Wednesday 16 October 2013

Happiness of eid and Awaran's sorrow

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4090

عيد جون خوشيون ۽ آواران جا ڏک
سرور بلوچ
هڪ پاسي ملڪ ۾ عيد جون خوشيون ملهائيون پيون وڃن، مارڪيٽن ۾ عيد جون خريداريون هلندڙ آهن، ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ لاءِ مهانگا قرباني جا جانور خريد ڪري رهيا آهن ته ٻي پاسي پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي بوچستان جي مڪران بيلٽ وارن علائقن ۾ آيل زلزلي سبب متاثر ٿيل ماڻهو ڏکن جي داستان بڻيل آهن، هن وقت وقت نه ته انهن کي عيد جي خوشيون ياد آهن نه وري قرباني، بلوچستان جتان جا ماڻهن صدائين پاڻ کي نظر انداز ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهن، انهن سان 24 سيپٽمبر تي آيل زلزلي بعد صوبائي ۽ وفاقي حڪومت مدد جي نالي تي پاڻ ته ڪجهه نه ڪيو پر متاثرن جي مدد لاءِ  ٻين ماڻهن ۽ تنظيمن کي انهن جي مدد کان روڪيو ويو، سندن اهو عمل بلوچستان جي تاريخ ۾ ضرور ياد ڪيو ويندو، ماڻهن جي ياداشت ايڏي ڪمزور نه آهي جو هو 2005 ۾ آيل زلزلي کي وساري ڇڏين ۽ ان وقت حڪومتي قدم ۽ امدادي مهم به وسارڻ جوڳي نه آهي ، پر جڏهن بلوچستان ۾ زلزلو آيو ته نه حڪومت نظر آئي نه سندن امدادي مهم ، هڪ پاسي  ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ آيل زلزلي ۾ متاثر ٿيلن لاءِ نه رڳو بين الاقوامي مدد لاءِ اپيلون ڪيون ويون هنيون پر انهن ٻاهرين ملڪن مان مدد لاءِ آيل وفدن کي ڀرپور طريقي سان سپورٽ ڪري انهن علائقن تائين رسائي پڻ ڏني ويئي هئي، جڏهن ته بلوچستان ۾ آيل زلزلي بعد اڻپورين حڪومتي قدمن سبب علائقي واسي شديد مشڪلن ۾ ڦاٿل آهن، مٿان وري حڪومت ٻاهرين ملڪن جي خدشن باجود انهن کي آواران ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪي ڇڏيو آهي، وزير اعلي بلوچستان مدد جي اپيلون ڪندي نظر اچي ٿو ۽ وفاق وري مدد لاءِ پهتل تنظيمن کي اهو چئي واپس ڪري ٿو ته اسان اپيل نه ڪئي اسان پاڻهي منهن ڏينداسين اوهان واپسي جي ٽڪيٽ ڪرايو، ڪجهه ڏينهن اڳ صحت جي حوالي سان ڪم ڪندڙ بين الاقوامي تنظيم ميڊيسنز سانز فرنٽيئر ، ڊاڪٽر وڌآئوٽ بارڊر
 (Doctor Without Border/MSF) پڻ هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته اسان جي ٽيم بلوچستان جي زلزلي متاثر ماڻهن لاءِ صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تياري مڪمل ڪئي، جنهن ۾ اسان صحت جي سهولتن سان گڏ صفائي ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو هو پر روزانه رابطي باوجود حڪومت اسان کي انهن علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ڏني، جڏهن ته حڪومت گڏيل قومن کي پڻ زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪيو، گڏيل قومن جي ادارن ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن(WHO)، يونيسيف (Unicef)۽ ورلڊ فوڊ پروگرام (WFP)جڏهن راشن ۽ دوائون کڻي پهتا ته کين به زلزلي متاثر علائقن ۾ وڃڻ جي اجازت نه ملي جنهن ڪري مشن ختم ڪيو ويو، حڪومت پاران بلوچستان جي ماڻهن سان اهڙي غير انساني فعل کي ڪنهن به نموني مناسب نٿو چئي سگهجي، هيومن رائٽس آف پاڪستان (HRCP)  جي پڌري ڪيل رپورٽ ۾ پڻ بلوچستان جي زلزلي متاثر جي مدد نه ٿيڻ کي افسوس ناڪ ڪوٺيو ويوآهي، بلوچستان جي عوام جتي اڳ پاڪستان حڪومت کان ناراض آهي اهڙي موقعي زلزلي متاثرن جي مدد کان روڪڻ واري اهڙي عمل سان نه رڳو بلوچ عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪيو ويو آهي پر اهو عمل نفرتن جي واڌاري جو سبب پڻ بڻجندو،  بلوچستان جي علائقي آواران ۽ مشڪي ۾ جڏهن ڪجهه صحت ٽيمون ويون ته انهن کي انهن علائقن ۾ زخمين سان گڏ انهن مريضن جي گهڻائي نظر آئي جيڪي ذهني دٻاءُ جو شڪار هيون، ۽ انهن ۾ اڪثريت عورتن جي هئي، جن جا پُٽ ۽ ڌيئرون ان موتمار زلزي سبب فوت ٿي ويا هُئا، بلوچستان زلزلي متاثر علائقن ۾ آواران ۽ مشڪي جون عورتون پنهنجي نوجوان پُٽن يا نياڻين جي فوت ٿيڻ ڪري شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهن، جن کي هن وقت بخار جي گوري ۽ شربت کان وڌيڪ ڪنهن اسپليشسٽ جي ضرورت آهي جيڪو سندن ذهني پريشاني کي سمجهي ۽ ان جو علاج ڪري، بلوچستان قدرتي وسائل کان مالا مال هوندي به سدائين بنيادي سهولتن کان محروم ئي رهيو آهي، بلوچستان سان ٿيندڙ ناانصافيون به وقت سان شديد ۽ ڏکوئيندڙ بڻجي رهيون، هڪ پاسي ته کاڌ خواراڪ جي کوٽ ته ٻئي پاسي مختلف بيمارين ۾ ورتل بلوچستان جي زلزلي متاثرن جي حڪومت پاران واهر نه ٿيڻ جي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. بلوچستان سان سدائين ناانصافيون ڪندڙن هن زلزلي دوران به وسان نه گهٽايو انهن پاڻ ته ڪا مدد نه ڪئي پر ٻاهرين ملڪن جي تنظيمن کي پڻ مدد کان روڪي بلوچستان جي عوام سان  ناانصافي جي هلندڙ ان سلسلي کي پڻ جاري رکيو، بلوچستان کي نظر انداز ڪرڻ ۾ حڪومتي ادارن  سان گڏ ان ميڊيا جو به اهم ڪردار آهي جن ڪڏهن به بلوچستان جي مسئلن کي اهميت ئي نه ڏني آهي، ملڪي ميڊيا کان اوجهل رهندڙ بلوچستان جا اُهي علائقا جن ۾ ڪي به بنيادي سهولتون نه آهن، ۽ گذريل مهيني زلزلي بعد اُهي کنڊر بڻجي ويا آهن پر انهن علائقن کي ڪجهه ڏينهن جي ڪوريج کانپوءِ حڪومت وانگر ميڊيا به وساري ڇڏيو آهي، اڄڪلهه ميڊيا تي رڳو مال پڙين جون رپورٽون ئي ڇانيل آهن، ٽي وي چئنل مارڪيٽن ۾ عيد لاءِ شاپنگ ڪندڙ ماڻهن تي ڪلاڪن جون رپورٽون ته جوڙين ٿا پر انهن وٽ بلوچستان جي انهن متاثرن لاءِ ڪجهه منٽ به نه آهن جو عيد تي بي يارومددگار کُلي آسمان هيٺ ويٺلن جا درد ڏيکاري سگهي، ميڊيا وٽ ڍڳن ، ٻڪرن جي ڪيٽ واڪ لاءِ ته گهڻو ئي وقت آهي پر زلزلي سبب دٻجي ويلن ۽ زخمي ٿيل انهن متاثرن جي رپورٽن لاءِ ڪابه جاءِ نه آهي، ميڊيا ڪنهن جي ڀلي بُري نه پر پنهنجي ڪاروبار کي ترجيح ڏيندي آهي، ۽ عيد جي موقعي تي بلوچستان جي دردن جي خريدار کان شايد عيد شاپنگ ۽ مال پڙين جي رپورٽن جا خريدار گهڻا آهن ان ڪري ميڊيا هاڻ درد نه پر خوشيون وڪڻي پنهنجو ڪاروباري فرض نڀائي رهي آهي، ميڊيا وانگر حڪومت جي نظرن کان به اوجهل بلوچستان ۽ زلزلي متاثر آواران ۽ مشڪي جا ماڻهو پنهنجي عيد جي خوشيون ته وساري ويٺا آهن پر انهن کان پنهنجي وڃڙي ويلن جو ڏک وساري به نٿو وسري. نه وسارڻ جهڙي ان ڏک کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ حڪومتي قدم آهن جن انساني حقن جي لتاڙ جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن، بلوچستان جي حالتن کان خوفزده حڪومت پاڻ ته ڪا مدد ڪرڻ جي صلاحيت نٿي رکي ۽ ڪنهن ٻي کي ان ڪري انهن علائقن ۾ رسائي نٿي ڏي متان سندن پت وائکي ٿي وڃي، پر حقيقتون ڪڏهن به لڪي نه سگهنديون آهن، بلوچستان جي زلزلي متاثر جي مدد نه ڪرڻ ۽ ٻين کي به انهن جي مدد کان روڪڻ وارو قدم بلوچستان جي زلزلي متاثرن جي تڪليفن ۽ ڏکن ۾ اضافي جو سبب بڻيو آهي، بلوچستان سان وفاق جو اڍنگو رويو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري آهي پر گهٽ ۾ گهٽ عيد تي مڊل ڪلاس ۽ مڪران بيلٽ سان تعلق رکندڙ وزيراعلي ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ کي گهرجي ته انهن متاثرن سان وڃي عيد گذاري ته جيئن هو عيد جي خوشين ۾ آواران جي ماڻهن جا ڏک به محسوس ڪري سگهي.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment