http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4250
شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن
سرور بلوچ
دنيا ۾ وقت سان گڏ تبديليون اينديون رهنديون آهن، دنيا جا
ڪيترائي ملڪ هڪ کان ٻن ۽ وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، اهڙي ورهاست بعد ڪجهه ملڪن
ته ان ورهاست کي دل سان قبول ڪيو پر ڪجهه ملڪن جي وچ ۾ تلخيون به وڌيون آهن، اهڙي
ورهاست سبب آيل تلخيون تڪرارن جي شڪل ۾ تبديل ٿيون آهن. دنيا ۾ جتي ملڪ آپسي
تڪرارن سبب نه رڳو معاشي طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي جنگين ڪري ماڻهن جي
حياتين کي پڻ شديد خطرا لاحق ٿي رهيا آهن، دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي اها حالت بڻجي ويئي
آهي جو دنيا ۾ 78 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن ، جن مان وڏو انگ معصوم
ٻارڙن ۽ عورتن جو آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ 58 سيڪڙو گهراڻا غذائي کوٽ کي منهن ڏيئي
رهيا آهن، هن شديد انساني الميي باوجود اسان کي اڪثر ملڪ پاڻ ۾ وڙهندي نظر اچن ٿا،
پر انهن جنگين ۽ مشڪلن باوجود ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ اهڙيون تنظيمون پڻ جوڙيون
ويون آهن جيڪي هڪ ٻئي کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، دنيا جي
مختلف ملڪن جي وچ ۾ جڙيل اهڙين تنظيمن سان اُهي ملڪ پنهنجا ڪاروباري ، سياسي ،
سماجي معاملا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، دنيا ۾ جنگن ۽ ان سبب ٿيندڙ نقصانن
۽ ٻين مسئلن کان بچڻ لاءِ 25 اپريل 1945 کان 26 جون 1945 تائين سان فرانسسڪو
آمريڪا ۾ پنجاهه ملڪن جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هنن هڪ بين الاقوامي تنظيم جوڙن لاءِ
غور و فڪر شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 آڪٽوبر 1945 تي يونائيٽيڊ نيشن
آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي، 50 ملڪن جي گڏيل
ڪوشش سان قائم ڪيل انهي تنظيم ۾ دنيا جا 192 ملڪ شامل ٿي ويا آهن، ساڳئي طريقي سان
ڪاروباري هڪجهڙائي رکندڙ ملڪن به اهڙيون تنظيمون جوڙيون جنهن سان سندن ڪاروبار کي
هٿي ملي دنيا ۾ تيل جي انتهائي اهميت آهي ، 1960 ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن (OPEC)
نالي هڪ تنظين ٺاهي جنهن ۾ ايران ، عراق ، ڪويت
، سعودي عرب ۽ وينزويلا بنيادي ممبر هئا ۽ پوءِ ان ۾ ٻيا ملڪ به گڏجندا ويا ،
ساڳئي طريقي سان دنيا ۾ مختلف اهڙيون تنظيمون جوڙيون ويون آهن، جن سان ملڪ هڪ ٻئي
جي معاملن کي نه رڳو سمهجن پر ان جي مدد به ڪن ٿا، پاڪستان جيڪو هن وقت اندروني ۽
بيروني خطرن ۾ گهريل آهي، پر ان هوندي به پاڪستان پاڙيسيري ملڪن سان گڏجي سارڪ
نالي هڪ تنظيم جوڙي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي مسئلا هڪ ئي پليٽ فارم تان سامهون
آڻي سگهجن ٿا، دنيا ۾ هن وقت چين ڪاروباري ۽ معاشي لحاظ کان تمام تيزي سان اڳتي وڌي
رهيو آهي، چين نه رڳو پاڪستان جو دوست ملڪ آهي پر هر خوشي ۽ ڏُک جي معاملي ۾ ساٿ
پڻ نڀائيندو رهيو آهي، 1991 ۾ جڏهن سويت يونين ٽُٽي ۽ 15 نوان ملڪ وجود ۾ آيا ته
اهڙا گهڻائي مسئلا هئا جيڪي انهن نئين وجود ۾ آيل ملڪن جي وچ ۾ موجود هئا ۽ جيڪي
حل طلب هئا، پاڙيسيري ملڪن ۾ سرحدي معاملن سان گڏ ڪيترائي اهڙا مسئلا هوندا آهن
جيڪي گڏجي ويهي حل ڪرڻ انتهائي ضروروي بڻجي ويندو آهي، انهي سلسلي ۾ 26 اپريل 1996
۾ چين جي شهر شنگهائي ۾ پنجن ملڪن چين ، روس قازڪستان، تاجڪستان ، ڪرگزستان سرحدن
تي فوجي معاملن لاءِ شنگهائي فائيو نالي تنظيم جي ڇتري هيٺ گڏ ٿيا، ان تنظيم جي 24
اپريل 1997 واري پروگرام دوران سرحدي علائقن ۾ فوج ۾ گهٽتائي جي هڪ معاهدي تي صحيح
پڻ ٿي، ان تنظيم ۾ ازبڪستان جي شامل ٿيڻ بعد 15 جون 2001 ۾ شنگهائي ڪواپريشن
آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي، ان تنظيم جي ٺاهڻ جو ڪارڻ رڪن ملڪن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽
پاڙيسيري تعلقات کي مظبوط ڪرڻ هو، ان تنظيم جي ٺهڻ سان رڪن ۽ پاڙيسيري ملڪن ۾ نه
رڳو سرحدي معاملن ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پر شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي چارٽر
آف ڊڪليريشن موجب ان تنظيم جا بنيادي مقصد آهن ته پاڙيسيري ۽ رڪن ملڪن ۾ سرحدي معاملن
، اعتماد ۽ دوستي کي مضبوط ڪجي، سياسي
معاملن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ، تجارت ۽ معيشت کي هٿي ڏيارڻ ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ هڪ
ٻي جي سهائتا ڪرڻ ، تعليم ، صحت جهڙن بنيادي معاملن ، ثقافت ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن
۽ انيڪ مسئلن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون جاري
رکجي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن نه رڳو پنهنجي جوڙيل چارٽر تي عمل ڪرڻ پر
اقوام متحده جي چارٽر موجب هڪ ٻئي ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري ۽ گهرومعاملن ۾ داخل
انداز نه ٿيڻ، ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ جهڙن معاملن تي پڻ
عمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيل آهي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي ڇهن ممبر ملڪن چين ،
روُس ، ازبڪستان ، تاجڪستان ، قازڪستان ۽ ڪرگزستان کان علاوه پاڪستان ، ڀارت ،
افغانستان ، ايران ، منگوليا کي مبصر ملڪن طور شامل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته بيلاروس
، ترڪي ۽ سري لنڪا ڊائيلاگ پارٽنر طور ان تنظيم جو حصو آهن، SCO نه رڳو پنهنجي ممبر ملڪن پر خاص طور تي افغانستان ۽ پاڪستان
جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي ڏيکاريندو رهيو آهي، خاص طور تي افغانستان مان
2014 ۾ نيٽو فوجن جي واپسي بعد شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جو ڪردار انتهائي اهم
بڻجي ويندو، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ مان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي نقصان
پهچي رهيو آهي پر ان سان خطي ۾ پڻ منفي اثر پئجي رهيا آهن، پاڪستان پرائي جنگ ۾
پاڻ کي ڦاسائي ته ڇڏيو پر اربين . کربين ڊالرن ۽ انساني زندگين جي نقصان باوجود
پاڪستان جي حالت ۾ ڪابهتري نظر نٿي اچي ساڳئي نموني افغانستان جون حالتون به روز
خرابي ڏانهن ئي وڃي رهيون آهن، اهڙي صورت ۾ جڏهن آمريڪا پنهنجي مفاد خاطر ٻنهي
ملڪن ۾ جهيڙي جو سبب بڻيل آهي اُتي وري پاڙيسيري ملڪن ۽ اُتي جي تنظيمن جو ڪردار
انتهائي اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، انهي سلسلي ۾ شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن پاڪستان
۽ افغانستان جي آپسي معاملن ۾ دلچسپي وٺندي انهن کي حل ڪرائڻ جون ڪوششون وٺي رهي
آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ۽ ان تنظيم جا ٻيا مبصر ملڪ پر اميد آهن ته انهن کي جلد SCO جي ممبر شپ ملندي ۽ ان سان نه رڳو پاڙيسيري ملڪن
جي سرحدي معاملن ۾ بهتري ايندي پر ان سان ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري
سگهبي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جتي پاڙيسيري ملڪن لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم
طور اڀري رهيو آهي ، اُتي ان تنظيم سان آمريڪا ۽ نيٽو پاڻ کي ڪجهه پريشان محسوس
ڪري رهي آهي، دنيا جي اٺن مان چار ايٽمي طاقتن روُس ، چين ، پاڪستان ۽ ڀارت جو هڪ
تنظيم جي پليٽ فارم تي گڏٿيڻ انهن جي پريشاني جو سبب بڻيل آهي، دنيا جي ٻن وڏن
طاقتن چين ۽ روُس جي ڪوششن سان جڙيل تنظيم نه رڳو ايشيا جي ملڪن پر دنيا جي
انتهائي اهم ملڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ تيزي سان ڪامياب ٿي رهي آهي، شنگهائي
ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي اهميت جو سبب اهو به آهي ته ان تنظيم جا رڪن ملڪ قدرتي
وسيلن ۽ جاگرفيائي لحاظ کان اهڙي مقام تي آهن جو مغرب ان کان ڪنهن به صورت انڪاري
نٿي ٿي سگهي، ان تنظيم جي ملڪن جي ڪُل ايراضي ٽيهه ڪروڙ چورس ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ پکيڙ
رکندڙ آهي جڏهن ته انهن ملڪن جي آبادي 1.5 بلين ماڻهن تي مشتمل آهي ، SCO جا ممبر ملڪ دنيا جو پنجاهه سيڪڙو گئس ۽ ويهه
سيڪڙو تيل پڻ پيدا ڪن ٿا، سويت يونين جي ٽٽڻ بعد آمريڪا پاڻ کي دنيا ۾ سڀ کان وڏو
۽ اڪيلو ملڪ سمجهي رهيو هو، سويت يونين جي زوال جو سبب بڻيل آمريڪا ڪنهن طريقي سان
چين خلاف به سازشن ۾ مصروف رهيو آهي، پر جڏهن SCO تنظيم جوڙي انهن ملڪن آپسي تڪرارن ۽ اندروني
جهيڙن لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙن جو اعلان ڪيو ته دشمن ملڪن کي شديد مايوسي کي منهن
ڏسڻو پيو، روُس ان تنظيم کي سيڪيروٽي ۽ سلامتي جي اک سان ڏسي رهيو آهي جڏهن ته چين
ان سان گڏ اقتصادي ، سماجي ۽ ثقافتي مقصدن جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ، نائن اليون
کانپوءِ ان تنظيم جي اهميت اڃان به وڌيڪ ٿيڻ لڳي ۽ ان ۾ پاڪستان ، افغانستان ،
ايران ۽ ڀارت جي مبصر طور شامل ٿيڻ سان اهو بلاڪ تمام مظبوط ٿي رهيو آهي، جيئن ته
هاڻوڪين ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ شٽ ڊائون مان اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي آهي ته مغرف
قدرتي وسيلن ۽ افرادي قوت جي گهٽتائي ڪري تيزي سان زوال ڏانهن وڃي رهي آهي ان صورت
۾ دنيا جو مستقبل ايشيا جي هٿن ۾ وڃڻ ۾ هاڻ گهڻو وقت نه رهيو آهي ، اهڙي صورت ۾
ايشيا جي ملڪن جو شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ گڏ ٿيڻ سان نه رڳو انهن ملڪن جي
حالتن ۾ بهتري ايندي پر جنهن مغرب پنهجن مقصدن لاءِ ايشيا جو امن تباهه ڪيو آهي ،
اُهي هاڻ ايشيا سامهون جهڪڻ تي مجبور ٿي ويندا.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment