ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ
ماما قدير يا مسنگ پرسن انڪل جي نالي سان سڃاتو ويندڙ قدير بلوچ پنهنجي زندگي جي
آرام جا ڏينهن سخت موسمن ۾ بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ لڳايل ڪئمپن ۾ گذاري رهيو آهي. 2009ع ۾ پنهنجي پُٽ جي لاپتا ٿيڻ بعد ڪٿان به خاطر خواهه آسرو نه ملڻ بعد هن پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ تنظيم ”وائس فار بلوچ مسنگ پرسن“ جوڙي جدوجهد جو آغاز ته ڪيو پر کيس اها خبر نه هئي ته پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچن جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي لڳايل ان اُميدن واري ڪئمپ کيس اڃان گهڻا ڏک ڏيڻ واري آهي. ماما قدير بلوچ عرف مسنگ پرسن انڪل جو پُٽ عبدالجليل ريڪي 13 فيبروري 2009ع ۾ ڪوئيٽا جي سرياب روڊ مان لاپتا ٿي ويو هو، جيڪو ڪنهن نجي بئنڪ ۾ ملازم هو، پر ڪجهه عرصو نوڪري ڪري پوءِ ان نوڪري کي خيرآباد ڪري جمهوري وطن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ۽ اڪبر بگٽي جي شهادت بعد سندس پوٽي براهمداغ بگٽي جي پارٽي بلوچ ريپبلڪن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو. پنهنجي پُٽ جي بازيابي لاءِ قدير بلوچ هر ان در اڳيان دانهيو جتان کيس اها اُميد هئي ته سندس پُٽ جي آزادي جو پروانو ملي سگهي ٿو پر هر پاسي کان ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو، جڏهن هن پاڻ کي ۽ انهي مرحلي مان گذرندڙ انهن بلوچ عورتن کي ڏٺو جيڪي پڻ پنهنجي لاپتا ڀائرن، مڙسن، پُٽن ۽ پيئن لاءِ در در ڀٽڪي رهيون هيون ته ان نه صرف پنهنجو پر انهن سڀني جو حوصلو وڌائي هڪ نئين جدوجهد جو رستو ڪڍيو ۽ لاپتا ماڻهن جي وارثن سان گڏجي پنهنجي پُٽ ۽ ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپون لڳائيندو رهيو، پر سندس شروع ڪيل جدوجهد جي ٽن سالن بعد خميس جو اهو ڏينهن سندس ان جدوجهد کي ٽوڙڻ ۽ کيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي سمجهيو ويو هو جڏهن کيس ڪوئيٽا پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺي اهو اطلاع ڏنو ويو ته بلوچستان ۽ ايران جي سرحدي علائقي مند ۾ ٻه چچريل لاش هٿ آيا آهن، جن مان هڪ سندس پُٽ عبدالجيل ريڪي جهڙو لڳي رهيو آهي، هڪ پل لاءِ ته هن پنهنجي اکين کي بند ڪري سوچيو اهو ڪوڙ هجي ته بهتر آ پر ٻئي لمحي هن همت ڪري پنهنجي ڪجهه ساٿين کي مند موڪلي پڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جن تربت جي اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ ڪري کيس اهو اطلاع ڏنو ته سندس پُٽ آزاد ته ضرور ٿيو آهي پر رڳو هڪڙي قيد نه پر زندگي جي سمورين سختين ۽ مشڪلن جي قيد مان به هميشه هميشه لاءِ آزاد ٿي ويو آهي.
قدير بلوچ پنهنجي پوٽي ۽ عبدالجليل ريڪي جي پُٽ کي پنهنجي بابا جي باري ۾ پڇڻ تي هميشه اهو چئي ماٺ ڪرائيندو هو ته سندس پيءُ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل آهي پر جڏهن سندس لاش گهر پهتو ته قدير بلوچ وٽ ڪي لفظ نه هئا جو پنهنجي پوٽي کان ڪجهه لڪائي سگهي. قدير بلوچ جي پُٽ جي لاش ملڻ بعد ماڻهن سمجهيو ته هاڻ هو گهر ويهي رهندو ۽ سندس پُٽ وانگر لاپتا ماڻهن جي بازيابي واري جدوجهد به دم ٽوڙي ويندي پر ماما قدير پنهنجي پُٽ جي چچريل لاش ملڻ بعد به گهر ويهي نه سگهيو ۽ پنهنجي ان احتجاج کي جاري رکيو. بلوچ فار وائس مسنگ پرسن موجب 2002ع کان هيل تائين 18 هزار ماڻهو لاپتا ٿيا آهن، جڏهن ته 2010ع کانپوءِ چچريل لاشون ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جو انگ پڻ 590 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪندي ماما قدير عرف مسنگ پرسن انڪل کي چار سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ان احتجاجي ڪئمپ ۾ ساڻس گڏ بلوچستان جي لاپتا ٿيلن جون وارث عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن مان اڪثر ان اُميد ۾ آهن ته سندن لاپتا ٿيل پيءُ، پُٽ، ڀاءُ ۽ ٻيا وارث بازياب ٿي ويندا پر اڃان تائين کين ڪٿان به ڪي اُميد جا ڪِرڻا نظر نه پيا اچن. مسلسل احتجاج ڪندڙ ماما قدير بلوچ هاڻ پنهنجي پُٽ نه پر ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ انهن لاپتا ماڻهن جي وارث عورتن سان گڏجي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
27 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا مان نڪتل ان لانگ مارچ ۾ ماما قدير سان گڏ ان اُميد سان عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن ته شايد اهو رستو ڪنهن منزل ڏانهن پهچائي ڇڏي. ڪوئيٽا کان ڪراچي جو 700 ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ لاءِ نڪتل ان مارچ کي روزانو صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين پنڌ هلڻو آهي، پر هاڻ سخت سردي سندن انهن جي وقت کي ته تبديل ڪري ڇڏيو هوندو پر سندن حوصلا اڃان تائين پست نه ڪري سگهي آهي. اڄ 16 ڏينهن جو سفر ڪرڻ بعد به کين اڃان 250 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ جو پنڌ ڪرڻو آهي. بلوچستان جي تاريخ بلڪه پاڪستان جي تاريخ ۾ به پهريون ڀيرو ايتري عرصي تائين هلندڙ اها پهرين جدوجهد آهي، جيڪا پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جون محروميون به موسم جي شدت سان گڏ وڌنديون ئي رهيون آهن. آواران جي زلزلي متاثرن سان ٿيندڙ ويڌن به ڪنهن کان لڪل نه آهي. وزيراعظم پاڪستان ضروري وقت مان وڏي مشڪل سان ڪجهه پل ڪڍي زلزلي متاثر علائقن ۾ پهتو پر فضائي دورو ڪري ان سڄي علائقي کي ڏسي افسوس ڪندي سياسي بيان ڏئي ڇڏيو ته آواران کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو، پر شايد ان وقت آواران کي ڪنهن ماڊل ضلعي کان وڌيڪ خيمن، ڪمبل ۽ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي. ڇو ته سندن ماڊل ضلعي ۾ شايد وقت لڳي پر بلوچستان جي سخت سردي ايتري مهلت نه ڏيندي جو معصوم ٻارڙن کي ماڊل ضلعي جي انتظار ۾ ويهاري سگهجي. بلوچستان جي سخت سردي جتي آواران جي زلزلي متاثرن کي سندن محروميون احساس ڏياري رهيون آهن ته ساڳئي پل ان لانگ مارچ ڪندڙن کي پڻ اهو احساس ڏياري رهيون آهن ته اوهان جون محروميون ايتري سولائي سان ختم نه ٿينديون. ماما قدير بلوچ پاران شروع ڪيل بازيابي مارچ سردي ۾ اضافي سان گڏ پنهنجي منزل ڪراچي ڏانهن وڌي رهيو آهي. ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين جو رستو به بلوچستان جي انهن گهرن وانگر سنسان ۽ ويران آهي، جن جا پيارا وڏي عرصي کان لاپتا بڻجي ويا آهن. پري پري تائين پهاڙ ۽ ويراني جي ان رستي جو سفر آهسته آهسته پنهنجي منزل جي ويجهو ته پڄي رهيو آهي پر ٻئي پاسي اها منزل کين پنهنجي گهرن ۽ پيارن کان اوترو ئي پري کڻي وڃي رهي آهي. ان لانگ مارچ ۾ شامل عورتن سان گڏ لاپتا ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد به شامل آهي، جنهن کي به ماما قدير وانگر پاڪستان جي آزاد چوائيندڙ ميڊيا مان اها شڪايت آهي ته ڪنهن هڪ ننڍي خبر تي سڄو ڏينهن لائيو ڏيکاريندڙ ان ميڊيا کي انهن عورتن جو 700 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ اڙانگو پنڌ نظر ئي نٿو اچي. سندن سور ۽ ڏک شايد انهن لاءِ بي معنيٰ آهن ۽ سندن آواز پاڪستان جي عام ماڻهن ۽ دنيا آڏو پهچائڻ شايد انهن جي آزادي واري ڪوڙ جو راز نه کولي ڇڏي. اسان جي ميڊيا بادشاهه آهي، اگر چاهي ته صبح جو سوير پنهنجي صحت کي بهتر بنائڻ لاءِ نڪرندڙ واڪ جي خبر سمجهي ئي ان مارچ جي ڪوريج ڪري ڇڏي، جيڪا ان سياري جي ڏينهن ۾ هڪ پوڙهو ۽ ڪجهه عورتون 700 ڪلو ميٽر تائين ڪري رهيون آهن، پر ائين نه ڪڏهن اڳ ٿيو آهي نه وري ايندڙ وقتن ۾ اها اُميد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ميڊيا آزاد ضرور آهي پر رڳو پنهنجي مطلب لاءِ متان عوام اهو سمجهي ته اسان لاءِ آزاد آهي. هونئن به جتي چونڊيل نمائندن ۽ ميڊيا لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريندڙ حڪيم الله محسود جي مارجڻ تي ڏک ٿئي اُتي ان لانگ مارچ جي ڪهڙي اهميت آهي. اها ڳالهه هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي ٿو ته ڪوئيٽا مان نڪتل لانگ مارچ جو اڙانگو پنڌ ۽ چند عورتون، ٻارڙا ان اُميد سان هلي رهيون آهن ته من ڪا ڪهل پوي ۽ اسان جي گهرن جون رونقون وري موٽي اچن ۽ اسان ان منزل تي پهچي وڃون جنهن جو خواب اکين ۾ سجايو ويٺيون آهيون، پر ان منزل مان به ماما قدير وانگر فرزانه مجيد کي به ڪا اميد نه آهي، پر ان هوندي به هُو انهن عورتن کي حوصلو ڏئي ان جدوجهد ۾ شامل رکيون ويٺيون آهن ته جيئن هو ايندڙ مشڪلن کي منهن ڏيڻ جهڙيون بڻجي وڃن. ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي پهچي ويندو ۽ ٿي سگهي ته پريس ڪلب آڏو سندس آجيان به ڪئي وڃي پر ڪير به کين اها اُميد نه ڏئي سگهندو ته اوهان جي ان مارچ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment