Saturday, 25 January 2014

Seller of Poverty


مفلسيءَ جي سوداگري
ٽن ڪلاڪن جي ڊگهي تقريري مقابلي منهنجي مٿي ۾ سوُر وجهي ڇڏيو هو. هر هڪ مقرر ميڙاڪي ۾ ويٺل ماڻهن کي دنيا جهان جي باري ۾ ٻڌائي رهيو هو، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ قانون ۽ ان تي عمل بابت؛ جڏهن ته پٺتي پيل ملڪن ۾ قانون جي لتاڙ بابت ٿيندڙ ڳالهيون هيٺ ويٺلن مان اڪثريت جي سمجهه کان ٻاهر هيون. اُها اڪثريت ٻهراڙي مان آيل ۽ گهرداري ڪندڙ عورتن جي هُئي جن کي ٻن ويلن جي ماني کانسواءِ ٻي ڳالهه هونئن به گهٽ وڻندي آهي. اسٽيج تي جوشيليون تقريرون جاري هيون پر هيٺ ويٺلن مان اڪثريت جي چهري تي بيزاري جا آثار صاف نظر اچي رهيا هُئا. اڃان آخري مقرر کي خيالن جي اظهار لاءِ سڏڻ باقي هو ته منهنجي ڪُرسي پويان هڪ ٻارڙي جو آواز آيو ”امان بک لڳي آهي، تو چيو هو دعوت تي هلون پيا ماني ڪٿي آهي؟“ ماءُ کيس آهستي سان چيو، ”ٿورو صبر ڪر پُٽ مونکي ڪهڙي خبر هُئي ته چانور ٿالهيءَ لاءِ هيڏيون تقريڙون به ٻڌڻيون پونديون.“

آخري مقرر جي تقرير ختم ٿيندي ئي اسٽيج تان آواز آيو ته پنهنجي جاين تي ويٺا هجو، اوهان لاءِ لنچ باڪس تيار آهن. ڪُرسي تي ويٺلن کي لنچ باڪس ڏنا ويا ۽ پوءِ آهستي آهستي هال ۾ ٿيندڙ ڪجهه دير اڳ وارو شور گهٽجڻ شروع ٿي ويو هو. مون هال کان ٻاهر نڪرندي جيڪي لقاءَ ڏٺا، اُهي اسان جي ملڪ ۾ روزانو ٿيندڙ سوين پروگرامن ۾ گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ڄاڻ رسائڻ، پنهنجي ڳالهه کي ماڻهن تائين پهچائڻ يا تربيت لاءِ ٿيندڙ انهن پروگرامن جي ختم ٿيڻ تي هڪ مهذب طريقي سان ماني جو انتظام ڪيو ويندو آهي پر ڪڏهن ڪڏهن وري اهڙا پروگرام بدنظمي سبب ياد رهجي ويندا آهن. مون ٻارڙن ۽ عورتن کي زمين تي هيٺ ويٺي چانور کائيندي ڏٺو. ڪيترن ئي ڪلاڪن کان ان پروگرام ۾ ويٺل انهن عورتن سان گڏ آيل ٻارڙن کي ماني کائيندي ڏسي سمجهي پئي سگهيس ته بک انهن کي بي حال ڪري ڇڏيو هو. ٿورو اڳتي نڪتس ته پريس ڪلب جي مين گيٽ ڀرسان ٻه ننڍا ٻارڙا پڻ دڪيءَ تي ويهي چانور کائي رهيا هُئا. مان جيئن ئي ڪيمرا ڪڍي سندن فوٽو ڪڍڻ پئي گهريو ته هُو جيڪو گرهه کڻي وات ۾ وجهي رهيو هو، سندس هٿ اُتي ئي بيهي رهيو. مون اهو ئي سوچيو ته اهو فوٽو اخبار ۾ لڳي ويندو ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي اچي ويندو ۽ پوءِ وڏا ڪمنٽس ايندا، هر هڪ ماڻهو پنهنجي پنهنجي دانشوري ڏيکاريندو، پر جڏهن ان ٻارڙي پنهنجو هٿ روڪي مون ڏانهن نهاريو ته سندس پتڪڙا هٿ ۽ معصوم چهرو ڏسي منهنجي همت ئي نه ٿي، جو سندس فوٽو اخبار ۾ موڪليان يا وري سوشل ميڊيا تي رکي سگهان. سندس رُڪيل هٿ منهنجي هڪڙي مسڪراهٽ سبب وات ڏانهن وڌيو ۽ هن وري آرام سان کائڻ شروع ڪري ڇڏيو.

مون مسڪراهٽ ذريعي ان شرمندگي کي لڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، جيڪا اُن وقت مان محسوس ڪري رهيو هئس، پر اڪثر ايئن نه ٿيندو آهي. ان وقت ڪيمرا جي هڪ ڪلڪ ۽ چند سيڪنڊن جي فلم ان سڄي معاملي کي اهم خبر يا بريڪنگ نيوز ڪري ڇڏي ها، پر ان بريڪنگ نيوز جو مقصد ان ٻار جي بدحالي پيش ڪري ان کي رليف ڏيڻ نه پر رڳو پنهنجي مشهوري هجي ها. اسان جي مُلڪ ۾ جتي صحافين ۽ ليکڪن کي ضابطه اخلاق سکڻ جا مشورا ڏنا وڃن ٿا، اُتي ريٽنگ جي چڪر ۾ ڊوڙندڙ چئنل مالڪن کي به سمجهائڻ جي ضرورت آهي، جن ان شعبي کي رڳو ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، ۽ هاڻ ته تيزي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي شعبي ۾ اهڙا ماڻهو داخل ٿي رهيا آهن، جيڪي اڳ ئي ڪنهن ڪاروبار ۾ هوندي پنهنجي ان ڪاروبار کي سهارو ڏيڻ لاءِ اخبارون / ٽي وي چئنل کولي رهيا آهن، جيئن کين مختلف طريقن سان رليف ملي سگهي ۽ ان ۾ اڪثريت وري اهڙن ماڻهن جي آهي جن جو ان شعبي سان پري پري تائين ڪو تعلق ئي نه رهيو آهي. جڏهن ته انهن نون ماڻهن کي ڏسندي پُراڻا ۽ تجربو رکندڙ به سوچڻ تي مجبور آهن. ان ڪري عزت، احترام ۽ اخلاق کي هڪ پاسي رکي هڪ ٻئي کان اڳتي نڪرڻ جي اهڙي ڊوڙ شروع ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪامياب ڪوبه ٿي وڃي پر سندن ان ڪاميابي مان انهن عام ماڻهن کي ڪوبه لاڀ حاصل نه ٿيندو جن جي غم کي فوڪس ڪري فقط ويوئرشپ وڌائي وڃي ٿي.

دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ روزانو ڪيترائي اهڙا واقعا ٿين ٿا جن کي بريڪنگ نيوز يا اهم خبر ڪري پيش ڪري سگهجي ٿو پر اسان کي اُتي اهڙي حالت نظر نه ايندي جيڪا اسان وٽ آهي، اسان وٽ هر اُها خبر اهم بڻجي ويندي آهي جنهن سان ان اداري کي ريٽنگ جي مد ۾ ڪو فائدو پهچي. مون کي عورت اڳواڻ جو سعد رفيق کان موبائل نمبر گهرڻ واري خبر کي نه رڳو اهميت ڏيڻ پر فرنٽ پيج تي ڇاپڻ تي ان ڪري به حيرت نه ٿي ته اهڙا ڪارناما اسان اڪثر ڏسندا رهيا آهيون. طاهر القادري جي ڌرڻي ۾ ان جي هر هڪ انداز ۽ سوُپ پيئڻ تائين براهه راست ڏيکارڻ کان وٺي اسلام آباد جي اهم شاهراهه تي ٻه هٿيار کڻي نڪتل سڪندر واري ڪهاڻي ۽ ان موقعي تي حڪومتي ادران کي هڪ پاسي ڪري براهه راست کيس فون تي آن لائن وٺڻ وارا واقعا ايترا پُراڻا ناهن جو وساري ڇڏجن ۽ ايندڙ وقتن ۾ شايد ان کان به وڌيڪ اهڙن غير اهم واقعن کي اهميت ڏيئي پنهنجي ڪاروبار کي سهارو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، جنهن سان عام ماڻهو کي ڪوبه سروڪار نه هوندو پر ان باوجود هنن کي اُهو سڀ بريڪنگ نيوز جي نالي تي ڏيکاريو ويندو.

imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment