جدائي جا زخم ۽ لانگ مارچ
زخم مختلف قسمن جا ٿين ٿا پر هر زخم جي پويان ڪا ڪهاڻي ضرور لِڪل هوندي آهي، ڪي ماڻهو روڊ حادثن ۾ زخمي ٿين ٿا ته وري ڪي آپسي جهيڙن سبب ڌڪجي پون ٿا ۽ ڪي وري پنهنجي پاڻ کي زخمي ڪري وٺن ٿا پر انهن مان هر هڪ کي ڏسجي ته سندن پويان ڪو سبب يا قصو ضرور هوندو آهي، روڊن حادثن جي زخمين جي سبب ڳولبا ته خبر پوندي ته تيز رفتاري، بريڪ فيل ٿيڻ يا اوورٽيڪنگ ڪرڻ سبب حادثو ٿيل هوندو پر ضروري ناهي ته هر حادثي پٺيان ساڳيا سبب هجن پر اڪثر اسان کي اهي ئي سبب ملن ٿا، جڏهن ته آپسي جهيڙي سبب زخمي ٿيلن پٺيان به ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون هونديون آهن، جڏهن ته ڪن ظاهري ۽ لڪيل سببن ڪري ماڻهو پاڻ کي زخمي ڪري وجهن ٿا، زخم جو سور ۽ نشان ڪجهه عرصي ۾ ته مٽجي ويندا پر انهن مان اڪثر زخمن پويان ڪهاڻيون وساري نه وسربيون آهن، بلوچستان به اهڙن زخمن جي ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي، پر تازو ڪوئٽه کان ڪراچي تائين نڪتل لانگ مارچ انهن زخمن جي پويان وارين ڪهاڻين ۽ زخمن کي وري جاڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي سدائين اهو چئي تانو ڏنو ويندو آهي ته اوهان وٽ عورتن کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي، عورتن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي وغيره وغيره، پر ڏٺو وڃي ته اهڙا واقعا ضرور ٿين ٿا پر اُنهن واقعن خلاف آواز به اُٿاريا وڃن ٿا ۽ اهڙن واقعن جي نندا به ڪجي ٿي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترون ئي اهڙيون عورتون موجود آهن جيڪي مشڪل وقت ۾ ڪنهن اوٽ ۾ نه پر پنهنجن سان گڏ بيٺيون هونديون آهن، ان جا ڪيترائي مثال ۽ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، بلوچستان جنهن هر دور ۾ مشڪلن کي منهن ڏنو آهي، ڀل پوءِ اُهي دور آمرن جا هجن يا جمهوريت جا سدائين پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ تي کين گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، بلوچستان جا زخم ڀرجڻ جي ڳالهيون ته هر حڪومت ڪيون آهن، پر اڪثر انهن زخمن تي لوڻ ئي ٻرڪيو ويو آهي، زخمي بلوچستان ۾ هن وقت جتي ٻيا مسئلا موجود آهن اُتي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پڻ سنگين ٿي ويو آهي، ۽ انهن لاپته ڪيل ماڻهن جا وارث سدائين ان اُميد سان احتجاج ڪندا رهيا آهن ته ڪٿان ڪا خبر ملي پوندي، بلوچستان جي لاپته ماڻهن جا وارث گهڻي عرصي کان احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ ڪوئٽه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئٽه مان نڪتل لانگ مارچ ڪراچي پهچي ويو آهي. ان اڙانگهي پنڌ سبب ماما قدير ۽ بلوچ نياڻين جا پير زخمي ٿي پيا آهن پر انهن ظاهري زخمن پٺيان جيڪي زخم آهن انهن جو درد ۽ پيڙاهه ان ظاهري زخمن کان گهڻي ئي اذيت ناڪ آهي. بلوچستان مان 18 هزار ماڻهو لاپتا ڄاڻايا ويا آهن، جڏهن ته 6 سو جي لڳ ڀڳ لاپته ڄاڻايل ماڻهن جا چچريل لاش اُڇلايا ويا آهن. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان گم ڪيل ماڻهو پنهنجي گهر جو سهارو بڻيل هئا، ڪنهن گهر مان ڪو پيءُ يا پُٽ يا ڪنهن جو ڀاءُ گم ٿيل آهي جيڪي پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ واحد سهارو هُئا، ڀاءُ ۽ پيءُ جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڀيڻ جي تحفظ ۽ ٻارن جي سار سنڀال ۾ ڪا به قصر نه ڇڏجي پر جڏهن اُهو سهارو جيڪو ان گهر ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ هجي ۽ اوچتو ايئن گم ٿي وڃي ته پوءِ ان جو درد تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
هر انسان کي هڪ ڏينهن هن فاني دنيا کي ڇڏڻو آهي، ڪنهن ماڻهو جي موت کي ته ڪجهه عرصي ۾ وساري سگهجي ٿو پر گم ٿيڻ جو پيڙا شايد وسارڻ جهڙي نه آهي. بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پاران ڪيل لانگ مارچ ۾ هڪ ڏهن سالن جو ٻارڙو حيدر پڻ شامل آهي جنهن جي پيءُ رمضان بلوچ کي ان جي سامهون کنڀيو ويو هو، ان عمر ۾ جتي هن کي ڪتاب هٿ ۾ ڪري اسڪول وڃڻ گهرجي پر هو ان ٽرالي کي ڌڪي ڪراچي پهتو آهي، جنهن ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جو سامان، اسپيڪر ۽ ان جي سامهون هڪ بورڊ ٽنگيل آهي، جنهن تي انگريزي ۾ لکيل آهي ”(UNO) يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري معاملي تي پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪري“. ان لانگ مارچ ۾ سندس ٻه ڀينرون به شامل آهن، جيڪي پڻ پنهنجي پيءُ جي باحفاظت بازيابي جي اُميد سان ان لانگ مارچ ۾ شامل ٿيون آهن. ان مارچ ۾ هڪ ڇوڪري سمي بلوچ به شامل آهي جيڪا پڻ پنهنجي پيءِ ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي بازيابي لاءِ ڪشالا ڪڍي ڪراچي پهتي آهي، جڏهن ته ان مارچ جي اڳواڻي ڪندي ماما قدير بلوچ ته پنهنجي گم ٿيل پُٽ جي چچريل لاش کي دفنائي ان اُميد سان اڳواڻي ڪري رهيو آهي ته من ڪو اهڙو ڪرشمو ٿي پوي ۽ سڀ بلوچ نوجوان آزاد ٿي گهر موٽي اچن، ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد جا پير ان مارچ زخمي ضرور ڪيا آهن پر اِهي زخم ان جدائي جي زخم جي سامهون ڪجهه نه آهن جيڪي هو ۽ سندن گهر ڀاتي ذاڪر مجيد جي گم ٿيڻ کان وٺي سهي رهيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment