نئون سال ۽ اُميد جا ڏيئا
آسٽريليا مان اُٿندڙ روشنين ۽ مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ آتشبازي سان ڀليڪار چيل سال جي آجيان ان اُميد سان ڪئي ويئي آهي ته ايندڙ وقتن ۾ گهڻو ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو، هڪ پاسي ته خوشيون ۽ آتشبازي جي روشني هُئي ته ٻي پاسي ڏک، مصيبتن ۽ اڙانگي پنڌ ۾ ڪٽيل سال جي پڄاڻي ۽ نئين سال جي اچڻ تي دولتپور ويجهو ميڻ بتيون ٻاري روشني ڪئي ويئي، دنيا جي مختلف ملڪن ۽ پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ ڪيل آتشبازي واري خوشين جي روشنين ۽ لاپته ماڻهن جي تصويرن آڏو ڪيل ميڻ بتين جي روشنين ۾ تمام گهڻو فرق هو. دنيا جي ماڻهن نئين سال کي ڀليڪار ڪري خوشيون ملهايون پر ڪجهه پانڌيئڙن اُن اُميد سان ميڻ بتي ۽ ڏيئا ٻاري روشني ڪئي ته من ڪو هي سال گذريل سال کان بهتر هُجي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ماما قدير ۽ فرزانه مجيد جي اڳواڻي ۾ نڪتل قافلي ۾ شريڪ نياڻين سخت سيءُ ۾ دولتپور، ٽنڊو ولي محمد ويجهو لاپته ماڻهن جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري اها اُميد ظاهر ڪئي ته گذريل سال جيڪو ٿيو ۽ ڀوڳيو سو ته گذري ويو پر شال نئون سال گم ڪيل ماڻهن جي باحفاظت آزادي جو سال بڻجي وڃي. وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جي ڪاروان کي اڃان گهڻو پنڌ ڪرڻو آهي پر سندن منزل تي پهچڻ واري خواهش ۽ حوصلا به سيءَ جي شدت وانگر وڌي رهيا آهن. خاص ڪري سنڌ ۾ ڪيل سندن آڌر ڀاءُ ۽ ساٿ کين منزل تائين پهچڻ لاءِ اُتساهي رهيو آهي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جو لانگ مارچ جڏهن هالا کان نڪري رهيو هو ته مون کي به ساڻن ڪجهه ڪلو ميٽر پنڌ هلڻ جو موقعو مليو پر اڄ به ريڙهي تي رکيل بلوچ نوجوانن جون تصويرون منهنجي اکين آڏو گهمي رهيون آهن ۽ بلوچ نياڻين جا ”شهداءِ بلوچستان ڪو سرخ سلام، شهداءِ سنڌ ڪو سرخ سلام، بلوچ لاپته افراد ڪو بازياب ڪرو، سنڌي لاپته افراد ڪو بازياب ڪرو، يو اين ڪي خاموشي حيران ڪُن حيران ڪُن“ وارا نعرا اڄ به منهنجي ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن.
مون ماما قدير سان گڏ هلندي کائنس جڏهن ڪجهه پُڇڻ چاهيو ته هُن چيو مان ٿورو ٿڪيل آهيان اڳتي هلي ڳالهايون ٿا ته ايتري ۾ ساڻس گڏ هلندڙ فرزانه مجيد چيو ماما ڳالهايو هُو ڪجهه پڇڻ چاهي ٿو؟ جڏهن ماما قدير کان سنڌ حڪومت پاران کين ڏنل سڪيورٽي بابت سوال ڪيو ته ان وقت ان قافلي پويان هڪ پوليس موبائل هلي رهي هُئي جنهن ۾ رڳو هڪ ڊرائيور ويٺو هو سو موبائل هلائي رهيو هو پر اُها به ڪهڙي وقت اُتان غائب ٿي ويئي مان ڏسي نه سگهيس. اين ايڇ 5 واري ساڳئي رستي تي اسان کي اهڙيون گاڏيون به نظر آيون جن جي اڳيان پٺيان پوليس موبائلون پوليس اهلڪارن سان ڀريل هيون.
منهنجي اُن سوال جي جواب تي ته سنڌ ۾ قوم پرستن پاران آڌر ڀاءُ ۽ ساٿ ڏيڻ تعريف جوڳو آهي پر جڏهن پنجاب ۾ داخل ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟ تي ماما چيو وقت کان اڳ ڪنهن جي باري ۾ چوڻ مناسب نه آهي، جڏهن اسان پنجاب ۾ داخل ٿينداسين ته پوءِ خبر پوندي ته پنجاب حڪومت ۽ عوام مان اسان کي ڪهڙي موٽ ملي ٿي؟ باقي اسان جي منزل اسلام آباد آهي، ڪو موٽ ڏي يا ڌمڪيون، موسم جي سختي هُجي يا سڪيورٽي نه ڏيڻ وارو معاملو اسان واپس نه ٿينداسين.
فرزانه مجيد رياست ۽ وفاق جي بي حسي سان گڏ ميڊيا جو ڪردار انتهائي افسوس جو اظهار ڪيو. فرزانه مجيد ميڊيا جي بي حسي تي چيو ته ڪيترائي ڪلاڪ ڪرڪيٽ جو مئچ ڏيکارڻ کان وٺي ۽ ڪنهن سياسي ليڊر جي تقرير براه راست ڏيکاريندڙ چئنلن کي اسان جو لانگ مارچ ڇو نظر نٿو اچي. اسان پنهنجي حقن لاءِ هيڏو وڏو پُرامن لانگ مارچ ڪري رهيا آهيون پر اسان جي ملڪ جي آزاد ميڊيا ڪٿي آهي.
مون وٽ ان جو جواب ته نه هو پر وائس فار بلوچ مسنگ پرسن سان ڪيل ڪجهه ڪلو ميٽر جي سفر مان مون محسوس ڪيو ته واقعي غير اهم خبر کي اهم بڻائڻ جا ڪاريگر رڳو پنهنجي مفاد لاءِ آزاد آهن. باقي عام ماڻهن جي مسئلن لاءِ وٽن ڪابه جاءِ نه آهي.
نئين سال تي سڀني چئنلن رات جو دنيا ۽ پاڪستان ۾ ٿيندڙ آتشبازي ۽ جشن ته ڏيکاريو پر ڪنهن به اهو نه ڏيکاريو ته ساڳئي رات سخت سيءَ ۾ نيشنل هاءِ وي 5 جي روڊ تي ڪجهه نياڻيون پنهنجي ڀائرن، پيءُ ۽ ٻين وارثن جي بازيابي لاءِ ميڻ بتيون ٻاري اها اُميد ڪري رهيون آهن ته اُهي حفاظت سان گهر موٽي اچن. نئين سال جي پهرين ڏينهن ماما قدير ۽ فرزانه مجيد جي اڳواڻي ۾ وائس فار بلوچ مسنگ پرسن جو لانگ مارچ شاهپور جهانيان ويجهو پهچي ويو آهي ۽ اڃان کين وڏو پنڌ ڪرڻو آهي، پر نئين سال ۾ پنهنجي اکين ۾ ٻاريل اُميد جا ڏيئن کين سفر جي مشڪلن ۽ موسم جي سختي سان وڙهڻ جو حوصلو پڻ ڏيئي ڇڏيو آهي.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment