Friday, 8 November 2013

Special Communications Organization,


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4250


شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن
سرور بلوچ
دنيا ۾ وقت سان گڏ تبديليون اينديون رهنديون آهن، دنيا جا ڪيترائي ملڪ هڪ کان ٻن ۽ وڌيڪ حصن ۾ ورهائجي ويا آهن، اهڙي ورهاست بعد ڪجهه ملڪن ته ان ورهاست کي دل سان قبول ڪيو پر ڪجهه ملڪن جي وچ ۾ تلخيون به وڌيون آهن، اهڙي ورهاست سبب آيل تلخيون تڪرارن جي شڪل ۾ تبديل ٿيون آهن. دنيا ۾ جتي ملڪ آپسي تڪرارن سبب نه رڳو معاشي طور تي ڪمزور ٿي رهيا آهن ته ٻئي پاسي جنگين ڪري ماڻهن جي حياتين کي پڻ شديد خطرا لاحق ٿي رهيا آهن، دنيا ۾ کاڌ خوراڪ جي اها حالت بڻجي ويئي آهي جو دنيا ۾ 78 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن ، جن مان وڏو انگ معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جو آهي ، جڏهن ته پاڪستان ۾ 58 سيڪڙو گهراڻا غذائي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيا آهن، هن شديد انساني الميي باوجود اسان کي اڪثر ملڪ پاڻ ۾ وڙهندي نظر اچن ٿا، پر انهن جنگين ۽ مشڪلن باوجود ڪيترن ئي ملڪن جي وچ ۾ اهڙيون تنظيمون پڻ جوڙيون ويون آهن جيڪي هڪ ٻئي کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿيون، دنيا جي مختلف ملڪن جي وچ ۾ جڙيل اهڙين تنظيمن سان اُهي ملڪ پنهنجا ڪاروباري ، سياسي ، سماجي معاملا حل ڪرڻ لاءِ هڪ هنڌ گڏ ٿيندا آهن، دنيا ۾ جنگن ۽ ان سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻين مسئلن کان بچڻ لاءِ 25 اپريل 1945 کان 26 جون 1945 تائين سان فرانسسڪو آمريڪا ۾ پنجاهه ملڪن جي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هنن هڪ بين الاقوامي تنظيم جوڙن لاءِ غور و فڪر شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 24 آڪٽوبر 1945 تي يونائيٽيڊ نيشن آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي،  50 ملڪن جي گڏيل ڪوشش سان قائم ڪيل انهي تنظيم ۾ دنيا جا 192 ملڪ شامل ٿي ويا آهن، ساڳئي طريقي سان ڪاروباري هڪجهڙائي رکندڙ ملڪن به اهڙيون تنظيمون جوڙيون جنهن سان سندن ڪاروبار کي هٿي ملي دنيا ۾ تيل جي انتهائي اهميت آهي ، 1960 ۾ تيل پيدا ڪندڙ ملڪن (OPEC)  نالي هڪ تنظين ٺاهي جنهن ۾ ايران ، عراق ، ڪويت ، سعودي عرب ۽ وينزويلا بنيادي ممبر هئا ۽ پوءِ ان ۾ ٻيا ملڪ به گڏجندا ويا ، ساڳئي طريقي سان دنيا ۾ مختلف اهڙيون تنظيمون جوڙيون ويون آهن، جن سان ملڪ هڪ ٻئي جي معاملن کي نه رڳو سمهجن پر ان جي مدد به ڪن ٿا، پاڪستان جيڪو هن وقت اندروني ۽ بيروني خطرن ۾ گهريل آهي، پر ان هوندي به پاڪستان پاڙيسيري ملڪن سان گڏجي سارڪ نالي هڪ تنظيم جوڙي جنهن سان گهٽ ۾ گهٽ هڪ ٻئي مسئلا هڪ ئي پليٽ فارم تان سامهون آڻي سگهجن ٿا، دنيا ۾ هن وقت چين ڪاروباري ۽ معاشي لحاظ کان تمام تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي، چين نه رڳو پاڪستان جو دوست ملڪ آهي پر هر خوشي ۽ ڏُک جي معاملي ۾ ساٿ پڻ نڀائيندو رهيو آهي، 1991 ۾ جڏهن سويت يونين ٽُٽي ۽ 15 نوان ملڪ وجود ۾ آيا ته اهڙا گهڻائي مسئلا هئا جيڪي انهن نئين وجود ۾ آيل ملڪن جي وچ ۾ موجود هئا ۽ جيڪي حل طلب هئا، پاڙيسيري ملڪن ۾ سرحدي معاملن سان گڏ ڪيترائي اهڙا مسئلا هوندا آهن جيڪي گڏجي ويهي حل ڪرڻ انتهائي ضروروي بڻجي ويندو آهي، انهي سلسلي ۾ 26 اپريل 1996 ۾ چين جي شهر شنگهائي ۾ پنجن ملڪن چين ، روس قازڪستان، تاجڪستان ، ڪرگزستان سرحدن تي فوجي معاملن لاءِ شنگهائي فائيو نالي تنظيم جي ڇتري هيٺ گڏ ٿيا، ان تنظيم جي 24 اپريل 1997 واري پروگرام دوران سرحدي علائقن ۾ فوج ۾ گهٽتائي جي هڪ معاهدي تي صحيح پڻ ٿي، ان تنظيم ۾ ازبڪستان جي شامل ٿيڻ بعد 15 جون 2001 ۾ شنگهائي ڪواپريشن آرگنائيزيشن وجود ۾ آئي، ان تنظيم جي ٺاهڻ جو ڪارڻ رڪن ملڪن ۾ اعتماد قائم ڪرڻ ۽ پاڙيسيري تعلقات کي مظبوط ڪرڻ هو، ان تنظيم جي ٺهڻ سان رڪن ۽ پاڙيسيري ملڪن ۾ نه رڳو سرحدي معاملن ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي، پر شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي چارٽر آف ڊڪليريشن موجب ان تنظيم جا بنيادي مقصد آهن ته پاڙيسيري ۽ رڪن ملڪن ۾ سرحدي معاملن ، اعتماد ۽ دوستي کي مضبوط ڪجي،  سياسي معاملن ۾ هڪ ٻئي سان سهڪار ، تجارت ۽ معيشت کي هٿي ڏيارڻ ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ هڪ ٻي جي سهائتا ڪرڻ ، تعليم ، صحت جهڙن بنيادي معاملن ، ثقافت ۽ ماحولياتي تحفظ جهڙن ۽  انيڪ مسئلن ۾ هڪ ٻئي سان تعاون جاري رکجي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن نه رڳو پنهنجي جوڙيل چارٽر تي عمل ڪرڻ پر اقوام متحده جي چارٽر موجب هڪ ٻئي ملڪن جي آزادي ۽ خودمختياري ۽ گهرومعاملن ۾ داخل انداز نه ٿيڻ، ڪنهن به مسئلي جي صورت ۾ هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ جهڙن معاملن تي پڻ عمل ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيل آهي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي ڇهن ممبر ملڪن چين ، روُس ، ازبڪستان ، تاجڪستان ، قازڪستان ۽ ڪرگزستان کان علاوه پاڪستان ، ڀارت ، افغانستان ، ايران ، منگوليا کي مبصر ملڪن طور شامل ڪيو ويو آهي ، جڏهن ته بيلاروس ، ترڪي ۽ سري لنڪا ڊائيلاگ پارٽنر طور ان تنظيم جو حصو آهن، SCO  نه رڳو پنهنجي ممبر ملڪن پر خاص طور تي افغانستان ۽ پاڪستان جي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي ڏيکاريندو رهيو آهي، خاص طور تي افغانستان مان 2014 ۾ نيٽو فوجن جي واپسي بعد شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جو ڪردار انتهائي اهم بڻجي ويندو، پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ مان نه رڳو ٻنهي ملڪن کي نقصان پهچي رهيو آهي پر ان سان خطي ۾ پڻ منفي اثر پئجي رهيا آهن، پاڪستان پرائي جنگ ۾ پاڻ کي ڦاسائي ته ڇڏيو پر اربين . کربين ڊالرن ۽ انساني زندگين جي نقصان باوجود پاڪستان جي حالت ۾ ڪابهتري نظر نٿي اچي ساڳئي نموني افغانستان جون حالتون به روز خرابي ڏانهن ئي وڃي رهيون آهن، اهڙي صورت ۾ جڏهن آمريڪا پنهنجي مفاد خاطر ٻنهي ملڪن ۾ جهيڙي جو سبب بڻيل آهي اُتي وري پاڙيسيري ملڪن ۽ اُتي جي تنظيمن جو ڪردار انتهائي اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، انهي سلسلي ۾ شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن پاڪستان ۽ افغانستان جي آپسي معاملن ۾ دلچسپي وٺندي انهن کي حل ڪرائڻ جون ڪوششون وٺي رهي آهي، پاڪستان ۽ افغانستان ۽ ان تنظيم جا ٻيا مبصر ملڪ پر اميد آهن ته انهن کي جلد SCO  جي ممبر شپ ملندي ۽ ان سان نه رڳو پاڙيسيري ملڪن جي سرحدي معاملن ۾ بهتري ايندي پر ان سان ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪري سگهبي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جتي پاڙيسيري ملڪن لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم طور اڀري رهيو آهي ، اُتي ان تنظيم سان آمريڪا ۽ نيٽو پاڻ کي ڪجهه پريشان محسوس ڪري رهي آهي، دنيا جي اٺن مان چار ايٽمي طاقتن روُس ، چين ، پاڪستان ۽ ڀارت جو هڪ تنظيم جي پليٽ فارم تي گڏٿيڻ انهن جي پريشاني جو سبب بڻيل آهي، دنيا جي ٻن وڏن طاقتن چين ۽ روُس جي ڪوششن سان جڙيل تنظيم نه رڳو ايشيا جي ملڪن پر دنيا جي انتهائي اهم ملڪن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ تيزي سان ڪامياب ٿي رهي آهي، شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي اهميت جو سبب اهو به آهي ته ان تنظيم جا رڪن ملڪ قدرتي وسيلن ۽ جاگرفيائي لحاظ کان اهڙي مقام تي آهن جو مغرب ان کان ڪنهن به صورت انڪاري نٿي ٿي سگهي، ان تنظيم جي ملڪن جي ڪُل ايراضي ٽيهه ڪروڙ چورس ڪلو ميٽرن کان وڌيڪ پکيڙ رکندڙ آهي جڏهن ته انهن ملڪن جي آبادي 1.5 بلين ماڻهن تي مشتمل آهي ، SCO  جا ممبر ملڪ دنيا جو پنجاهه سيڪڙو گئس ۽ ويهه سيڪڙو تيل پڻ پيدا ڪن ٿا، سويت يونين جي ٽٽڻ بعد آمريڪا پاڻ کي دنيا ۾ سڀ کان وڏو ۽ اڪيلو ملڪ سمجهي رهيو هو، سويت يونين جي زوال جو سبب بڻيل آمريڪا ڪنهن طريقي سان چين خلاف به سازشن ۾ مصروف رهيو آهي، پر جڏهن SCO  تنظيم جوڙي انهن ملڪن آپسي تڪرارن ۽ اندروني جهيڙن لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙن جو اعلان ڪيو ته دشمن ملڪن کي شديد مايوسي کي منهن ڏسڻو پيو، روُس ان تنظيم کي سيڪيروٽي ۽ سلامتي جي اک سان ڏسي رهيو آهي جڏهن ته چين ان سان گڏ اقتصادي ، سماجي ۽ ثقافتي مقصدن جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ، نائن اليون کانپوءِ ان تنظيم جي اهميت اڃان به وڌيڪ ٿيڻ لڳي ۽ ان ۾ پاڪستان ، افغانستان ، ايران ۽ ڀارت جي مبصر طور شامل ٿيڻ سان اهو بلاڪ تمام مظبوط ٿي رهيو آهي، جيئن ته هاڻوڪين ڏينهن ۾ آمريڪا ۾ ٿيندڙ شٽ ڊائون مان اها ڳالهه چٽي ٿي ويئي آهي ته مغرف قدرتي وسيلن ۽ افرادي قوت جي گهٽتائي ڪري تيزي سان زوال ڏانهن وڃي رهي آهي ان صورت ۾ دنيا جو مستقبل ايشيا جي هٿن ۾ وڃڻ ۾ هاڻ گهڻو وقت نه رهيو آهي ، اهڙي صورت ۾ ايشيا جي ملڪن جو شنگهائي ڪوآپريشن آرگنائيزيشن ۾ گڏ ٿيڻ سان نه رڳو انهن ملڪن جي حالتن ۾ بهتري ايندي پر جنهن مغرب پنهجن مقصدن لاءِ ايشيا جو امن تباهه ڪيو آهي ، اُهي هاڻ ايشيا سامهون جهڪڻ تي مجبور ٿي ويندا.
imsbaloch@hotmail.com

Island of Gwadar and public expectations

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4201

گوادر جو ٻيٽ ۽ عوامي اميدون
سرور بلوچ
ملڪي تاريخ ۾ شايد ئي ڪڏهن ايئن ٿيو هجي ته عوام ڪنهن به حڪومت مان خوش هجن پر پوءِ به جڏهن به ڪنهن حڪومت جو مدو پورو يا زوري پورو ڪيو ويندو هو ته مٺائيون ورهائي نين ايندڙڻ جي تعريفن جا پُل ٻڌجڻ شروع ٿي ويندا هُئا، ملڪي تاريخ جي ورقن ۾ گهڻو عرصو ته آمرن ڏنڊي جي زور تي حڪومتون ڪيون آهن ۽ جمهوري حڪومتن کي سدائين اها ئي شڪايت رهي آهي ته اسان کي مُدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو هو نه ته کير جون نديون وهائي ڇڏيون ها، هر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ رهي سگهي ها، هر ٻار اسڪول ۾ هجي ها، پڙهائي ۾ اسان دنيا کي پوئتي ڇڏي وڃون ها، اسان وٽ ڪو بيروزگار نه هجي ها، گهُرڻ وارا هٿ ڏيڻ وارا بڻجي وڃن ها ، هاري خوشحال هجن ها ، مُلڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائي ڇڏيون ها، هر ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موٽر وي جهڙا روڊ ٺهي وڃن ها پر ڇو ته اسان کي مُدو پورو ڪرڻ ئي نه ڏنو ويو ته ڇا ڪجي اسان عوام جي اميدن تي لهڻ لاءِ تيار هئاسين ته جمهوريت جي پُٺي تي وار ڪري آمرن اچي عوام جي ووٽن تي ڌاڙو هڻي سڀ اميدون ختم ڪري ڇڏيون، اهي ڳالهيون هر ويندڙ حڪومت ڪندي رهي آهي ۽ اهو سلسلو اڃا جاري رهڻ جي اميد پڻ جاري آهي، پر مشرف جي دور ۾ هٿرادو چئجي يا عوامي پر هڪ حڪومت پنهنجو مدو پيو ڪيو ان دوران وزير اعظم ضرور مٽيا ۽ ڪابينا ۾ رد بدل پڻ ٿيندي رهي پر پارليمنٽ پنهنجو مدو پورو ڪيو، پر عوامي مسئلا اُتي جو اُتي ئي رهيا ، ان بعد جڏهن پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ پنهنجون سڀ رنجشون وساري سڀني سان گڏ ويهي چارٽر آف ڊيموڪريسي جوڙي گڏجي جدوجهد جو اعلان ڪيو ته عوام وري هڪ نئين اميدن سان گڏ سوچڻ شروع ڪيو، محترمه جڏهن پاڪستان اچڻ جو پڪو پهه ڪيو ته کيس روڪڻ جون ڪوششون پڻ ٿينديون رهيون پر هن ڪنهن به خطري جي پرواهه نه ڪندي ملڪ اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 18 آڪٽوبر تي سندس واپسي واري ڏينهن هڪ عوامي سمنڊ سندس انتظار ۾ موجود هئي جنهن کي ڏسي ۽ پنهنجي ڌرتي تي پير رکڻ وقت محترمه پنهنجا لڙڪ روڪي نه سگهي ، عوام جي اميدن جو سمنڊ ان وقت پنهنجي مستقبل جا خواب ڏسي رهي هئي پر انهن خوابن کي ٽورڻ جا به فُل پروف بندوبست ٿيل هئا ، 18 آڪٽوبر 2007 تي ڪارساز ۾ ٿيل ڌماڪي عوام جي اميدن کي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو هو ، پر محترمه ان حملي باوجود عوام ۾ حوصلو پيدا ڪيو ۽ پاڻ ٻاهر نڪري انهن جي اميدن کي وري جاڳائي ڇڏيو، پر شايد ڪجهه ماڻهن کي اهو قبول نه هو نيٺ ڪراچي ڌماڪي جي 40 ڏينهن بعد 27 ڊسمبر 2007 تي راولپنڊي ۾ هڪ جلسي مان واپسي تي وري هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو شهيد ٿي ويئي ۽ عوام جي اميدون به ڄڻ ختم ٿي ويون ، بينظير ڀٽو جي شهادت بعد ملڪ ۾ اهڙي ته افرا تفري مچي جو ماڻهن سمهجيو هاڻ وري ملڪ ٽُٽڻ ڏانهن وڃي رهيو آهي ، پر پيپلز پارٽي جي قيادت ان موقعي تي ماڻهن کي حوصلو ڏنو ۽ چيو ته عوام کي پنهنجي سموري ڪاوڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيئي لاهڻ گهرجي، ڇو ته پيپلز پارٽي جو نعرو آهي ته جمهوريت ئي بهترين انتقام آهي، ان موقعي تي چونڊن جي تاريخ اڳتي پوئتي ٿيندي رهي، 8 جنوري 2008 تي چونڊون ٿيڻيون هنيون پر محترمه جي شهادت بعد انهن کي ملتوي ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو ويو پر پيلپز پارٽي چونڊون ڪينسل نه ڪرڻ جو چيو جنهن بعد 18 جنوري 2008 تي چونڊُون ٿيون جنهن ۾ عوام هيڏي وڏي صدمي باوجود چونڊن ۾ نه رڳو حصو ورتو پر پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏيئي ايوان تائين پهچايو، عوام بينظير ڀٽو جي وڇوڙي واري صدمي مان ٻاهر نه نڪتي هئي پر پيپلز پارٽي جي حڪومت اچڻ بعد انهن ۾ اها اميد وري جاڳي پيئي ته هاڻي شهيد راڻي جا ڪيل سمورا واعدا نه سهي پر ڪنهن حد تائين ضرور پورا ٿيندا، پيپلز پارٽي هڪ جمهوري انداز ۾ حڪومت ۾ آئي ۽ 5 سال پنهنجو مدو به پورو ڪيو، انهن پنجن سالن ۾ نه ته عوام کي اٽو ملي سگهيو نه وري گهر جڏهن ته لٽا ته اڳ به ڦاٽل هئا ۽ اڄ به ڦاٽل آهن، سندن حڪومتي پنجن سالن ۾ عوام مسلسل مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندو رهيو، ٻوڏن ۾ عوام شديد مشڪلن کي منهن ڏنو ، نه روڊ ٺهيا نه رستا ، عوام ڪنهن کي ٻي ڏيڻ ته ٺهيو پر وٺڻ واري لڪير کان به هيٺ تائين پهچي ويئي، اسان جي ملڪ ۾ ٻاهرين ملڪ جي امدادي فنڊ کانسواءِ نه ته هاڻي صحت مرڪز هلي سگهي ٿو نه وري تعليم ، اسان جي هر ڪم ۾ ٻاهرين ملڪن جو فنڊ شامل ٿي ويو آهي، ٻاهرين ملڪن جي قرض سبب هر پاڪستاني قرضي بڻجي ويو آهي، ادارا تباهه آهن ۽ سندن بهتري جي ڪابه راهه ڏسڻ ۾ نٿي اچي، مشرف ويندي ويندي بجلي جو جيڪو بحران ڇڏي ويو اهو پيپلز پارٽي جي پنج سالا حڪومت ختم نه ڪري سگهي، سنڌ جي ڪوئلي مان بجلي ٺاهڻ جا خواب ڏيکاريا ويا ۽ اها بجلي پاڙيسيري ملڪن کي ڏيڻ جا پڻ بندوبست ٿيڻ لڳا پر ڦري گهري وري به اسان اُتي جا اُتي بيٺل آهيون نه ڪوئلو نڪتو نه وري ان ڪوئلي مان ڪا بجلي ٺهي، نه شمسي توانائي عام ڪري سگهياسين نه وري پاڻي تي بجلي جا ڪي وڏا منصوبا سامهون آيا، بس ماڻهن کي لوڊشيڊنگ جي هڪ اهڙي عذاب ۾ ڦاسايو ويو جو هاڻ هر گهر ۽ دڪان لاءِ جرنيٽر جو استعمال ضروري بڻجي ويو ، اسان جي ملڪ ۾ نه ته اڳ ڪڏهن ڪنهن ڪم کي پلاننگ تحت شروع ڪيو ويو آهي نه وري اڳتي ڪي اهڙا بندوبست نظر اچن ٿا پاڪستان ۾ گئس تي گاڏيون هلائڻ جو جيڪو تجربو ڪيو ويو ان جي مستقبل بابت ڪا به پلاننگ نه ڪئي ويئي نتيجو اهو نڪتو ته هاڻ هفتي ۾ ٽي ڏينهن گئس نه آهي ۽ جڏهن گئس ملي ٿي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل نظر اچن ٿيون، مهانگائي چوٽ چڙهي ويئي آهي ۽ روزگار جا ذريعا گهٽ ٿيندا پيا وڃن، پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي حڪومت به عوامي مسئلن کي حل ڪري نه سگهي ۽ عوام پاران سدائين شڪايتن جا انبار لڳندا رهيا، پيپلز پارٽي پنهنجي جمهوري حڪومت جا پنج سال ته پورا ڪيا پر انهن پنجن سالن ۾ عوام جون اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، اپوزيشن هميشه چوندي رهي ته جي حڪومت مخلص هجي ته اهي مسئلا ڪجهه مهينن ۾ حل ٿي سگهن ٿا ماڻهن کي هر سهولت ملي سگهي تي ملڪي سڀ کان وڏو بحران بجلي ته ڪجهه مهينن ۾ ٺيڪ ٿي سگهي ٿو ، پيپلز پارٽي جي پنج سال مڪمل ڪرڻ بعد 11 مئي 2013 ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ ملڪ ۾ صوبائي سطح تي ڪنهن به هڪ پارٽي جي حڪومت نه ٺهي سگهي پنجاب نواز ليگ جي حصي ۾ جڏهن ته سنڌ مان پيپلز پارٽي ڪامياب ٿي ۽ خيبر پختون خواه تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏيئي پهرين ڀيري اقتدار ۾ آندو ، وفاقي سطح تي نواز ليگ حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ۽ ماڻهن جي اميدن جو هڪ نئون مرڪز پڻ بڻجي ويئي، حزب اختلاف ۾ ڪجهه مهينن ۾ ملڪي مسئلن جي حل جو دعويدار نواز ليگ جي ڪومت جي اچڻ سان عوام ۾ وري اها اميد جاڳي پيئي ته هاڻي اسان جو ملڪ ايشين ٽائيگر ضرور بڻجي ويندو ، بجلي جو بحران پ پ حڪومت جي غلط پالسين جي ڪري آهي ته نواز شريف حڪومت بهتر پالسيسون جوڙي ان کي ضرور حل ڪندو ، ملڪ ۾ هر هنڌ موٽر وي جهڙا روڊ ٺهندا ، بي روزگاري ختم ٿي ويندو ، گئس جو مسئلو به حل ٿي ويندو، پر عوام جون اميدون  گوادر جي ان ٻيٽ وانگر آهن جيڪو هاڻ وري سمنڊ ۾ ٻڏي رهيو آهي ، پاڪستان جي عوام پاڪستان ٺهڻ کان وٺي پنهنجي خوشحالي جي اميدن تي زنده آهي هر نئين حڪومت جي ايندي هو سمجهن ٿا ته هاڻ ڪجهه بهتر ٿيندو پر هر ڀيري کين مايوسي کانسواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيندو آهي، نه ته ملڪ ۾ بجلي جي لوڊشينڊنگ گهٽ ٿي سگهي آهي نه وري ايندڙ ڪجهه مهينن بلڪه ڪجهه سالن ۾ ڪا اهڙي اميد آهي، جڏهن ته گئس جو بحران پڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ بي روزگاري ۽ مهانگائي جو جن ته ڪڏهن به ڪنهن حڪومت جي هٿ نه آيو آهي ، تيل ۽ بجلي جا اگهه گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيا آهن ۽ روزگار جا ذريعا گهٽ ٿي رهيا آهن، گوادر جو ٻيٽ ته عارضي آهي جيڪو ڪيترن ڏهاڪن کانپوءِ ظاهر ٿيو هو ۽ هاڻ ٻڌڻ شروع ٿي ويو آهي پر عوامي اميدن جو ٻيٽ ته هر نئين ايندڙ حڪومت جي اچڻ وقت اڀري ٿو ۽ ڪجهه عرصي بعد وري ٻُڏيو وڃي.
imsbaloch@hotmail.com

International Standers And Pakistan


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=4105


بين الاقوامي معيار ۽ پاڪستان
سرور بلوچ
دنيا جا اڪثر ملڪ تيز ترين ترقي سان گڏ پنهنجي ملڪن جي ماڻهن جي معيار زندگي جي بهتري لاءِ انهن جي صحت ، تعليم ، کاڌ خوراڪ لاءِ پڻ بهتر انتظام پڻ ڪري رهيا آهن، دنيا ۾ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ جي معيار کي تمام گهڻي اهميت ڏني وڃي ٿي، ڇو ته بهتر کاڌ خوراڪ سان ئي انسان جي صحت بهتر ٿئي ٿي ۽ هو ڪيترن ئي بيمارين کان پڻ محفوظ رهي ٿي، اسان وٽ هڪ پاسي ته بين الاقوامي معيار جي ڳالهه ڪجي ٿي پر ٻئي پاسي اسان پاڪستان ۾ ڪنهن به ڪم جي معيار کي ڏسون ته اسان دنيا جي ملڪن کان گهڻو ئي پوئتي آهيون ، منهنجو ڪجهه سال اڳ ايران وڃڻ ٿيو ته اُتي ڏسڻ ۾ آيو ته کاڌي پيتي جون اڪثر شيون پيڪنگ جي صورت ۾ ملن ٿيون، چڻا ، مٽر ۽ ٻين ڀاڄين کان وٺي ، مڇي ، گوشت ، کير کان وٺي لسي تائين پيڪ حالت ۾ ملي رهي هئي، جڏهن ته صحت جي حوالي سان اسان وٽ مليريا ايتري ته معمولي بيماري سمجهي وڃي ٿي جو جنهن کي  ٿورڙو به بخار آيو بنا ڊاڪٽر جي مشوري جي پاڻ ئي اسٽور تان مليريا جون گوريون وٺي کائي ڇڏيندو آهي، يا پوءِ مليريا هوندي به ٻيون دوائون کائي آخر وڃي ڪنهن اسپتال ۾ بستر ڀيڙو ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ايران ۾ مون ڏٺو ته مليريا ۾ ورتل جي نه رڳو ٽيسٽ ڪئي وڃي ٿي پر ان کي صحت کاتي جو هڪ ملازم هڪ ڏينهن جي گوري کارائي وري ٻي ڏينهن جو ڊوز پاڻ اچي کارائيندا آهن متان هو ڪورس اڌ ۾ نه ڇڏي ڏي، دنيا ۾ ماڻهن جي کاڌ خوراڪ ، رهائش يا سهولتن لاءِ تيار ٿيندڙ سامان ، اليڪٽرونڪ شين کان وٺي هر ڪم ڪار ۽ شئي لاءِ مختلف ادارا قائم ڪيا ويا جيڪي انهن کي چڪاس ڪري ان جي معياري هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيندا آهن، ساڳئي طريقي سان اسان جي ملڪ ۾ به ان لاءِ ادرا قائم ڪيل آهن، پر اسان جي ملڪ ۾ منافع خوري ، ٺڳي ، ملاوٽ ايترو ته هيٺ تائين ۽ پنهجون جڙون مضبوط ڪري ويئي آهي جو هاڻ انهن ماڻهن کي انساني صحت ۽ زندگي کان وڌيڪ پنهنجو منافعو عزيز آهي، اسان جي ملڪ ۾ اُهي سڀ قانون موجود آهن جيڪي دنيا جي ٻين ملڪن ۾ موجود آهن، پر انهن تي هڪ ته عمل نٿو ٿئي ٻيو اسان جو معاشرو به انهن جي عمل ٿيڻ يا نه ٿيڻ کان پاڻ کي بي خبر رکيو ويٺي آهي، پاڻي انسان جي انتهائي اهم ضرورت آهي ، صاف پاڻِي جي نالي تي اسان وٽ بوتلن ۾ عجيب و غريب نالن سان آيل نون ڪمپنين جي ڪنهن کي ڄاڻ نه آهي، ڪجهه نالي وارن ڪمپنين کانسواءِ سون جي تعداد ۾ اهڙيون ڪمپنيون مارڪيٽ ۾ اچي ويون آهن ، جن جي ڪوالٽي جي باري ۾ ڪابه خبر نه آهي ته ڇا هو واقعي صاف ۽ بين الاقوامي معيار جي مطابق پاڻي ڏيئي رهيون آهن يا ڪنهن نلڪي تان ڀريل پاڻي بوتلن ۾ بند ڪري نوٽ گڏ ڪري رهيون آهن، کاڌ خوراج جي معاملي ۾ ته اسان وٽ ڪوبه معيار نظر نٿو اچي ، جڏهن ته پيڪنگ جي نالي تي کاڌي پيتي جون جيڪي شيون مارڪيٽ ۾ اچن ٿيون انهن جي معيار بابت اسان اڪثر ٽي وي تي هلندڙ ڇاپه مار ٽيمن جون رپورٽون ڏسندا رهندا آهيون ته اُهي ڪهڙي نموني ۽ ڪيتري ملاوٽ بعد پيڪ ٿي اسان وٽ پهچن ٿيون، اسان جڏهن اهڙن رپورٽن ۾ ڏسون ٿا ته کير ۾ پاڻي استعمال ٿئي ٿو ته اهو يقينن خراب عمل آهي ڇو ته جڏهن پئسا کير جا ورتا وڃن ٿا ته ان ۾ ملاوٽ ڇو ڪئي وڃي پر ان کان به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ڳاڙهين مرچن ۾ سرن جو ٻورو ، چانهه جي پٽي ڪاٺ جو ٻورو ملائڻ جون رپورٽون پڻ سامهون اچن ٿيون، جيڪو انساني صحت لاءِ انتهائي هاڃيڪار آهي، اسان جي ملڪ ۾ اها حالت آهي ته کائڻ پيئڻ جون شيون ته روڊن جي پاسن تي مٽي ۽ ڌوڙ ۾ وڪامجي رهيون آهن ۽ روڊن ۽ مٽي تي هلڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ جوتن جا دڪان سينٽرلي ايئرڪنڊيشن ٺهيل آهن، اسان وٽ جسم تي ڍڪڻ لاءِ ملندڙ ڪپڙن جون ته وڏيون وڏيون مارڪيٽون جڙي ويون آهن ، پر ان جسم کي صحت مند ۽ زنده رکندڙ پاڻي ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون انتهائي ناقص ۽ ڏينهون ڏينهن پنهنجو معيار وڃائي رهيون آهن، اسان وٽ تفريح جي نالي تي هوٽل ڪلچر ۽ فاسٽ فوڊ جو رجحان پڻ تيزي سان وڌي رهيو آهي، خاص ڪري شهرن ۾ ماڻهن جو لاڙو گهر ۾ ٺهيل صاف سٿري ماني کان وڌيڪ شهرن ۾ رستن جي ڪنارن تي ٺهيل فاسٽ فوڊ ، برگر يا اهڙين شين ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڪجهه وڏين کاڌي جي دڪانن يا هوٽلن کانسواءِ اسان جڏهن رستن تي ٺهيل هوٽلن يا فاسٽ فوڊ جي دڪانن جي معيار جي ڳالهه ڪيون ته ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ رپورٽ ۾ جڏهن اهو ڏيکاريو ويو ته شادي هالن ۾ جيڪو کاڌو ٿالن يا ديڳن ۾ بچي ويندو آهي ، اهو ڪجهه هوٽلن ۾ سپلائي ٿيندو آهي جنهن کي گرم ڪري ماڻهن کي کارايو ويندو آهي، جڏهن اسان جي معاشري جا اُهي ماڻهو جيڪي بيشڪ پئسن تي پر پوءِ به ماڻهن کي رزق ڏيڻ جو ذريعو بڻايا ويا آهن، اُهي ماڻهو جڏهن انهن شين جا پنهنجي مرضي جا اگهه وٺن باوجود اهڙيون حرڪتون ڪن ته پوءِ کين سزائون به اهڙيون ئي ڏيڻ گهرجن،  پاڪستان دنيا ۾ رڳو ائٽمي طاقت مان ئي نٿو سڃاتو وڃي،  پر اسان جو ملڪ ڦٽي ، ڪڻڪ ، چانور ۾ به دنيا جي ڪترن ئي ملڪن کان اڳتي آهي، پاڪستان پنهنجي ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن کي اُهي سڀ شيون ڏيئي سگهي ٿي جيڪي دنيا جا ڪيترائي ملڪ ٻين ملڪن مان وڏو ناڻو ڏيئي گهرائيندا آهن، پر اسان وٽ سرمائيدار اسان جي ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شين کي نه رڳو ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري ۽ غير قانوني اسٽاڪ ڪري وڏو منافعو ڪمائيندا آهن ۽ وري اهي ئي سڀ شيون وري اسان وٽ مهانگي اگهه ۾ وڪامبيون آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجي تجورين کي ڀرڻ لاءِ نه رڳو شين ۾ ملاوٽ ڪري اسان جي ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا ، پر اُهي اسان جي ملڪ جي عام ماڻهن جي زندگين سان پڻ کيڏي رهيا هوندا آهن، انساني صحت ۾ کاڌ پيت جو انتهائي اهم ڪردار هوندو آهي، صاف ۽ ملاوٽ کان پاڪ شين جي استعمال سان ڪيترن ئي بيمارين کان بچي سگهجي ٿو، حڪومت ته ان سلسلي ۾ قانون جوڙيا آهن پر رڳو حڪومت نه هر ماڻهو کي ان بابت ڪم ڪرڻو پوندو، شهرن ۾ روڊن جي پاسي تي ٺهندڙ پڪوڙا ، سموسا ، جيلبيون ، چاٽ ، ڇولا اسان جي صحت لاءِ ڪنهن به صورت فائدي مند نه آهن ۽ انهن جي ٺهڻ جو طريقو ۽ روڊن جي پاسن تي ڌوڙ ۽ مٽي تي وڪامجڻ جو طريقو انتهائي غير معياري هوندو آهي پر جڏهن ماڻهو ان شرط تي انهن شين جو استعمال بند ڪن ته ۽ اهو مطالبو ڪن ته اهي شيون معيار جي مطابق ڪنهن صاف سٿري جاءِ يا دڪان ۾ فروخت ڪيون وڃن ته ضرور فرق پوندو ، ڇو ته جڏهن اسان مان هر ماڻهو غير معياري شين بابت آواز اٿاريندو ۽ انهن شين جي خريداري گهٽ ڪنداسين جيڪي اسان جي صحت لاءِ هاڃيڪار آهن، ته پوءِ اُهي منافع خور پاڻ ئي مجبور ٿيندا ۽ هو پنهنجي معيار کي بهتر ڪندا.
imsbaloch@hotmail.com