کي ڪير به سنڌ کان جدا نٿو ڪري سگهي ، سنڌ ۾ رهندڙ هر سنڌي جو سنڌ جي زمين تي اوترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن ٻي جو آهي، پر سنڌ جي ان صوفي مزاج جنهن ۾ صرف ۽ صرف محبت ، امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪجي ٿي ان خلاف سازشون ته اڳ کان جاري هيون، پر ڀوري ڀيل وارو واقعو اسان لاءِ ڪنهن وارننگ کان گهٽ نه آهي، جيڪي ماڻهو غير مسلم تي حملن کي ٺيڪ سمجهندا هجن تن جا ڪارندا سنڌ ۾ پهچي ويا آهن، انهن تي اک رکڻ جي ضروري ٿي ويوآهي، ڀورو ڀيل ته پنهنجي موت کان پوءِ سنڌ کي گڏ ڪري ويو پر اڄ تائين ان واقعي خلاف اسان جي سرڪار پاران ڪجهه به نه ڪيو ويو آهي، اڄان تائين اُهي ڪردار پڪڙ ۾ نه آيا آهن، ڀوري ڀيل وارو واقعو نه ته اچانڪ ٿيو نه وري اهو اتفاقي واقعو آهي، مان جڏهن هوش محمد منگي سان هڪ وڪيل دوست سنيل ڪمار وٽ ڪنهن ڪم سان وياسين ته اُتي به ڀوري ڀيل جو ذڪر هلي رهيو هو، اُتي خبر پيئي ته اهو واقعو اتفاقي نه آهي، ان علائقي ۾ اهڙو ماحول گهڻو اڳ کان جڙي رهيو هو، جنهن کان اُتي جي انتظاميه شايد خبر هوندي به بي خبر هئي، پر شايد ڀوري ڀيل جي لاش نه رڳو ان سڄي ماحول کي وائکو ڪيو آهي، پر اُهي سازشي ماڻهو به ظاهر ڪري ڇڏيا آهن جن پنهنجي مقصدن خاطر اهڙو ڪڌو ڪم ڪيو، ان سڄي واقعي جا اثر ايندڙ وقتن ۾ ڪهڙا نڪرندا ان بابت به گهڻو سمجهڻ جي ضرورت آهي، ڀوري ڀيل جي لاش جي تذليل ڪندڙ انهن ماڻهن کي سزا ضرور ملڻ گهرجي جن سنڌ جي سيني تي وار ڪري کيس زخمي ڪري وڌو آهي، پنڱريو واقعي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي، ته جيئن انهن ذهني مريضن کي اهو ٻڌائجي ته ڀورو ڀيل، ڀيل ته پوءِ پر پهرين هُو سنڌي هو ۽ ڪنهن به سنڌي سان اهڙي ذيادتي ڪڏهن به برداشت نه ڪئي ويندي جنهن کي سنڌ امڙ جي هنج مان ايئن ڇڪي ٻاهر ڪڌي ڦٽو ڪيو وڃي، پنڱريو واقعي بعد هر سنڌي پاڻ کي ڀيل چوائي نه رڳو فخر محسوس ڪري پيو پر سموري سنڌ انهن انتهاپسندن ۽ ذهني مريصن جي منهن تي چماٽ به وهائي ڪڍي آهي جن سمجهيو ته ان حرڪت سان انهن ڪو وڏو ڪارنامو انجام ڏنو آهي،  ان سڄي واقعي کي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ سوشل ميڊيا کي پڻ ڪريڊٽ ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ ان مان اها ڳالهه به واضع ٿي ويئي آهي، ته اسان ڪنهن به شي مان منفي ۽ مثبت فائدا وٺي سگهون ٿا، ڪير ڇا ٿو ڪري اهو ان جو پنهنجو ذهن ۽ ڪم آهي. سنڌي اخبارن ، ٽي وي چينلن ۽ سوشل ميڊيا جي ٿورن سان اڄ ڀوري ڀيل جي آتما کي شانتي ضرور ملي هوندي ته منهنجي لاش جي تذليل ڪندڙ اڄ لڪڻ ۾ پورا لڳا پيا آهن، اهو رڳو ۽ رڳو سنڌ سان محبت ۽ سنڌيت جو ئي نتيجو آهي ته اڄ هر سنڌي هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته “ ها مان ڀورو ڀيل آهيان ” ۽ جڏهن هر سنڌي ڀورو ڀيل معني ڀورو سنڌي ٿي وڃي ته پوءِ ڪنهن کي به ٻيهر اهڙي جرئت نه ٿيندي.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment