http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4345
آمريڪي ڊرون حملو ۽ پاڪ طالبان
ڳالهيون
سرور بلوچ
آمريڪا سڄي دنيا ۾ پنهنجي دهشت کي قائم رکڻ لاءِ جنهن نموني
سان ڪاروائيون ڪري رهي آهي ان مان دنيا جو ڪو به ملڪ خوش نه آهي پر شايد آمريڪا جي
بي لغام گهوڙي کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي ، وڏيون وڏيون تقريرن ڪرڻ سان جي آمريڪا
رُڪي وڃي ها ته پوءِ شايد دنيا جو امن هن حالت تائين نه پهچي ها، آمريڪا هميشه
پنهنجي مفاد جي جنگ وڙهي آهي ۽ ان جنگ ۾ دنيا جي ملڪن کي استعمال ڪري پوءِ وري
انهن خلاف پڻ جنگ جوٽي آهي، عراق کي مدد ڏيئي ايران سان وڙهائڻ ۽ پوءِ وري عراق تي
حملو ڪري آمريڪا اهو ثابت ڪيو آهي ته هُن آڏو
ذاتي مفاد کان وڌيڪ ٻي ڪابه شي نه آهي، سويت يونين خلاف شروع ڪيل جنگ ۾
آمريڪا افغانستان ۾ پاڪستان کي جنهن نموني ڦاسائي پنهنجا مقصد حاصل ڪيا ان جا
نتيجا اسان اڄ تائين ڀوڳي رهيا آهيون ، آمريڪا جن طالبان کي وڏي مدد ڏيئي روس خلاف
استعمال ڪيو وري انهن ئي کي دهشتگرد ڪوٺي افغانستان تي ڪاهه ڪئي، ۽ وري به ان سڄي
حملي جو نقصان پاڪستان کي به ڀرڻو پيو ، ان جنگ دوران لکين افغان پناهه گير
پاڪستان جي مختلف صوبن ۾ پکڙجي ويا جن کي هاڻي سڃاڻي به نٿو سگهجي ته اهي پاڪستاني
آهن يا افغاني پاڪستان ۾ دهشتگردي جي شروعات ان افغان جنگ سان ٿي جنهن ۾ آمريڪا ته
محفوظ رهيو پر پاڪستان پنهنجي ملڪ جو سڪون ئي برباد ڪري ڇڏيو، آمريڪا افغان جنگ ۾
وڏي رقم برباد ڪرڻ بعد جڏهن اُتان نڪرڻ چاهي ٿي ته پاڪستان به ساڳئي طريقي پنهنجي
ملڪ جي امن خاطر انهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جي حڪومت ملڪ ۾
هلندڙ دهشتگردي مان بيزار ٿي نيٺ وڃي طالبان سان ڳالهيون شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته
مٿان وري آمريڪا ڊرون حملو ڪري سڄو ماحول ئي مٽائي ڇڏيو آهي، ميران شاهه ويجهو
ڊانڊي درپه خيل ۾ ڪيل آمريڪا جي تازي ڊرون حملي جي نتيجي ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان
جو سربراه حڪيم الله محسود پنهنجي ڪجهه اهم ڪمانڊرن ، گارڊ ، خاص معاون ۽ 25 ساٿين
سميت مارجي ويو آهي، ان حملي ۾ ڪير ڪير مارجي ويو آهي ان بابت تفصيل اڃان مڪمل نه
مليا آهن جيڪي شايد جلد اچي ويندا پر حڪيم الله محسود جي مارجڻ جي مختلف هنڌان
تصديق ٿي رهي آهي، ان خبر سان پاڪستان ۽ طالبان جون ڳالهيون ته رڪجي ويون آهن پر
ان حملي جا اثر شايد تمام گهڻا ڀوائتا اچي سگهن ٿا ، آمريڪا ته شايدطالبان جي
امڪاني ڪاروائين ۽ حملن ۾ محفوظ رهي پر وري به ٻَلي جو ٻڪرو پاڪستاني عوام کي ئي
بڻڻو پوندو ، آمريڪا هڪ پاسي ته پنهنجي جان ڇڏائڻ ۽ جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ
لاءِ افغان طالبان سان ڳالهين لاءِ رستو
ٺاهي رهي آهي ته ٻئي پاسي پاڪستان ۾ طالبان تي حملا ڪري نه رڳو پاڪستان جي سرحدن جي
ڀنڃڪڙي ڪري رهي آهي پر ان حلمن سان پاڪستان جي حالتن تي اثر انداز ٿي شديد مشڪلاتن
۽ انهن ۾ اضافي جو سبب بڻجي رهيو آهي، پاڪستان ڊرون حملن خلاف هر ان فورم تي
دانهيون آهي جتان هن سمهجيو ته اسان سان انصاف ٿيندو پر آمريڪا هن وقت دنيا جي
ڪنهن به اداري ، تنظيم ۽ ملڪ جي ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نٿو ڏسجي ان ڪري ئي هنن ڊرون
حملن کي روڪڻ کان انڪار ڪيو آهي، ۽ اهو عمل آمريڪا پاران پهريون دفعو نه ٿيو آهي
آمريڪا ان وقت ضرور ڊرون حملو ڪيو آهي جڏهن حڪومت طالبان سان ڳالهين ۾ اڳڀرائي ڪئي
آهي ، ۽ اهڙن حملن سبب اُهي ڳالهيون عارضي طور رڪجي ويون آهن ، پر تحريڪ طالبان جي
سربراهه تي حملي شايد طالبان جو رويو ضرور تبديل ڪري ڇڏيو آهي ، پاڪستان جي سياسي
حلقن ۾ اهو بحث پڻ شروع ٿي ويو آهي ته آخر ڪهڙي طريقي سان هاڻ طالبان سان ڳالهيون
ڪري سگهجن ٿيون ، طالبان جي ڪيترن ئي ڌڙن کي گڏ کڻي هلندڙ حڪيم الله محسود جي
مارجڻ بعد ته اهي ڳالهيون نه رڳو رُڪجي ويون آهن پر شايد هاڻ ويجهڙ ۾ طالبان سان
ڳالهين جو امڪان به نظر نٿو اچي، طالبان جا ڪيترائي ڌڙا حڪومت سان ڳالهين لاءِ
راضي به نه هئا ، جنهن جو اندازو اسان پشاور ۾ ٿيندڙ گرجا گهر حملي ۽ ماريڪٽ
۾ٿيندڙ حملي مان لڳائي سگهون ٿا جنهن جي باري ۾ تحريڪ طالبان چيو ته اهي اسان جي
تنظيم يا ان جي ڪنهن به ذيلي تنظيم نه ڪيا آهن، جنهن مان اهو ثابت ٿيو ته تحريڪ
طالبان سان گڏ ڪجهه ٻيا به اهڙا ڌڙا آهن جيڪي نه رڳو طاقتور پر وڏي حملن جي منصوبه
بندي پڻ ڪري رهيا آهن، ان دوران تحريڪ طالبان جهڙي وڏي ڌڙي سان ڪامياب ڳالهيون
شايد ڪنهن بهتري جو سبب بڻجي سگهيا ٿي پر آمريڪا شايد پاڪستان ۾ امن ۽ طالبان سان
ڳالهين لاءِ خوش نه آهي ، ڇو ته ان حملي وقت طالبان وفد ڳالهين جي سلسلي ۾ اُتي
وڃي رهي هئي ۽ پاڪستان حڪومت پڻ پنهنجي وفد کي اماڻڻ جي تياري ۾ هئي پر اهو حملو
ڪري آمريڪا اهو ثابت ڪيو ته پاڪستان پر امن هجي اهو آمريڪا لاءِ قابل قبول نه آهي،
ضروري نه آهي ته پاڪستان حڪومت ۽ طالبان جون ڳالهيون سو فيصد ڪامياب ٿين ها يا
انهن ڳالهين سان ملڪ ۾ مڪمل امن اچي وڃي ها ، پر گهٽ ۾ گهٽ ان موقعي تي آمريڪا
پاران ان شخص تي حملو ڪرڻ جيڪو ڳالهين جو مُک هجي ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ته
آمريڪا پاڪستان کي انهي حالت ۾ ڏسڻ چاهي ٿي ڇو ته پُرامن ۽ ترقي ڪندڙ پاڪستان ٻين
ڪيترن ئي ملڪن وانگر آمريڪا کي به قبول نه آهي.
imsbaloch@hotmail.com
No comments:
Post a Comment