Friday, 27 September 2013

Insensitive society and callous attitude of Government

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3799

بي حس معاشرو ۽ بي حس حڪومتون
سرور بلوچ
جنهن ملڪ جي اسمبلي اجلاس ۾ اها ڳالهه سامهون اچي ته زلزلي تي ايوان ۾ بي حسي آهي ته پوءِ هن ملڪ ۽ عوام جو الله ئي مالڪ آهي ، ساڳئي اجلاس ۾ زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن لاءِ مختص ڪيل فنڊن ۾ گهوٻين جون ڳالهيون به سامهون آيون آهن ، مخصوص ماڻهن جي نالي تي اهي پئسا ڪرپشن جي نظر ٿيا جيڪي ٻوڏ ۽ زلزلي متاثرن لاءِ آيل هئا، ته پوءِ سائين ڪيو ڪاروائي اوهان کي ڪنهن روڪيو آهي ، پر جڏهن معاشرو ، اسمبلي ۽ حڪومتون بي حس هجن ته پوءِ ڪنهن آڏو دانهجي، بلوچستان جي پسماندي جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، ته سدائين زلزلن، برساتن ۽ سيلابن جي عذاب مان گذرندڙ مقامي ماڻهو پنهنجن پيارن جون زندگيون بچائڻ کان به لاچار آهن، ڇو ته بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ بنيادي سهولتون نه هئڻ جي برابر آهن، قدرتي وسيلن کان مالا مال هوندي به بلوچستان جا ماڻهو سدائين پنهنجن ڏکن ۽ سورن جي روداد بيان ڪندا رهيا آهن، انتظاميه جي بي حسي ته پنهنجي جاءِ تي پر ميڊيا لاءِ به شايد بلوچستان جي آوارن واري علائقي ۾ ماڻهن جي مارجڻ واري خبر کان وڌيڪ ته گوادر ويجهو سمنڊ مان نڪتل اهو جزيرو هو، جنهن کي هيڊ لائن طور پيش ڪرڻ شايد انهن لاءِ ماڻهن جي موت کان وڌيڪ فائدي وارو آهي، ڇو ته ماڻهو ته روز ڪيترائي مرن ٿا، پر اهو جزيرو شايد پنجاهه سالن کان پوءِ ظاهر ٿيو آهي، ميڊيا کي بيشڪ عوام جي آواز پهچائڻ جو ذريعو چئبو هجي پر جڏهن هن ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪئي ته پوءِ ان ۾ ماڻهن جو احساس ختم ۽ ڪمائي جا نوان طريقا ڳولڻ جي ڊوڙ شروع ٿي ويئي، بي حسي رڳو ميڊيا تائين محدود نه آهي، پر هتي ته سڄو معاشرو ئي بي حس بڻجي رهيو آهي، اسان حڪومتن تي ڏوهه ته ڏيون ٿا پر حڪومتن ۾ ويٺل ماڻهو نه ته ڪا ٻي مخلوق آهن نه وري هو اسان کا جدا آهن، اسان جي معاشري مان نڪتل اُهي ماڻهو اڄ اسان مٿان حڪومت ڪري رهيا آهن، جڏهن معاشرو ئي بي حس ٿي وڃي ته اُتي حڪومتن مان ڪا اميد ڪرڻ بي وقوفي کان گهٽ نه آهي، مان ڪراچي مان ڪوچ ذريعي سانگهڙ اچي رهيو هئس ته ان ڏينهن صدر کان ٿورو اڳتي گاڏيون بيٺل ڏسي ۽ ٽي وي چيئنلن جون ڊي ايس اين جي ( لائيو گاڏيون ) ڏسي پهرين ته ائين لڳو شايد ڪو وڏو واقعو ٿيو آهي، جنهن ڪري رستو بند آهي ، اڃان ان بابت سوچي ئي رهيو هئس ته پر اسان جي ڪوچ واري ڊرائيور نه هم ڪئي نه تُم گاڏي ورائي ٻي روڊ تي هلڻ لڳو، هن بي حس هڪ پل لاءِ به اهو نه سوچيو ته ان جي اهڙي حرڪت سان ايندڙ گاڏين جو نه رڳو رستو رڪندو پر ٽريفڪ شديد جام ٿي سگهي ٿو ۽ ان هڪ پل لاءِ اهو به نه سوچيو ته ڪنهن ڳڙٻڙ جي صورت ۾ سندس ڪوچ ۾ ويٺل ماڻهن جو ڇا ٿيندو، ڪوچ اڃان ٿورو اڳتي مس وڌي ته سامهون ايندڙ هڪ ڪار کي ٽڪر لڳندي لڳندي بچي ۽ سامهون ڪار وارو همراه بند شيشن ۾ هٿ لوڏي ڪجهه چئي رهيو هو، سندس هٿ لوڏڻ ۽ چهري تي سندس ڪاوڙ مان اهو واضع هو ته هو گاريون ڏيئي رهيو هو، ڪار واري کي شديد ڪاوڙ ۾ ڏسي سندس پاسي سيٽ تي ويٺل هڪ عورت ( شايد سندس گهر واري هجيس ) سندس ڪلهي تي هٿ رکي کيس سمجهائي رهي هئي ته ڪنهن ڪنهن سان جهيڙو ڪنداسين هن بس جي پويان سوين گاڏيون غلط رستو وٺيو پيون اچن، جڏهن ٿورو اڳتي نڪتاسين ته ڏسڻ ۾ آيو ته ڪجهه عورتون ۽ مرد پشاور واقعي خلاف احتجاج ڪري رهيون هنيون جنهن ڪري روڊ بند هو، پشاور جو واقعو ڪنهن ڪيو ڇو ڪيو ۽ اُهي هٿ ڪڏهن سامهون به ايندا يا نه اهو ته چوڻ ته وقت کان اڳ آهي پر طالبان گهٽ ۾ گهٽ اهو چئي ڇڏيو آهي ته اسان جي ڪنهن به ٽولي اهو حملو نه ڪيو آهي، جيئن ته اسان ماڻهن جي بي حسي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون،  پشاور واقعي بابت ڪنهن دوست سان ڳالهه ڪري رهيو هوس ته هن بنا دير جواب ڏنو يار هتي روز مسلمان پيا مرن اڄ گرجا گهر تي حملو ٿي ويو ته ميڊيا ۽ ماڻهن ممڻ مچائي ڇڏيو آهي، اهي واقعا ته روز جو معمول آهن ، هن ۾ نئين ڳالهه ڪهڙي آهي، ان شخص جي بي حسي ڏسي مان وڌيڪ ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ڪري سگهيس، قصور هن شخص جو به نه هو اسان جو سڄو معاشرو ئي اهڙن واقعن کي روز روز ڏسي هاڻ انهن ۾ احساس جو مادو ختم ٿي ويو آهي، تازو بلوچستان ۾ آيل زلزلي سبب 360 کان وڌيڪ ماڻهن جي مرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي آهن، بلوچستان جي ماڻهن سان به حسي وارو رويو گذريل سٺ سالن کان روا رکيو ويو آهي، ان جي ذميوار وقافي ۽ صوبائي حڪومتون هجن يا مقامي قيادتون پر بلوچستان جي اڪثر علائقن جا عام ماڻهو ان بي حس رويي سبب شديد ناراض ۽ ڏکايل آهن، بلوچستان جي اڪثر علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي اڻاٺ سبب ڪنهن به قدرتي آفت جي سلسلي ۾ جاني ۽ مالي نقصان ۽ متاثرن تائين امداد پهچڻ سدائين هڪ ڏکيو مرحلو رهيو آهي، ڇو ته بلوچستان جي اڪثر ڏورانهن علائن ۾ روڊ رستن جي سهولتون موجود ئي ناهن ، اسان کي ڪٿي ته 2 ، 3 يا 4 لائنن جا هاءِ وي ۽ موٽر وي ته نظر اچن ٿيون ۽ ڪٿي ته ڪنهن هڪ وڏيري ، ڀوتار يا چوڌري کي خوش رکڻ لاءِ سندس اوطاق تائين ته روڊ ٺاهيو وڃي ٿو پر جيڪي اصل حقدار ۽ ضرورتمند آهن تن کي ان بنيادي سهولت کان به محروم رکبو آهي، ملڪ ۾ هڪ پاسي ته ليپ ٽاپ ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر ٻئي پاسي بلوچستان جهڙو مالا صوبو انهن ڪچن ، پٿر ۽ مٽي جي ٺهيل گهرن تي مشتمل آهي جتي ڪنهن به قدرتي آفت جي سلسلي ۾ علائقي واسين پاران جوڙايل اهي پناهه گاهون ئي سندن موت جو سامان بڻجي وڃن ٿيون، گذريل سٺن سالن ۾ بلوچستان جي ساحل ۽ وسائل مان فائدو وٺندڙ حڪومتن بلوچستان کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ جون دعوائون ته ڪيون پر اڳ آيل برساتن ۽ سيلابن جڏهن ته هاڻوڪي زلزلي انهن جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، بلوچستان جي ستن ضلعن گوادر ، تربت ، خضدار ، ڪيچ ، آواران ، پنجگور ۽ چاغي ۾ زلزلي تباهي مچائي آهي، پر زلزلي سڀ کان وڌيڪ آواران ضلعي ۾ تباهي آندي آهي، آواران کي 11 نومبر 1992 ۾ ضلعي جو درجو ڏنو ويو،  جيڪو هن وقت کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيو آهي، 21 هزار 6 سو 30 اسڪوائر ڪلو ميٽر تي پکڙيل آواران ۾ هن وقت هر پاسي پٽ پيل جايون، کلي آسمان هيٺ ويٺل عورتون ۽ ٻارڙا ۽ هر پاسي پنهنجن پيارن جي وڇڙي وڃڻ تي ماتم ڪري رهيون آهن ، 1995 جي انگ اکرن موجب 1 لک 69 هزار 4 سو 32 جي آبادي جي اڪثريت پنهن پيارن جي لاشن کي دفنائڻ ۽ ڪي وري پنهنجن لاپته ٿيل عزيزن جي لاشن کي پٽ پيل گهرن مان ڪڍڻ ۾ لڳل آهن،  بلوچستان ۾ آيل زلزلي سبب 360 فوتين ۾ هڪ ئي خاندان جا ٻه يا ٽي ڄڻا شامل آهن، جڏهن ته هڪڙي خاندان جا 18 ماڻهو هن حادثي سبب موت جو کاڄ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته زلزلي سبب سوين ماڻهو زخمي آهن، هزارين ماڻهو شديد خوف واري ماحول ۾ کلي آسمان هيٺ ويٺل آهن، آواران جتي روڊ رستا ته ٺهيو پر سڄي ضلعي ۾  صحت جي بهتر سهولت ميسر ڪرڻ لاءِ ڪو ادارو موجود نه آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي ته زخمين کي ڪراچي آندو پيو وڃي، زلزلا ، برساتون ، سيلاب ته قدرتي آفتون آهن، انهن کي روڪڻ ڪنهن جي وس ۾ نه آهي پر بهتر رهائشي سهولتون ، صحت جا انتظام، روڊ رستن جي سهولتن سبب گهٽ ۾ گهٽ متاثرن جي واهر ته ڪري سگهجي ٿي، پر اسان کي ملڪ جي ٻين علائقن وانگر بوچستان ۾ به ڪجهه نظر نه آيو، دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ شايد اهڙو زلزلو اچي ها ته صوبائي يا وفاقي حڪومتون يڪدم سامهون اچن ها، پر افسوس ته بلوچستان جو وزير اعلي لنڊن جي دوري تي ويل آهي، 6 ڪلاڪ ۾  بلوچستان پهچڻ وارو سفر سائين جن ٻن ڏينهن تائين نه ڪري سگهيو آهي، بلوچستان ۾ نه ته ڪابينا آهي ته وري ڪا صوبائي مشينري جيڪا هن ايڏي وڏي سانحي کي منهن ڏيئي سگهي، سرڪاري مشينري ضرور پنهجي ڪم تي لڳل آهي، پر گهٽ ۾ گهٽ هن وقت بلوچستان جي زلزلي متاثر علائقي تربت ۾ جنم وٺندڙ مڊل ڪلاس مان تعلق رکندڙ وزير اعلي کي پنهنجن علائقي واسين سان گڏ هجڻ گهرجي ها، هن وقت وزير اعلي بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ لاءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جو دورو ۽ ڪنهن خاص تقريب يا ميٽنگ کان اهم سندس عوام آهي، جتي هن جنم ورتو ۽ جنهن ماڻهن جي ووٽن سان هُو وزير اعلي بڻيو آهي، پر شايد حڪومت جو نشو سائين جن کي سڀ  ڪجهه ڀُلائي ڇڏيو آهي ۽ حڪومتي ڪُرسي جي نشي کيس به بي حس بڻائي ڇڏيو آهي،
imsbaloch@hotmail.com

Wednesday, 18 September 2013

How to bring children to school

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3659

ٻارن کي سڪول ڏانهن ڪيئڻ آڻجي ؟
سرور بلوچ
صحت ۽ ٻيون سهولتون ته انتهائي ضروري آهن پر تعليم به هر ٻار جو بنيادي حق آهي، هر ٻار لاءِ اهڙا انتظام هئڻ گهرجن جيئن هو تعليم پرائڻ لاءِ اسڪول وڃي سگهي، حڪومت پاران ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪرڻ لاءِ مختلف اُپاءُ ورتا وڃن ٿا، داخلا مهم جي سلسلي ۾ آگاهي ريليون ڪڍيون وڃن ٿيون، سيمينار منعقد ڪيا وڃن ٿا، پر انهن جو ايترو اثر نظر نٿو اچي، ۽ اهڙين حڪومتي قدمن سان ڪي وڏي تعداد ۾ ٻار اسڪول ڏانهن نٿا اچن، پاڪستان ۾ تعليم جو ريشو ايترو نه آهي جيترو اسان کي سرڪاري انگ اکرن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو، مختلف انگ اکرن موجب ملڪ ۾ 2.5 ملين کان وڌيڪ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ، جڏهن ته سنڌ ۾ پڻ 50 کان 70 سيڪڙو ٻار سڪول کان ٻاهر ٻڌايا وڃن ٿا، سرڪاري ۽ غير سرڪاري انگ اکرن ۾ فرق ته ٿي سگهي ٿو پر هن وقت به ٻارن جي هڪ وڏي تعداد اسڪول کان ٻاهر آهي ، جيڪي ٻار اسڪول ئي نٿا وڃن انهن ٻارن مان گهڻائي ڪنهن دڪان تي ڪم ڪار ڪن ٿا يا وري ڳوٺن ۾ مال چاريندي نظر ايندا آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ هاڻ ڪتابون مفت ملن ٿيون ۽ مختلف سماجي تنظيمن پاران ٿيلا ۽ ڪاپيون پڻ ڏنيون وڃن ٿيون، انهن سڀني سهولتن باوجود به ٻار اسڪول کان پري آهن. ٻارن جو اسڪول ۾ نه اچڻ جو هڪ سبب ته پڙهائي نه هجڻ ٻڌايو وڃي ٿو پر ٻي پاسي ان ڳالهه کان به انڪار نٿو ڪري سگهجي ته ان ۾ مائٽن جي لاپرواهي جو به وڏو هٿ آهي، ڇو ته جيڪي ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن انهن جو 45 کان 55 سيڪڙو ته ڇوڪريون آهن جيڪي ٻاهر ڪم نٿيون ڪن ته انهن کي ڇو اسڪول نٿو موڪليو وڃي، ٻارن کي اسڪول ۾ واپس آڻڻ لاءِ معاشرتي طور جدوجهد جي ضرورت آهي، جڏهن ته حڪومت پڻ ڪجهه قدم کڻي ٻارن کي اسڪول آڻي سگهي ٿي، غربت جو سبب ڄاڻائي جيڪي مائٽ ٻارن کي اسڪول نٿا اماڻين انهن وٽ ان ڳالهه جو به ڪو جواب نه آهي ته ڇا پنجن سالن جو معصوم ٻار ڪو ڪم ڪار ڪري گهر هلائي سگهي ٿو، ڪنهن به دڪان يا ورڪشاپ يا ڪوبه ڪم ڪندڙ ٻار جيئن ته سکڻ جي مرحلي ۾ هوندو آهي ته کيس مزدوري نه پر 10 کان 30 روپيه خرچي ڏني ويندي آهي، ايترن پئسن سان نه ته ڪنهن گهر جي پُورت ٿي سگهندي آهي نه وري ايتري رقم آڻيندڙ ٻارڙو ان وقت گهر جو سهارو بڻيل هوندو آهي، پر ان سخت محنت ۽ مزدوري ۾ ٻار پنهنجو بچپن وساري هڪ عام انسان مان مشين بڻجي ويندو آهي، جڏهن ته ٻارڙن کي مزدوري يا ڪم سکڻ لاءِ موڪليندڙ مائٽ اهو به ٻڌائيندا آهن ته ڇوڪرو پڙهي ته ڪونه ٿو، جي ڪم تي نه موڪلينداسين ته هرو برو ڪني صحبت ۾ اچي خراب ٿي ويندو، ان لاءِ کيس ڪم ڌنڌي سان لڳايون ٿا، ته جيئن ڪجهه سکي وٺي، ان مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته ٻار پڙهائڻ يا نه پڙهائڻ مائٽن جي مرضي تي هوندو آهي، ۽ ان ۾ حڪومت جو ڪوبه عمل داخل نه هوندو آهي ان ڪري جيئن مائٽ کي وڻي ان طريقي سان هو ٻار کي نه پڙهڻ جي صورت ۾ ڪم تي موڪلين يا ويهاري ڇڏين کين ڪوبه پڇڻ ڪرڻ وارو نه آهي، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته اسان اڪثر دڪانن يا ورڪشاپن تي جن ٻارن کي ڪم ڪندي ڏسندا آهيون انهن جي عمر گهٽ ۾ گهٽ ڏهن سالن جي هوندي پر جي ان کان ڪجهه گهٽ هجي ته به پنج سالن جو ٻار ڪنهن به دڪان يا ورڪشاپ ۾ ڪم نه ڪندو آهي، ساڳئي طريقي سان ٻهراڙي ۾ به ڪنهن به ٻار کي پنجن سالن جي عمر ۾ مال چارڻ لاءِ نٿو اماڻيو وڃي، جڏهن ته ٻارن کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ پنجن سالن جي عمر ۾ داخل ڪرائي سگهجي ٿو، ان مان اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته غربت جي ڪارڻ نه پر ٻين سببن جي ڪري ئي ٻارن کي اسڪول نٿو ماڻيو وڃي، ٻارن کي اسڪول نه اماڻڻ جا سبب جيڪي به هجن پر حڪومت ڪجهه اهڙا قدم کڻي سگهي ٿي، جنهن سان ٻار جا مائٽ مجبور ٿي وڃن ته پنهنجي ٻار کي اسڪول موڪلين، جيئن ته ٻارن جا والدين ئي پنهنجي اولاد جا ڌڻي هوندا آهن ته انهن کي ڏنڊي جي زور تي مجبور نٿو ڪري سگهجي ته هو پنهنجي ٻارن کي اسڪول اماڻين ۽ نه وري اسان سيمينارن ۽ ريلين ذريعي ماڻهن جي ذهني سوچ کي تبديل ڪري سگهون ٿا، ٻارن کي اسڪول ڏانهن آڻڻ لاءِ ڪهڙا قدم ڪارگر ثابت ٿي سگهن ٿا اهو سوال اهم آهي ۽ ان تي حڪومت کي ضرور سوچڻ گهرجي پر منهنجي نظر ۾ ڪجهه اهڙا ڪم آهن جن سان اسان 100 سيڪڙو نه سهي پر ٻارن جي هڪ وڏي تعداد کي اسڪول ۾ آني سگهون ٿا، پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ ڪجهه اهڙا قدم ضرور کنيا ويا آهن جن سان گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻا پيا آهن، نه رڳو شهرن پر هاڻ ته ٻهراڙين ۾ به ماڻهن پنهنجا شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڇڏيا آهن، ڇو ته غريبن کي حڪومت پاران بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي هر ماه معاوضو ۽ نوجوانن کي شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمنٽ پروگرام جي ذريعي هر ماه وظيفو ۽ سکيا ملي ٿي، ساڳئي طريقي سان ٻارن جي تعليم لاءِ ڪجهه قدم کڻي سگهجن ٿا، سڀ کان پهرين ته پنج سال کان مٿي هر ٻار لاءِ شناختي ڪارڊ لازمي قرار ڏنو وڃي، ان سان گڏصحت مرڪزن ۾ پڻ ان ڳالهه کي لازمي بڻايو وڃي ته هر پنج سال جي ٻار جو علاج لاءِ شناختي ڪارڊ جي شرط رکي وڃي، جيئن ٻارن جا شناختي ڪارڊ ٺهي سگهن ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان وظيفو وٺندڙن لاءِ به اهو لازمي ڪيو وڃي ته سندن هر ٻار جو شناختي ڪارڊ ٺهيل هجي، ان کانسواءِ کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا ڪارڊ نه ملندا، جڏهن ته شناختي ڪارڊ ٺهرائيندڙ هر شخص کان ڪارڊ ٺهرائڻ وقت ئي سندس ٻارن بابت معلومات وٺي انهن جي داخلا ڪئي وڃي، جيئن ٻارن جي عمر ۽ سندن شناختي ڪارڊ بابت معلومات ملي سگهجي، ٻنين جي کاتن ، گهر ، پلاٽ ، دڪان يا ڪنهن به اهڙي قسم جي خريداري ۾ به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ٻارن جو عمل داخل لازمي رکيو وڃي ( عمل دخل مان مراد انهن جا نالا شامل ڪيا وڃن جيئن انهن جي شناختي ڪارڊ جا نمبر ملي سگهن ) جنهن سان پڻ ٻارن جي شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ جي عمل واڌارو ايندو، مطلب ته هر سرڪاري ڪم ڪار ۾ ان ڳالهه کي پڻ يقيني بڻايو وڃي ته ٻارن جا شناختي ڪارڊ ٺهيل هجن، جڏهن ته غير سرڪاري تنظيمن کي پڻ پابند بڻايو وڃي ته هو صحت ، تعليم ، پاپوليشن يا ڪنهن به قسم جي ڪم لاءِ ماڻهن کان سندن ٻارن جي شناختي ڪارڊن بابت نه رڳو پڇا ڪن پر انهن جي انٽري به لازمي رکي وڃي، مطلب ته حڪومت ۽ تعليم کاتي کي ڪنهن به طريقي سان هر پنج سالن کان مٿي جي ٻارن جي شناختي ڪارڊ ٺاهڻ واري عمل کي يقيني بڻائڻ گهرجي پر ان ۾ هڪ شرط ضرور رکجي ته شناختي ڪارڊ ٺهرائيندڙ ٻار سرڪاري يا غير سرڪاري اسڪول ۾ ضررو پڙهندو هجي، جڏهن هر سرڪاري ڪم ڪار ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ، غير سرڪاري يا حڪومت پاران ڏنل رليف سميت هر ڪم ۾ ٻارن جي شناختي ڪارڊن بابت پڇا ڪئي ويندي ته پوءِ هر ٻار جو شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ ماڻهن جي مجبوري ٿي پوندو ۽ جڏهن شناختي ڪارڊ ۾ ٻارن جو اسڪول ۾ پڙهڻ لازمي قرار ڏنو ويندو ته پوءِ اسان 100 سيڪڙو نه پر هڪ وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪولن ڏانهن آڻي سگهبو،  يقينن هي هڪ ٻن ڏينهن جو ڪم يا عمل نه آهي، پر پلاننگ جو مقصد ئي هوندو آهي، ايندڙ وقت لاءِ ڪيئن ڪم ڪجي ، ان لاءِ تعليم کاتي ۽ حڪومت جي انهن قدمن سان اڄ يا هن سال نه سهي پر ايندڙ وقت ۾ ڪنهن حد تائين نه رڳو ٻارن کي اسڪول آڻي سگهندا پر اهو عمل آدمشماري سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن ۾ مددگار ثابت ٿي سگهندو.
imsbaloch@hotmail.com

Sunday, 15 September 2013

Karachi operation and MQM's Trouble

http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=3620

ڪراچي آپريشن ۽ متحده جي پريشاني
سرور بلوچ
ڪراچي جي حالتن تي اسمبلي جي اجلاسن ۽ ٻاهر هاءِ گهوڙا ڪندڙ پارٽين ۾ سڀ کان اڳيان متحده رهي آهي ، ۽ هميشه ڪراچي جي حالتن تي ڪنٽرول نه ڪرڻ جي ذميوار حڪومت کي ڪوٺيندي رهي آهي ، پر جڏهن پاڻ حڪومتي بئنچن تي هوندي آهي ته انهن جو وريو مختلف هوندو آهي ، سمجهون ٿا اهائي ته سياسيت آهي ، پر ان سياست ۾ رياست کي ٽوڙڻ جي سوچ ڏاڍي ڳري ۽ خطرناڪ ٿي سگهي ٿي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي، متحده قومي موومنٽ ڪراچي ۾ امن امان جي حالتن کي قابو ڪرڻ لاءِ ڪراچي کي فوج حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي جنهن تي کين سخت مخالفت جو سامهون ڪرڻو پيو، جنهن بعد سڀني پارٽين اهو فيصلو ڪيو ته پوليس ۽ رينجرز کي مڪمل اختيار ڏئي ٽارگٽڊ آپريشن ڪيا وڃن، حڪومتي احڪامن بعد رينجرز ۽ پوليس ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون شروع ڪيون ۽ مختلف علائقن مان گرفتاريون ۽ هٿيار هٿ ڪرڻ جون دعوائون پڻ سامهون اچي رهيون آهن، سڪيورٽي ادارا ڪاروائي دوران اها ڳالهه به ڪندا رهيا آهن ، سياسي پارٽين ۾ موجود هٿيار بند به ڪنهن حد تائين ڪراچي جي بدامني ۾ ملوث آهن، جڏهن ته اها به حقيقت آهي ته هاڻ ڪجهه ٻيون قوتون پڻ ان شهر ۾ داخل ٿي ڪاروائيون ڪري رهيون آهن، رينجرز پاران ڪراچي ۾ ٽارگٽڊ آپريشن هلندڙ آهي ، رينجرز جڏهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪندو متحده جي اثر وارن علائقن ۾ داخل ٿي ته وري متحده پاران هاءِ گهوڙا شروع ٿي ويئي آهي، پر اها هاءِ گهوڙا ان وقت پُرتشدد ٿي ويئي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم جي اڳوڻي ايم پي اي نديم هاشمي کي ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو ، ان واقعي جي خبر ايندي ئي مڇريل ماڻهن نه رڳو ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ڪندي شهر کي بند ڪرايو پر بسون ، رڪشا ۽ موٽر سائيڪلن کي باهه ڏيئي ساڙيو ويو، جڏهن ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پڻ هٿيارن جي زور تي دڪانون بند ڪرايون ويون، ۽ متحده جي اڳواڻن پاران بيان پڻ اچڻ شروع ٿي ويا ، متحده اڳواڻ حيدر عباس پنهنجي علائقن ۾ ٽارگٽڊ آپريشن کان پوءِ چوڻ لڳو ته آپريشن سياسي رنگ اختيار ڪري رهيو آهي، بابر غوري پڻ گهرو وزير کي فون ڪري آپريشن کي سياسي رنگ ڏيڻ جا خدشا ظاهر ڪرڻ شروع ٿي ويو، ان ئي دوران متحده سربراهه الطاف حسين جو بيان پڻ اچي ويو ته متحده خلاف 1992 ع جهڙو آپريشن ڪيو ويو آهي، هن چيو ته ڪارڪن رياستي ظلم ۽  بربريت سهڻ لاءِ ذهني طور تيار رهن، جڏهن ته سنڌ جي 11 سالن تائين رهندڙ گورنر جي استعيفي ڏيڻ جي خبر پڻ سامهون آئي آهي پر گهرو وزير پاران ساڻس رابطي جون خبرون پڻ گردش ڪري رهيون آهن، آپريشن بابت سندس تحفظات دور ڪرڻ جي ڳالهيون پڻ گردش ڪري رهيون آهن، متحده ڪراچي ۾ امن ڪرائڻ چاهي ٿي ته پوءِ سڄي ڪراچي ۾ بنا ڪنهن فرق جي آپريشن جي مخالفت ڇو ڪري رهي آهي ، متحده جي اثر وارن علائقن ۾ آپريشن ٿيڻ بعد آپريشن کي شڪي ۽ سياسي ٿيڻ جا بيان ڇو ڏنا پيا وڃن، ڪراچي ۾ آپريشن جي ڳالهه ڪندڙ متحده هاڻ ڪهڙي پريشاني ۾ وٺجي ويئي آهي ، متحده جي اهڙن بيانن مان اها ڳالهه ته واضع ٿي رهي آهي ته متحده رڳو انهن علائقن ۾ ڪاروائي ڪرائڻ گهري ٿي جتي سندس مخالف رهندڙ هجن ، متحده ڪراچي ۾ امن نه پر پنهنجا مخالف ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن چاهي ٿي جيڪو ڪنهن به صورت ممڪن ٿيندي نظر نٿو اچي، متحده پاڻ کي هڪ سياسي پارٽي سڏائي ٿي ۽ چوي ٿي ته اسان وٽ ڪا به هٿياربند ونگ نه آهي ته پوءِ هنن کي پنهنجن علائقن ۾ آپريشن ٿيڻ تي ايڏي ڳڻتي ڇو آهي ، متحده جو ايم پي اي بيگناهه آهي ته پوءِ پريشاني ڇا جي آهي ۽ ڪنهن ايم پي اي جي گرفتاري تي شهرن ۾ هڙتال ڪرائي گاڏيون ساڙڻ ڪنهن سياسي ۽ جمهوري پارٽي جو وڙ ته نه آهي، لياري مان تعلق رکندڙ پيپلز پارٽي جي  ايم اين اي شاجهان بلوچ به ته پوليس هراست مان اسمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد ويو هو ، هو به چوي ٿو ته مان بيگناهه آهيان مون تي ڪوڙا ڪيس آهن پر سندس ڪارڪنن سندس گرفتاري تي اهڙي ڪاروائي نه ڪئي جهڙي متحده ڪري پنهنجي پت وائکي ڪئي آهي، جڏهن عدالتون موجود آهن ۽ ڪو بيگناهه آهي ته پوءِ پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي، ڪراچي جي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ آپريشن کي ڪنهن هڪ علائقي نه پر هر علائقي ۽ گهر گهر تائين وسيع ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ ان آپريشن جو ڪو به فائدو نه ملندو، حڪومت کي به آپريشن کي سياسي متڀيد کان مٿاهون ٿي نه رڳو جاري پر تيز ڪرڻ گهرجي، ڇو ته جيئين جيئن متحده جي علائقن ۾ آپريشن ٿيندو ، انهن پاران هاءِ گهوڙا به شروع ٿي ويندي ۽ جيئن ته سڀني کي خبر آهي ته نام نهاد ميڊيا انهن جي هٿ ۾ آهي ته پوءِ حڪومت جي ڪنهن به درست فيصلي کي متحده ميڊيا جي ذريعي نوڙي مان نانگ ٺاهي حڪومت خلاف استعمال ڪندي، ان جو اشارو الطاف حسين جي نئين صوبي جي بيان مان اچي چڪو آهي، جيئن انهن جي علائقن ۾ آپريشن ۾ تيزي ايندي ۽ انهن علائقن مان گرفتاريون ۽ هٿيار برآمد ٿيندا ته نئين صوبي جو شوشو به تيزي سان سامهون ايندو، ان لاءِ حڪومت کي تيار رهڻ گهرجي، ۽ بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ ۽ مفاهمت جي آپريشن جي تيز ڪرڻ گهرجي ، باقي رهي ڳالهه نون صوبن جي ته رڳو متحده  نه پر ڪجهه سازشي عنصر پاڪستان ٺهڻ کان وٺي سنڌ کي ٽوڙڻ جا خواب ڏسي رهيا هئا، جيڪي پاڻ ته مٽي ۾ دفن ٿي ويا پر سندس خواب پورو نه ٿي سگهيو ، اڄ به سنڌ جا سپوت اهڙي هر خواب ۽ سازش کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن ، متحده جي سربراه نون صوبن ٺاهڻ جو بيان ته ڏنو پر جڏهن سنڌ جي جوڌن پنهنجو آواز اٿاريو ته ترديد سامهون آئي ته اسان سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه نه ڪئي هئي، ان مان اها ڳالهه واضع ٿي ته جڏهن به سنڌي هڪ آواز ٿيا آهن، مخالفن ۽ سنڌ دشمنن کي ناڪامي ۽ شڪست کانسواءِ ڪجهه به نه وريو آهي، ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن جي سڀ کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ هان جڏهن سندن علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ته متحده پريشاني نظر اچي رهي آهي، ۽ نون صوبن جو بيان ڏيئي ڪنهن طريقي سان ڪراچي آپريشن تان ڏيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پر جي متحده هڪ سياسي پارٽي آهي ته ان کي ڪراچي ۾ هلندڙ ٽارگٽڊ آپريشن مان پريشان نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته جي هو سچا آهن ته سچ ڪڏهن به لڪي نٿو سگهي.
imsbaloch@hotmail.com