پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو
منهنجي نظر ۾ سياري جي صبح ڪمبل ۾ ويڙهيل ماڻهو کي فون ڪري اهو چوڻ ته هڪ ڪم آهي موٽر سائيڪل تي چڙهي جلدي پهچ ايئن آهي جيئن مشرف کي چوڻ ته ڪورٽ ۾ حاضر ٿي ۽ اُن ئي وقت ڪو اهڙو سوال ڪرڻ به خراب ٿو لڳي جنهن جو جواب نه ڏيئي سگهجي. مان صبح جو جڏهن سيءَ کان بچڻ لاءِ پاڻ کي ڪمبل ۾ ويڙهي چانهه جي چُسڪي هڻي رهيو هُئس ته ايتري ۾ ڀائيٽو اچي پاسي سان ويهي رهيو مان فون تي ڪنهن دوست کي ٻڌائي رهيو هُئس ته ڀاءُ سڄو مُلڪ ئي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي تنهنجو مسئلو به انهن مسئلن مان هڪ آهي. ايتري ۾ پاسي کان ويٺل ڀائيٽي سوال ڪيو انڪل ”هن وقت پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي“ مان هن ڏانهن نهاري ٿوري دير لاءِ سوچيو ته هن کي ڪهڙو جواب ڏجي. ڇو ته پاڪستان سدائين مسئلن ۾ رهيو پر هن وقت جو ڪهڙو اهم مسئلو آهي. ان بابت سوچي ٽي وي ڏانهن نهاريم ته لائيٽ نه هجي جو ان ۾ کڻي ڏسجي ته ڪهڙو مسئلو اهم آهي. ڇو ته چوندا آهن ميڊيا پوءِ اُها پرنٽ هجي يا اليڪٽرانڪ ۽ هاڻ ته سوشل ميڊيا به اچي ويئي آهي، اهي سڀ مسئلن جي نشاندهي ڪندا آهن ۽ ماڻهن جي اهم مسئلن کي وس وارن تائين پهچائيندا آهن پر بجلي نه هئڻ ڪري مان معلومات جي ذريعن کان محروم هُئس ان ڪري جان ڇڏائڻ لاءِ کيس چيو پُٽ بجلي اچي پوءِ ٻڌايان ٿو، ڪجهه دير بعد تيار ٿي موٽر سائيڪل تي شهر وڃڻ لاءِ گهران نڪتس ته رستي ۾ پاڙي جو هڪ ننڍڙو ٻارڙو اسڪول جي يونيفارم ۾ بيٺي ڪنهن جو انتظار ڪري رهيو هو، مان ويجهو وڃي چيو ڇا ٿيو اسڪول ڇو نه ويو آهين ان وراڻيو اڄ به رڪشو نه آيو آهي. مون چيو مان هلان پيو شهر هل ته توکي اسڪول وٽ لاهي ڇڏيندس. هن ٻار مونکي پنهنجو ٿيلهو ڏنو ته جيئن هو پويان چڙهي ويهي سگهي. مان جڏهن ٿيلهي ۾ هٿ وڌو ڄڻ ڪا اڌ مڻ اٽي جي ڳوٿري هٿ ۾ اچي ويئي هجي. جڏهن ٻار کي اسڪول سامهون لاهڻ مهل پڇيو ٿيلهي ۾ ڇا وڌو اٿئي جو هيڏو وزن آهي. 7 سبجيڪٽن جون ڪلاس ۽ هوم ورڪ لاءِ 14 ڪاپيون، ڪتاب، ڊرائنگ بوڪ جرنل ۽ جاميٽري بڪس ۽ هڪ لنچ بڪس آهي ٿيلي ۾ ٻار جواب ڏنو، مون ان ٻار کي چيو ايڏيون ڪاپيون لکڻ ته وڏو مسئلو آهي ٻار هلڪي مسڪراهٽ سان چيو انڪل ڪاپيون لکڻ ته نه پر منهنجو اهو ٿيلهو ان وقت سڀ کان وڏو مسئلو بڻجي ويندو آهي جڏهن رڪشي وارو سي اين جي قطار ۾ بيهڻ ڪري نه پهچندو آهي ۽ مون کي پنڌ گهر يا اسڪول وڃڻو پوندو آهي، ان ٻار کي اسڪول ڇڏي اڃان ٿورو اڳتي مس وڌيس ته ٻه همراهه هڪ گاڏي کي ڌڪو ڏيئي وڃي رهيا هُئا، سمجهي ويس ته سي اين جي کُٽي ويئي آهي. پيٽرول جهڙي حيثيت نه آهي، ڇو ته اڄ ڪلهه ماڻهن سي اين جي اچڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل جيترو خرچ سمجهي ننڍيون ننڍيون گاڏيون ته وٺي ڇڏيون آهن پر پنهنجي بجيٽ جي حساب سان اُهي پيٽرول تي گاڏي هلائڻ جهڙا نه آهن. همراهن ڌڪا ڏيئي گاڏي ان قطار ۾ بيهاري ڇڏي جتان سي اين جي ملڻي هُئي. اها قطار ڏسي ته انهن جا حوصلا ضرور خطا ٿي ويا هُئا ڇو ته انهن جو وارو پنج يا ڇهه ڪلاڪ کان اڳ اچڻ ممڪن نه هو. مون کي اچانڪ بريڪ هڻڻي پيئي ڇو ته هڪ وين ڊرائيور وائڙن وانگر اچي منهنجي موٽر سائيڪل کي لڳو، سندس ڳاڙهيون اکيون ڏسي چيم سائين صبح جو به مدهوش لڳا پيا آهيو لڳي ها ڌڪ پوءِ مسئلو وري منهنجي لاءِ ٿئي ها. اُن ڪاوڙ مان نهاريندي چيو ته سي اين جي 9 وڳي کلندي تون مون وانگر صبح ٽين وڳي کان هن لائن ۾ انتظار ڪرين ها ته هن وقت مدهوش نه پر بي هوش هجين ها. هڪ ته وقت خراب ۽ هاڻ نمبر به ويو اسان لاءِ، سي اين جيءَ جي بندش جي ڪري روزگار جو هيڏو وڏو مسئلو ۽ توکي وري سندي مسئلي جي لڳي پيئي آهي.
ڊرائيور مان جان ڇڏائي مان وڃي شهر پُهتس، جوُتا پالش واري کي ڏيئي انتظار ڪرڻ لڳس ته پالش ٿي وٺن ايتري ۾ ٻه عورتون جيڪي ٽوڪري ۾ چوڙيون ۽ ٻيون ( ليڊيز آئٽم) عورتاڻي استعمال جون شيون کپائي رهيون هيون، انهن پاڻ ۾ پئي ڳالهايو. مان به واندڪائي کان بچڻ لاءِ ڪن ڏيئي انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ لڳي ويس. هڪ پوڙهي عورت ٻئيءَ کي پنهنجو درد ٻڌائي چئي رهي هُئي ته منهنجو هڪ ئي سڪيلڌو پُٽ آهي سو به وڃي نشي وارن جي ور چڙهي ويو، سوچيم ته شادي ڪرايانس من ڪو سُڌري پوي پر سڌريو ڪونه ويتر وڃي سوئيون هڻي نشو ڪرڻ لڳو آهي، کيس هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي مان به ڪمايان ۽ ان جا ٻه ننڍا پُٽ به بسن تي شيون کپائي گهر جو گذران ڪيون پيا، مصيبتون ۽ مسئلا ته کُٽن ئي نه ٿا ”مياڙو ڏيڪرو مئي لا موٽو مسئلو اي“ (منهنجو پُٽ مون لاءِ وڏو مسئلو آهي) جوُتا پالش ڪرائي وڃي ڀاڄي جي دُڪان تي بيٺُس ته هڪ همراهه اچي پنجاهه روپيا ڀاڄي واري کي ڏيندي چيو ته هن جي جيڪا ڀاڄي ملي سا ڏي، همراهه جو منهن ڏسندي ڀاڄي واري منهن کي خراب ڪندي چيو ٽماٽر جو هڪ داڻو 5 روپين ۾ ٿيندو تور ۾ ته 10 روپين ۾ مشڪل سان هڪ داڻو ايندو، هن پنجاهه ۾ توکي ڪهڙي ڀاڄي ڏيان اڌ ڪلو بصر ۽ ٻه ٽماٽر وٺي ڪُٽي کا ٻيو مڙئي خير. همراهه پنجاهه جو نوٽ واپس وٺندي آهستي سان چوڻ لڳو 2 سؤ روپيا ڏهاڙي ملي اٽو، کنڊ، چانهه، گيهه وٺان يا ڀاڄي آخر مهانگائي جو هيڏو وڏو مسئلو ڪڏهن حل ٿيندو، مان ڀاڄي وٺي گهر ڏانهن ويس ته ياد آيو ٽي وي لاءِ ريمورٽ وٺڻو آهي دوست جي دڪان تي ويس ته هُو ٻاهر اُس جا مزا وٺي رهيو هو، مون ريموٽ گهريو ته جواب ڏيندي چيائين بابا مان هتي اُس جا مزا نه وٺي رهيو آهيان نڀاڳي بجلي اچي ته ڪو ڪاروبار ڪجي توکي ريموٽ ته ڏيان پر چيڪ ڇا سان ڪجي. مشرف ته ويو پر پنج سال پ پ به پورا ڪيا هاڻ نواز شريف کي به خيرن سان سال ٿيڻ لڳو آهي. بجلي جي لوڊشيڊنگ وارو هيڏو وڏو مسئلو آخر ڇو حل نٿو ٿئي؟ ’ڇو‘ جو جواب ڇا ڏجي. مان به ماٺڙي ڪري بنا ريموٽ جي اچي گهر پُهتس ۽ ويهي سوچڻ لڳُس ته آخر مُلڪ جو وڏو مسئلو ڪهڙو آهي تعليم يا ان جو نظام، ٻار جو اڌ مڻ جو بستو يا سي اين جي جي قطار ۾ بيٺل رڪشو يا وري مسافر وين يا وري انهن ٻنهي لاءِ مٿي جو سُور بڻيل سي اين جي واري بندش، پوڙهي عورت جو مٿي تي وزن رکي کپائڻ يا ان جي پوٽن جو پڙهڻ جي عمر ۾ بسن تي شيون کپائڻ يا وري انهن جو ڪارڻ بڻيل منشيات جو عادي سندن پيءُ وڏو مسئلو آهي. بي روزگاري يا وري مهانگائي وڏو مسئلو آهي يا وري ڪيترن ئي سالن کان ماڻهن لاءِ ۽ سندن ڪاروبار لاءِ عذاب بڻيل لوڊشيڊنگ وڏو مسئلو آهي، مان اڃان انهن سوچن ۾ ئي هُئس ته ايتري ۾ بجلي به خيرن اچي ويئي مان ٽي وي هلائي ته ان وقت هر چئنلن تي هڪ اداڪارا ۽ سندس شاديءَ جون خبرون هجن، شادي کان پوءِ فلمن ۾ ايندي يا نه ۽ وري مٿان کان نوان فوٽو ۽ نوان اسڪينڊل هر چئنل ليڊ باڪس، ٽريڪر ۽ بريڪنگ ۾ صرف ان موضوع تي ئي لڳا پيا هُئا. ايتري ۾ ڀائيٽي اچي وري صبح وارو سوال ڪيو انڪل پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪهڙو آهي بي اختيار منهنجي واتان نڪتو ”اداڪاره جي شادي“.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment