Saturday, 25 January 2014

Days Of Saving And Relaxation

بچت ۽ سڪون وارا ڏينهن
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مون کي اها ذميواري  ڏني ويئي ته گهر لاءِ سامان تون وٺندين ۽ جڏهن به مان جنرل اسٽور يا ريزڪي جي دڪان تي سامان وٺڻ ويندو هئس ته گيهه، چانهه جي پتي، مصالحن ۽ ٻين شين جي دٻن جي ڪنڊ پاسن کي جاچي پوءِ اُها شي وٺندو هئس. هڪ ڏينهن جڏهن دڪان تي سامان وٺڻ ويس ته دڪاندار اهو چئي ٻي ڪمپني جو گيهه ڏنو ته جيڪو توهان وٺندا آهيو اڄ اهو گيهه ختم ٿي ويو آهي. مون ان دٻي کي غور سان جاچي ڏٺو ۽ اُهو وٺڻ کان انڪار ڪندي اسٽاڪ مان وڃي هڪ ٻئي ڪمپني جو گيهه کڻي آيس. دڪاندار پڇيو ته سائين اوهان ڀلا سامان جي دٻن جا ڪُنڊ پاسا جاچي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ ٿا پڙهو يا ڪو ٻيو مسئلو آهي، مون اوهان کي سٺو گيهه سمجهي ڏنو اوهان وري ٻيو ڇو کڻي آيؤ؟
مون چيو ادا مان سامان جا ڪنڊ پاسا جاچي اهو ڏسندو آهيان ته اهو سامان ڪٿان جو ٺهيل آهي، جيڪا شي سنڌ جي ٺهيل آهي ان جي ٽيڪس مان فائدو اسان جي صوبي کي ملي، ان ڪري مان اُها شي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. دڪاندار جواب ۾ چيو ته سائين تمام سٺو پر مزو ته تڏهن اچي ها جو اهو ٽيڪس ۽ ٻين مدن ۾ حڪومت کي ملندڙ فائدو ۽ بچت عوام تائين پهچي ها.
ڳالهه آئي وئي ٿي ويئي، مان به ٻين ڪمن ۾ قابو ٿي سامان وٺڻ وارو ڪم ننڍي ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو. هاڻ خبر ناهي ٽيڪس واري بچت ڪنهن کي ملي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته اصل فائدو هر لحاظ کان سرمائيدار کي ئي پهچي ٿو ۽ جڏهن ان سرمائيدار جي فائدي ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته هاءِ گهوڙا به شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪنهن به موقعي تي حڪومت کي ٽئڪس گڏ ڪرڻ ۾ مشڪل اچي ٿي ۽ ٽئڪس ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته به هر پاسي کان رڙيون مچي وڃن ٿيون. حڪومت ٽئڪس جي مد ۾  جيترو ناڻو گڏ ڪري ٿي ان جو فائدو عوام تائين ڪيترو پهچي ٿو اهو ته سڀئي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ پئسا گڏ ڪرڻ جو سڀ کان آسان هدف عام ماڻهو ئي هوندا آهن، ٻاهرين ملڪن جو قرض لاهڻو هجي يا حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ ۾ مسئلا هجن سڀ کان سولو شڪار عوام ئي هجي ٿو، پوءِ ڀلي انهن کي ٽئڪس جي مد ۾ ڦاسائجي يا وري شيون مهانگيون ڪري سندن کل لاهجي پر ڪنهن به صورت ۾ سڀ کان پهريون وار عام ماڻهو تي ڪجي ٿو، حڪومت سدائين قرض ۾ ڦاتل رهڻ جي ڳالهه ڪندي رهي ٿي پر سنديون شاهه خرچيون گهٽائڻ جي رڳو ڳالهه ته ڪبي پر ان تي عمل نٿو ٿئي، وزير، مشير، صلاحڪار، وري صلاحڪارن جا صلاحڪار وري انهن جا پرسنل اسسٽنٽ ۽ وري انهن پرسنل اسسٽنٽن جا اسسٽنٽ هڪ اهڙي چين ٺهي پيئي آهي جو کٽڻ ۽ ٽُٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ وري انهن سڀني عهدن پٽاندر کين مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون، پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته انهن عهدن ۽ عهديدارن مان عوام کي ڪوبه فائدو نه رسندو آهي. حڪومت مفاهمت جي نالي ته اهو سڀ ڪندي رهي آهي، جنهن جو نقصان وري به عوام کي رسندو آهي. حڪومت کي جڏهن به نقصان پهچي ٿو ان جو وڏو ڪارڻ عوام ۽ عام ماڻهو نه پر ڪجهه ٻيا عنصر هجن ٿا, جيئن اسان ملڪ جي ڪجهه وڏن مسئلن بجلي، گئس ۽ ٽرين، جهاز کي ئي ڏسون ته ڇا انهن جي تباهي جو ڪارڻ عام ماڻهو آهي يا ڪجهه ٻيا عنصر؟
بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جو ذميوار عام ماڻهو نه آهي، بجلي چوري جو سڀ کان وڏو سبب واپڊا پاڻ آهي جيڪا ان تي ڪنٽرول ان ڪري به نٿي ڪري جو سندن گاڏو ان تي ئي هلي ٿو. ملڪ ۾ ڪيترو گئس پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو ڪيتري عرصي تائين ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪري ملڪ ۾ سي اين جي متعارف ڪرائي ويئي، جنهن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ ڪروڙين روپين جي وڏي سرمائيداري ڪندڙن اربين روپيا ٺاهيا ۽ هاڻ اها حالت بڻجي ويئي آهي جو گهرن جو چلهو ٻارڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ٽرين اهڙي بيٺي جو هاڻ ان مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟ ان بابت غور ويچار هلندڙ آهن. ملڪي ايئر لائن خساري ۾ هلي رهي آهي. ٽرين هلي ئي نٿي، ايس آر ٽي سي هٿ وٺي تباهه ڪئي ويئي ۽ اُهي ساڳيون ايس آر ٽي سي واريون بسون ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پرائيويٽ ماڻهو هلائي رهيا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نالي تي وڏيون وڏيون ڌريون سامهون اچي ويون آهن ۽ سرڪاري ٽرين تي ٿيندڙ مال برداري کان وٺي مسافر بردار ٽرينون ۽ بسون بند ٿي ويون آهن.
بجلي چوري ۽ لائن لاسز مان حڪومت کي نقصان رسي ٿو ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن پر ان نقصان جو پورائو وري عام ماڻهو ڇو ڪن، ان بابت حڪومت خاموش نظر اچي ٿي. عوام کي ڪيترو به نقصان رسي ان جو داد فرياد ڪٿي به نٿو ٻڌو وڃي پر جي ڪنهن سرمائيدار يا حڪومتي خزاني کي ٿورو به نقصان پهچي ٿو ته هر چئنل تي خبرون اچي وڃن ٿيون، جيئن محرم الحرام دوران منهنجي نظر هڪ خبر تي پيئي. محرم الحرام ۾ دهشتگردي کان بچڻ لاءِ حڪومت ٻن ڏينهن تائين ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند رکيا هُئا، موبائل جي بندش سان جتي ماڻهن کي پريشاني ٿي، اُتي وري ماڻهن جي ذهني ڪيفيت ۾ پڻ تبديلي نظر آئي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ نظر آيو ته موبائل کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ضرور ڏجي، ڇو ته ان سان ذهني سڪون ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي، موبائل بند هئڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي يا نه ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته جن ماڻهن جا موبائل بند هئا اُهي ڏاڍا سڪون ۾ هئا، جنهن کان به پُڇا ڪجي اهوئي جواب ملندو ته اهي ڏينهن ڏاڍا سڪُون وارا هئا. خاص ڪري ٻچڙيوال ماڻهو. هڪ دوست ٻڌايو ته موبائل جي بندش سان ڏاڍو سُڪون آيو، موبائل آن هجي ها ته گهران 10 فون اچي وڃن ها، ڪٿين آهين، ڇا پيو ڪرين، هي شي وٺي اچجان، هُو شي وٺي اچجان. اڄ موبائل بند معنيٰ ٽينشن به ختم.  نائين ڏهين محرم دوران جتي عام ماڻهو موبائل بند ٿيڻ سبب ڪجهه پريشان هُئا پر گهڻا خوش به هئا. موبائل بندش وارن ڏينهن ۾ هڪ خبر سامهون آئي ته رڳو ٻه ڏينهن جي موبائل بند ٿيڻ سان حڪومت ۽ موبائل ڪمپنين کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، پر ڪٿي به اهو لکيل نه هو ته اُهي ڪروڙين روپيا هُئا ڪنهن جا؟ يا اُها رقم ڪنهن جي کيسي مان نڪري انهن موبائل ڪمپنين کي ملي ها، ان عام ماڻهو جو ذڪر ڪٿي به نه هوندو آهي، جيڪو اهي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو.
روزانو پاڪستان جي عوام رڳو موبائل فون جي ايس ايم ايس پيڪيج، انٽرنيٽ پيڪيج، ڪال پيڪيج ۽ ٻين گهڻن ئي پيڪيجن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو ۽ جڏهن ٻن ڏينهن تائين موبائل بند رهي ته جتي حڪومت ۽ ڪمپنين جي ڪروڙين روپين جي نقصان جي ڳالهه ڪجي ٿي اُتي اها به ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته انهن ٻن ڏينهن ۾ عام ماڻهن جا ڪروڙين روپيا بچيا آهن، اهي ڪروڙين روپيا نقصان رڳو ڪجهه ماڻهن جا ٿيا هوندا پر بچت ملڪ جي سمورن ماڻهن جي ٿي آهي، ته انهن ٻن ڏينهن جتي ماڻهن کي ذهني سُڪون ڏنو، اُتي ماڻهن جا ڪروڙين روپيا به ته بچيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

No comments:

Post a Comment