Sunday, 8 September 2013

Rain, Flood And Sindh Govt Afforts


http://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2992


برسات : انتظامي اُپائن جو فقدان
سرور بلوچ
اڄڪلهه وري اخبارون برساتن جي خبرن سان ڀريون پيون آهن ، چوٿون سال آهي جو ملڪ جي ٻين صوبن وانگي سنڌ جا ماڻهو به برسات جي تباهه ڪارين کي منهن ڏيئي رهيا آهن ، برساتن بابت برساتن کان اڳ به هر اخبار ۾ ايڊيٽوريل ، ڪالم ضرور  ڇپندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي ڇو ته جيسين مسئلا آهن ان تي لکڻ جو سلسلو به هلندو رهندو ، اسان جي لکڻ سان ڪو فرق پئي ٿو يا نٿو پئي اهو هڪ الڳ بحث آهي ، پر جي ڪوفرق نه پوي ته ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان لکڻ ڇڏي ڏيون ، ڪجهه ڏينهن اڳ مان هڪ دڪان تي سودو وٺڻ لاءِ ويس ته هڪ پوڙهو همراه به ڪجهه سامان وٺڻ آيو ته ايتري ۾ هڪ ٽي وي چينل جو رپورٽر به پنهنجي ڪيمرا ۽ لوگو سان گڏ پهچي ويو ، هن رمضان المبارڪ ۾ مهانگائي بابت ماڻهن جا تاثرات پئي ورتا ، جڏهن دڪاندار سان ڳالهائڻ بعد ان پوڙهي همراه کان پڇيائين ته چاچا ڀلا رمضان جهڙي ڀلاري مهيني ۾ شيون ڇو مهانگيو ڪبيون آهن ، ته چاچي ان کي جواب ڏيڻ کان اڳ سوال ڪري ڇڏيو ته ابا ڀلا تنهنجي هن ڀرڻ سان ڪهڙو فرق پوندو ڇا مهانگائي گهٽ ٿي ويندي ، هرو ڀرو پيو ٽيم وڃائين ، هن جواب ڏنو ته چاچا منهنجو ڪم آهي اوهان جي ڳالهه ڀري اڳتي پهچائڻ سو مان پنهنجو ڪم ڪري رهيو آهيان جي ٻيا نٿا ڪن ته ان مطلب اهو ناهي ته مان به نه ڪيان ، ان ڪري هر ماڻهو پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري ته مسئلا ختم نه ته گهٽ ضرور ٿي سگهن ٿا ، برساتن جي نقصانن ۽ حڪومتي انتظامن بابت اڳ به لکي چڪو آهيان ، گذريل ٽن سالن کان سنڌ ما ماڻهو برساتن ۽ ٻوڏن ڪري آيل تباهين کي  ڏسي رهيا آهن ، هن سال به برسات سبب وري ماڻهن کي پريشاني ڏسڻي پئجي رهي آهي ، جاني ۽ مالي نقصانن جي خبرن سان اخبارون ڀريون پيون آهن ،  هاڻوڪين برساتن وري تباهي مچائي ڇڏي آهي ، ڪو 15 ته وري ڪو 30 ۽ ڪٿي وري 40 ماڻهن جي مرڻ جون خبرون آهن ۽ زخمين جو انگ به سون ۾ آهي ،سوين ڪچا ۽ پڪا گهر به ڊهي پٽ پئجي ويا آهن ، واهن ۾ پيل گهارن هزارين ايڪڙ تيار فصلن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي ، اخبارن جون خبرون ۽ ماڻهن جا اهنج ڏسي لڳي پيو ته اسان اڄ به اُتي ئي بيٺا آهيون جتي چار سال اڳ هئاسين نه ڪا بهتري آئي نه وري نظر اچي پيئي ،  اسان سڀ الله جي حوالي آهيون ، ڇوته اسان تي حڪمراني ڪندڙ الله جا بندا واهن جا بند مضبوط نه ڪرائي سگهيا عام ماڻهو کي ڇا مضبوط ڪندا ، جيئن ته رمضان جو مهينو آهي ۽ اڄڪلهه ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا تي پاڪستان ۾ رمضان تي ٿيندڙ ٽي وي پروگرام بحث هيٺ اچي ويا آهن ، ماڻهن جو چوڻ آهي ته اسلام ۽ رمضان جي نالي تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي ، اهو نه ته اسلام آهي نه وري رمضان هي سڀ پنهنجي پيٽ پوڄا لاءِ ڪيو پيو وڃي ، ساڳيا منظر وري اسان کي برسات ، ٻوڏن يا ٻين قدرتي آفتن وارن ڏينهن ۾ نظر ايندا آهن ، گذريل برساتن ۾ حڪومتن تي اهي به الزام لڳندا رهيا آهن ته حڪومت اهڙيون حالتون پيدا پئي ڪري جيئن وڌ کان وڌ امداد ملي سگهي ، امداد جو سامان يا ته ٻاهرين ملڪن مان گڏ ڪري آندو ويندو آهي يا وري ملڪ جا جيڪي علائقا قدرتي آفت کان محفوظ هوندا آهن اُتي ڪئمپون لڳائي سامان گڏ ڪري ، متاثر علائقن ۾ موڪلبو آهي ، اهو امدادي سامان گڏ ڪندڙن ڪيتري به جفاڪشي ڪري اهو گڏ ڪيو هجي پر جن علائقن ۾ اهو سامان سرڪاري انتظاميه حوالي ڪبو ته انهن لاءِ اهو مفت جو سامان هوندو آهي ، ان لاءِ اڪثر انهن کي احساس ئي نه هوندو آهي ته ان کي جلد متاثرن تائين پهچائجي ، جيئن ماڻهن جي مدد ٿي سگهي ، قدرتي آفتن وارن ڏينهن ۾ جتي اسان کي روڊن تي ، سرڪاري جاين ۾ برسات يا ٻوڏ متاثر نظر ايندا آهن اُتي وري امدادي سامان ورهائڻ وارا به نظر ايندا آهن، گذريل برساتن ۾ به امدادي سامان ۾ خُرد بُرد ، پنهنجا نوازي جون خبرون گردش ڪنديون رهيون آهن ، ان ڪري ئي سنڌ ۾ آيل 2010 جي ٻوڏ ۾ ٻاهرين ملڪن توڙي ملڪ مان وڏي امداد حڪومت کي ملي هئي پر ان جي صحيح ورهاست نه ٿيڻ ڪري ۽ حڪومتي انتظام نه هئڻ ڪري وري آيل برسات جي تباهي جي ڪري ان مقدار ۾ مدد نه ملي سگهي هئي ، جيتري ماڻهن کي ضرورت هئي ، برسات يا ٻوڏ دوران سڀ کان پهرين متاثرن کي ٻاهر ڪڍي محفوظ هنڌ پهچائڻ ۽ پوءِ کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ هوندو آهي ، پر اسان گذريل ٽن سالن ۾ اهو ڏٺو آهي ته اسان جي مقامي انتظاميه وٽ اها صلاحيت ئي ناهي ته هو ڪنهن اهڙي واقعي کي منهن ڏيئي سگهن ، ان جي نتيجي ۾ متاثر ۽ انهن جي آڙ ۾ ڪجهه ٻيا ماڻهو قانون پنهنجي هٿ ۾ کڻي وٺندا آهن ، مونکي چڱي ريت ياد آهي ته 2011 جي برساتن جي تباهين جي ڏينهن ۾ اسان کي خبر پئي ته ضلع ڪائونسل سانگهڙ ۾ برسات متاثرين امدادي سامان واري گدام کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن ۽ خيما ، چانور ۽ ٻي سامان جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي ، اسان ڪجهه دوست جڏهن اُتي پهتا سين ته عجيب منظر لڳو پيو هو ضلع ڪائونسل جي مين گيٽ تي پوليس موبائل بيٺي هئي ۽ اندر ٻه سو کان وڌيڪ مرد ، عورتون ۽ ننڍا ٻار سامان کڻي وڃي رهيا هئا اُتي موجود چار يا پنج پوليس وارا لڪڻ سان ايئن هُش هُش ڪري رهيا هئا جيئن ٻڪرين کي پيا هڪلين ، ان وقت مونکي اها ڳالهه ذهن تي تري آئي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا ، ان وقت سگها ۽ جوان چار چار خيما ، ڇهه ڇهه چانورن جون ٻوريون کڻي وڃي ڪرائي تي آندل رڪشا ۾ وجهي رهيا هئا ۽ اُتي موجود پيرسن ۽ جهوُر پوڙهيون اسان وانگرسامان ڦرجڻ جو لڪا ڏسي رهيون هنيون ، هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ هلندڙ هن آپريشن “ڪلين اپ” ۾ ماڻهن ان بلڊنگ ۾ ڪجهه نه ڇڏيو هو ، اُهي منظر ڏاڍا تڪليف ڏيندڙ هئا ته هڪ هڪ ماڻهو پنج پنج ڪٽا ، ٽي ٽي خيما کڻي وڃي رهيو هو ۽ ڪجهه اهڙا به هيا جيڪي خالي هٿين واپس وڃي رهيا هئا ، بعد ۾ پوليس ٻڌايو ته اصل ۾ ڪجهه ماڻهن برسات متاثرن مان فائدو وٺندي ڦرلٽ ڪئي آهي ، ڦرلٽ ڪرڻ وارا متاثر ڪونه هئا ، اسان ڪجهه ڏينهن کان پوءِ خيما ۽ سامان وڪامندي به ڏٺا ، امدادي سامان جي ڦرلٽ بعد انتظاميه کي اهو خطرو ٿي پيو ته متان سامان رستي مان ئي نه ڦرجي وڃي ان لاءِ پوليس موبائلون امدادي سامان آڻيندڙ گاڏين سان گڏ ايئين اينديون هيون ڄڻ ڳوڻين ۽ ڪٽن ۾ سامان نه پر خطرناڪ هٿيار هجن ، پوليس کي رستن تي بيهاريون ويندو هو ته سامان خير خيريت سان شهر تائين پهچي پوءِ هتان متاثر علائقن ڏانهن موڪلجي ، نيٺ پوءِ پوليس لائن ۾ امدادي سامان جون ٽرڪون بيهاري سياسي پارٽين کي ڪوٽه سسٽم تي اهو امدادي سامان ورهايو ويو جيئن گوڙ نه ٿئي ، دنيا ۾ ٻين جاين تي به اهڙا مسئلا ايندا آهن ، ٻوڏ برساتون سيلاب پر شايد اُتي اهڙا واقعا گهٽ ڏسڻ ۾ ايندا آهن ، هڪ اين جي او جي دوست ٻڌايو ته چين يا جاپان ۾ جڏهن اسان کي سيلاب متاثرن جي مدد لاءِ وڃڻو پيو ته اُتي هڪ شي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته جڏهن اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ اسٽال لڳايو ته اُتي جنهن ماڻهو کي جنهن شي جي ضرورت هئي رڳو اها پئي کنئي ۽ کاڌ پيت جون شيون به اوتريون جو هنن جي ضرورت هئي ، پر اسان وٽ وري ان جي ابتڙ آهي ، اسان ڏٺو ته جن ماڻهن کي هڪ تنظيم پاران سامان ڏنو ويو ۽ جڏهن ساڳئي جاءِ تي ڪنهن ٻي تنظيم جو وڃڻ ٿيندو آهي ۽ پڇا ڪرڻ تي اهو ئي جواب ملندو آهي ته اسان کي ڪجهه به ناهي مليو ، انهي ڪري اڪثر ڪٿي ماڻهو ٻه ياٽي دفعا امداد جو سامان وٺيو وڃن ۽ ڪن کي وري ڪجهه به نه ٿو ملي ، شايد ماڻهن کي اها پريشاني هجي ته متان سرڪار يا اين جي او وارا ڪجهه ڏينهن راشن ڏيئي پوءِ بند ڪري ڇڏين ان ڪري جيترو وڌيڪ گڏ ٿي سگهي ڪري وٺجي ، ڇو ته عوام کي به حڪمران ساريل آهن ، هاڻ وري برسات جي تباهه ڪاريون جاري آهن ۽ وري عوام کي ساڳين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ، حڪومت برسات نٿي روڪي سگهي ان ڳالهه کي هڪ پاسي رکجي پر واهن جي بندن تي ته ڪم ٿيڻ گهرجي ، سم نالن جي کاٽي ته اوهان جي هٿ آهي ، برسات جو پاڻي ڪنهن شهر ۾بيهي پيو ان کي جلد کان جلد ڪڍڻ جا انتظام ته هئڻ گهرجن ، متاثرن جي مدد ته ٺيڪ نموني هئڻ گهرجي ۽ انهن جون ضرورتون ته پوريون ٿيڻ گهرجن ، ايمرجنسي لاڳو ته ٿي وڃي ٿي پر ان مطابق ڪم نٿو ٿئي ، اسان وٽ ايمرجنسي رڳو سرڪاري ميٽنگن تائين محدود ٿي ويئي آهي ، اسان چار سالن جي تباهي مان ڪو سبق سکڻ لاءِ تيار ناهيون ، هر سال ٻڏون ٿا ، مرون ٿا ، اربين روپين جو نقصان ٿئي ٿو پر اسان اُتي جا اُتي ئي آهيون . 
imsbaloch@hotmail.com

Taliban Attack D.I Khan Jail

طالبان جا جيلن تي حملا ۽ حڪومتي انتظام
سرور بلوچ
تحريڪ طالبان پاڪستان پاران 2012 ۾ بنون جيل مان قيدين کي آزاد ڪرائڻ واري فلم ڏسي مون کي ان ڪري به حيرت نه ٿي آهي ته اها فلم ڀرڻ ۽ رليز ڪرڻ جو مقصد به اهو آهي ته اوهان کي ٻڌائجي ته اسان اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهون ٿا ، جيڪو اسان ڪرڻ چاهيون ٿا ، انٽرنيٽ تي جاري ڪيل فلم 18 منٽ 47 سيڪنڊن جي آهي جنهن ۾ نظر اچي رهيو آهي ته نه رڳو هٿيارن پر مڪمل اوزارن سان ليس ٿيل حملي آور آزاداڻي طريقي سان جيل جي بيرڪن جا تالا ٽوڙي قيدين کي ٻاهر ڪڍي رهيا آهن ، ان فلم ۾ اسان کي ڪٿي به نظر نٿو اچي ته حملي آورن کي اها پريشاني هجي ته اسان خلاف ڪا ڪاروائي ٿيندي يا اهڙي حملي بعد جيل ٻاهر ڪا وڏي نفري موجود هوندي جنهن سان اسان کي مقابلو ڪرڻو پوندو ، ان فلم ۾ صاف ڏسي سگهجي ٿو ته الله اڪبر جي نعرن سان تالا ٽوڙيندڙ ۽ الله اڪبر جي نعري سان سندن جواب ڏيندڙ ۽ بيرڪن مان ٻاهر نڪرندڙ قيدي پرسڪون نظر اچي رهيا آهن ، ۽ ان ۾ ڪوبه شق ناهي ۽ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته دهشتگردن پاران ڪيل هر ڪارروائي ڪامياب وڃي ٿي ۽ اسان جي حڪومت وري طالبان جي  ڪارروائي بعد انهن جو پيڇو ڪرڻ بجاءِ انڪوائري ويهاري ان سڄي معاملي کي فائلن جي نظر ڪري وري ٻي حملي جي انتظار ۾ ويهي رهندا آهن ، ڊيرا سماعيل خان سينٽرل جيل تي حملو پهريون واقعو نه آهي ان کان اڳ اپريل 2012 تي به ساڳئي نموني تحريڪ طالبان پاڪستان بنون جيل تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ به گاڏين جي قافلي ۾ 2 سو 50 هٿيار بند طالبان بنون جيل تي حملو ڪري بيرڪن جا تالا ٽوڙي پنهنجي 3 سو 84 ساٿين کي ڇڏايو هو ، جنهن ۾ مشرف حملي ڪيس ۾ سزائي موت جو قيدي عدنان رشيد به شامل هو ، ان واقعي کانپوءِ ملڪ جي ڪيترن ئي جيلن کي حساس قرار ڏنو ويو هو  پر نئين ٿيل حملي کانپوءِ ائين لڳي پيو ته اهي جيل رڳو ڪاغذن ۾ حساس هئا. ۽ تازو تحريڪ طالبان پاران ڊيرا اسماعيل جيل تي ساڳئي طريقي سان حملو ڪيو ويو جنهن حملي ۾ به هو آزادي سان پنهنجا 240 کان وڌيڪ طالبان قيدي ڇڏائي فرار ٿي ويا ، اڳين حملي وانگر هن حملي ۾ به آزاد ٿيلن ۾ تحريڪ طالبان جا اهم اڳواڻ شامل آهن ، ٽي کان چار ڪلاڪن تائين هلندڙ ان ڪاروائي ۾ به طالبان کي ڪا خاص پريشاني نه ٿي هوندي ڇو ته جي طالبان سان ڪو وڏو مقابلو ٿيو هجي ها ته هو لائوڊاسپيڪر تي نالا پڪاري پنهنجا ساٿي ٻاهر ڪڍي نه وڃن ها ، حڪومت ڪٿي هُئي سڪيورٽي ادارن حملي وقت ۽ ان کانپوءِ ڪهڙي حڪمت عملي جوڙي ۽ ڇاڪيو اهو ته نه اڳ ڪڏهن خبر پئجي سگهيو آهي نه وري اڳتي خبر لڳي سگهندي ، حڪومت رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي انوڪوائري ويهاري ڇڏي پر اها سڀني کي خبي آهي ته اهڙن انڪوائرين مان نه اڳ ڪجهه مليو نه اڳتي ڪجهه ورندو  ، بنون جيل حملي مان اسان ڪو سبق نه ورتو جنه ڪارڻ وري ايڏو وڏو حملو ٿي ويو ۽ اڃان تائين به ملڪ جي ٻين ڪجهه اهڙن جيلن جتي تحريڪ طالبان سا ساٿي قيد آهن انهن تي حملا ٿي سگهن ٿا ، مون کي چڱي طرح ياد آهي ته اڳوڻو وزير داخلا رحمان ملڪ ڪجهه عرصي جي وٿي کان پوءِ يا ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪنهن دهشتگدري حملي کانپوءِ ٽي وي تي اچي عجب ڪهاڻيون پيو ٻڌائيندو هو ، جڏهن به ڪو خاص ڏهاڙو ايندو هو ته اها خبر ضرور ايندي هئي ته سڪيورٽي ادارن جي ذريعن مان اطلاع مليا آهن ته فلاڻي شهر ۾ ڪجهه دهشتگرد داخل ٿي ويا آهن ، ڪڏهن وري انهن جو انگ ۽ ڍنگ به ٻڌايو ويندو هو ، وري جڏهن ڪو مخالف ڌر جو اڳواڻ ڪنهن حملي جي ذميواري حڪومت تي هڻي سندن ناڪام پاليسن تي دانهيندو هو ته وري ساڳئي طريقي سان ان تي يا ان جي پارٽي جي ڪنهن وڏي اڳواڻ کي اشارو ڏيئي ڇڏبو هو ته توهان دهشتگردن جي هٽ لسٽ تي آهيو پنهنجي حفاظت ڪيو ، دهشتگردي حملا ملڪ جي هر ڪنڊ ڪرڇ ۾ ٿي رهيا آهن ، جيڪي هاڻ سنڌ ۾ پڻ داخل ٿي ويا آهن تازو سکر ۾ جنهن نموني سان ڪاروائي ٿي ان مان هاڻ اهو چوڻ مشڪل نه آهي ته دهشتگرد ڪٿي ۽ ڪابه ڪاروائي ڪري سگهن ٿا ، پر هڪ ڳالهه جيڪا هميشه پريشان ڪندڙ رهي آهي ته اسان جي ملڪ جي بجٽ جو وڏو حصو جنهن سڪيورٽي جي نالي تي خرچ ٿئي ٿو اسان ان سڪيورٽي جي مسئلن کي ڪيترو بهتر ڪري سگهيا آهيون ، جڏهن اسان جي خفيه ادارن کي ڪجهه شدت پسند ، شر پسند يا دهشتگردن جي ڪنهن شهر ۾ داخل ٿيڻ ۽ سندن تعداد جي ڄاڻ ملي ٿي ته انهن کي روڪڻ ڇو مشڪل ٿي وڃي ٿو ، جڏهن اسان بجٽ جو وڏو حصو خرچ ڪرڻ باوجود انهن دهشتگردن کي قابو نٿا ڪري سگهون ، ته پوءِ عوامي بجٽ ۾ گهٽتائي ڪري اسان پنهنجي ملڪ ۾ شدت پسندي ۽ شر پسندن کي گهٽ ڪرڻ بجاءِ انهن ۾ واڌاري جو سبب بڻجي رهيا آهيون ، ملڪ ۾ وڌندڙ بي روزگاري ، بجلي جو بحران ، مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ جيڪي گهرو پريشانين ۽ ٻين مسئلن ڪري خودڪشي نه ٿا ڪن سي وري ڪنهن اهڙن ماڻهن جي ور چڙهي ٿا وڃن جيڪي انهن جو غلط استعمال ڪري پنهنجا ۽ ٻاهرين قوتن جا مقصد حاصل ڪري اسان جي ملڪ کي نقصان پهچائين ٿا ، اسان جي حڪومت سڀ ڪجهه خبر هوندي به بي وس نظر اچي رهي آهي ، ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ۽ فرقه واراڻا فساد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن ، اسان جي حڪومت اڪثر دهشتگردي جي حملن ۾ خودڪش جو نالو استعمال ڪري پاڻ کي بي وس ۽ معصوم ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ، ڇو ته جيڪو پنهنجي پيٽ سان بم ٻڌي اچي هن کي ڪير ٿو روڪي سگهي ، اڪثر اهي ڳالهيون حڪومت پاران ٻڌڻ ۾ ملنديون آهن ، هڪ لمحي لاءِ رڳو ان تي يقين ڪجي ته اسان پنهنجو پاڻ ماري ٻين کي ماريندڙ کي کڻي نٿا روڪي سگهون پر اهو شخص آسمان مان ته نٿو لهي ، حملي آور هڪ پلاننگ تحت حملو ڪن ٿا ، هنن وٽ هٿيار ڪٿان اچن ٿا ، هو ڪيئن اهڙن خاص جڳهن تي پهچي وڃن ٿا ۽ ٻيا کوڙ اهڙا سوال آهن جن جي جواب ۾ گهڻو ڪجهه لڪيل آهي ، حڪومت جي ان ڳالهه ته خودڪش کي روڪڻ ممڪن نه آهي يا ڏکيو آهي ، ان تي ٿوري دير لاءِ اسان يقين ڪري به وٺون پر پاڪستان جي تاريخ  ۾ جيلن تي ٿيندڙ ٻه وڏا حملا ۽ اُهي به ڪامياب حملا حڪومت جي هر ڳالهه کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ کوڙ آهن ، ڇو ته جيل تي حملي ڪندڙ پنهنجي ساٿين کي ڇڏائڻ لاء اچن اُهي به سون جي تعداد ۾ ۽ ٽي چار ڪلاڪ جي ڪاروائي ڪري پنهنجا ماڻهو آزاد ڪري هليا ٿا وڃن پر ان دوران اسان جا سيڪيورٽي ادارا ڪٿي به نظر نٿا اچن ، حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته 20 کا 25 گاڏيون ۾ سوار 1 سو 50 ماڻهو پهاڙن مان ڊيرا اسماعيل خان ۾ داخل ٿين ٿيا ، ڪنهن کي ان چُر پُر جي خبر نٿي لڳي ۽ ڪنهن شهر ۾ ٻه دهشتگرد داخل ٿين ٿا ته ان جي اڳواٽ خبر پئجي ٿي وڃي ،  بنون جيل تي ٿيندڙ ڪاروائي کان پوءِ ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي ڪنهن ٻي ڪاروائي ۽ طالبان جي اهڙي وڏي پئماني تي چُرپُر جي نظر داري رکڻ لازمي هو پر تازي ٿيل ڪاروائي مان اهڙي ڪا به شئي نظر نه آئي آهي . حڪومت کي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته تحريڪ طالبان جي پهرين ڪاروائي جو بدلو ورتو وڃي ها يا انهن خلاف ڪا سخت ڪاروائي ڪجي ها ۽ ملڪ ۾ حفاظتي انتظان خاص ڪري جيلن جي سڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ها ته شايد اهڙو واقعو نه ٿي سگهي ها پر ٻيو دفعو جيل تي ٿيندڙ طالبان جي ڪاروائي هنن جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا آهن ، ۽ حڪومت پاران به ان ڪاروائي بعد ڪا وڏي جوابي ڪاروائي نظر نه آئي آهي ، ۽ نه ئي وري طالبان جي جيلن تي حملن بعد اسان کي ملڪ ۾ ٻين جيلن ۾ ڪي خاص قسم جا فول پروف انتظام به نظر نه اچي رهيا آهن ، تحريڪ طالبان پاڪستان جي بنون ۽ ڊيرا سماعيل خان جي جيلن تي ڪيل وڏن حملن ۽ پنهنجا 6 سو کان وڌيڪ ساٿي ڇڏائڻ بعد به ملڪ جي جيلن جي حفاظت لاءِ انتظام نه ڪيا  ته تحريڪ طالبان ڪجهه مهين جي پلاننگ بعد وري ڪنهن جيل تي حملو ڪري پنهنجا ساٿي ڇڏائڻ لاءِ پهچي ويندا ۽ اسان وري سندن روانگي تي جيل عملي ۽ ڪجهه آفيسرن کي مجرم ڄاڻائي خاموش ٿي ٻئي حملي جو انتظار ڪنداسين .  
imsbaloch@hotmail.com


Thursday, 1 August 2013

Presidential History

ڍhttp://www.dailyibrat.com/beta/index.php?p=article&id=2882

صدارتي تاريخ
سرور بلوچ
2013 جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) پنجاب صوبي مان واضع اڪثريت سان ڪامياب ٿي جنهن جي نتيجي ۾ هنن صوبي سان گڏ  وفاق ۾ به حڪومت ٺاهي ، جڏهن ته سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ، خيبر پختونخواهه ۾ تحريڪ انصاف ۽ بلوچستان ۾ نواز ليگ جي ڳٺ جوڙ واري حڪومت آهي ، ٻئي مرحلي ۾ نواز ليگ کي صدارتي چونڊڻ لاءِ پنهنجو اميدوار ميدان ۾ آڻڻو هو ، جنهن لاءِ 6 اگسٽ تي چونڊ ٿيڻي هئي پر ڪجهه سببن جي ڪري نواز ليگ چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ چاهيون جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي ويئي 30 جون تي صدارتي چونڊ ٿي ، صدارتي چونڊنون وقت کان اڳ ڪرائڻ تي احتجاج ڪندي پيپلز پارٽي  بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو جنهن بعد عوامي نيشنل پارٽي ، مسلم ليگ (ق)  به بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو  ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي قائد عمران خان پڻ بائيڪاٽ جي حق ۾ هو پر پارٽي فيصلي باعث هن صدارتي چونڊن ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو ، جڏهن ته متحده روايت موجب نئين حڪوت جو ساٿ ڏيندي نواز ليگ جي سپورٽ ۾ پهتي ، صدارتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سندس اتحادين جي بائيڪاٽ بعد نواز ليگ جي ممون حسين ۽ تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد مدمقابل هئا ، مسلم ليگ (ن) اميدوار جي ڪاميابي يقيني هئي ، صدارتي چونڊ نتيجن موجب مسلم ليگ نواز جي صدارتي اميدوار ممنون حسين کي قومي ، سينٽ ۽ صوبائي اسمبلين مان 746 ممبرن پنهنجو ووٽ ڏنو ، جڏهن ته تحريڪ انصاف 132 ووٽ کنيا ، اليڪٽرول ووٽن موجب ممنون حسين 432 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي وجيهه الدين احمد 77 اليڪٽورل ووٽ کڻي هارائجي ويو ، ممنون حسين پاڪستان جو 12 هون صدر مملڪت آهي ، پاڪستان جو پهريون صدر سڪندر مرزا هو جيڪو 23 مارچ 1956 تي صدر ٿيو پر ايوب خان سان اختلافن سبب  27 آڪٽوبر 1958 تي هن پنهنجي عهدي تان استيعفا ڏيئي ڇڏي ، جنهن بعد ايوب خان صدارت جي ڪُرسي تي براجمان ٿيو ،  ايوب خان ملڪ جو  ٻيو صدر هو جيڪو25 مارچ 1969 تائين ان عهدي تي رهيو ، سندس عهدي ڇڏڻ بعد ملڪ جو ٽيون صدر يحيٰٰخان ٿيو جنهن20 ڊسمبي 1971 تي پنهجو عهدو ذوالفقار ڀٽو حوالي ڪري روانو ٿيو ، پاڪستان جو چوٿون صدر پيپلز پارٽي جو باني ذوالفقار علي ڀٽو بڻيو، جنهن 13 اگسٽ 1973 تي صدارت پنهنجي ئي پارٽي جي فضل الهي چوڌري حوالي ڪري پاڻ وزير اعظم بڻيو ، ملڪ جو پنجون صدر چوڌري فضل الهي 16 ڊسمبر 1978 تائين ان عهدي تي رهيو ، ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بعد ضيا الحق ملڪ جو ڇهون صدر بڻجي ويو، جنهن جي 17 اگسٽ 1988 ۾ هڪ جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ سبب 11 سال جي وڏي عرصي بعد صدارت جي سيٽ خالي ٿي ، ملڪ جون ستون صدر غلام اسحاق خان ٿيو جيڪو 18 جولاءِ 1993 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي اٺين صدر فاروق لغاري جو تعلق پيپلز پارٽي سان هو 2 ڊسمبر 1997 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جي نائين صدر محمد رفيق تارڙ جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان هو جيڪو 20 جون 2001 تائين ان عهدي تي رهيو ، محمد رفيق تارڙ ملڪ جو پهريون بي ضرر ، بي خطر صدر هو ، بي اختيار صدر هو ، ان بعد نواز شريف حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ پرويز مشرف ملڪ جون ڏهون صدر  بڻيجي ويو، جيڪو 18 اگسٽ 2008 تائين ان عهدي تي رهيو ، ملڪ جو يارهون ۽ موجوده صدر جو تعلق پيپلز پارٽي سان آهي جنهن جو مدو 2013  ۾ ختم ٿيندو ، مملڪت پاڪستان جي ٻارهين صدر ممنون حسين جو تعلق مسلم ليگ (ن) سان آهي ، جيڪو 9 سيپٽمبر 2013 ۾ پنهنجي عهدو سنڀالي اسلام آباد وسائيندو ، پاڪستان جي گذريل 11 صدرن مان پنجن جو تعلق فوج مان هو ، جڏهن ان دوران ٽي نگران صدر به رهيا جن ۾ ٻه دفعا 1993 ۽ 1998۾ وسيم سجاد ۽ 2008 ۾ محمد ميان سومرو پڻ نگران صدر رهي چڪا آهي ، ملڪ جي صدرن ۾ سڀ کان وڌيڪ انگ ته فوجي صدرن جو آهي ان ۾ ٻي نمبر تي پاڪستان پيپلز پارٽي آهي جنهن جا ذوالفقار علي ڀٽو ، فضل الهي چوڌري ، فاروق لغاري ۽ آصف زرداري چارصدر رهيا آهن ، جڏهن ته مسلم ليگ (ن) جو رڳو هڪ محمد رفيق تارڙ صدر رهي چڪو آهي ،  ضيا الحق جي حڪومتي دور ۾ جڏهن غير جماعتي چونڊون ڪرايون ويون ، ان چونڊن ۾ ڪامياب ٿيل اسمبلي مان ان وقت جي صدر ضيا الحق  اٺين ترميم پاس ڪرائي جنهن ۾ هن 58-2B  جي شق وڌي جنهن تحت هن اسمبلي ٽوڙن جا اختيار صدر يعني پاڻ وٽ رکيا ، ان اختيار جو استعمال  ضيا الحق ته نه ڪيو پر ان بعد 1990 جي ڏهاڪي ۾ ان اختيار جو استعمال ڪندي ٽي ڀيرا اسمبليون ٽوڙيون ويون ، صدر کي مليل ان اختيار جو پهريون ڀيرو استعمال 6 اگسٽ 1990 تي ڪيو ويو جڏهن ان وقت جي صدر غلام اسحاق خان بينظير ڀٽو جي حڪومت ختم ڪئي ، ٻئي دفعي وري ساڳئي صدر نواز شريف جي حڪومت 1993 ۾ ختم ڪئي ، جنهن بعد پيپلز پارٽي پنهنجي اعتماد واري اڳواڻ فاروق لغاري کي صدر بڻايو  ۽ اهو سمجهيو ويو ته هاڻ سڀ خير ٿيندو،  پر نومبر 1996 ۾ ٽيون دفعو ان اختيار جو استعمال ڪندي ٻيو ڀيرو پيپلز پارٽي جي حڪومت ختم ڪئي ويئي ، ان اختيار جي استعمال ڪري ختم ٿيندڙ حڪومتن لاءِ سڀ کان وڏو چيلنج ان اختيار جو خاتمو هو، جيڪو صدر مملڪت کي ڏنو ويو هو ۽ فاروق لغاري جي تجربي بعد حڪومتن لاءِ صدر لاءِ اميدوار آڻڻ “ نانگ جو ڏنگيل رسي کان به ڊڄي ” وانگر مشڪل بڻيل رهيو ، نيٺ 1997 ۾ آئين پاڪستان ۾ هڪ ترميم ڪئي ويئي جنهن تحت صدر کان اسمبلي ٽوڙن وارا اختيار  واپس ورتا ويا ، پر پوءِ صدر پاڪستان جي اختيارن کي سترهين آئيني ترميم ذريعي جزوي طور بحال ڪيو ويو ، ان تحت صدر کي اسمبليون ٽوڙن جا اختيار ته ملي ويا پر ان لاءِ ان کي پاڪستان جي عدالت مان توثيق ڪرائڻ لازمي ڪيو ويو ، 58-2B   اختيار گهٽائڻ بعد صدر بي ضرر ۽ بي اختيار بڻجي ويو هو ملڪ جو پهريون بي اختيار ۽ بي ضرر صدر محمد رفيق تارڙ هو ، جيڪو نواز شريف حڪومت جو پهريون فرمانبردار صدر هو  ، 2008 جي چونڊن بعد پيپلز پارٽي جي حڪومت ٺهي جنهن ۾ مفاهمت زور شور سان جاري هئي، ان مفاهمت جي ڪري ملڪ ۾ پهريون ڀيرو صدر آصف علي زرداري پنهنجا اختيار گهٽ ڪيا ، ۽ اُهي اختيار پارليمنٽ حوالي ڪيا ، ارڙهين آئيني ترميم اچڻ بعد صدر جو ڪو خاص ڪردار نه رهيو آهي ، 2013 جي صدارتي چونڊن ۾ مسلم ليگ نواز جي ڪامياب ٿيل صدر ممنون حسين 23 ڊسمبر 1940 ۾ ڀارت جي شهر آگره ۾ ڄائو ، ورهاڱي بعد سندس خاندان هجرت ڪري ڪراچي پهتو ، 90 جي ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ ۾ سياست ۾ سرگرم ٿيو ، کيس 1999 ۾ گورنر سنڌ پڻ مقرر ڪيو ويو ، پاڻ 6 مهينا ان عهدي تي رهيا ، جنهن بعد مشرف نواز حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ، مملڪت پاڪستان جو ٻارهون صدر اڳين صدر وانگر با اختيار نه آهي ، ۽ نواز شريف جي حڪومت کي به ملڪ جي مشڪل حالتن ۾ ڪنهن اختيار واري نه پر سندن پهرين صدر محمد رفيق تارڙ وانگر فرمانبردار ، بي ضرر ۽ بي اختيار صدر جي ضرورت آهي .
imsbaloch@yahoo.com