Sunday 6 October 2013

Concerns After Pak-Taliban Talks

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3954

طالبان سان ڳالهين کانپوءِ جا خدشا
سرور بلوچ
تحريڪ طالبان پاڪستان جي ترجمان شاهد الله شاهد جو هڪ بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته “ ا سان جي ڪنهن به تنظيم پشاور جي گرجا گهر  تي حملو ته نه ڪيو آهي پر اهو حملو شريعت جي مطابق هو ” طالبان جي ترجمان جي ان بيان نه رڳو پاڪستان پر دنيا  ۾ رهندڙ مسلمانن ۽ هر سمجهه رکندڙ ماڻهو کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته آخر طالبان ڪهڙي شريعت جي ڳالهه ڪن ٿا، اسلام ته ننڍن سان پيار، وڏن جو احترام ، پاڙي وارن سان سٺي سلوڪ ۽ ڀائيچاري جو درس ڏيندڙ ۽ امن پسند مذهب آهي پر چند مفاد پرست ان جو ڪهڙو روپ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رُڌل آهن، جيڪي ماڻهو پنهنجي مقصد خاطر بي گناهن جو خون وهائي رهيا هجن، انهن جي واتان شريعت جي ڳالهه نامناسب آهي، اسلام نه رڳو مسلمان پر انسانيت جو درس ڏنو آهي، اسلام امن جو دين آهي، ۽ اسلام ان اسلامي معاشري ۾ رهندڙ ماڻهن چاهي ان جو تعلق ڪنهن به مذهب ، فرقي ، رنگ ۽ نسل سان هجي انهن جي جان ومال ، عزت ۽ آبرو جي حفاظت جي ضمانت ڏي ٿو، جڏهن ته هڪ اسلامي رياست ۾ رهندڙ غير مسلم ۽ اقليت جي جان و مال ۽ عزت جي حفاظت هر مسلمان پر خاص طور تي حڪومت تي فرض آهي، ڪنهن به اسلامي ملڪ ۾ غير مسلم شهرين کي به اُهي حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن مسلمان کي حاصل آهن، پشاور ۾ قائم عيسائين جي قديم گرجا گهر تي حملي ڪندڙ طالبان هجن يا ڪي ٻيا پر انهن جي ان عمل کي طالبان بيشڪ شريعت جي مطابق چون پر ملڪ ۾ رهندڙ هڪ وڏي اڪثريت سندن ان ڳالهه کي ڪنهن به صورت مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، ڇو ته اها ڳالهه واضع ۽ چِٽي آهي ته الله تعالي رب المسلمين نه پر رب العالمين آهي، هُو ڪنهن هڪ قوم ،فرقي ۽ علائقي نه پر پوري ڪائنات جو رب آهي، خالق ڪائنات جيڪي نعمتون خلقيون آهن، اُهي به دنيا جي هر انسان لاءِ آهن، هوا ، روشني ، سردي ، گرمي رڳو مسلمانن لاءِ نه پر دنيا تي رهندڙ هر انسان ، جانور ، ٻوٽن ، جهنگلي جيوت يا سمنڊ ۾ رهندڙ جاندارن لاءِ به آهن، اسلامي معاشري ۾ غير مسلمن کي برابر جا حق آهن پر انهن تي عمل ڪرڻ جي پڻ سختي سان تاڪيد ڪيل آهي، غير مسلم جي حقن بابت حديثن ۾ گهڻو ڪجهه لکيل آهي، 622 عيسوي ۾ حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جڏهن مڪي مان هجرت ڪري مديني پهتا ته اُتي پهرين مسلم رياست جي قيام جو آغاز ٿيو ته پاڻ سڳورن ان جو يقين ڏياريو ته هن رياست م رهندڙ مسلمان ۽ غير مسلم هم آهنگي ، ڀائيڇاري سان رهي سگهندا، ان وقت مديني ۾ يهودي به وڏي تعداد ۾ آباد هئا، نبي ڪريم مسلمانن ۽ مديني ۾ رهندڙ يهودين جي وچ ۾ هڪ معاهدو پڻ تجويز ڪيو، جنهن کي ميثاق مدينه چيو وڃي ٿو ، مسلم اسڪالر ۽ مورخين ان کي عمومي طور تي پهريون تحرير ٿيل رياستي آئين پڻ تسليم ڪن ٿا، ان آئين ۾ مسلم رياست ۾ رهندڙ غير مسلم جا حق بيان ڪيل آهن، جنهن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته پاڻ ڪريم بنا مت ڀيد ۽ مذهب جي فرق جي مسلم رياست ۾ رهندڙ سڀني ماڻهن ۾ ڀائيچاري کي قائم رکيو، مدينه منوره ۾ قائم اسلامي رياست جيڪا آهستي آهستي پوري خطي ۾ پکڙجي ويئي ته ان وقت مسلمان چاهين ها ته ڏنڊي جي زور تي ماڻهن کي اسلام ۾ آڻي يا پنهنجي علائقن مان بي دخل ڪري سگهن ها، پر جيئن ته اسلام نه ڏنڊي جي زور تي پکڙيو آهي نه وري اسلام بي گناهه کي رڳو ان ڪري مارڻ جي اجازت ڏي ٿو ته هو ڪنهن ٻي مذهب يا فرقي سان تعلق رکي ٿو، اسلام ۽ شريعت جي نالي جو استعمال ڪندڙن شايد اسلام کان واقف ئي ناهن، غير مسلم جي حقن جو تحفظ جنهن انداز ۾ عهد رسالت مآب صلي الله عليه وآله وسلم ۽ عهد خلفائي راشدين ۾ ٿيل آهي ان جي مثال سڄي انساني تاريخ ۾ نٿي ملي، ۽ ان بابت حديثن ۾ واضع طور بيان ٿيل آهي ته حضور اڪرم ۽ خلفائي راشدين جي دور ۾ غير مسلم شهرين جي جان و مال ، عزت ۽ آبرو جي حفاظت جا ڪهڙا انتظام هئا،
عهد نبوي ۾ اهلِ نجران سان ٿيل معاهدو مذهبي تحفظ ۽ آزادي ۽ سندن حقن جي وضاحت ڪري ٿو، امام ابو عبيد قاسم بن سلام،امام حميد بن زنجويه،ابن سعد ۽ بلازري روايت ڪن ٿا ته ان معاهدي ۾ حضور اڪرم تحريري فرمان جاري ڪيو ته “الله تعالي ۽ اُن جو رسول صلي الله عليه وآله وسلم اهلِ نجران ۽ سندن ساٿين لاءِ سندن خون ، سندن جانورن ، مذهب ، زمينن، انهن جي راهب ۽ پادرين ،موجود ۽ غير موجود ماڻهن، سندن مال ۽ قافلن ۽ مذهبي عبادتگاهن وغيره جا ضامن ۽ ذمه دار آهن، هُو جنهن دين ۾ آهن انهن کي سندن دين مان نه ڦرايو ويندو، سندن حقن ۽ سندن عبادگاهن جي حقن ۾ ڪابه تبديلي نه ڪئي ويندي ، نه وري ڪنهن راهب ، پادري يا سردار نه وري ڪنهن عبادگاه جي خادم ڀل ان جو عهدو ننڍو هجي يا وڏو کيس نه هٽايو ويندو، انهن کي ڪنهن به قسم جو خوف ۽ خطرو نه هوندو.“ جيئن ته اسلامي رياست ۾ هڪ غير مسلم کي به اوترائي حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن مسلمان کي حاصل آهن، ان حقن ۾ پهريون حق جيڪو اسلامي حڪومت ۽ معاشري پاران ڏنل آهي، اُهو حقِ حفاظت آهي، جيڪو انهن کي هر قسم جي اندروني ۽ ٻاهرين ظلم ۽ ذيادتي خلاف حاصل هوندو، جيئن هو مڪمل طور تي امن ۽ سڪون جي زندگي گذارين،
حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن حجته الوداع جي خطبي ۾ پڻ سڄي نسل انساني کي عزت ، جان ۽ مال جي تحفظ جي ڳالهه ڪئي آهي،
ڪنهن به مذهب جي مڃيندڙ کي ناحق قتل ڪرڻ ، سندس مال لُٽڻ ، سندس عزت تي حملو ڪرڻ ۽ سندس تذليل ڪرڻ کي حرام ڪوٺيو ويو آهي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿئي ٿي ته اسلامي رياست ۾ آباد غير مسلم شهري کي قتل ڪرڻ حرام آهي، ۽ ڪنهن کي به اهو حق حاصل نه آهي ته هو ڪنهن غير مسلم شهري کي قتل ڪري، نه رڳو غير مسلم پر ڪنهن به انسان کي ناحق قتل ڪرڻ جي سختي سان منع ٿيل آهي،
ان بابت نه رڳو حديثن پر آخري ڪتاب قرآن مجيد ۾ ارشاد باري تعالي آهي ته “ جنهن شخص بنا قصاص جي يا زمين ۾ فساد (ڦهلائڻ جي سزا) جي ( بغير ، ناحق ) قتل ڪيو ته ان ( معاشري ) جي سڀني ماڻهن جو قتل ڪيو (المائدة، 5 : 32)
اسلام ۾ نه رڳو غير مسلم جي قتل کان منع ٿيل آهي پر ناحق ڪنهن غير مسلم کي قتل ڪندڙ لاءِ جنت حرام ڪئي ويئي آهي،
حضرت ابوبڪر رضي الله تعالي عنه بيان ڪن ٿا ته حضور اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو ته“ جيڪو ڪنهن غير مسلم شهري ( معاهد) کي ناحق قتل ڪري ٿو الله تعالي ان تي جنت حرام ڪري ڇڏيندو.” ان حديث ۾ معاهد جو لفظ استمال ڪيل آهي جنهن جو مطلب آهي ته اهڙو شخص جيڪو اسلامي رياست جو رهندڙ هجي يا اهڙي قوم يا گروهه جو ماڻهو جنهن اسلامي رياست سان امن جو معاهدو ڪيو هجي، اڄوڪي جديد دور ۾ ڪنهن به مسلم رياست جو رهندڙ ڪو به شخص ڪنهن به مذهب يا فرقي سان تعلق رکندڙ هجي ۽ هو رياست جي قانون ۽ آئين تي عمل ڪري ان کي مڃيندو هجي اهو ان معاهدي جي زمري ۾ اچن ٿا، جيئن پاڪستان ۾ رهندڙ غير مسلم پاڪستان جي آئين کي مڃين ٿا ۽ پاڪستان جا باقائده شهري ۽ رجسٽر ووٽر آهن، ۽ پاڪستان جي آئين ۽ قانون کي مسلم اڪثريت وانگر مڃن ٿا ته هو (معاهد) آهن، جنهن جو ذڪر مٿي حديث ۾ ٿيل آهي.
 ان ڳالهه کان نه رڳو مسلمان پر غير مسلم به واقف آهن ته اسلام امن جو دين آهي، اسلام هميشه جبر ، ناحق قتل ، فساد جهڙن ڪمن کان روڪيو آهي، ناحق ڪنهن انسان جي قتل خاص طور تي غير مسلم جي قتل بابت تمام گهڻيون حديثون موجود آهن، جڏهن ته قرآن مجيد ۾ پڻ ناحق ڪنهن به انسان جي قتل کي سڄي معاشري جو قتل چيو ويو آهي ،
پشاور ۾ گرجا گهر تي ٿيل حملو ڪهڙي شريعت موجب ڪيو ويو ان بابت ته طالبان جي ترجمان جي وضاحت سامهون نه آئي آهي، پر اسلام ۾ ڪنهن به هڪ انسان خاص ڪري غير مسلم جي قتل جي منع ڪئي ويئي آهي، جنهن جي باري ۾ طالبان قرآن ۽ حديثن جو مطالعو ڪري سگهن ٿا.
 هڪ پل لاءِ اسان رڳو اهو سوچيون ته اُهي ماڻهون اسان کي شريعت جي باري ۾ ٻڌائي رهيا آهن جيڪي غير مسلم ته ٺهيو پر مسلمانن جي عبادگاهن تي حملا ڪن ٿا ، شهرن ۾ ڌماڪا ڪري سوين ماڻهن کي بنا ڪنهن سبب ۽ ڏوهه جي ابدي ننڊ سمهاري ڇڏين ٿا.
اسلام هميشه امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪئي آهي، اسان جي پياري نبي حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن جا مديني منوره ۾ غير مسلمن سان ڪيل معاهده ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته اسلام بين المذاهب هم آهنگي (Interfaith harmony)  جي ڳالهه ڪري ٿي .
 حڪومت وٽ شايد ڳالهين کانسواءِ ٻي ڪا واٽ نه بچي آهي، اسلام ۽ شريعت جي نالي تي ماڻهن کي ماريندڙن سان ڳالهيون ته ضرور ڪيون وڃن پر جنهن نموني طالبان جي ترجمان جو بيان سامهون آيو آهي ان کان پوءِ ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته طالبان جي اثر هيٺ رهندڙ انهن علائقن ۾ رهندڙ غير مسلم غير محفوظ بڻجي ويندا، ۽ انهن دهشتگردن جي ڳالهه مڃي وٺڻ کان پوءِ ڇا طالبان رڳو  انهن علائقن تائين محدود رهندا، ڪٿي ايئن ته نه ٿيندو ته پنهنجي ڪاميابي کي ڏسي اِهي طالبا ٽولا ٻين علائقن جو پڻ رخ ڪن، ڇو ته شاهد الله شاهد اهو پڻ چيو آهي ته فحال اسان جو آفيس کولڻ جو ارادو نه آهي پر اسين ڪراچي ، اسلام آباد ، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ موجود آهيون، ان مان اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته جيڪي ماڻهو پنهنجي مقصد لاءِ ماڻهن کي مارين ٿا ۽ ڪنهن اهڙي عمل کي شرعي ڪوٺين ٿا جنهن جي باري ۾ حديثن ۾ واضع لکيل هجي ته اهو عمل خراب ۽ ڏوهه آهي، ته اهڙا گروهه اڳتي هلي نه رڳو اسلام پر انسانيت لاءِ ڪيڏو هاڃيڪار ٿي سگهن ٿا.
imbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment