...آمو جو ديس
اڄڪلهه پرنٽ يا اليڪٽرانڪ ميڊيا تي هڪ اهڙي شخص جا چرچا هلي رهيا آهن جنهن گذريل 60 سالن کان تڙ نه ڪيو ۽ صفائي جو نالو هن لاءِ ڄڻ ڪنهن ٻي دنيا يا سياري جو لفظ هجي، مختلف ميڊيا هائوسز ان شخص کي مختلف انداز ۾ پيش ڪري رهيون آهن، ڪو لکي ٿو ته هُو دنيا جو سڀ کان گندو ماڻهو آهي ته وري ڪو کيس 60 سالن کان تڙ نه ڪرڻ تي گنيز بُڪ جو اُميدوار ٻڌائي ٿو، ايران جي هڪ اخبار تهران ٽائيمز موجب 80 سالا آمو جيڪو ايران جي صوبي فارس جي هڪ ڳوٺ ديجگاهه ٻاهران هڪ کڏ ۾ يا وري ڳوٺاڻن پاران جوڙايل بلاڪن جي ٺهيل ڪوٺي ۾ رهي ٿو، هن گذريل 60 سالن ۾ تڙ نه ڪيو متان بيمار ٿي وڃان. آمو جي خبر کي نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي ميڊيا ۾ وڏي جاءِ ملي آهي، موقعي مان فائدو وٺندي ڪن ته ان شخص جو خوُب مذاق پڻ اُڏايو، ڊيلي ميل يوڪي (Daily mail UK) آمو جي باري لکي ٿو ته دنيا جو سڀ کان نااهل ڪنوارو جنهن 60 سال تڙ نه ڪيو ۽ ڪجهه جذباتي ناڪامين جي ڪري هُن اهڙي زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو، هُو لکي ٿو ته آمون اڪيلو آهي ۽ ان کي محبت جي تلاش آهي، پر اوهان کي هُن جي دل کٽڻ لاءِ پنهنجي طرز زندگي مٽائڻي پوندي مطلب ته ان جهڙو ٿيڻو پوندو. ايران ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا ۾ نه رڳو آمو پر هڪ ٻئي سبب جي ڪري پڻ اهميت اختيار ڪيو ويٺو آهي، اُهو آهي جوهري معاملو جنهن تي مثبت ڳالهيون ٿي رهيو آهن جنهن جي باري ۾ ڪجهه مُلڪ خوش ته وري ڪي ناراض لڳي رهيا آهن، ايران جتي 35 سال اڳ شاهي حڪومت هوندي هُئي پر انقلاب ايران جنهن جي اڳواڻي آيت الله خميني ڪري رهيو هو، جنهن 1979 ۾ شاهه محمد رضا پهلوي شاهي حڪومت جو خاتمو ڪري ايران ۾ نظام نافذ ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ پاڻ پهريون سپريم ليڊر بڻيو، هن وقت ايران جو سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي آهن، سپريم ليڊر جي چونڊ هڪ علماءِ جي مجلس (مجلس خبرگان رهبري) ڪندي آهي جنهن ۾ مُلڪ جا 86 علما هوندا آهن، سپريم ليڊر نه رڳو سمورن اختيارن پر هٿياربند فوج جو ڪمانڊر چيف پڻ هوندو آهي، ايران 31 صوبن تي مشتمل آهي، جنهن مان هڪ صوبو سيستان وبلوچستان به آهي.
ٻه ڏينهن اڳ آمو جي ديس ايران مان منهنجو هڪ مامو اسان وٽ آيو ته مان هن سان آمو جي ڳالهه ڪئي ته هن نيٽ تي پيل تصويرون ڏسي حيرت جو اظهار ڪيو سمجهي ويس ته هُن کي خبر ئي ناهي ته سندس مُلڪ ۾ ڪو اهڙو ماڻهو رهي ٿو، جڏهن اسان وٽ ته هر ٻئي ماڻهو انٽرنيٽ، ٽي وي، اخبارن ۾ آمو جي باري ۾ پڙهي، ڏسي يا ٻُڌي ورتو آهي، پر حيرت آهي ته آمو جي ديس مان آيل مامي کي ڪا خبر نه آهي، مون نيٺ پُڇي ورتو ته سڄي دنيا ۾ آمو جي باري ۾ لکجي پيو ۽ اوهان کي خبر نه آهي اوهان ٽي وي نٿا ڏسو ڇا ؟، مامي وراڻيو ته “ گجر ( گجر فارسي ۾ پوليس ۽ سڪيورٽي اداري وارن کي چئبو آهي ) ڳوٺ مان ڊشون لاهي کڻي ويا آهن، ۽ اخبار اسان وٽ اچي ڪانه ٿي نه وري اسان جا ماڻهو خبرن ۾ ڪا دلچسپي رکن ٿا ان ڪري ڪا خبر نه آهي، مان ايران جي صوبي سيستان بلوچستان 8 کان 10 سال اڳ ويو هُئس ،ان وقت به ڳوٺن يا شهرن ۾ اينٽينا يا بوسٽر لڳل نظر ايندا هُئا جنهن تي ايراني چئنل ڏسبا هُئا ۽ ايراني چيئلن ۾ ڪارٽون، راند، ڪڏهن ڪو ڊرامو ۽ ڪجهه مُلڪي خبرن کانسواءِ ڪجهه به نه هوندو هو، نه انٽرٽينمنٽ نه وري حڪومت خلاف ڪا خبر نه وري دنيا جي ٻين مُلڪن جي خبرن کي ڪاخاص جاءِ ملندي هُئي، ان وقت ڪجهه شهرن ۾ ماڻهن جي گهرن ۾ لڪي ڊش اينٽينا لڳل هوندا هُئا، منهنجي ڀاءُ جو گهر ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي شهر ڪُنارڪ ۾ آهي، ان جي گهر ۾ به ڪنڊ ۾ لڪايل هڪ ڊش لڳل هئي ۽ ٽي وي به ان ڪمري ۾ لڳل هُئي جتي پاڙي وارن يا مهمانن جو اچ وڃ نه هوندو هو ڇو ته کين اهو ڊپ هوندو هو ته متان ڪو شڪايت ڪري ۽ اسان جي اها ڊش پٽجي وڃي، اسان کي حڪومت جي قدمن خلاف مزاحمت جون خبرون ڪڏهن به ايران جي ميڊيا تي نظر نه اينديون آهن هڪ ته هُتي حڪومت خلاف ڪنهن کي ڳالهائڻ جي اجازت ئي آهي ۽ سرڪاري ميڊيا کي ايڏي طاقت ئي نه آهي جو هو حڪومت خلاف ڪا خبر هلائي سگهي، نه وري ايران ۾ ٻاهرين مُلڪن جي چئنلن ڏسڻ جي اجازت آهي، ڪيبل نيٽ جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ماڻهو انٽرنيٽ جو استعمال ته ڪن ٿا پر ان تي به چيڪ اينڊ بيلنس ضرور هوندو، دنيا جتي تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي ته ساڳئي طريقي سان پرڏيهي پابندين باوجود ايران پنهنجي طريقي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، پر ايران ۾ اڄ به شهرين کي ڳالهائڻ جي آزادي نه ملي سگهي آهي، مون ته اهو ئي سمجهيو هو ته شايد هاڻ گهڻو ڪجهه تبديل ٿيو هوندو، پر مامي جي ڳالهين مان لڳو ته تبديل ضرور ٿيو هوندو پر اهڙي ڪابه شيءِ تبديل نه ٿي آهي جيڪا حڪومت نه چاهيندي هجي، مامي ٻڌايو اڳ ڳوٺ ۾ ڪو هڪ اڌ ماڻهو ڊش هڻي دنيا جا چئنل ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو هو پر هاڻ هر ٻئي گهر ۾ لڪي ڊش لڳي پيئي آهي، جڏهن اسان کي خبر پوندي آهي ته ٽيم نڪتي آهي ته اسان پنهنجا ڊش اينٽينا لاهي لڪائي ڇڏيندا آهيون پر ڪڏهن اچانڪ ڇاپو لڳي ويندو آهي ته پوءِ سڀ سامان کڻي هليا ويندا آهن.
ڪجهه عرصو اڳ ايران جي هڪ تصوير ڏٺي جنهن ۾ ڊش ۽ رسيور روڊ تي رکي انهن مٿاڻ روڊ رولر هلائي پئي وڃي جيئن خطرناڪ هٿيار تباهه ڪيا پيا وڃن، تازو ايران مان آيل مامي کي مون جڏهن اهو ٻڌايو ته هاڻ اوهان جي مُلڪ جي اهميت وڌي رهي آهي آمريڪا سان ڳالهيون پيون ٿين، جوهري معاملا حل ٿي ويندا، دنيا سان ڪاروبار شروع ٿيندو اوهان جي ته لئي ٿي ويندي، هن کلي چيو، ڪجهه نه ٿيندو مُلان ڪٿي چاهيندا ته ڳالهيون ٿين، مامي جي مُلان مان مُراد سپريم ليڊر ۽ ان جي ٽيم سان هُئي جن جي مرضي کان بنا صدر يا ڪوبه حڪومتي ڌُر فيصلو نٿي ڪري سگهي، مون وري سوال ڪيو ته مُلان ته چون پيا ڳالهيون ٿين مسئلا حل ٿين، هن چيو ته ڳالهيون ٿينديون پر ڪهڙي شرط تي ڇا ڳالهيون رڳو جوهري هٿيارن تي ٿينديون، ايران ۾ هڪ پاسي مُلان ماڻهن جي ڳالهائڻ ۽ ڏسڻ تي پابنديون هنيو ويٺا آهن، اُهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته ٻاهريون طاقتون مُلڪ ۾ اچي اسان جي شهرين سان گهڻو ميل ملاپ وڌائين ۽ پوءِ ايران جا ماڻهو اسان خلاف کڙا ٿين، ايران ۾ هن وقت هڪ وڏي کيپ نوجوان نسل جي موجود آهي جيڪي دنيا سان گڏ بيهڻ چاهين ٿا، هو چاهين ته کين آزادي سان هلڻ، ڦرڻ، ڳالهائڻ ڏنو وڃي، رڪاوٽُن هٽايون وڃن.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment