Friday, 8 November 2013

Right to information and Common Man


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4425


ڄاڻ تائين رسائي جو حق ۽ عام ماڻهو
سرور بلوچ
مان صبح سوير گهران نڪري شهر ويس سوچيم ته اخبار جو ديدار ڪجي نيٽ اچانڪ بند ٿي ويئي ته ان ڪري ضروري هو ته سوير شهر وڃي اخبار ڏسجي ڇوته اخبار جو فرنٽ ، بيڪ ۽ ايڊيٽوريل پيج ڏسڻ کانسواءِ سڪون ئي نٿو اچي ، خير مان جڏهن اخبار جي اسٽال جي ويجهو پهتس ته سامهون دڪان واري ڪچري جي ڀريل ٿيلي سڌو اچي روڊ تي اڇلي ذري گهٽ بچي ويس همراه جو نشانو مڙيئي ٿورو ڪچو هو جي پاڙيسيري ملڪ جي ٽي وي ڊرامي آفس آفس واري اداڪار شُڪلا جهڙو نشانو هجي ها ته مون وارا ڪپڙا پورا هئا، دڪاندار جي اهڙي حرڪت تي مون وڃي ان کي عزت سان چيو سائين اوهان پنهنجي دڪان جي صفائي ڪري اهو ڪچرو روڊ تي اڇلائي ڇڏيو اوهان کي احساس آهي ته اوهان نه رڳو شهر پر ماحول کي به خراب ڪري رهيا آهيو ، هن ڀائي نه ڪئي هم نه ڪئي تم ڪُرسي تان اٿندي ابتو مون کان سوال ڪيائين تون ڪير آهين اهوسڀ پڇڻ وارو ڇا تون ميونسپل ايڊمنسٽريٽر آهين، يا بلديه جو ڪو آفيسر جو مون کان پڇين ٿو ، مون چيو ادا مان اوهان وانگر هڪ عام ماڻهو آهيان مون ڪا غلط ڳالهه نه ڪئي آهي ته جو اوهان کي ڪاوڙ لڳي آهي، دڪاندار ڪاوڙيل انداز ۾ چيو ته تون وڃي پنهنجو ڪم ڪر توکي ڪو به حق ناهي مونکان پڇڻ جو صفائي ڪرڻ وارا ڀنگي ڪٿي آهن ، اُهي پاڻ صفائي ڪندا تون وڃي اخبار پڙهه آفيسر ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪر ، مان به ماٺ ڪري دڪان تان لهي وڃي اخبار پڙهي سوچيم چانهه جي چُسڪي هڻي پوءِ ٿو گهر وڃان هوٽل جي ڪُرسي تي ويهي جيڪي لڪا ڏٺم سي اوهان به روز ڏسندا هوندا ، بيري هوٽل جو ڪنو پاڻي ۽ گند ڪچرو گڏ ڪري وڃي روڊ وچ تي هاري پنهنجو فرض پورو ڪيو پر مان نه ڪڇيس ڇو ته جواب ساڳيو ئي ملي ها جيڪو دڪاندار ڏنو، اوهان ڀاڄي وٺڻ هليا وڃو يا ڪنهن ريزڪي جي دڪان تان سامان سڙو وٺو هُو ڪهڙي معيار جي شئي ڏيئي ٿو ۽ اگهه ڪيئن لڳائي ٿو اوهان ان بابت جڏهن ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ته اوهان کي ڪوبه خاطر خواهه جوب نه ملندو ، جي اوهان عام ماڻهو آهيو ۽ جنرل اسٽور تي هليا وڃو يا ميڊيل اسٽور تي شين جو معيار ۽ اگهن بابت پڇا ڪرڻ جي غلطي ڪندو ته دڪاندارن جي اڪثريت اوهان کي ٻه چار ڳالهيون ٻڌائي سامان واپس وٺي ڇڏيندي، شهر ۾ صفائي ڇو نٿي ٿئي بليديه ۾ لڳل سون جي تعداد ۾ صفائي ڪرڻ وارو عملو اوهان کي رڳو ڪنهن وي وي آئي پي چر پُر وقت نظر ايندي يا ڪنهن ناظم ، ايم اين اي يا وري ايم پي جي بنگلي جي صفائي تي مامور هوندي پر اوهان کي ان بابت ڪابه ڄاڻ نه ملندي ۽ جي اوهان عام ماڻهو آهيو ته ڀلي پڇڻ جي غلطي ڪري ڏسي سگهوٿا، شهرن جو کنڊر ۾ تبديل ٿيڻ جا ڪارڻ ڪنهن کان لڪيل نه آهن ضلعن ۾ سالانه اربين روپين جا بجٽ اچن ٿا پر اوهان کي اڪثر شهرن ۾ نه ته روڊ رستن جي سهولت ملندي نه وري پيئڻ جو پاڻي ، چند منٽن جي تفريح لاءِ پارڪ نه هوندو ٻارن جي کيڏڻ لاءِ ميدان نه لڀندا، پر جڏهن اوهان کي اها خبر پوي ته هر سال روڊ رستن ، پارڪن ، پيئڻ جي پاڻي ، پاڻي جي نيڪال ، شهرن جي صفائي تي الڳ الڳ فنڊ مختص ڪجي ٿو ته اواهان حيران ٿيندا ته انهي رقم جو رڳواڌ به خرچ ٿئي ته گهڻي تبديلي اچي سگهي ٿي پر ايئن نٿو ٿئي ، ان جي ٻين گھڻن سببن سان هڪ اهم سبب اها به آهي ته ماڻهن کي ڪڏهن به اها ڄاڻ نه ملي سگهي آهي ته اسان جو فنڊ ڪٿي ۽ ڪيترو خرچ ٿئي ٿو، هڪ عام ماڻهو کي ڪنهن به قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ آسمان تان تارا ٽوڙڻ کان گهٽ سولو نه آهي، حڪومتون هڪ پاسي ته ڄاڻ تائين رسائي جي حق بابت ڳالهيون ڪري قانون جوڙين ٿيون پر ان جي ابتڙ انهن کان جڏهن ڪنهن قسم جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪجي ٿي ته سندن رنگ ۽ رويو ئي تبديل ٿي وڃي ٿو، دنيا ۾ جتي ٻين انساني حقن جي ڳالهه ڪجي ٿي ته اُتي ڄاڻ تائين رسائي کي به انسان جو بنيادي حق تسليم ڪيو ويو آهي، اڄوڪي دنيا اندر 1946 ع اهو تسليم ڪيو ويو هو ته ڄاڻ تائين رسائي انسان جو بنيادي حق آهي ان بابت گڏيل قومن هڪ قرارداد (1) 59 رستي ٻڌايو ته “ ڄاڻ تائين پهچ هڪ بنيادي انساني حق بلڪه سمورن حقن تي پيڙهه جو پٿر آهي” ان کان علاوه 1996 واري سماجي ۽ سياسي حقن واري دستاويز ۾ به ان حق کي واضع طور تي بيان ڪيو ويو آهي،
پاڪستان اندر 2002 ۾ Freedom Of Information  نالي آرڊيننس آندو ويو ان کانپوءِ 2013 ۾ ايڪٽ جي صورت ۾ اڳيان آيو، هاڻ ان کي قومي اسمبلي ۽ سينٽ مان پاس ٿي قانون جي شڪل اختيار ڪرڻي آهي، پاڪستان جي 1973ع واري آئين ۾ سيڪشن 7 ( ارڙهين ترميم) ايڪٽ 2010 ( 2010 جو ڏهون نمبر ) واري نئين شق 19 (A)  شامل ڪري، هر شهري جي ڄاڻ تائين رسائي واري بنيادي حق کي هن ريت بيان ڪيو ويو آهي ته “ قانون جي لاڳو ڪيل ضابطي ۽ مناسب حدبندين ۾ رهندي ، عوامي اهميت جي ڄاڻ تائين پهچ هر شهري جو بنيادي حق آهي”
خيبرپختون خواهه واري حڪومت RTI (Right to information) لاڳو ڪرڻ ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرڻ وارو صوبائي قانون پاس ڪيو آهي، پر اڃان پنجاب ، سنڌ ۽ بلوچستان جون صوبائي حڪومتون سوچ ويچار ڪرڻ ۾ لڳل آهن، سنڌ اندر  Sindh Freedom Of Information Act 2006  موجود آهي ، ساڳئي طريقي ٻين صوبن ۾ پڻ ايڪٽ ۽ آرڊيننس موجود آهن پر انهن جي نئين سر جوڙ جڪ جي ضرورت اڃان موجود آهي،
پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي وارو قانون مختلف مرحلن مان گذريو آهي ۽ هينئر “ پاڪستان ڄاڻ تائين رسائي جو ايڪٽ 2013 ” پارليامنٽ ۾ منظوري لاءِ پيل آهي اهو ايڪٽ عوامي دستاويز ( Public Documents ) ۽ رڪارڊ تائين رسائي لاءِ بڻايو ويو آهي ، ان ايڪٽ جو بنيادي مقصد آهي ته شهرين جي عوامي رڪارڊ ۽ دستاويز تائين رسائي کي يقيني بڻايو وڃي ، ايڪٽ ۾ ڄاڻايل تفصيل پٽاندر ان کي “ پاڪستان ڄاڻ تائين رسائي ايڪٽ 2013 ” سڏيو ويندو ۽ ان جو دائرو وفاقي حڪومت جي ادارن ۽ ان سان لاڳاپيل خودمختيار ادارن ۽ وفاقي حڪومت هيٺ ڪم ڪندڙ ڪارپوريشنن تائين هوندو ، پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق کي ڪڏهن به گهربل اهميت نه ڏني ويئي آهي، ان ڪري ئي هن وقت تائين ان سلسلي ۾ ڪيل قانونسازي کي اثرائتي نموني عمل درآمد ڪرائڻ اڃان به مسئلو بڻيل آهي، ڪجهه قوتون شايد اهو نٿيون چاهين ته عام ماڻهن کي ڄاڻ تائين پهچ ڏجي ڇو ته جڏهن عام ماڻهو کي ڄاڻ تائين رسائي ملندي ته انهن ماڻهن جا اُهي سڀ رستا بند ٿي ويندا جتان هو پنهنجي ڪاري ڌن کي وڌائڻ ۾ سرگرم هوندا آهن، ڄاڻ تائين پهچ کي جڏهن حقيقي نموني نافذ ڪيو ويو ته ملڪ جي جڙن ۾ ويٺل رشوت خوري ۽ بدعنواني کي روڪي سگهجي ٿو، اهو حق سماجي احتساب جهڙي بيحد ضروري عمل جي سگهه کي اُڀاري ٿو پاڪستان جي مقابلي ۾ اسان اولهه جي ملڪن کي ڏسون ته هتي ادارا صحيح نموني ڪم ڪري رهيا آهن، اُتي اعلي طرز حڪمراني جو ڪوبه مسئلو نه آهي، انهن ملڪن ۾ سماجي احتساب ۽ ڄاڻ تائين پهچ جي حق کي قانوني تحفظ مليل آهي، ڄاڻ تائين پهچ جو حق به ٻين سماجي حقن وانگي اهم آهي پر ان بابت شهرين ۾ جاڳرتا جي تمام گهڻي ضرورت آهي ، عام ماڻهو کي نه ته ان قانون بابت ڄاڻ حاصل آهي نه وري هو ان بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ بابت سوچي ٿو، ڄاڻ تائين رسائي جي حق بابت ڄاڻ مختلف طريقن سان ڏيئي سگهجي ٿي ان ۾ سماجي تنظيم به اهن ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
سماجي تنظيم آڪسفيم جي بي ( OXFAM GB)  جي تعاون سان سافڪو ( SAFWCO )  شروعاتي طور تي سنڌ جي ٻن ضلعن دادو ۽ سانگهڙ ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق ( Right To Information )  تي پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو مقصد هڪ عام شهري پاران انجي معاشي سماجي حقن حقن جي ڄاڻ ، ان لاءِ تنظيم ڪاري ۽ سماجي تبديلي جي ڪمن ۾ حصو وٺڻ آهي ، هونئن به جيسين عام ماڻهو يا شهري پنهنجي حقن لاءِ پاڻ آواز بلند نه ڪندو اوستائين ڪنهن اداري يا تنظيم جو ڪم ڪڏهن به اُهي مقصد نه ماڻي سگهندو جنهن سان عام ماڻهو جي ڀلائي وابسطه هجي ،
ڄاڻ تائين رسائي جو حق سماجي احتساب جهڙي بي حد ضروري عمل جهڙي سگهه کي اُڀاري ٿو ۽ انهي طرح سماجي احتساب جي بهتر صورتحال بهتر طرز حڪمراني ( Good Governance )  کي جنم ڏيندي آهي ، جنهن سان ادار بهتر ڪارگردگي ڏيکاري سگهندا، شهري ڄاڻ تائين رسائي جي حق جي اهميت کي سمجهندي پنهنجي طور متحرڪ ڪردار ادا ڪن ته سندن هي حق رڳو دستاويزي ڪاغذن تائين محدود نه رهندي پر اهو عملي صورت وٺي سماجي احتساب جي ڏس ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪندو ادارن جو سماجي احتساب سان اعلي طرز حڪمراني ( Good Governance )  وارو معاملو سڌي ريت ڳنڍيل آهي،
سماجي تنظيم سافڪو (SAFWCO)  ۽ آڪسفيم جي بي (OXFAM GB)  ڄاڻ تائين رسائي جو حق بابت ضلع ڪائونسل هال سانگهڙ ۾ ڪوٺايل پنهنجي گڏيل پروگرام ۾ ڄاڻ تائين رسائي جي حق ۽ ان تي عمل ڪرڻ بابت مختلف قسمن جي ڄاڻ ڏني ان موقعي تي سافڪو جي بانيڪار سليمان جي ابڙو جو چوڻ هو ته ڄاڻ تائين رسائي جو قانون پاڪستان ۾ ٺهڻ وڃي رهيو آهي دنيا جي مختلف ملڪن ۾ جيڪي ڄاڻ تائين رسائي لاءِ قانون جڙيل آهن انهن کي نظر ۾ رکندي اسين سمجهي سگهون ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ به ان طريقي سان قانون جڙندو جنهن جا نقطا ڪجهه هن ريت ٿي سگهن ٿا ،
1.      اهو قانون صوبائي توڙي وفاقي ادارن تي لاڳو ٿيندو
2.      سڀني شهرين کي قانون جي واضع ڪيل طريقيقار جي حساب سان ڄاڻ تائين رسائي جو حق حاصل هوندو
3.   ان قانون تي عمل درآمد ڪرڻ لاءِ انفرميشن آفيسر مقرر ڪيا ويندا، جن کي پنهنجو پورو اسٽاف پورو ڏنو ويندو، انهن مٿان اهڙي ذميواري هوندي ته اُهي ڄاڻ لاءِ داخل ڪيل درخواستن جو ڪلاءُ ڪن.
4.      ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ مخصوص في مقرر هوندي ۽ ها ڄاڻ جي نوعيت کي اڳيان رکي ورتي ويندي .
5.       ڪابه درخواست 30 ڏينهن ۾ اڪلائي ويندي.
6.      جيڪڏهن انفرميشن آفيسر ڪنهن به درخواست کي رد ڪري ٿو ته ان لاءِ اهو جوڳو سبب ڄاڻائيندو.
7.   درخواست رد ٿيڻ جي صورت ۾ ، درخواست ڪندڙ ڪنهن مرڪزي باڊي وٽ پٽيشن داخل ڪري سگهندو، جيڪا قانون لاڳو ٿيڻ کان پوءِ مقرر ڪئي ويندي.
8.   عوامي (Public)  اختياريون هر سال عوامي دلچسپي وارا دستاويز ۽ ڄاڻ ڇپائي پڌري ڪرڻ ۽ عام ڪرڻ جون پابند هونديو.
9.      گورننس جا ٽيئي مک ٿنڀ مقننه، انتظاميه ۽ عدليه خاص دائري ۾ رهندي ڄاڻ فراهم ڪندا .
10.  ويهه 20 سال پوئتي تائين ڪنهن به قسم جي ڄاڻ حاصل ڪري سگهبي.
11.  درخواست ڪندڙ کي اهو اختيار هوندو ته هو پنهنجي حق حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به ٽئين ڌر کي نمائندي طور مقرر ڪندو.
12. امڪان آهي ته صوبائي سطح تي ڪا ڪميشن قائم ڪئي وڃي ، اها ڪميشن ڄاڻ جي رسائي جي سموري معاملي ۾ دخل ڏيڻ ۽ سڄي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ ذميوار هوندي،
13. جيڪڏهن ڪنهن شهري کي ڪا تڪليف هوندي اهو سڌي ريت ڪميشن وٽ پٽيشن داخل ڪري سگهندو، ڪميشن جو فيصلو آخري هوندو پر ان هوندي به عدالتن سان رجوع ڪري سگهبو.
پاڪستان ۾ ڄاڻ تائين رسائي جو قانون جڙي رهيو آهي ۽ جلد جُڙي به ويندو پر ڪٿي ان سان ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ جوڙيل اينٽي ڪرپشڻ جهڙُو حشر ته نه ٿيندو ان ڳالهه تي به ڌياڻ ڏيڻ جي ضرورت آهي ، قانون ۽ ادارا ٺهڻ ته سُٺي ڳالهه آهي پر جيسين انهن ادارن ۾ ايمانداري ۽ مخلصي نه هوندي ڪجهه به نه ورندو هڪ عام ماڻهو لاءِ ان قانون جي وروڪڙن مان گذري انصاف وٺڻ ايڏو آسان نه آهي ڇو ته ان قانون پٽاندر هڪ عام ماڻهو پنهنجي شهر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن بابت ڄاڻ جو خواهشمند هوندو پر جن ايم اين ايز ، ناظمن ، آفيسرن ٺيڪا کڻي روڊ ، رستا ، گليون ۽ گٽر ٺاهڻ جا ڪم پنهنجن مائٽن جي فرضي نالي تي وٺي مال ڪمايو هوندو انهن جي سامهون هڪ عام ماڻهو جي ڪهڙي همت ٿيندي ، اسان قانون سان گڏ پنهنجي نظام کي بهتر بنائڻ جي ڳالهه به ضرور ڪيون ، جڏهن ڪنهن به شهر ۾ ٿيندڙ هر ڪم ، روڊ ، رستا ، پارڪ ، پيئڻ جو پاڻي ، گٽر لائنن ۽ بلديه يا ٻين کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن آفيسن ۾ استعمال ٿيندڙ فنڊ ، گاڏين مطلب ته هر ڪم جو رڪارڊ ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ويب سائيٽن تي رکيو وڃي ته پوءِ شايد ڄاڻ تائين رسائي هر ماڻهو جي هٿن ۾ بنا ڪنهن مشڪلن جي ممڪن ٿي سگهندو ، باقي اسان هڪ ادارو جوڙي ان ۾ وري ڪجهه ماڻهن جي ڀرتي ڪري ڄاڻ تائين رسائي جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان مان لاڀ تڏهن ملندو جڏهن ان ۾ مخلصي هجي ۽ ان سان گڏ عام ماڻهن ۾ خوداعتمادي ۽ ان قانون بابت مڪمل ڄاڻ هجي. ڇو ته جيستائين اهو عام ماڻهو گڏجي جدوجهد نه ڪندو ان کي فائدو نه ملندو پر جڏهن گهڻا ماڻهو هڪ هڪ ئي ڳالهه کي ورجائيدا رهندا ته اڳيان ان کي جواب ڏيڻ لازمي بڻجي ويندو، ڄاڻ تائين رسائي واري قانون سان رڳو پنهنجي علائقي ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن نه پر هر ان ڪم بابت ڄاڻ ملي سگهبي جنهن سان اوهان ڪنهن نه ڪنهن طريقي لاڳپيل آهيو پر ان لاءِ ضروري آهي ته عام ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪجي ۽ ان قانون کي ايترو آسان ۽ شفاف بڻايو وڃي جو ڪوبه ماڻهو بنا ڪنهن خوف و خطر جي پنهنجي ڄاڻ حاصل ڪري تڏهن وڃي ان قانون جو فائدو عام ماڻهو کي ملي سگهندو
imsbaloch@hotmail.com


No comments:

Post a Comment