Saturday, 25 January 2014

Wound of Separation and Long March

جدائي جا زخم ۽ لانگ مارچ
زخم مختلف قسمن جا ٿين ٿا پر هر زخم جي پويان ڪا ڪهاڻي ضرور لِڪل هوندي آهي، ڪي ماڻهو روڊ حادثن ۾ زخمي ٿين ٿا ته وري ڪي آپسي جهيڙن سبب ڌڪجي پون ٿا ۽ ڪي وري پنهنجي پاڻ کي زخمي ڪري وٺن ٿا پر انهن مان هر هڪ کي ڏسجي ته سندن پويان ڪو سبب يا قصو ضرور هوندو آهي، روڊن حادثن جي زخمين جي سبب ڳولبا ته خبر پوندي ته تيز رفتاري، بريڪ فيل ٿيڻ يا اوورٽيڪنگ ڪرڻ سبب حادثو ٿيل هوندو پر ضروري ناهي ته هر حادثي پٺيان ساڳيا سبب هجن پر اڪثر اسان کي اهي ئي سبب ملن ٿا، جڏهن ته آپسي جهيڙي سبب زخمي ٿيلن پٺيان به ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون هونديون آهن، جڏهن ته ڪن ظاهري ۽ لڪيل سببن ڪري ماڻهو پاڻ کي زخمي ڪري وجهن ٿا، زخم جو سور ۽ نشان ڪجهه عرصي ۾ ته مٽجي ويندا پر انهن مان اڪثر زخمن پويان ڪهاڻيون وساري نه وسربيون آهن، بلوچستان به اهڙن زخمن جي ڪهاڻين سان ڀريو پيو آهي، پر تازو ڪوئٽه کان ڪراچي تائين نڪتل لانگ مارچ انهن زخمن جي پويان وارين ڪهاڻين ۽ زخمن کي وري جاڳائي ڇڏيو آهي، سنڌ ۽ بلوچستان کي سدائين اهو چئي تانو ڏنو ويندو آهي ته اوهان وٽ عورتن کي ڪا اهميت نٿي ڏني وڃي، عورتن کي غلام سمجهيو وڃي ٿو گهرن کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي وغيره وغيره، پر ڏٺو وڃي ته اهڙا واقعا ضرور ٿين ٿا پر اُنهن واقعن خلاف آواز به اُٿاريا وڃن ٿا ۽ اهڙن واقعن جي نندا به ڪجي ٿي، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ڪيترون ئي اهڙيون عورتون موجود آهن جيڪي مشڪل وقت ۾ ڪنهن اوٽ ۾ نه پر پنهنجن  سان گڏ بيٺيون هونديون آهن، ان جا ڪيترائي مثال ۽ ڪيترائي نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، بلوچستان جنهن هر دور ۾ مشڪلن کي منهن ڏنو آهي، ڀل پوءِ اُهي دور آمرن جا هجن يا جمهوريت جا سدائين پنهنجي حق لاءِ آواز اٿارڻ تي کين گولين جو کاڄ بڻايو ويو آهي، بلوچستان جا زخم ڀرجڻ جي ڳالهيون ته هر حڪومت ڪيون آهن، پر اڪثر انهن زخمن تي لوڻ ئي ٻرڪيو ويو آهي، زخمي بلوچستان ۾ هن وقت جتي ٻيا مسئلا موجود آهن اُتي گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو پڻ سنگين ٿي ويو آهي، ۽ انهن لاپته ڪيل ماڻهن جا وارث سدائين ان اُميد سان احتجاج ڪندا رهيا آهن ته ڪٿان ڪا خبر ملي پوندي، بلوچستان جي لاپته ماڻهن جا وارث گهڻي عرصي کان احتجاج ۽ بک هڙتالون ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ ڪوئٽه کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪيو ويو، بلوچستان جي گادي واري هنڌ ڪوئٽه مان نڪتل لانگ مارچ ڪراچي پهچي ويو آهي. ان اڙانگهي پنڌ سبب ماما قدير ۽ بلوچ نياڻين جا پير زخمي ٿي پيا آهن پر انهن ظاهري زخمن پٺيان جيڪي زخم آهن انهن جو درد ۽ پيڙاهه ان ظاهري زخمن کان گهڻي ئي اذيت ناڪ آهي. بلوچستان مان 18 هزار ماڻهو لاپتا ڄاڻايا ويا آهن،  جڏهن ته  6 سو جي لڳ ڀڳ لاپته ڄاڻايل ماڻهن جا چچريل لاش اُڇلايا ويا آهن. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان گم ڪيل ماڻهو پنهنجي گهر جو سهارو بڻيل هئا، ڪنهن گهر مان ڪو پيءُ يا پُٽ يا ڪنهن جو ڀاءُ گم ٿيل آهي جيڪي پنهنجي گهر جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ واحد سهارو هُئا،  ڀاءُ ۽ پيءُ جي هميشه اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي ڀيڻ جي تحفظ ۽ ٻارن جي سار سنڀال ۾ ڪا به قصر نه ڇڏجي پر جڏهن اُهو سهارو جيڪو ان گهر ڀاتين جي ضرورتن جو پورائو ڪندڙ هجي ۽ اوچتو ايئن گم ٿي وڃي ته پوءِ ان جو درد تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هوندو آهي.
هر انسان کي هڪ ڏينهن هن فاني دنيا کي ڇڏڻو آهي، ڪنهن ماڻهو جي موت کي ته ڪجهه عرصي ۾ وساري سگهجي ٿو پر گم ٿيڻ جو پيڙا شايد وسارڻ جهڙي نه آهي. بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن پاران ڪيل لانگ مارچ ۾ هڪ ڏهن سالن جو ٻارڙو حيدر پڻ شامل آهي جنهن جي پيءُ رمضان بلوچ کي ان جي سامهون کنڀيو ويو هو، ان عمر ۾ جتي هن کي ڪتاب هٿ ۾ ڪري اسڪول وڃڻ گهرجي پر هو ان ٽرالي کي ڌڪي ڪراچي پهتو آهي، جنهن ۾ لانگ مارچ ۾ شريڪ ماڻهن جو سامان، اسپيڪر ۽ ان جي سامهون هڪ بورڊ ٽنگيل آهي، جنهن تي انگريزي ۾ لکيل آهي ”(UNO) يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهن واري معاملي تي پنهنجو سگهارو ڪردار ادا ڪري“. ان لانگ مارچ ۾ سندس ٻه ڀينرون به شامل آهن، جيڪي پڻ پنهنجي پيءُ جي باحفاظت بازيابي جي اُميد سان ان لانگ مارچ ۾ شامل ٿيون آهن. ان مارچ ۾ هڪ ڇوڪري سمي بلوچ به شامل آهي جيڪا پڻ پنهنجي پيءِ ڊاڪٽر دين محمد بلوچ جي بازيابي لاءِ ڪشالا ڪڍي ڪراچي پهتي آهي، جڏهن ته ان مارچ جي اڳواڻي ڪندي ماما قدير بلوچ ته پنهنجي گم ٿيل پُٽ جي چچريل لاش کي دفنائي ان اُميد سان اڳواڻي ڪري رهيو آهي ته من ڪو اهڙو ڪرشمو ٿي پوي ۽ سڀ بلوچ نوجوان آزاد ٿي گهر موٽي اچن، ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد جا پير ان مارچ زخمي ضرور ڪيا آهن پر اِهي زخم ان جدائي جي زخم جي سامهون  ڪجهه نه آهن جيڪي هو ۽ سندن گهر ڀاتي ذاڪر مجيد جي گم ٿيڻ کان وٺي سهي رهيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

Days Of Saving And Relaxation

بچت ۽ سڪون وارا ڏينهن
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن مون کي اها ذميواري  ڏني ويئي ته گهر لاءِ سامان تون وٺندين ۽ جڏهن به مان جنرل اسٽور يا ريزڪي جي دڪان تي سامان وٺڻ ويندو هئس ته گيهه، چانهه جي پتي، مصالحن ۽ ٻين شين جي دٻن جي ڪنڊ پاسن کي جاچي پوءِ اُها شي وٺندو هئس. هڪ ڏينهن جڏهن دڪان تي سامان وٺڻ ويس ته دڪاندار اهو چئي ٻي ڪمپني جو گيهه ڏنو ته جيڪو توهان وٺندا آهيو اڄ اهو گيهه ختم ٿي ويو آهي. مون ان دٻي کي غور سان جاچي ڏٺو ۽ اُهو وٺڻ کان انڪار ڪندي اسٽاڪ مان وڃي هڪ ٻئي ڪمپني جو گيهه کڻي آيس. دڪاندار پڇيو ته سائين اوهان ڀلا سامان جي دٻن جا ڪُنڊ پاسا جاچي مدي ختم ٿيڻ جي تاريخ ٿا پڙهو يا ڪو ٻيو مسئلو آهي، مون اوهان کي سٺو گيهه سمجهي ڏنو اوهان وري ٻيو ڇو کڻي آيؤ؟
مون چيو ادا مان سامان جا ڪنڊ پاسا جاچي اهو ڏسندو آهيان ته اهو سامان ڪٿان جو ٺهيل آهي، جيڪا شي سنڌ جي ٺهيل آهي ان جي ٽيڪس مان فائدو اسان جي صوبي کي ملي، ان ڪري مان اُها شي وٺڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان. دڪاندار جواب ۾ چيو ته سائين تمام سٺو پر مزو ته تڏهن اچي ها جو اهو ٽيڪس ۽ ٻين مدن ۾ حڪومت کي ملندڙ فائدو ۽ بچت عوام تائين پهچي ها.
ڳالهه آئي وئي ٿي ويئي، مان به ٻين ڪمن ۾ قابو ٿي سامان وٺڻ وارو ڪم ننڍي ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيو. هاڻ خبر ناهي ٽيڪس واري بچت ڪنهن کي ملي ٿي، پر ڏٺو وڃي ته اصل فائدو هر لحاظ کان سرمائيدار کي ئي پهچي ٿو ۽ جڏهن ان سرمائيدار جي فائدي ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته هاءِ گهوڙا به شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهن ته ڪنهن به موقعي تي حڪومت کي ٽئڪس گڏ ڪرڻ ۾ مشڪل اچي ٿي ۽ ٽئڪس ۾ گهٽتائي اچي ٿي ته به هر پاسي کان رڙيون مچي وڃن ٿيون. حڪومت ٽئڪس جي مد ۾  جيترو ناڻو گڏ ڪري ٿي ان جو فائدو عوام تائين ڪيترو پهچي ٿو اهو ته سڀئي ڀلي ڀت ڄاڻن ٿا. اسان جي ملڪ ۾ پئسا گڏ ڪرڻ جو سڀ کان آسان هدف عام ماڻهو ئي هوندا آهن، ٻاهرين ملڪن جو قرض لاهڻو هجي يا حڪومتي ڪارونهوار هلائڻ ۾ مسئلا هجن سڀ کان سولو شڪار عوام ئي هجي ٿو، پوءِ ڀلي انهن کي ٽئڪس جي مد ۾ ڦاسائجي يا وري شيون مهانگيون ڪري سندن کل لاهجي پر ڪنهن به صورت ۾ سڀ کان پهريون وار عام ماڻهو تي ڪجي ٿو، حڪومت سدائين قرض ۾ ڦاتل رهڻ جي ڳالهه ڪندي رهي ٿي پر سنديون شاهه خرچيون گهٽائڻ جي رڳو ڳالهه ته ڪبي پر ان تي عمل نٿو ٿئي، وزير، مشير، صلاحڪار، وري صلاحڪارن جا صلاحڪار وري انهن جا پرسنل اسسٽنٽ ۽ وري انهن پرسنل اسسٽنٽن جا اسسٽنٽ هڪ اهڙي چين ٺهي پيئي آهي جو کٽڻ ۽ ٽُٽڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ۽ وري انهن سڀني عهدن پٽاندر کين مراعتون به ڏنيون وڃن ٿيون، پر اصل ۾ ڏٺو وڃي ته انهن عهدن ۽ عهديدارن مان عوام کي ڪوبه فائدو نه رسندو آهي. حڪومت مفاهمت جي نالي ته اهو سڀ ڪندي رهي آهي، جنهن جو نقصان وري به عوام کي رسندو آهي. حڪومت کي جڏهن به نقصان پهچي ٿو ان جو وڏو ڪارڻ عوام ۽ عام ماڻهو نه پر ڪجهه ٻيا عنصر هجن ٿا, جيئن اسان ملڪ جي ڪجهه وڏن مسئلن بجلي، گئس ۽ ٽرين، جهاز کي ئي ڏسون ته ڇا انهن جي تباهي جو ڪارڻ عام ماڻهو آهي يا ڪجهه ٻيا عنصر؟
بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جو ذميوار عام ماڻهو نه آهي، بجلي چوري جو سڀ کان وڏو سبب واپڊا پاڻ آهي جيڪا ان تي ڪنٽرول ان ڪري به نٿي ڪري جو سندن گاڏو ان تي ئي هلي ٿو. ملڪ ۾ ڪيترو گئس پيدا ٿئي ٿو ۽ اهو ڪيتري عرصي تائين ملڪي ضرورتون پوريون ڪري سگهي ٿو، انهن سڀني ڳالهين کي نظر انداز ڪري ملڪ ۾ سي اين جي متعارف ڪرائي ويئي، جنهن ۾ شروعاتي ڏينهن ۾ ڪروڙين روپين جي وڏي سرمائيداري ڪندڙن اربين روپيا ٺاهيا ۽ هاڻ اها حالت بڻجي ويئي آهي جو گهرن جو چلهو ٻارڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. ٽرين اهڙي بيٺي جو هاڻ ان مان ڪيئن جان ڇڏائجي؟ ان بابت غور ويچار هلندڙ آهن. ملڪي ايئر لائن خساري ۾ هلي رهي آهي. ٽرين هلي ئي نٿي، ايس آر ٽي سي هٿ وٺي تباهه ڪئي ويئي ۽ اُهي ساڳيون ايس آر ٽي سي واريون بسون ڪيترائي سال گذرڻ باوجود پرائيويٽ ماڻهو هلائي رهيا آهن. پبلڪ ٽرانسپورٽ جي نالي تي وڏيون وڏيون ڌريون سامهون اچي ويون آهن ۽ سرڪاري ٽرين تي ٿيندڙ مال برداري کان وٺي مسافر بردار ٽرينون ۽ بسون بند ٿي ويون آهن.
بجلي چوري ۽ لائن لاسز مان حڪومت کي نقصان رسي ٿو ان ۾ ڪي به ٻه رايا نه آهن پر ان نقصان جو پورائو وري عام ماڻهو ڇو ڪن، ان بابت حڪومت خاموش نظر اچي ٿي. عوام کي ڪيترو به نقصان رسي ان جو داد فرياد ڪٿي به نٿو ٻڌو وڃي پر جي ڪنهن سرمائيدار يا حڪومتي خزاني کي ٿورو به نقصان پهچي ٿو ته هر چئنل تي خبرون اچي وڃن ٿيون، جيئن محرم الحرام دوران منهنجي نظر هڪ خبر تي پيئي. محرم الحرام ۾ دهشتگردي کان بچڻ لاءِ حڪومت ٻن ڏينهن تائين ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موبائل نيٽ ورڪ بند رکيا هُئا، موبائل جي بندش سان جتي ماڻهن کي پريشاني ٿي، اُتي وري ماڻهن جي ذهني ڪيفيت ۾ پڻ تبديلي نظر آئي. سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ نظر آيو ته موبائل کي هفتي ۾ هڪ ڏينهن موڪل ضرور ڏجي، ڇو ته ان سان ذهني سڪون ملي ٿو. حقيقت ۾ ڏسجي ته بلڪل ايئن ئي ٿيو آهي، موبائل بند هئڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي ٿي يا نه ان کان هٽي ڪري ڏسجي ته جن ماڻهن جا موبائل بند هئا اُهي ڏاڍا سڪون ۾ هئا، جنهن کان به پُڇا ڪجي اهوئي جواب ملندو ته اهي ڏينهن ڏاڍا سڪُون وارا هئا. خاص ڪري ٻچڙيوال ماڻهو. هڪ دوست ٻڌايو ته موبائل جي بندش سان ڏاڍو سُڪون آيو، موبائل آن هجي ها ته گهران 10 فون اچي وڃن ها، ڪٿين آهين، ڇا پيو ڪرين، هي شي وٺي اچجان، هُو شي وٺي اچجان. اڄ موبائل بند معنيٰ ٽينشن به ختم.  نائين ڏهين محرم دوران جتي عام ماڻهو موبائل بند ٿيڻ سبب ڪجهه پريشان هُئا پر گهڻا خوش به هئا. موبائل بندش وارن ڏينهن ۾ هڪ خبر سامهون آئي ته رڳو ٻه ڏينهن جي موبائل بند ٿيڻ سان حڪومت ۽ موبائل ڪمپنين کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، پر ڪٿي به اهو لکيل نه هو ته اُهي ڪروڙين روپيا هُئا ڪنهن جا؟ يا اُها رقم ڪنهن جي کيسي مان نڪري انهن موبائل ڪمپنين کي ملي ها، ان عام ماڻهو جو ذڪر ڪٿي به نه هوندو آهي، جيڪو اهي ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو.
روزانو پاڪستان جي عوام رڳو موبائل فون جي ايس ايم ايس پيڪيج، انٽرنيٽ پيڪيج، ڪال پيڪيج ۽ ٻين گهڻن ئي پيڪيجن ۾ ڪروڙين روپيا خرچ ڪري ٿو ۽ جڏهن ٻن ڏينهن تائين موبائل بند رهي ته جتي حڪومت ۽ ڪمپنين جي ڪروڙين روپين جي نقصان جي ڳالهه ڪجي ٿي اُتي اها به ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته انهن ٻن ڏينهن ۾ عام ماڻهن جا ڪروڙين روپيا بچيا آهن، اهي ڪروڙين روپيا نقصان رڳو ڪجهه ماڻهن جا ٿيا هوندا پر بچت ملڪ جي سمورن ماڻهن جي ٿي آهي، ته انهن ٻن ڏينهن جتي ماڻهن کي ذهني سُڪون ڏنو، اُتي ماڻهن جا ڪروڙين روپيا به ته بچيا آهن.
imsbaloch@hotmail.com

Mama Qadeer and March in Winter


ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ
ماما قدير يا مسنگ پرسن انڪل جي نالي سان سڃاتو ويندڙ قدير بلوچ پنهنجي زندگي جي
 آرام جا ڏينهن سخت موسمن ۾ بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جي بازيابي لاءِ لڳايل ڪئمپن ۾ گذاري رهيو آهي. 2009ع ۾ پنهنجي پُٽ جي لاپتا ٿيڻ بعد ڪٿان به خاطر خواهه آسرو نه ملڻ بعد هن پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ هڪ تنظيم ”وائس فار بلوچ مسنگ پرسن“ جوڙي جدوجهد جو آغاز ته ڪيو پر کيس اها خبر نه هئي ته پنهنجي پُٽ ۽ ٻين لاپتا بلوچن جي وارث عورتن ۽ ٻارڙن سان گڏجي لڳايل ان اُميدن واري ڪئمپ کيس اڃان گهڻا ڏک ڏيڻ واري آهي. ماما قدير بلوچ عرف مسنگ پرسن انڪل جو پُٽ عبدالجليل ريڪي 13 فيبروري 2009ع ۾ ڪوئيٽا جي سرياب روڊ مان لاپتا ٿي ويو هو، جيڪو ڪنهن نجي بئنڪ ۾ ملازم هو، پر ڪجهه عرصو نوڪري ڪري پوءِ ان نوڪري کي خيرآباد ڪري جمهوري وطن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو ۽ اڪبر بگٽي جي شهادت بعد سندس پوٽي براهمداغ بگٽي جي پارٽي بلوچ ريپبلڪن پارٽي ۾ شامل ٿي ويو هو. پنهنجي پُٽ جي بازيابي لاءِ قدير بلوچ هر ان در اڳيان دانهيو جتان کيس اها اُميد هئي ته سندس پُٽ جي آزادي جو پروانو ملي سگهي ٿو پر هر پاسي کان ناڪامي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو، جڏهن هن پاڻ کي ۽ انهي مرحلي مان گذرندڙ انهن بلوچ عورتن کي ڏٺو جيڪي پڻ پنهنجي لاپتا ڀائرن، مڙسن، پُٽن ۽ پيئن لاءِ در در ڀٽڪي رهيون هيون ته ان نه صرف پنهنجو پر انهن سڀني جو حوصلو وڌائي هڪ نئين جدوجهد جو رستو ڪڍيو ۽ لاپتا ماڻهن جي وارثن سان گڏجي پنهنجي پُٽ ۽ ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوئيٽا، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپون لڳائيندو رهيو، پر سندس شروع ڪيل جدوجهد جي ٽن سالن بعد خميس جو اهو ڏينهن سندس ان جدوجهد کي ٽوڙڻ ۽ کيس ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪافي سمجهيو ويو هو جڏهن کيس ڪوئيٽا پريس ڪلب آڏو بک هڙتال تي ويٺي اهو اطلاع ڏنو ويو ته بلوچستان ۽ ايران جي سرحدي علائقي مند ۾ ٻه چچريل لاش هٿ آيا آهن، جن مان هڪ سندس پُٽ عبدالجيل ريڪي جهڙو لڳي رهيو آهي، هڪ پل لاءِ ته هن پنهنجي اکين کي بند ڪري سوچيو اهو ڪوڙ هجي ته بهتر آ پر ٻئي لمحي هن همت ڪري پنهنجي ڪجهه ساٿين کي مند موڪلي پڪ ڪرڻ لاءِ چيو، جن تربت جي اسپتال ۾ لاش جي سڃاڻپ ڪري کيس اهو اطلاع ڏنو ته سندس پُٽ آزاد ته ضرور ٿيو آهي پر رڳو هڪڙي قيد نه پر زندگي جي سمورين سختين ۽ مشڪلن جي قيد مان به هميشه هميشه لاءِ آزاد ٿي ويو آهي.
 قدير بلوچ پنهنجي پوٽي ۽ عبدالجليل ريڪي جي پُٽ کي پنهنجي بابا جي باري ۾ پڇڻ تي هميشه اهو چئي ماٺ ڪرائيندو هو ته سندس پيءُ ڪراچي ڪمائڻ لاءِ ويل آهي پر جڏهن سندس لاش گهر پهتو ته قدير بلوچ وٽ ڪي لفظ نه هئا جو پنهنجي پوٽي کان ڪجهه لڪائي سگهي. قدير بلوچ جي پُٽ جي لاش ملڻ بعد ماڻهن سمجهيو ته هاڻ هو گهر ويهي رهندو ۽ سندس پُٽ وانگر لاپتا ماڻهن جي بازيابي واري جدوجهد به دم ٽوڙي ويندي پر ماما قدير پنهنجي پُٽ جي چچريل لاش ملڻ بعد به گهر ويهي نه سگهيو ۽ پنهنجي ان احتجاج کي جاري رکيو. بلوچ فار وائس مسنگ پرسن موجب 2002ع کان هيل تائين 18 هزار ماڻهو لاپتا ٿيا آهن، جڏهن ته 2010ع کانپوءِ چچريل لاشون ملڻ جو سلسلو شروع ٿيو، جنهن جو انگ پڻ 590 کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. پاڪستان جي وڏن شهرن ۾ احتجاج ڪندي ماما قدير عرف مسنگ پرسن انڪل کي چار سال کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي ۽ ان احتجاجي ڪئمپ ۾ ساڻس گڏ بلوچستان جي لاپتا ٿيلن جون وارث عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن، جن مان اڪثر ان اُميد ۾ آهن ته سندن لاپتا ٿيل پيءُ، پُٽ، ڀاءُ ۽ ٻيا وارث بازياب ٿي ويندا پر اڃان تائين کين ڪٿان به ڪي اُميد جا ڪِرڻا نظر نه پيا اچن. مسلسل احتجاج ڪندڙ ماما قدير بلوچ هاڻ پنهنجي پُٽ نه پر ٻين بلوچ نوجوانن جي بازيابي لاءِ انهن لاپتا ماڻهن جي وارث عورتن سان گڏجي ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
 27 آڪٽوبر تي ڪوئيٽا مان نڪتل ان لانگ مارچ ۾ ماما قدير سان گڏ ان اُميد سان عورتون ۽ ٻارڙا به شامل آهن ته شايد اهو رستو ڪنهن منزل ڏانهن پهچائي ڇڏي. ڪوئيٽا کان ڪراچي جو 700 ڪلو ميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ لاءِ نڪتل ان مارچ کي روزانو صبح 6 کان شام 6 وڳي تائين پنڌ هلڻو آهي، پر هاڻ سخت سردي سندن انهن جي وقت کي ته تبديل ڪري ڇڏيو هوندو پر سندن حوصلا اڃان تائين پست نه ڪري سگهي آهي. اڄ 16 ڏينهن جو سفر ڪرڻ بعد به کين اڃان 250 ڪلو ميٽر کان وڌيڪ جو پنڌ ڪرڻو آهي. بلوچستان جي تاريخ بلڪه پاڪستان جي تاريخ ۾ به پهريون ڀيرو ايتري عرصي تائين هلندڙ اها پهرين جدوجهد آهي، جيڪا پنهنجي پيارن جي بازيابي لاءِ ڪئي پئي وڃي. بلوچستان جون محروميون به موسم جي شدت سان گڏ وڌنديون ئي رهيون آهن. آواران جي زلزلي متاثرن سان ٿيندڙ ويڌن به ڪنهن کان لڪل نه آهي. وزيراعظم پاڪستان ضروري وقت مان وڏي مشڪل سان ڪجهه پل ڪڍي زلزلي متاثر علائقن ۾ پهتو پر فضائي دورو ڪري ان سڄي علائقي کي ڏسي افسوس ڪندي سياسي بيان ڏئي ڇڏيو ته آواران کي ماڊل ضلعو بڻايو ويندو، پر شايد ان وقت آواران کي ڪنهن ماڊل ضلعي کان وڌيڪ خيمن، ڪمبل ۽ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي. ڇو ته سندن ماڊل ضلعي ۾ شايد وقت لڳي پر بلوچستان جي سخت سردي ايتري مهلت نه ڏيندي جو معصوم ٻارڙن کي ماڊل ضلعي جي انتظار ۾ ويهاري سگهجي. بلوچستان جي سخت سردي جتي آواران جي زلزلي متاثرن کي سندن محروميون احساس ڏياري رهيون آهن ته ساڳئي پل ان لانگ مارچ ڪندڙن کي پڻ اهو احساس ڏياري رهيون آهن ته اوهان جون محروميون ايتري سولائي سان ختم نه ٿينديون. ماما قدير بلوچ پاران شروع ڪيل بازيابي مارچ سردي ۾ اضافي سان گڏ پنهنجي منزل ڪراچي ڏانهن وڌي رهيو آهي. ڪوئيٽا کان ڪراچي تائين جو رستو به بلوچستان جي انهن گهرن وانگر سنسان ۽ ويران آهي، جن جا پيارا وڏي عرصي کان لاپتا بڻجي ويا آهن. پري پري تائين پهاڙ ۽ ويراني جي ان رستي جو سفر آهسته آهسته پنهنجي منزل جي ويجهو ته پڄي رهيو آهي پر ٻئي پاسي اها منزل کين پنهنجي گهرن ۽ پيارن کان اوترو ئي پري کڻي وڃي رهي آهي. ان لانگ مارچ ۾ شامل عورتن سان گڏ لاپتا ذاڪر مجيد جي ڀيڻ فرزانه مجيد به شامل آهي، جنهن کي به ماما قدير وانگر پاڪستان جي آزاد چوائيندڙ ميڊيا مان اها شڪايت آهي ته ڪنهن هڪ ننڍي خبر تي سڄو ڏينهن لائيو ڏيکاريندڙ ان ميڊيا کي انهن عورتن جو 700 ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ اڙانگو پنڌ نظر ئي نٿو اچي. سندن سور ۽ ڏک شايد انهن لاءِ بي معنيٰ آهن ۽ سندن آواز پاڪستان جي عام ماڻهن ۽ دنيا آڏو پهچائڻ شايد انهن جي آزادي واري ڪوڙ جو راز نه کولي ڇڏي. اسان جي ميڊيا بادشاهه آهي، اگر چاهي ته صبح جو سوير پنهنجي صحت کي بهتر بنائڻ لاءِ نڪرندڙ واڪ جي خبر سمجهي ئي ان مارچ جي ڪوريج ڪري ڇڏي، جيڪا ان سياري جي ڏينهن ۾ هڪ پوڙهو ۽ ڪجهه عورتون 700 ڪلو ميٽر تائين ڪري رهيون آهن، پر ائين نه ڪڏهن اڳ ٿيو آهي نه وري ايندڙ وقتن ۾ اها اُميد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته ميڊيا آزاد ضرور آهي پر رڳو پنهنجي مطلب لاءِ متان عوام اهو سمجهي ته اسان لاءِ آزاد آهي. هونئن به جتي چونڊيل نمائندن ۽ ميڊيا لاءِ ڪيترن ئي ماڻهن کي ماريندڙ حڪيم الله محسود جي مارجڻ تي ڏک ٿئي اُتي ان لانگ مارچ جي ڪهڙي اهميت آهي. اها ڳالهه هر ماڻهو آساني سان سمجهي سگهي ٿو ته ڪوئيٽا مان نڪتل لانگ مارچ جو اڙانگو پنڌ ۽ چند عورتون، ٻارڙا ان اُميد سان هلي رهيون آهن ته من ڪا ڪهل پوي ۽ اسان جي گهرن جون رونقون وري موٽي اچن ۽ اسان ان منزل تي پهچي وڃون جنهن جو خواب اکين ۾ سجايو ويٺيون آهيون، پر ان منزل مان به ماما قدير وانگر فرزانه مجيد کي به ڪا اميد نه آهي، پر ان هوندي به هُو انهن عورتن کي حوصلو ڏئي ان جدوجهد ۾ شامل رکيون ويٺيون آهن ته جيئن هو ايندڙ مشڪلن کي منهن ڏيڻ جهڙيون بڻجي وڃن. ماما قدير بلوچ ۽ سياري ۾ مارچ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪراچي پهچي ويندو ۽ ٿي سگهي ته پريس ڪلب آڏو سندس آجيان به ڪئي وڃي پر ڪير به کين اها اُميد نه ڏئي سگهندو ته اوهان جي ان مارچ سان سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.
imsbaloch@hotmail.com