Thursday, 1 August 2013

Presidential History

ڍhttp://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2882

صدارتي تاريخ
سرور بلوچ
2013 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پنجاب صوبي مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هنن صوبي سان گڏ  وفاق ۾ به حڪومت ٺاهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ، خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان ۾ نواز ليگ جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت آهي ، ٻئي مرحلي ۾ نواز ليگ کي صدارتي چونڊڻ لاءِ پنهنجو اميدوار ميدان ۾ آڻڻو هو ، جنهن لاءِ 6 اگسٽ تي چونڊ ٿيڻي هئي پر ڪجهه سببن جي ڪري نواز ليگ چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ چاهيون جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويئي 30 جون تي صدارتي چونڊ ٿي ، صدارتي چونڊنون وقت کان اڳ ڪرائڻ تي احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي  بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو جنهن بعد عوامي نيشنل پارٽي ، مسلم ليگ (ق)  به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان پڻ بائيڪاٽ جي حق ۾ هو پر پارٽي فيصلي باعث هن صدارتي چونڊن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ، جڏهن ته متحده روايت موجب نئين حڪوت جو ساٿ ڏيندي نواز ليگ جي سپورٽ ۾ پهتي ، صدارتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سندس اتحادين جي بائيڪاٽ بعد نواز ليگ جي ممون حسين ۽ تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد مدمقابل هئا ، مسلم ليگ (ن) اميدوار جي ڪاميابي يقيني هئي ، صدارتي چونڊ نتيجن موجب مسلم ليگ نواز جي صدارتي اميدوار ممنون حسين کي قومي ، سينٽ ۽ صوبائي اسمبلين مان 746 ممبرن پنهنجو ووٽ ڏنو ، جڏهن ته تحريڪ انصاف 132 ووٽ کنيا ، اليڪٽرول ووٽن موجب ممنون حسين 432 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد 77 اليڪٽورل ووٽ کڻي هارائجي ويو ، ممنون حسين پاڪستان جو 12 هون صدر مملڪت آهي ، پاڪستان جو پهريون صدر سڪندر مرزا هو جيڪو 23 مارچ 1956 تي صدر ٿيو پر ايوب خان سان اختلافن سبب  27 آڪٽوبر 1958 تي هن پنهنجي عهدي تان استيعفا ڏيئي ڇڏي ، جنهن بعد ايوب خان صدارت جي ڪُرسي تي براجمان ٿيو ،  ايوب خان ملڪ جو  ٻيو صدر هو جيڪو25 مارچ 1969 تائين ان عهدي تي رهيو ، سندس عهدي ڇڏڻ بعد ملڪ جو ٽيون صدر يحيٰٰخان ٿيو جنهن20 ڊسمبي 1971 تي پنهجو عهدو ذوالفقار ڀٽو حوالي ڪري روانو ٿيو ، پاڪستان جو چوٿون صدر پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو، جنهن 13 اگسٽ 1973 تي صدارت پنهنجي ئي پارٽي جي فضل الهي چوڌري حوالي ڪري پاڻ وزير اعظم بڻيو ، ملڪ جو پنجون صدر چوڌري فضل الهي 16 ڊسمبر 1978 تائين ان عهدي تي رهيو ، ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ضيا الحق ملڪ جو ڇهون صدر بڻجي ويو، جنهن جي 17 اگسٽ 1988 ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ سبب 11 سال جي وڏي عرصي بعد صدارت جي سيٽ خالي ٿي ، ملڪ جون ستون صدر غلام اسحاق خان ٿيو جيڪو 18 جولاءِ 1993 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي اٺين صدر فاروق لغاري جو تعلق پيپلز پارٽي سان هو 2 ڊسمبر 1997 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي نائين صدر محمد رفيق تارڙ جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان هو جيڪو 20 جون 2001 تائين ان عهدي تي رهيو ، محمد رفيق تارڙ ملڪ جو پهريون بي ضرر ، بي خطر صدر هو ، بي اختيار صدر هو ، ان بعد نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ پرويز مشرف ملڪ جون ڏهون صدر  بڻيجي ويو، جيڪو 18 اگسٽ 2008 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جو يارهون ۽ موجوده صدر جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جنهن جو مدو 2013  ۾ ختم ٿيندو ، مملڪت پاڪستان جي ٻارهين صدر ممنون حسين جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي ، جيڪو 9 سيپٽمبر 2013 ۾ پنهنجي عهدو سنڀالي اسلام آباد وسائيندو ، پاڪستان جي گذريل 11 صدرن مان پنجن جو تعلق فوج مان هو ، جڏهن ان دوران ٽي نگران صدر به رهيا جن ۾ ٻه دفعا 1993 ۽ 1998۾ وسيم سجاد ۽ 2008 ۾ محمد ميان سومرو پڻ نگران صدر رهي چڪا آهي ، ملڪ جي صدرن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ته فوجي صدرن جو آهي ان ۾ ٻي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي جنهن جا ذوالفقار علي ڀٽو ، فضل الهي چوڌري ، فاروق لغاري ۽ آصف زرداري چارصدر رهيا آهن ، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو رڳو هڪ محمد رفيق تارڙ صدر رهي چڪو آهي ،  ضيا الحق جي حڪومتي دور ۾ جڏهن غير جماعتي چونڊون ڪرايون ويون ، ان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اسمبلي مان ان وقت جي صدر ضيا الحق  اٺين ترميم پاس ڪرائي جنهن ۾ هن 58-2B  جي شق وڌي جنهن تحت هن اسمبلي ٽوڙن جا اختيار صدر يعني پاڻ وٽ رکيا ، ان اختيار جو استعمال  ضيا الحق ته نه ڪيو پر ان بعد 1990 جي ڏهاڪي ۾ ان اختيار جو استعمال ڪندي ٽي ڀيرا اسمبليون ٽوڙيون ويون ، صدر کي مليل ان اختيار جو پهريون ڀيرو استعمال 6 اگسٽ 1990 تي ڪيو ويو جڏهن ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ، ٻئي دفعي وري ساڳئي صدر نواز شريف جي حڪومت 1993 ۾ ختم ڪئي ، جنهن بعد پيپلز پارٽي پنهنجي اعتماد واري اڳواڻ فاروق لغاري کي صدر بڻايو  ۽ اهو سمجهيو ويو ته هاڻ سڀ خير ٿيندو،  پر نومبر 1996 ۾ ٽيون دفعو ان اختيار جو استعمال ڪندي ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ، ان اختيار جي استعمال ڪري ختم ٿيندڙ حڪومتن لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج ان اختيار جو خاتمو هو، جيڪو صدر مملڪت کي ڏنو ويو هو ۽ فاروق لغاري جي تجربي بعد حڪومتن لاءِ صدر لاءِ اميدوار آڻڻ “ نانگ جو ڏنگيل رسي کان به ڊڄي ” وانگر مشڪل بڻيل رهيو ، نيٺ 1997 ۾ آئين پاڪستان ۾ هڪ ترميم ڪئي ويئي جنهن تحت صدر کان اسمبلي ٽوڙن وارا اختيار  واپس ورتا ويا ، پر پوءِ صدر پاڪستان جي اختيارن کي سترهين آئيني ترميم ذريعي جزوي طور بحال ڪيو ويو ، ان تحت صدر کي اسمبليون ٽوڙن جا اختيار ته ملي ويا پر ان لاءِ ان کي پاڪستان جي عدالت مان توثيق ڪرائڻ لازمي ڪيو ويو ، 58-2B   اختيار گهٽائڻ بعد صدر بي ضرر ۽ بي اختيار بڻجي ويو هو ملڪ جو پهريون بي اختيار ۽ بي ضرر صدر محمد رفيق تارڙ هو ، جيڪو نواز شريف حڪومت جو پهريون فرمانبردار صدر هو  ، 2008 جي چونڊن بعد پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي جنهن ۾ مفاهمت زور شور سان جاري هئي، ان مفاهمت جي ڪري ملڪ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار گهٽ ڪيا ، ۽ اُهي اختيار پارليمنٽ حوالي ڪيا ، ارڙهين آئيني ترميم اچڻ بعد صدر جو ڪو خاص ڪردار نه رهيو آهي ، 2013 جي صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪامياب ٿيل صدر ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ ڄائو ، ورهاڱي بعد سندس خاندان هجرت ڪري ڪراچي پهتو ، 90 جي ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ ۾ سياست ۾ سرگرم ٿيو ، کيس 1999 ۾ گورنر سنڌ پڻ مقرر ڪيو ويو ، پاڻ 6 مهينا ان عهدي تي رهيا ، جنهن بعد مشرف نواز حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ، مملڪت پاڪستان جو ٻارهون صدر اڳين صدر وانگر با اختيار نه آهي ، ۽ نواز شريف جي حڪومت کي به ملڪ جي مشڪل حالتن ۾ ڪنهن اختيار واري نه پر سندن پهرين صدر محمد رفيق تارڙ وانگر فرمانبردار ، بي ضرر ۽ بي اختيار صدر جي ضرورت آهي .
imsbaloch@yahoo.com

Sunday, 28 July 2013

New President, same governor


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2827

صدر نئون ، گورنر ساڳيو
سرور بلوچ
پاڪستان پيپلز پارٽي صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو باقائدا اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، ان جو ڪارڻ هنن صدارتي چونڊن ۾ چئني صوبن ۾ وڃي ورڪ هلائڻ لاءِ وقت نه هجڻ ڄاڻايو آهي ، پيپلز پارٽي جي صدارتي اڳواڻ رضا رباني ، اعتزاز احسن ، امين فهيم ۽ ٻين هڪ پريس ڪانفرنس ۾ اهو اعلان ڪندي چيو ته اسان کي اها اُميد نه هئي ته صدارتي چونڊن بابت اهڙو فيصلو ايندو ، اسان کي ٻن ڏينهن ۾ سڀني صوبن ۾ وڃي ورڪ ڪرڻو پوندو ، ووٽرن کي قائل ڪرڻو پوندو ، جيڪو ڪنهن به صورت ممڪن نه آهي ، جنهن ڪري اسين وفاق کي بچائڻ لاءِ صدارتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيون ٿا ، پيپلز پارٽي سان گڏ سندن اڳوڻي حڪومتي اتحادي عوامي نيشنل پارٽي به ان عمل جي حمايت ڪندي بائيڪاٽ کي درست قرار ڏنو آهي ، مسلم ليگ (ق) اڃان ها يا نه ۾ جواب نه ڏنو آهي ، پر پيپلز پارٽي سمجهي ٿي ته ق ليگ به ساڻن گڏ بيهندي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف صدارتي چونڊن جي وقت جي تبديلي کي درست نه سمجهندي به چونڊ عمل ۾ حصو وٺندي چيو آهي ته اسان ميدان  خالي نه ڇڏينداسين ، اهڙي طرح مسلم ليگ (ن) جي صدارتي اميدوار ممنون حسين جو مقابلو هاڻ رڳو تحريڪ انصاف جي اميدوار  ( ر ) جسٽس وجيهه الدين احمد سان ٿيندو . صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جو پلڙو ڀاري آهي ۽ هُو آساني سان چونڊ کٽي ايوان صدر ۾ ديرو ڄمائيندو ، پيپلز پارٽي جي صدارتي چونڊن مان بائيڪاٽ جو ڪهڙو فائدو يا نقصان ٿيندو ان جو فيصلو ته وقت ڪندي پر پ پ مخالف ان بائيڪاٽ کي رڳو چونڊون وقت اڳ ٿيڻ نه پر ان سان گڏ ڪجهه ٻين سببن بابت پڻ ڳالهائي رهيا آهن ، مخالفن جو چوڻ آهي ته 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽن صوبن مان شڪست اهو واضع ڪري ڇڏيو هو ته هاڻ انهن کي ايوان صدر مان بسترا ويڙهڻا پوندا ، ڇو ته پيپلز پارٽي کي رڳو سنڌ صوبي مان اڪثريت ملي سگهي آهي باقي ٽن صوبن ۾ انهن جي حالت تمام خراب آهي ، ٿوري دير لاءِ سوچجي ته اهو ڪنهن حد تائين ٺيڪ به آهي ، ته پاڪستان پيپلز پارٽي 11 مئي 2013 جي چونڊن ۾ سنڌ صوبي مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي آهي باقي ٽنهي صوبن مان پاڪستان پيپلز پارٽي نه رڳو ناڪام ٿي آهي پر سندس نالي وارا ۽ ڍنگ سياستدان پنهنجي گهران به چونڊ هارائجي ويا آهن ، خاص ڪري پنجاب مان پيپلز پارٽي کي وڏو ڌڪ رسيو آهي ۽ ان جو ڪارڻ ڪنهن حد تائين تحريڪ انصاف آهي ڇو ته پيپلز پارٽي سمجهي رهي هئي ته تحريڪ انصاف نواز ليگ لاءِ ڏکيائيون پيدا ڪري اسان لاءِ چونڊن ۾ مددگار ثابت ٿيندو پر ٿيو وري ان جي ابتڙ ، مسلم ليگ نواز پنجاب مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي نه رڳو پنجاب صوبي ۾ پنهنجي حڪومت کي برقرار رکيو آهي پر ان صوبي مان واضع اڪثريت ڪري هنن وفاق ۾ به پنهنجي جاءِ ٺاهي ۽ 14 سالن بعد نوازشريف ٽيهر پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو آهي، ٿورو جائزو وٺجي ته ڇا پيپلز پارٽي رڳو 6 ڏينهن چونڊ اڳ ٿيڻ تي اهُو بائيڪاٽ ڪيو آهي يا ان جا ٻيا به ڪي سبب آهن ، هڪ سبب ته اهو آهي ته هنن 11 مئي جي چونڊن ۾ واضع اڪثريت حاصل نه ڪئي ان ڪري انهن جو ايترو ووٽ نه آهي جو هو نواز ليگ جي صدارتي اميدوار جو سخت مقابلو ڪري سگهن ٻيو ته پيپلز پارٽي جا پُراڻا اتحادي به سندس جهڙوڪر سندس ساٿ ڇڏي ويا آهن جنهن ۾ خاص متحده قومي موومنٽ آهي ، جنهن هميشه پنهنجي مفاد وٽان فيصلو ڪيو آهي ۽ هر ايندڙ حڪومت کي ڀليڪار ڪري ساڻن گڏجي ويندي آهي ، 2008 جي چونڊن ۾ جڏهن پيپلز پارٽي سنڌ مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي ۽ ملڪ جي ٻين صوبن مان به سيٽون کٽيون هنيون ، پر ان وقت مفاهمت جي نالي تي سڀني پارٽين کي گڏ هلي کڻڻ جي ڪري سنڌ ۾ متحده کي پاڻ سان گڏڻ لاءِ به عزيز آباد ۾ واقع نائن زيرو۾ متحده جي قائد الطاف حسين جي گهر وڃڻ جو سلسلو شروع ٿيو ، ان سلسلي ۾ چونڊون ٿيڻ جي 10 ڏينهن بعد 28 فيبروري 2008 تي ان وقت سنڌ لاءِ پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل وزير اعلي سيد قائم علي شاهه نائن زيرو پهتو پر اُتي متحده جا مُک اڳواڻ سندس آجيان لاءِ موجود نه هئا ، ان بعد پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ساڳئي مفاهمت کي اڳتي کڻي هلندي 1 اپريل 2008 تي نائن زيرو ياترا ڪئي ، پر ان موقعي تي ماحول مٽيل هو ، آصف علي زرداري جڏهن پنهنجي ساٿين سيد قائم علي شاهه ، رحمان ملڪ ، ذوالفقار مرزا ۽ ٻين سان گڏ اُتي پهتو ته مڻين گُل سندن مٿان نڇاور ڪيا ويا ، وڏي آڌر ڀاءُ ڪئي ويئي ، اها صدر آصف زرداري جي نائن زيرو تي پهرين ياترا هئي ان وقت ۽ ان بعد پيپلز پارٽي پاران نائن زيرو تي ڪيتريون ئي ياترائون ڪيون ويون ، ان جو ڪارڻ هو ته متحده هر ننڍي وڏي ڳالهه تي رُسي ويهڻ ۽ وزارتن تان استيعفي ڏيڻ جون ڌمڪيون ڏيندي رهندي هئي ، اهو سلسلو گذريل حڪومتي دور جي پنجن سالن ۾ آخري وقت تائين جاري رهيو، متحده سان مفاهت جي چڪر ۾ پيپلز پارٽي نه رڳو پنهنجي ورڪرن کي ناراض ڪيو پر سندن اڳواڻ به ناراض ٿي پاسيرا ٿي ويهي رهيا جن ۾ ذوالفقار مرزا به شامل آهي ، پيپلز پارٽي اها جواز ڄاڻائيندي هئي ته متحده سان مفاهمت جي ڪري جمهوريت مضبوط ۽ ڪراچي جون حالتون بهتر رهنديون ، پر گذريل حڪومت جي پنجن سالن ۾ اهڙو ڪجهه به نظر نه آيو ، متحده سدائين پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وجهندي رهي ۽ پيپلز پارٽي ان دٻاءُ جي ڪري اهي شرطون مڃيندي رهي جن سان سنڌ جا ماڻهو ناراض ٿيندا هئا جيئن شهري ۽ ٻهراڙي لاءِ جدا جدا مڪاني نظام ۽ پوءِ ڪجهه عرصي بعد وري اهي فيصلا واپس ورتا ويندا هئا ، متحده هر نئين حڪومت جو ساٿ ڏيئي پراڻن کي ويساري ڇڏيندي آهي ، ان ڪري ئي پيپلز پارٽي جي صدر نه ٿيڻ ۽ وفاق ۾ پ پ مخالف حڪومت اچڻ ڪري هُن پيپلز پارتي سان پنهنجا دوستاڻا تعلقات هڪ پاسي رکي ڇڏيا آهن ، پيپلز پارٽي جي آخري وقت تائين اها ڪوشش رهي ته متحده کي سنڌ حڪومت ۾ واپس آڻجي ۽ صدر لاءِ به کائن ووٽ وٺجي پر ان سلسلي ۾ نه رحمان بابا جو جادو هليو ، نه وري زرداري جي هيلو اثر ڪيو ، گذريل ڪجهه ڏينهن کان زير بحث ايندڙ نائن زيرو هاڻ وري بحث هيٺ اچي ويو آهي پر هي بحث اڳين بحثن کان مختلف آهي ، پاڻ گاڏي هلائي پيپلز پارٽي جي وفد کي نائن زيرو تي آنيندڙ گورنر سنڌ عشرت العباد هاڻ وري هڪ  وفد ۽ صدارتي اميدوار کي به ساڳئي طريقي سان پاڻ گاڏي ۾ وٺي نائن زيرو پهتو آهي ، ساڳئي طريقي سان مڻين گُل وفد مٿان نڇاور ڪيا ويا آهن ، بس فرق ايترو آهي ته هن وفد ۾ ماڻهو ٻيا آهن ، نائن زيرو تي آيل مسلم ليگ جي وفد اسحاق ڊار جي اڳواڻي ۾ نائن زيرو پهتو ، ساڻس گڏ صدرارتي اميدوار ممنون حسين ۽ گڏ هئا ، متحده جي استقبال مان ها ڳالهه ته واضع ٿي ويئي آهي ته متحده بنا ڪنهن دير جي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته حڪومت جو ساٿ ڏبو ۽ (ن) ليگ جي صدارتي اميدوار کي ووٽ به ڪبو ، اهي خبرون به ميڊيا تي اچي رهيون آهن ته مسلم ليگ (ن) ، متحده کي حڪومت ۾ شامل ٿين جي پڻ دعوت ڏني آهي ، متحده هن وقت جنهن مشڪل وقت مان گذري رهي آهي ، ان لاءِ اهو  بهترين موقعو آهي پنهنجي لاءِ ڪجهه جاءِ ٺاهڻ جي ، هڪ ته متحده جي قائد الطاف حسين کي لندن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق ۽ مني لانڊرنگ جهڙن ڪيسن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان موقعي تي پاڪستان جي وفاقي حڪومت سندن مخالف هوندي ته اهو ڪيس ويتر منجهي ويندو ، جڏهن ته ڪراچي جتي متحده کي ڪنهن به صورت ڪنهن وڏي جاءِ تي هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو نون پيدا ٿيندڙ حالتن جي باري ۾ کين آگاهي ڏي ، ۽ ان لاءِ سنڌ جي گورنر کان بهتر ڪوبه ماڻهو نٿو ٿي سگهي ، پيپلز پارٽي سان مفاهمت ۾ متحده کي رڳو سنڌ حڪومت ۾ ڪجهه وزارتون ۽ مشير ملن ها پر نواز ليگ جي مفاهمت ۾ هُو وفاق ۾ ويهي پنهنجي پارٽي سربراهه لاءِ بهتر لابنگ ڪرڻ سان گڏ گورنر شپ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهندا ، جمع جي ڀلاري ڏينهن تي نواز ليگ جي نائن زيرو ياترا وقت صدر ته نئون هو پر گورنر ساڳيو هو جيڪو مشرف دور کان هلندو پيو اچي هاڻ ڏسجي ته صدرارتي چونڊن بعد ٻيهر ( ن ) ليگ جي وفد جي عزيز آباد نائن زيرو ياترا وقت نئين صدر سان گڏ گورنر ساڳيو ٿو اچي يا ڪو نئون چهرو سامهون ٿو اچي .
imsbaloch@yahoo.com  

Tuesday, 23 July 2013

IMF loans, Electricity Rates and Common Man


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2748 

پرڏيهي قرض ، بجلي جا اگهه ۽ عام ماڻهو
سرور بلوچ
 اها چوڻي ته “ قرض وڏو مرض ” ته سو فيصد سچ آهي پر اڄ جي دور ۾ هن سان گڏ ڪجهه ٻيون چوڻيون به لازمي جوڙڻيون پونديون آهن جيئن کٽيو کاهي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ، اوهان اهو سوچي رهيا هوندئو ته هن ٻنهي چوڻين جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق آهي پر جي اوهان ڪالهوڪي اخبارن  جي فرنٽ پيج جي هڪ خبر تي نظر ڦيرائي هوندي ته اوهان کي ان جو مطلب پاڻهئي ملي ويو هوندو ، 23 جولاءِ جي اخبارن ۾ وزير داخلا جي سنڌ ياترا ، سپريم ڪورٽ ۽ بلدياتي چونڊون ، نئون آرمي چيف ڪير هوندو ، صدارتي ڪرسي ڪنهن تي مهربان ٿيندي جهڙيون خبرون ته لڳل آهن پر شايد عام ماڻهن کي انهن خبرن کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ بجلي جا اگهه وڌائڻ واري خبر آهي ، حڪومت پيٽرول جا اگهه وڌائڻ کانپوءِ اصولي فيصلو ڪرڻ وڃي رهي آهي جنهن تحت بجلي جا اگهه نه صرف وڌايا پيا وڃن پر ان ۾ ٻيڻ کان به وڌيڪ اضافي جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي ، اخبار ۾ لڳل خبر مطابق حڪومت مرحليوار پهرين بجلي جا اگهه وڌائي ۽ پو ءِ بجلي ۾ ڏنل سبسڊي پڻ ختم ڪندي حڪومت کي ڏنل ان تجويز  مطابق گهريلو بجلي استعمال ڪندڙ جيڪو اڳ گهٽ ۾ گهٽ 5 روپيا 79 پئسا في يونٽ ڏيندو هو هاڻ ان کي 14 روپين تائين في يونٽ بجلي جو بل ڏيڻو پوندو ، جڏهن ته صنعتي صارفين کي نئين ڏنل تجويز مطابق اڳ جتي 8 رپيا 22 پئسا في يونٽ ڏيڻا پوندا هئا اُهي هاڻ 19 روپيا في يونٽ ڏيڻ لاءِ تيار رهن ، ان سلسلي انهن گهريلو صارفين جيڪي 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪن ٿا انهن کي ڇوٽ ڏني ويئي آهي ، حڪومت کي تڙ تڪڙ ۾ اهو قدم کڻڻ جي ضرورت ان ڪري پيئي آهي جو آئي ايم ايف کان جيڪو 5.3 ارب ڊالر قرض ورتو ويو آهي ان ۾ انهن جون ڪجهه شرطون به رکيل هيون ، اسان جي ناڻي واري وزير قرض وٺڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ته سلطان راهي وانگي گجگوڙ وارا بيان ته ضرور ڏنا هئا ته اسان ڪنهن به صورت آئي ايم ايف جي شرطن تي قرض نه وٺنداسين پر “ مرتا ڪيا نه ڪرتا ” هونئن به چوندا آهن ته قرضي ڇا ته نکرو ڇا ، آئي ايم ايف کان ورتل تازي قرض ۾ انهن جيڪي به شرطون رکيون آهن حڪومت کي اُهي پوريون ڪرڻيون پونديون ، جن ۾ اُهي سموريون سبسڊيون جيڪي اڳين حڪومت ڏنيون هيون اُهي سڀ ختم ڪرڻيون پونديون جن ۾ تيل ۽ بجلي سڀ کان اهم آهن ، اڳئين حڪومت يا موجوده حڪومت تيل جي اگهن ۾ وقتن به وقتن اضافو ضرور ڪندي رهي آهي ، ۽ ان سلسلي ۾ بجلي جي اگهن ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي ، پر جي موجوده حڪومت کيس ڏنل تجويز مطابق بجلي جا اگهه وڌايا ته ان جو اثر عام ماڻهو تي ضرور پوندو ، حڪومت 300 يونٽ کان گهٽ بجلي استعمال ڪندڙن کي ڇوٽ ڏيڻ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر ان تي گهڻو وقت بيهي نه سگهندو ۽ اهڙن صارفين جي اگهن ن۾ وڌيڪ نه سهي پر اضافو ضرور ڪرڻو پوندو جنهن سان وري به عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي بي روزگاري ۽ ٻين پريشانين ۾ ڦاتل آهي ان لاءِ اهو هڪ وڌيڪ مشڪل جو سبب بڻنجندو ، بجلي جي اگهن ۾ اضافو ته حڪومت ڪري رهي آهي پر اڃان تائين ويجهڙ ۾ بجلي جي بحران کي قابو ڪرڻ جا ڪي آثار نظر نه پيا اچن ، جيئن ته اسان جي ملڪ جو الميو اهو آهي ته اسان هن جديد دور ۾ به انهن پراڻن طريقن تي هلون پيا ، بجلي جو نظام به ساڳئي طريقي سان هلي رهيو آهي ، هر حڪومت بجلي جي چوري ۽ لائن لاسز جي ڳالهه ڪندي آهي ، ۽ بجلي جي قيمتن ۾ اضافو به ان ڪري ئي ڪرڻ جي ڳالهه ڪبي آهي ته جيئن لوڊشيڊنگ کي ڪنهن طريقي سان گهٽ ڪري سگهجي ، اسان جي ملڪ ۾ بجلي جي ورهاست جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي ان ۾ لائن لاسز ته ضرور ٿيندا هڪ هڪ ٿنڀي تي سوين تاريون اهڙي طريقي سان لڳل هونديون آهن جيئن ڪوريئڙي جو ڄار وڇايل هجي ، اهڙي صورت ۾ لائن لاسز نه ٿيندي ته ٻيو ڇا ٿيندو ۽ بجلي جي لوڊشينڊگ جي ٻي اهم وجه آهي بجلي جي چوري جيڪا چئبي ته چوري آهي پر ڪبي سرعام عام ۽ ديده دليري سان آهي ، بجلي چوري ۾ عام ماڻهو کان وٺي وڏا وڏا سرمائيندار شامل آهن ، جڏهن ته عام دڪان ، گهر کان وٺي فيڪٽرين ۾ به چوري جي بجلي استعمال ٿيڻ جي بجلي جا وزير ڳالهه ڪندا رهيا آهن ، پر اهو ڪيئن ممڪن آهي ته مين روڊن تي لڳل ٿنڀن ۽ ٽرانسفارمر مان ماڻهو بجلي چوري ڪري سگهن ، بجلي جي ورهاست جو به هڪ طريقي ڪار هوندو آهي ، جنهن مان آساني سان اها خبي لڳائي سگهجي ٿي ، ته بجلي چوري ٿي رهي آهي پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن حڪومت ۽ واپڊا جو عملو سچائي ڏيکاري ، ڪنهن به علائقي کي گرڊ اسٽيشنن جي ذريعي بجلي ڏني ويندي آهي ۽ هر گرڊ اسٽيشن ۽ پاور پلانٽس تي ميٽر لڳل هوندا آهن ، جنهن مان خبر پئجي ويندي آهي ته اسان جي ڪيتري بجلي استعمال ٿي آهي ، ته پوءِ بجلي چور ڇو نٿا جهلجن انهي جي ڪهڙي وجهه آهي اها به حڪومتن کي خبر آهي ، حڪومت بجلي چوري کي روڪڻ لاءِ اپاءُ وٺن جي ڳالهه ڪري ٿي ۽ اهو بيان به سامهون آيو هو ته ڪارڊ وارا بجلي جا ميٽر لڳايا ويندا جيئن ان مان عام ماڻهو کي فائدو ملي ۽ جيڪو جيتري بجلي استعمال ڪري ان کي اوترو ئي بل ڏيڻو پوي ، اهو عمل سٺو آهي جي پر جي ان تي ٿوري عرصي ۾ ۽ سو فيصد عمل ٿئي ته ان سان گهڻي ڀاڳي چوري کي روڪي سگهجي ٿو ، ان سان هڪ ته اهو فائدو ٿيندو ته بجلي چوري ڪندا هڪڙا آهن ۽ انهن جي بدلي وري ڀريندا وري ٻيا آهن ، بجلي ڇوري کي لڪائڻ لاءِ عام ماڻهن جي بجلي جي بلن ۾ اضافي يونٽ لڳائي موڪلبا آهن ، جنهن ڪري عام ماڻهو کي انهن چورن جا بل ڀرڻا پوندا آهن ، حڪومت 300 يونٽ تي ڇوٽ جي ڳالهه ته ڪئي آهي پر هتي ته يونٽ جڏهن واپڊا وارا پنهنجي مرضي سان لکي وڃن ته پوءِ ڪهڙي طريقي سان اسان عام ماڻهو کي ان ڏنل ڇوٽ مان فائدو پهچائي سگهون ٿا ، حڪومت بجلي جا اگهه بيشڪ وڌائي پر جيسين بجلي چورن کي روڪڻ لاءِ اپاءُ نٿا ورتا وڃن تيسين انهن اضافن سان ڪوبه فائدو نه پهچندو، ڇو ته ان سان اُهي ماڻهو متاثر ٿيندا جيڪي اڳ بجلي جو بل پياريندڙ هوندا ، پر جيڪي چوري بجلي استعمال ڪندڙ هوندا انهن لاءَ اوهان بجلي جو بل في يونٽ  14 روپين مان 14 سو روپيا ڪري ڇڏيو پر انهن جي صحت تي ڪوبه فرق نه پوندو ، هتي سدائين اهو ٿيو آهي ته “ڪري ڪوئي ۽ ڀري ڪوئي” عام ماڻهو جيڪو اڳ ئي سورن ۾ سٽيو پيو آهي ان تي وري اهو اضافو انهن سورن ۾ مزيد اضافي جو سبب بڻنجندو ، حڪومت قرض کنيو اڳيون قرض لاهڻ لاءِ پر ان سلسلي ۾ ڀوڳين وري به عام ماڻهو پيا ، اها حڪومت اڄ آهي ته سڀاڻ وري ڪا ٻي ايندي ، عام ماڻهو ان ڪري به ذهني مريض ٿي رهيا آهن ته قرض وٺن هڪڙا ۽ ڀري وري عوام ، تڏهن ته چيو ٿن  “قرض وڏو مرض” جڏهن ته ٻي چوڻي “ کٽيو کائي فقير ۽ لٺيون جهلي ڀولڙو ” به اوهان جي سامهون آهي ته قرض ورتو حڪومتن پنهنجن ذاتي عياشين لاءِ جڏهن ته بجلي جي اضافي اگهن ، تيل جي وڌندڙ قيمتن جي مد ۾ عوام ۽ عام ماڻهن کي اهو قرض چُڪائڻو آهي ، ۽ ٻي پاسي بجلي جي چوري ڪن هڪڙا ۽ اضافي بجلي جا اگهه ۽ اضافي يونٽن جي مد ۾ وري عام ماڻهن کي اهو بار سهڻو پوي ٿو.
imsbaloch@yahoo.com